تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي شاگرد سياست

ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جو لکيل آهي.
سنڌي شاگرد سياست جي 4 مارچ واري جدوجهد جي تاريخي حيثيت آهي. عبدالحئي پليجي صاحب جو هيءُ ڪتاب جيڪو هڪ لحاظ کان سندس سياسي سرگرمين جي ڊائري به آهي، ان ڪري به هڪ اهم دستاويز آهي، جو ان ۾ ڏنل مواد منجهان اسان کي پنهنجو هڪ زبردست ۽ تاريخي، سياسي تجربو سامهون اچي ٿو، جنهن حوصلي ترتيب ۽ تنظيم سان شاگرد تحريڪ هلي ۽ ان اڳتي هلي جهڙيءَ طرح سنڌ جي ماڻهو کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي، جو خود حڪمرانن کي اصل ۾ نه، ته به اُصولي طرح ون يونٽ کي هڪ سياسي بداخلاقي سمجهي ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻو پيو.
Title Cover of book سنڌي شاگرد سياست

سنڌي شاگردن ۾ تنظيمي عمل

ون يونٽ ٺهڻ وقت ۽ اُن کان پوءِ يعني 1955ع ۾ اُن بعد واري دور ۾ سنڌ ۽ ڪراچي اندر شاگردن جون ڪجهه تنظيمون سرگرم عمل هيون، جيئن ته مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن، انڊس اسٽوڊنٽس فيڊريشن، نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (NSF) ۽ جمعيته طلبا وغيره. انهن جماعتن جي اڳواڻيءَ تي مهاجر شاگردن جو قبضو هو. سنڌي شاگرد جيڪي هاڻي يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ اچي رهيا هئا، تن کي انهن تنظيمن سان ڪابه دلچسپي نه هئي، البته ڪي سنڌي شاگرد، شاگرد سياست ۾ دلچسپي رکڻ ڪري ڪنهن نه ڪنهن تنظيم سان سلهاڙجي ويندا هئا. اهڙي وايومنڊل ۾ سنڌي شاگردن کي پنهنجي تنظيم جي ضرورت شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي هئي. انهيءَ ضرورت جي پورائي لاءِ ”سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جي نالي سان هڪ شاگرد جماعت ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر قاضي فضل حق بڻيو. (جيڪو موجوده وقت نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۾ آفيسر آهي.) قاضي فضل حق هڪ ٽئلينٽڊ شاگرد هئو ۽ انگريزي به سٺي ڳالهائي سگهندو هئو. انهي ڪري چڱا موچارا شاگرد هن جي چوڌاري مڙي آيا هئا، پر جيئن ته هن جي ڪابه نظرياتي وابستگي نه هئي ۽ نه ئي جماعت جي پروگرام ۾ عوامي گهرجن کي پوري ڪرڻ جو عنصر شامل هئو، انهي ڪري اها جماعت مٿئين طبقي جي چند شاگردن جي سرگرمين تائين محدود رهجي ويئي ۽ سنڌ اندر پنهنجون پاڙون ڦهلائي نه سگهي ۽ آخرڪار پنهنجو وجود به وڃائي ويٺي.

