مهاڳ
محترم عبدالحيءَ پليجي جو سنڌ جي ڪنهن وقت جي هر اول سياسي دستي سان عملي ۽ احساساتي رشتو هيو، ۽ ان رشتي جي معصوميت کي به هن نهايت سچائيءَ سان سنڀالي رکيو آهي. ان معصوميت ۽ سچائيءَ جو ٻيو نالو گهڻين حالتن ۾ رومانيت به هوندو آهي. جيڪا پاڻ سنڌي ماڻهن جي سَنَدَ سَنَدَ ۾ ڀريل آهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ٻه واضع ۽ نمايان پاسا آهن. هِڪڙو شاگرد سياست، اُن جو تنظيمي ڪم ڪار ۽ انڌ جي قوتن هٿان ان تي پوندڙ گهات، ٻيو پاسو سياسي تجزئي جو آهي. رومانس ۽ تجزئي جو جتي به ميلاپ ٿئي ٿو. اتي مزيدار منظر نظر اچن ٿا. اُهي ئي منظر سڀني سنڌي پڙهيل لکيل دانشور ۽ ليکڪن پيدا ڪيا آهن. هيڏن سالن جي ڏاڍ کانپوءِ هاڻي وڃي هلڪو احساس پيدا ٿيو آهي ته رومانس کي به انقلابي رومانس جو نالو ڏنو وڃي ۽ ڇنڊ ڇاڻ تجزيي يا حساب ڪتاب جو شعبو ئي ڌار ڪيو وڃي. هيءَ ڳالهه هن ڪتاب جي ليکڪ ڀاءَ عبدالحئي پليجي جي دردمند دل جي اوريل احوالن مان ئي اُڀري آهي. جيئن هر جدوجهد کي نظرياتي بنياد مهيا ڪبا آهن. تيئن ان جدوجهد کي رومانوي بنياد به ڏيڻا هوندا آهن. هڪ جذباتي ۽ اڃا به هيجاني فضا قائم ڪئي ويندي آهي. اهو هيجان ان مرحلي تي غلط به هوندو آهي. ڀل مناسب رٿابندي سبب ٿيندڙ جدوجهد ۾ ان جذباتي فضا تي نظر به رکبي آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙو بندوبست نه هوندو ته پوءِ اهڙي جدوجهد هڪڙن هٿن مان نڪري ٻين جي ۽ ٻين کان ٽين جي هٿن ۾ هلي ويندي. تاريخ مرڻ مارائڻ جي جنون سان ڀري پيئي آهي ۽ جيڪڏهن جذباتيت تي ضابطي جو انتظام ٿيل نه هوندو ته پوءِ مرندا هڪڙا ۽ کٽيو کائيندا ٻيا. سادو مثال ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي هاري هلچل ۾ پيدا ڪيل سجاڳيءَ جو فائدو 1970ع وارين چونڊن ۾ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي، سوشلزم جو نعرو هڻي ورتو. البت پنجاب ۾ سندس کٽڻ لاءِ ٻيا ڪارڻ وڌيڪ اهم آهن. هي ڪم آهي نهايت ڏکيو، جذباتيت پيدا به ضرور ڪرڻي آهي. سِر ڏيڻ، مرڻ، مارائڻ، قرباني لاءِ تيار هجڻ ڪنهن جذباتيت ۽ عشق کانسواءِ ممڪن نه آهي.
