اونداهي ڌرتي روشن هٿ، اڻ پورو انسان، روشني جي تلاش
هنن ٽنهي ناولن ۾ تلازم خيالات، زندگي بابت ويچار ۽ تشبيهن ۾ ڪن ڪن هنڌن تي مشابهت پاتي وڃي ٿي. آغا جي ٽنهي ناولن ۾ فن جي ارتقا، دراصل سندس ذهن جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿي. هن انساني زندگي، تاريخ ۽ تهذيب جي شعور کي تخليقي فن ۾ اظهار ڪيو آهي. ان ڪري ئي آغا سليم هڪ منفرد ليکڪ جو درجو ماڻيو آهي. هن زندگي جي مقصديت ان مان پيدا ٿيندڙ بيزاري، فرد جي تنهائي جي محرومي جي شديد احساس کي افسانوي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
هنن ٽنهي ناولن کانپوءِ آغا سليم جو چوٿون ناول “ هم اوست” 1985ع ۾ڇپيو. آغا سليم جي ٻين ناولن جي نسبت ۾ هي ناول منفرد لکيل آهي. هن ۾ آغا صاحب صوفي ازم واري نقطي کي بيان ڪيو آهي، هن ۾ آغا سليم سوچ جي تبديلي واري لاڙي کي بيان ڪيو آهي. هي ناول تاريخ جي جھروڪن مان صوفيانه نُڪتن جي اُپٽار جو بيان آهي. هن ۾ تقريباً مغلن واري زوال واري دور کي بيان هيٺ آندو ويو آهي. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دورن ۾ سياسي ڪشمڪش دوران صوفين تي ٿيل ڏاڍ ڏمر ۽ ڏهڪاءُ جي دل ڏاريندڙ داستانن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. هن دور ۾ مذهبي نظرين جي ڇڪتاڻ هئي، مجدد الف ثاني ۽ محي الدين ابن العربي جن جي وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي فلسفن جو ٽڪر هو. ناول نگار شاه لطيف ۽ شاه عنايت جي دورن جي تحريڪن ۽ سندن شاعري جي پس منظر کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،ان سان گڏوگڏ شاهه عنايت جي شهادت جو پس منظر به پيش ڪيو آهي.
ناول جي آخر ۾ شاه عنايت جي شهادت جو بيان آهي. سندس درس و تدريس جي مرڪز جھوڪ ۾ هو جتي سڄي سنڌ مان ڪافلن جا ڪافلا ڪهي اچي شامل ٿيندا هئا.
آغا صاحب جي هن ناول بابت پروين موسيٰ ميمڻ چئي ٿي ته “ ليکڪ مطابق ڪامل شاهه عنايت صوفي جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ نيڪ و صالح قوتن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ نيڪي کا وڏي واڪي ٻڌائڻو آهي ته هيڏي وڏي سماج ۾ مان موجود آهيان.” (9)
آغا سليم جا ناول سچائي ۽ سونهن جا شاهڪار آهن، منجهن لفظن جو خوبصورت جڙاءُ آهي. هو تاريخ جي اوٽ ۾ ماضي کي حال ۾ ائين بيان ڪري ٿو جو ماضي جي واقعا هوبهو اکين اڳيان اڀريو اچن. شاه عنايت شهيد جي شهادت کي اثر انگيز نموني سان پيش ڪندي ناول نگار تاريخي لحاظ کان مغلن جي دور جي اهم واقعن جي عڪاسي ڪئي آهي. هي ناول بهترين تاريخي ناول طور مڃتا ماڻي چڪو آهي.