انهي دور کان اٽڪل ٻه ٽي سال پوءِ (غالباً 1964ع ڌاري) يوسف لغاري، منير سنڌي (ماڻڪ جي نالي سان ڪهاڻيڪار مشهور ٿيو، ڄام ساقي، مهر حسين شاهه، ارباب سنڌي، عنايت ڪشميري ۽ چند ٻين دوستن هڪ جماعت ٺاهڻ جو پروگرام رٿيو. فيصلو ڪيو ويو ته في الوقت انهي جماعت کي حيدرآباد تائين محدود رکيو وڃي ۽ پوءِ آهستي آهستي ان جي تنظيمي جوڙ جڪ ۾ ۽ دائره ڪار ۾ وسعت پيدا ڪئي وڃي. رٿيل پروگرام کي عملي جامو پهرائيندي انهي شاگرد جماعت جو نالو ”حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ رکيو ويو. هن جماعت جي قيام ۽ تنظيمي ڪم جي وڏي ذميداري ڄام ساقي جي سر هئي ۽ هِن ڏس ۾ ڪافي پورهيو به ڪيو. (اڳتي هلي ڪن سببن ڪري يوسف لغاري، ارباب سنڌي (ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ)، غلام قادر پليجو ۽ ٻيا ڪيترا ڪارڪن جماعت کان علحدگي اختيار ڪري ويا.)
جماعت جي پروگرام رٿجي وڃڻ بعد فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جي چونڊڻ لاءِ ڪنوينشن ڪوٺايو وڃي. سٽاءُ اها رکي ويئي ته صبح جي وقت ڪنوينشن ٿئي ۽ شام هڪ جلسو ڪجي، جنهن ۾ محترم ذوالفقار علي ڀٽي (مرحوم) کي گهرايو وڃي، جيڪو تازو وزارت کان علحده ٿيو هئو. پروگرام مطابق چونڊون ٿيون. پهريائين ته ڳچ همراهه عهدن ماڻڻ لاءِ ڪمرون ڪشي بيٺا. منهنجي اندازي مطابق هڪ هڪ پوسٽ لاءِ ڏهه ڏهه پندرهن پندرهن همراهه اميداوار هئا، پر پوءِ ڪافي سمجهائڻ ۽ ڏي وٺ بعد هيٺيان عهديار چونڊيا ويا.

1. صدر: يوسف لغاري (هاڻ وڪيل)
2. نائب صدر: منير سنڌي ۽ عبدالحئي پليجو
3. جنرل سيڪريٽري: ڄام ساقي
4. پريس سيڪريٽري: ميرٿيٻو (جيڪو هينئر آمريڪا ۾ رهي ٿو.)