اهو ضروري ان ڪري آهي جو ظلم ۽ انڌ سان ويڙهه کائڻ لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو محرڪ جذبو ٿي سگهي ٿو. ظلم جي خلاف ڇڙو دليل ۽ منطق ڪم نٿو ڏئي ان لاءِ طاقت جي ٽيڪ کپي، جنهن سان اهو اڳتي وڌندو ۽ طاقت جذبن جي درياهي وهڪرن ۾ مانڌاڻ ۽ طوفان پيدا ڪرڻ سان اچي ٿي. ڏهه متحرڪ جذباتي قرباني لاءِ تيار ماڻهو هڪ لک ماٺ ڪري ويٺل اشراف ماڻهن کان وڌيڪ نتيجا ۽ اثر پيدا ڪري سگهن ٿا. پر ماڻهن کي تحرڪ ۾ آڻڻ لاءِ طوفان جا رُخ موڙي ڇڏيندڙ طاقت کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ سان تباهي پکڙبي آهي. اُن طاقت کي ضابطي ۾ رکڻ مان گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ان کي گهڻي زيان کان بچائڻ ٿوري طاقت مان وڌيڪ فائدو وٺڻ جهڙو ڳڻ ڳوت اسان نه ڪري سگهيا آهيون. اسان پنهنجي اُن اٿاهه طاقت کي جنهن کي سنڌي شاگرد هلچل جو نالو ڏجي ٿو، تي ڪي به ريگيوليٽر نه هڻي سگهيا آهيون. نه رڳو ايترو پر ان عمل جي ٿيڻ سان جيڪي نقصان ٿيا آهن. تن جي ڳڻ ڳوت به نه ڪئي اٿئون، اسان ته اڃان اهيو به نه سمجهي سگهيا آهيون، ته قوم رڳو هڪ سياسي اظهار نه هوندو آهي، قوم معاشي، ثقافتي، علمي ۽ ترقياتي اظهار به هوندي آهي. ”قوم کي پنهنجو مضبوط واپاري ۽ وچولو طبقو به هئڻ گهرجي. قوم کي تاريخ جي سفر ۾ تيار ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪندڙ دانشورن جا ادارا به هجن. قوم کي دنيا سان گڏوگڏ هلائڻ جا نقيب به هئڻ گهرجن.“ اهي سڀ نه ڪجهه ٿيڻ جو نتيجو هي نڪتو آهي جو معاشي، ثقافتي، ٽيڪنالاجي، علمي ۽ سياسي، سڀني پاسن ۾ پاڻ صفا ڇڄي، ڪٽجي ۽ اڻ لاڳاپيل رهجي ويا آهيون. هڪ نه گذريل ويهن ٽيهن سالن ۾ تبديلي جو جيڪو مقدار آيو آهي. سو گذريل ويهن ٽيهن سالن ۾ تبديلي جو جيڪو مقدار آيو آهي. سو گذريل ڏهه لک سالن ۾ به نه هو. ان تبديليءَ سان گڏ هلڻ هڪ ته خود سڄي دنيا لاءِ مسئلو ٿي ويو آهي ۽ مٿان وري پاڻ صدين جي گهيرن ۾ آهيون، توڪلي رومانٽڪ عاشق مزاج جڏهن محسوس ڪيوسين تڏهين ڏنڊا اُڀا نڪري پئبو. خبر پوندي ته جيڪي ڏندا ويهه سال اڳ اُڀا ڪرڻ کپندا هئا، سي هاڻي ٿا ٿين. يعني مهل هٿن مان نڪريو ٿي وڃي. هر شڪست کائڻ کان پوءِ غدار ڳوليون ٿا، وري به رومانس ۾، ”سنڌ ڪو تباهه ٿيڻي آهي ڇا، ڪئين آيا ڪئين ويا، سڀ برباد ٿي ويا پر سنڌ موجود آهي.“ هن ڳالهه ۾ کڻي سچائي به هجي پر ڇا هاڻي به دنيا ان رفتار سان هلي ٿي، جنهن سان پاڻ سوچڻ ۾ پورا آهيون.
جيستائين قومن جون سوچڻ لاءِ ذميوار قوتون پنهنجي دور سان گڏ دور جي گهڙيءَ گهڙيءَ ڏانهن لمحي لمحي ڏانهن ذميوار نٿيون ٿين، تيسان فناه جي ڦوڪ واريون هوائون هلنديون رهنديون. ان ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي. اسان جي جدوجهد، اسان جو رومانس ۽ اسان جي سياسي هلچل جي راهه جو هڪڙو نشان وارو پٿر 4 مارچ 1967ع به آهي. سڄي سنڌ ماٺ هئي. هرڪو پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ هو، اڃان سنڌ جي عام ماڻهوءَ ۾ پنهنجا سياسي رويا ٺاهڻ جي طاقت ۽ ڏانءُ به نه هو. تڏهن هن ڌرتيءَ جي بي خبر لکين ماڻهن جي نمائندگي ڪجهه سئو شاگردن ڪئي. هو چرپر ۾ هئا، هنن ۾ جوش هو.