پروگرام مطابق شام جو جامعيه عربيه هاءِ اسڪول ۾ عام جلسو ٿيو جنهن جو خاص مهمان ذوالفقار علي ڀٽو هئو، فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل ڄام ساقيءَ اردو ۾ لکيل سپاسنامون پڙهيو. اها ڳالهه آيل سڀني ماڻهن کي ڏاڍي ڏکي لڳي ڇو ته جلسي جي اڪثريت سنڌي ماڻهن جي هئي. هن سپاسنامي ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ جون ڳالهيون به هيون، پر ڀٽي صاحب انهن مسئلن کي ڇهيو ئي ڪونه. هڪ ته انگريزي ۾ تقرير ڪيائين ۽ ٻيو ته رڳو پاڪستان جي پرڏيهي معاملن تي ڳالهايائين. اسان واريون توقعات ۽ اميدون ته ڀٽو ون يونٽ خلاف هن اسٽيج کان زوردار بيان ڏيئي اسان جون دليون ٺاري ڇڏيندو. سڀ اجايون ويون. ائين سمجهجي ته ساري جاکوڙ اڄائي ويئي. جڏهن ڪنهن مجمع مان چيو ته ”ون يونٽ تي ڳالهايو“ ته چيائين، ”هيءُ وقت ون يونت تي ڳالهائڻ جو ڪونهي، پرڏيهي حالتن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.“ ڀٽي صاحب کي پنجاب کان اڳتي هلي ڇا مليو، سو پاڪستان جي تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب آهي، افسوس ته اهو آهي ته ڀٽي صاحب جا پونير تاريخ جي هن خوني واردات مان اڃان به ڪو سبق نه پرائي رهيا آهن. سنڌ جي سياست جي قابل افسوس صورتحال اها به آهي ته سنڌ جا اهي سياستڪار جيڪي بندوق جي نالي مان آزادي ۽ انقلاب اڀارڻ جا دعويدار ۽ هٿيار بند جدوجهد کان گهٽ ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا، سي به پنجاب جي عشري ۽ ناز و ادا تي موهجي پيا ۽ پاڻ تان ”سنڌي“ جو لقب لاهي ”پاڪستاني“ بنجي پيا آهن.
ها، سو ڳالهه پي هلي حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي. اِنهي دور ۾ ڪابه وڏي سنڌ گير شاگرد جماعت اڃا پيدا نه ٿي سگهي هئي، البته مختلف شهرن ۾ مقامي شاگرد جماعتون ڪم ڪري رهيون هيون. جيئن ته نواب شاهه اسٽوڊنٽس فيڊريشن، دادو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جنهن ۾ اعجاز قريشي جيڪو هينئر سنڌ يونيورسٽي جي شعبه اقتصاديات ۾ استاد آهي، صلاح الدين پنهور، منوهر لعل ۽ حئي قريشي وغيره شامل هئا.) هالا اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جنهن ۾ رفيق، معين، ڪرم علي، عاقل، عبدالرزاق، ميگهو مل، عزيز الله وغيره شامل هئا.)
هنن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي، ميڊيڪل ڪاليج، انجنيئرنگ ڪاليج، زرعي ڪاليج، سنڌ لا ڪاليج، جناح لا ڪاليج، مسلم ڪاليج، سچل سرمست ڪاليج ۽ حيدرآباد جي ٻين ڪاليجن ۾ شاگرد يونين جون چونڊون ٿيون جن ۾ سنڌ يونيورسٽي يونين جو صدر يوسف لغاري ۽ نائب صدر علي نواز ڀٽو چونڊيا. (يوسف لغاري قوم پرست خيالن جو پرجوش حامي رهيو آهي. چوٿين مارچ واري واقعي ۾ اهم ڪردار رکي ٿو ۽ موجوده وقت ميرپورخاص ۾ وڪيل آهي. علي نواز ڀٽو موجوده وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهم عهدي تي فائز آهي.)
انجنيئرنگ ڪاليج جو صدر مجيب پيرزادو ۽ جنرل سيڪريٽري مسعود نوراني چونڊيا. (مجيب پيرزادو پيرزادي عبدالستار جو فرزند عبدالحفيظ پيرزادي جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هيئنر وڪالت ڪري رهيو آهي. مسعود نوراني انجنيئرنگ گريجوئيٽ آهي. پر هن وقت وڪيل آهي ۽ رسالو نئون نياپو ۽ ڪچهري ڪڍندو آهي. سندس وڌيڪ ذڪر SSCO جي سلسلي ۾ ڏنو ويندو.)
سچل سرمست ڪاليج جو صدر غلام نبي مغل (صحافي) ۽ جنرل سيڪريٽري مهر حسين شاهه ٿيا.
(مهر حسين شاهه هينئر سرڪاري ملازم آهي.)
سنڌ لاڪاليج جو جنرل سيڪريٽري غلام نبي مغل (غلام نبي مغل سنڌي ٻولي جو سٺو ڪهاڻيڪار ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي.) منتخب ٿيو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو صدر ڀرڳڙي (نالو ياد نه رهيو اٿم.)
مسلم ڪاليج جو جنرل سيڪريٽري علي محمد ساريجو، جناح لا ڪاليج جو جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان پيرزادو. اهو دور سال 1966ع جي پوين مهينن وارو دور هئو ۽ اهو پهريون ڀيرو هئو جو حيدرآباد جي ڪاليجن ۾ ايڏي وڏي پيماني تي سنڌي شاگرد نمائندا چونڊجي آيا. انهي شاندار ڪاميابي جي پويان وطن پرستيءَ جو اهو جذبو هو، جيڪو ون يونٽ توڙ تحريڪ جي صورت ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ سنڌ جو سڄاڻ طبقو يعني استاد، اديب ۽ دانشور پس پرده انهيءَ عمل کي منطقي نتيجي تائين پهچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو. جدوجهد ۽ قومي جاڳرتا جي تحريڪن ۾ اسم صرف اُهي ڳڻيا ويندا آهن جيڪي يا ته اڳواڻ هوندا آهن يا ڪنهن پر نمايان ۽ پڌرا هوندا آهن. سمجهيو اهو ويندو آهي ته سڀ ڪجهه انهن جي طفيل ٿي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته نهايت خاموشي سان پس پرده رهندڙ سڄاڻ انسانن جو ڪيل پورهيو ڪنهن به ريت وسارڻ لائق نه آهي. اهي ماڻهو جدوجهدن جي تاريخ جا گمنام سپاهي بنجيو رهجيو وڃن ۽ پنهنجن همعصرن جي لاڏاڻي کان پوءِ ته سندن نالي ۽ پورهئي کي ياد ڪرڻ وارو به ڪونه ٿو رهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته انهن گمنام انسانن جي يادن کي تاريخ جي دستاويز تي محفوظ ڪري ڇڏڻ گهرجي، انهن ورڪرن ۽ عام ڪارڪنن جي سچاين ۽ پورهين جي مڃتا طور انهن جي وسريل ورقن کي سهيڙي رڪارڊ تي آڻي ڇڏڻ گهرجي. جدوجهدون، پوءِ اهي شاگردن جون هجن يا سياستڪارن جون فقط اڳواڻن جي فڪر ۽ عمل جو نتيجو نه هونديون آهن، پر انهي ۾ هزارها گمنام ورڪرن جي سوچ، لوچ، پتوڙ ۽ پيار به شامل هوندو آهي. اها ورڪرن/ڪارڪنن جي سگهه، سچائي ۽ صلاحيت هوندي آهي جيڪا جدوجهدن کي اڳيان وڌائيندي آهي.
انهن چونڊن بعد ترت ئي انهن سڀني شاگردن نمائندن طرفان ”انٽر ڪاليجئٽ باڊي“ ٺاهي ويئي، جنهن جو مقصد هو شاگردن جي مسئلن کي نبيرڻ ۽ قومي حقن جي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ. هن باڊي جو چيئرمين مسعود نوراني، وائيس چيئرمين مهر حسين شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري يوسف لغاري چونڊيا ويا. اهو پهريون موقعو هو جو سنڌي شاگردن جي اڳواڻي مڪمل طور تي سنڌي شاگردن جي هٿ ۾ آئي. جيئن ته هيءَ ”انٽر ڪالجئٽ باڊي“ فقط حيدرآباد تائين محدود هئي پر همراهن جو خيال هو ته هُن کي سنڌ ليول تي آڻجي، انهي ڪري ”آل سنڌ اسٽوڊنٽس ڪنوينشن“ گهرائڻ جي رٿ رٿي ويئي. انهي سلسلي ۾ زور شور سان تياريون به شروع ڪيون ويون ۽ تاريخ جو اعلان به ٿي ويو پر انهي دوران سنڌ يونيورسٽي جي تڏهوڪي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي اوچتو ئي اوچتو برطرف ڪيو ويو. هن جو ڏوهه فقط اهو هو ته هُن ذوالفقار علي ڀٽي کي (جيڪو ايوب خان جو وزير هو)، ڊاڪٽر آف لاجي اعزازي ڊگري ڏني هئي. ۽ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا لاءِ ضلع وار ڪوٽا سسٽم جو طريقو رائج ڪيو هو. ڀٽي صاحب کي ڊاڪٽر آف لا جي اعزازي ڊگري ڏيڻ واري ڳالهه تي ملڪ امير محمد خان نواب آف ڪالا باغ گورنر حڪومت اولهه پاڪستان (جيڪو چانسيلر سنڌ يونيورسٽي به هو.) کي سخت ڪاوڙ لڳي هئي ۽ ڇاڪاڻ ته نواب صاحب (مرحوم) ڀٽي سان بنهه نه ٺهندو هو، جيتوڻيڪ ٻئي ڄڻا ايوبي آمريت جا اهم ٿنڀا شمار ٿيندا هئا. انهن ٻنهي جي ڇڪتاڻ واري حالت اهڙي هئي جو اليڪشن ۾ بيهاريل حڪومت جي اميدوار کي جيڪڏهن ڀٽو مدد ڪندو هو يا هو ڀٽي سان لڳ لاڳاپي ۾ رهندو هو ته نواب صاحب بيورو ڪريسي جي سهڪار سان اُن اميدوار کي هارائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
جناب حسن علي عبدالرحمان (مرحوم) جي برطرفي تي شاگردن ۾ گهڻو تاءُ پيدا ٿيو ۽ هنن گُهر ڪئي ته ”وائيس چانسلر کي واپس آندو وڃي.“ ۽ ڪمشنر مسرور حسن کي بدلي ڪيو وڃي.
اِهي مطالبا ڏسندي ئي ڏسندي هڪ باقاعده تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويا ۽ اڳتي هلي اها تحريڪ سنڌي شاگردن جي قومي سجاڳي جو بنياد بني.

سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي ۽ نئين ڪئمپس ۾ شاگردن جون باقاعده گڏجاڻيون ٿين لڳيون. انهن گڏجاڻين ۾ جيڪي پرجوش تقريرون ٿينديون هيون، تن ۾ ڳالهه کي واضح ڪيو ويندو هو ته سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ اهي سڀ زيادتيون ون يونٽ جو ئي نتيجو آهن.