هنن تاريخ ۾ ڪا سيڙپ ڪرڻ پئي گهري، ڪو مقصد هو جيڪو حاصل ڪرڻو هو. اهڙو اُتم ۽ اعليٰ مقصد جيڪو سنڌ ۾ ان وقت ٻئي ڪنهن وٽ به نه هو. رياستي ادارن سنڌي شاگردن جي چرپر کي خطري جو نشان سمجهي پنهنجي ننگي ڏاڍ جو مظاهرو ڪيو، جيل ڀرجي ويا. لکين ڪاغذ ڪارا ٿيا. شاعريون ڪيون ويون، ڪهاڻيون لکيون، مضمونن جا سلسلا هليا ۽ چوٿين مارچ جو ڏينهن جدوجهد جي علامت بنجي ويو. پر شاگرد هلچل جو ليکو سنڀاليو ته معيار جي لحاظ کان اها چوٿين مارچ کان به ٻه وِکون پوئتي آهي. شاگرد هلچل خلاف رياستي ادارن ڏاڍ سان گڏ اٽڪل بازي به شروع ڪري ڇڏي هئي. هنن جنهن شئي کي خطرو سمجهيو ته نهايت، ايمانداريءَ سان سمجهيو. پوءِ هر ڪنهن ڏٺو ته سنڌ جي شاگرد هلچل تباهه ٿي ويئي سرڪار پنهنجا ”مڇرائيندڙ ڇاڙتا“ شاگرد تنظيمن ۾ داخل ڪري سنڌ جي تعليم کي برباد ڪري ڇڏيو. خبر تڏهين پئي ته سياست اهي شاگرد ڪن ٿا، جيڪي پڙهڻ ۾ جڏا آهن.
ڪنهن وقت جڏهن ڪنهن خيال کان ٻڌَي جي اگهه تي تعليمي معيار ڏسڻ کانسواءِ ۽ نقل جو سهارو وٺندڙ انجنيئرن جا لشڪر پيدا ڪيا ويا، سي ٻين قوميتن جي انجنيئرن سان ڪنهن به طرح چٽا ڀيٽي ۾ آڻڻ جهڙا نه رهيا.
نوڪريون ملڻ کانسواءِ رشوتون کائڻ جي هنن جو ٻيو ڪو ڪم ئي نه رهيو. شاگرد هلچل جيڪڏهن سٺا روشن خيال ۽ وطن پرست شهري پيدا نٿي ڪري سگهي ته اها هلچل بدران هڪ ڇڙواڳ سياسي سرگرمي هوندي. جنهن جو فائدو وطن ۽ وطن جي ماڻهن بدران وطن جي دشمنن، ڌارين ۽ قبضو ڪندڙن کي ٿئي ٿو. محترم عبدالحئي پليجي پنهنجي هن ڪتاب ۾ شاگرد هلچل کي سنڌ مٿان خطرن جي يلغار کي منهن ڏيئڻ جو عمل ڪري ڏيکاريو آهي ۽ آهي به ايئن، ان مان خود سنڌي قوم جي سياسي بيوسي ظاهر ٿئي ٿي. قومن مٿان آيل بار رڳو اسڪولي شاگردن مٿان وجهبا ته گهربل نتيجا ڪڏهن به حاصل نه ٿيندا. سنڌ فقط شاگرد نه آهي. سنڌ هاري به آهي ته واپاري ۽ دڪاندار به آهي، پر اسان جي سياسي تعليم جو حشر اهو آهي جو ستر واري سڄي ڏهاڪي تائين سياسي ڪارڪن ان مونجهاري ۾ رهيو ته ڪجي ته ڇا ڪجي، ڪيئن ڪجي ۽ ڪٿان شروع ڪجي؟ شاگرد پاڻ سکڻ جي عمل ۾ هوندو آهي، سندس ان عمل کي نقصان پهچائڻ واري سياست جا نتيجا پاڻ ڀوڳيون پيا، سڀ ڪم رلي ويا آهن سنڌي عوام جي سياسي شعور کي جيڪي پر لڳل آهن، سي رياستي ادارن جي ڏاڍاين جي نتيجي طور آهن.
سنڌ جو عوام ورهاڱي کانپوءِ سڌي ظلم جو شڪار ٿيندو رهيو آهي. انهن ئي ظلمن خلاف نڪري پوڻ جا ڏيک 1983ع واري هلچل ۾ سامهون اچن ٿا. ماڻهو اڳتي ۽ سياسي اڳواڻ پوئيتان. سياستدان ڳالهه ڪري اچي ڦاٿا. هنن کي عوام جي شعور جو اندازو ئي نه هو. هنن ڳالهين جو مطلب هي آهي ته هتي سياست کي سماجي سائنس تسليم ڪرڻ بدران ذاتي ۽ گروهي راين ۽ روين جي آڌار تي هلايو ويو آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڪوڙن ڪليمن ۽ رشوت بازين جا جيڪي طائفا لڳا. جن ۾ پناهگيرن ٺڳن سان گڏ اسان جو ڪامورو ۽ وڏيرو ٻٽ هئا. ان حالت جي خلاف سنڌ ۾ ڪابه سياسي هلچل نه ٿي ملي. اسان جو هيءَ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته، ”ورهاڱي کان پوءِ ترت، سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڪابه مزاحمت نه ٿي سگهي، سنڌ مٿان تاريخ جو هي نهايت وڏو بار آهي. جن منزل گاهه مسجد واري واقعي تي سنڌ ۾ تباهيون پکيڙيون جن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائڻ جي هلچل هلائي، تن کي ڪهڙي نانگ کاڌو هو جو ايئن سنڌ کي لُٽ جو مال بنجڻ ڏنائون ۽ ان لُٽ ۾ رياستي ڪارندن سان سنڌ کي شڪار بنائڻ واسطي شينهن ۽ گدڙ وارو رشتو رکڻ ۾ به کين ڪو شرم ڪونه ٿيو. انهيءَ زوال پرست طبقي سنڌ ۾ سنڌي وچولي طبقي جي اُسرڻ ۽ ڦهلجڻ ۾ پنهنجي برباديءَ کي تيز ٿيندو ڏٺو، اهو ئي طبقو صاف سٿريءَ چٽا ڀيٽيءَ کان گُسائي سازشن ۾ جنبي ويو، انهيءَ ئي طبقي هلندڙ صدي ۾ سنڌ سان جيڪي غداريون ڪيون آهن تن جهڙو هاڃو پنجابي، پناهگير ناجائز مفاد به نه پهچائي سگهيو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جو وچولو طبقو هڪالي ڪڍيو ويو. جڏهن ڪنهن قوم کان ان جو واپاري پڙهيل لکيل ۽ سڌريل ڪلاس کسجي وڃي ته پوءِ اها جديد ساڃهه جي ليکي سان قوم ڪٿي ٿي رهي. بيحد سرگرم معاشي گروهه کانسواءِ قوم جو تصور ئي نه ڪري سگهبو ۽ جيڪڏهن ڪبو ته اها اهڙي خوش فهمي هوندي جنهن جا نقصان ايئن ڀوڳبا جيئن پاڻ ڀوڳيون پيا. سنڌ مٿان جيڪي للڪارون آيون آهن تن جو ذڪر اسان جي ليکڪ ڀاءُ عبدالحئي ڪيو آهي. ورهاڱي کان ترت پوءِ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ڪليمن جو ڪاروبار ۽ ون يونٽ جهڙيون ويڌنون ٿيون. اسان وٽ ٻي ڪا طاقت ميدان تي نه هئي. جن اهي سڀ پسڻ ڪرايا، سي پنهنجي عياشين ۽ قوم کي تباهه ڪرڻ ۾ رُڌل هئا. سنڌ وٽ شاگرد ئي هڪ منظم قوت هئا تن کي کڻي حالتن جي آڙاهه ۾ اڳيان ڦٽو ڪيو ويو. پنهنجي تاريخ سو ٺاهيون باقي ٻيو گهڻو ڪجهه آويءَ ۾ هڄي ويو. سنڌ جي شاگرد هلچل کي پهتل هاڃي جو هڪ اهم ڪارڻ سنڌ جي سياسي توڙي سماجي اڏاوت لاءِ سوچيندڙ تي اچي ٿي. هنن سماج جي غير منظم حصن کي منظم ڪرڻ بدران سولائي ان ۾ ڏٺي ته شاگردن کي چر پر ۾ آڻڻ وڌيڪ سولو آهي، هڪ ته ايئن ڪيو ويو ۽ ٻيو ته شاگرد جن دٻائن هيٺ اچڻو هو، آيو ۽ اڃا به آيل آهي، تن کان سندس بچاءُ جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو. پنهنجي طاقت کي دولت وانگر خرچ ڪري ڇڏڻ ڪنهن طرح به ڪارنامو نه آهي. 1967ع کان ون يونٽ ٽٽڻ تائين شاگرد هلچل جي ڪردار ۽ ان جي ڪاميابيءَ کان انڪار نه آهي، هڪ نئون باب ضرور لکيو ويو، پر اها عقلمندي نه آهي ته ٻن چئن کوکلن اعلانن ڪرائڻ لاءِ پنهنجيون ٻه ٽي چار پيڙهيون زيان ڪري ڇڏيون.
انهن اڻ رٿيل قدمن کڻڻ جو هڪ ٻيو اهم ترين سبب اها مايوسي آهي، جيڪا سنڌي ماڻهوءَ کي، پاڪستان جي اندر ٿيڻ لڳي. مايوسيءَ جو اهو اڳتي ڌوڪيندڙ دوزخ پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهوءَ جي روح کي لاڳيتو ڳڙڪائيندو رهيو آهي. هي ڪتاب ان جو هڪ ثبوت آهي. پاڻ جنهن بيدرديءَ جو شڪار رهيا آهيون ان جو اظهار ڀاءُ عبدالحئي پليجي نهايت ڀرپور طريقي سان ڪيو آهي. پر اها ڳالهه خود هڪ غلط قدم آهي، اهو سنڌي ماڻهوءَ جو پٺتي هٽي وڃڻ (Whith Drawlist) جو رويو به غير حقيقي آهي، نظرياتي طرح پاڪستان جي اندر پاڪستان کان ماڻهن کي مايوس ڪرڻ ڪابه معنيٰ نه ٿو رکي، ڪابه حقيقت جيڪڏهن پاڻ کي ڀانءُ نه پوي ته ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اها حقيقت وجود ئي نه ٿي رکي، جيڪا راند هلي ان جا اصول ۽ قاعدا ڄاڻڻ ضروري آهن، ڪاوڙجي منهن ڦيرائي ويهڻ سان ڪشالا گهٽ ٿيڻ بدران پاڻ وڌن ٿا. ان ۾ ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي ته هن ملڪ کي اصل هاڃو رسائيندڙ قوتون حڪمران آهن. پاڪستان ۾ رهندڙ قومن تي ظلم جي بازار آمر حاڪمن گرم رکي. آمرن وٽ جنهن پاڪستان جو تصور رهيو آهي، پاڻ ان سان بنهه متفق نه ٿينداسين، پر ان ۾ ڪابه معقوليت نه آهي ته ملڪ کي ٽوڙين هڪڙا ۽ ٺڪر ڀڄي شيخ مجيب، جي.ايم.سيد يا غفار خان تي.
ادا عبدالحئيءَ جو هيءُ ڪتاب جيڪو هڪ لحاظ کان سندس سياسي سرگرمين جي ڊائري به آهي، ان ڪري به هڪ اهم دستاويز آهي، جو ان ۾ ڏنل مواد منجهان اسان کي پنهنجو هڪ زبردست ۽ تاريخي، سياسي تجربو سامهون اچي ٿو، جنهن حوصلي ترتيب ۽ تنظيم سان شاگرد تحريڪ هلي ۽ ان اڳتي هلي جهڙيءَ طرح سنڌ جي ماڻهو کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي، جو خود حڪمرانن کي اصل ۾ نه، ته به اُصولي طرح ون يونٽ کي هڪ سياسي بداخلاقي سمجهي ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻو پيو. هن ئي چوٿين مارچ جي ڏينهن کي اسان هينئر به پيمانو بڻائي ڳالهين کي پرکيون ٿا. 4 مارچ جي هلچل ۾ شامل سورهيه ڪردارن جي اڪثريت ان صورتحال کي وساري چڪي آهي. هن موضوع کي قومي سجاڳيءَ جو ازار سمجهڻ بدران ماضيءَ جو هڪ وسريل باب ڪري ڇڏيو آهي. هن کان اڳ طارق اشرف، مسعود نوراني يا هڪ اڌ ٻين همراهن 4 مارچ يا شاگرد هلچل تي ڪجهه لکيو آهي پر اُهو ڪافي نه آهي. سوويت يونين جي هڪ دانشور حمزه رسول جي هيءَ ڳالهه درست آهي ته ”جيڪڏهن توهان ماضيءَ کي پستول جو نشانو بڻايو ته مستقبل توهان کي توب جو نشانو بڻائيندو.“ اسان جي ليکڪ محترم عبدالحئي پليجي نه رڳو اهو درد سانڍي رکيو پر پاڻ اهو حال اوري ڇڏيو اٿس، جنهن کي آڌار بڻائڻ سان پنهنجي وجود متعلق ڪيترن سوالن جا رستا کُلي پون ٿا.
ف . م . لاشاري
10 مارچ 1989ع