4 مـــــارچ
”چوٿين مارچ سنڌ جو مئي ڊي (May Day) آهي. اڄوڪي ڏينهن حيدرآباد ۾ سنڌ جي شاگردن انهيءَ ظلم خلاف پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀو ڪيو هو، جنهن سنڌ جي صوبي، ان جي قوميت، زبان، ثقافت، سياسي آزاديءَ ۽ اقتصادي برابريءَ کي ختم ڪرڻ جي سازش رٿي هئي. مون کي چيو ويو ته اڄوڪي ڏينهن، مان حيدرآباد ۾هجان، ڇو ته حيدرآباد سنڌ جي سياست ۽ ثقافت جو مرڪز آهي ۽ اتي ئي سنڌ تي ٿيندڙ ظلم خلاف پهريون موثر آواز اٿيو هو ۽ سنڌي شاگردن پنهنجو ريٽو رت ڏيئي، جيئي سنڌ جي نعري سان ڪوڙ جي قلعي کي ڌوڏي ڇڏيو.“
(ماهوار سهڻي 4 مارچ نمبر) صبح 9 ۽ 10.
هن سلسلي ۾ مسٽر رسول بخش پليجي لکيو:
”4 مارچ 1967ع نه رڳو سنڌي شاگردن جي تحريڪ جي شروعات جو ڏينهن آهي، پر اهو سنڌ جي قومي جدوجهد جو به هڪ وڏو حد نشان آهي. ان ڏينهن سنڌي قوم جي هڪ مجاهد دستي اڳتي وڌي سنڌ دشمن قوتن سان آمهون سامهون ٽڪر کاڌو ۽ رت ڏنو. ان ڏينهن سنڌي شاگردن قومي جدوجهد جي واڳ پنهنجي هٿن ۾ ورتي ۽ ڪيترا سال مضبوطيءَ سان اها پنهنجي هٿن ۾ جهليو آيا. سنڌي شاگردن جي اها جدوجهد پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي قومي جدوجهد جي پنجين لهر هئي. ان کان اڳ چار لهرون هي هيون. (1)محترم جي.ا يم. سيد جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪن ٿورڙن محب وطن پارليامينٽري طريقن سان سنڌ دشمنن سان مقابلو. (2)محترم جي.ايم.سيد طرفان شخصي، علمي ۽ نظرياتي جدوجهد (3) ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ عبدالقادر جي اڳواڻيءَ هيٺ هاري ۽ قومي جدوجهد (4) محترم ابراهيم جوئي ۽ شيخ اياز جي اڳواڻي هيٺ علمي ۽ ادبي جدوجهد.“ (ايضاً ص 27)
هن ڏس ۾ 4 مارچ جي هيرن محترم يوسف لغاري لکيو.
”4 مارچ اسان جي قومي تحريڪ جو اهو روشن ڏينهن آهي، جڏهن صدين جي غلاميءَ جي ڪٽ چڙهيل زنجيرون هڪ ٺڪاءُ سان ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويون هيون. ڌرتيءُ ماءُ کي رت جو ريج مليو هو. اڀ سڄي کي لاک لڳي هئي.
مهراڻ جي موجن مان هڪ نئون نڪور، نج سج اُڀريو هو. جنهن جي جوت سموري سنڌ کي جرڪافي وئي هئي. هر ڪنهن من ۾ هڪ نئون جذبو، هڪ نئين اُمنگ جاڳي هئي.“ (ايضاً ص 31)
هن مضمون ۾ محترم يوسف لغاري 4 مارچ واري واقعي جي پسمنظر ۽ بعد جي حالتن تي تفصيلي روشني وڌي آهي.
هن سلسلي ۾ انهي دور جي هڪ ٻي شاگرد اڳواڻ جنهن جو تعلق انجنيئرنگ ڪاليج سان هئو يعني محترم مسعود نوراني لکيو آهي:
”4 مارچ جي تحريڪ ئي درحقيقت ٻين تحريڪن کي جنم ڏنو ۽ سنڌ ۾ سجاڳيءَ جو ٻج ڇٽيو. 4 مارچ تي جنهن تحريڪ جي شروعات ٿي، انهيءَ پوءِ ون يونٽ کي ٽوڙائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو ۽ اها تحريڪ ئي هئي، جنهن سنڌ ۾ شاگرد ليڊرن جو پايو وڌو، اها تحريڪ اڃان ختم نه ٿي آهي ۽ تيستائين ختم ٿي نٿي سگهي، جيستائين سنڌين کي ۽ سنڌ کي سندس سڀئي حق نه ملندا.“ (ايضاً ص 210)
محترم مسعود نوراني به هن واقعي جي تفصيل ۽ اُن ۾ مختلف ماڻهن جي ڪردار کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. انهي دور جي شاگرد هلچل ۾ مکيه طرح ته چند ڪردار ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، پر ٻيا به ڪيترا ڪردار آهن. جن پنهنجي پورهئي ۽ سچائي سان اِنهي تحريڪ کي مضبوط بنايو ۽ اڳتي وڌايو. اِنهن ۾ مکيه اڳواڻن سميت هيٺيان شاگرد شامل آهن.
يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، مجيب پيرزادو، مسعود نوراني، رفيق صفي، ڄام ساقي، سليم سنجراڻي، ڪامل راڄپر، لالا قادر، عبدالڪريم انصاري، رحيم سهتو، علي احمد نظاماڻي، سيف الله صديقي، آغا زاهد، رفيق صديقي، مير امداد، غلام نبي مغل، سڪندر پانڌياڻي، منور ميمڻ، شفقت شاهه ڄاموٽ، اصغر شاهه، اڪبر شاهه، سڪندر عباسي، عمر ڀٽي، رشيد ميمڻ، تاج محمد سولنگي، مسعود پيرزادو، نذير عرساڻي، عبدالحئي پليجو، رحيم سمون، نور محمد کهڙو، خليل بچاڻي، قربان پنهور، اشفاق ميمڻ، يوسف علي مرزا، محبوب انصاري، جميل آفتاب، ظفر، ڇانگو مل، انور ميمڻ، رياض خميساڻي، لالا شير خان، حسين ابڙيجو، قادر سومرو، شڪور ميمڻ، قاضي محمد حيات، نانڪ، احمد شيخ، غلام حسين چانڊيو، ربڏنو ساريجو، اقبال ترين وغيره.
4 مارچ جي محرڪ اسباب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي هن واقعي جي هڪ اهم ڪردار محترم مجيب پيرزادي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي:
”1967ع ۾ جڏهن اهو واقعو ٿيو ان وقت ون يونٽ قائم هو ۽ 1956ع ۾ 1962ع جي آئين موجب سنڌ جي ڪابه حيثيت ڪانه هئي. ان وقت سنڌ جي ماڻهن ۾ احساس محرومي هو ۽ ان جو سنڌ جي شاگردن تي جيڪو اثر پيو اُن جي نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ان سان ملحق ٻن وڏن ڪاليجن ايل.ايم.سي ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جي يونين ۾ قومپرست شاگرد اڳواڻ کٽي آيا.
سنڌ يونيورسٽي ۾ يوسف لغاري صدر ۽ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ مان پريزيڊنٽ چونڊجي آياسين. ان وقت اسان سوچيو ته سنڌ جيڪا هڪ حقيقت آهي ۽ هزارها سالن کان قائم آهي ۽ موهن جي دڙي کان وٺي جنهن جو وجود رهيو آهي ۽ جنهن کي نه ايراني، افغاني ۽ نه عرب مٽائي سگهيا، ۽ نه ئي هندستان جون حڪومتون ان کي مٽائي سگهيون، اُن کي زنده ڪرڻ لاءِ ڪا تحريڪ هلائي وڃي. ان سلسلي ۾ هڪ سياسي پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن تي جيئي سنڌ موومينٽ جو نالو رکيو ويو. اها هارين، مزدورن ۽ شاگردن جي موومينٽ هئي ۽ سڀ ترقي پسند قوتون ان سان لاڳاپيل هيون. ان تحريڪ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ زور ورتو. ان سان ون يونٽ قائم ڪندڙن قوتن کي خطرو محسوس ٿيو. ان ڪري انهن سوچيو ته ان تحريڪ کي ڪنهن نموني سان ڪچلجي. هاڻي ان ۾ هيءَ ڳالهه واضح هئي ته ان تحريڪ جو زور سنڌ يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل انجنيئرنگ ڪاليج ۽ ايل . ايم . سي ۾ وڌيڪ هو. ان ڪري استحصالي قوتن جي نمائندن اهو سوچيو ته V.C حسن علي کي جيڪڏهن اسان ڪڍنداسين ته هيءَ تحريڪ پوءِ زور نه وٺي سگهندي، ڇاڪاڻ ته انهن جي خيال ۾ V.C اسان جي مدد ڪري رهيو هو. ان ڪري هنن حسن علي V.C کي زوري استعيفيٰ ڏياري يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان جي Reaction ۾ شاگردن جلوس ڪڍيا ۽ اسٽرائيڪ ڪئي. ان سلسلي ۾ هڪ وڏو جلسو 4 مارچ تي حيدرآباد ۾ ٿيڻو هو، اسان سڀ ان جلسي جي انتظام لاءِ حيدرآباد ۾ هئاسين. سنڌ يونيورسٽي، انجنيئرنگ ڪاليج ۽ ايل.ايم.سي جي شاگردن کي هن جلسي ۾ شريڪ ٿيڻو هو. ان لاءِ جڏهن پنجن ڇهن بسن ۾ شاگرد چڙهي روانا ٿيا ته ڪمشنر مسرور سوچيو ته شاگردن کي ڪچلڻ لاءِ اهو موقعو آهي، اتي هُنن کي سيکت ڏجي. هوڏانهن شاگرد پنجن ڇهن بسن ۾ چڙهي اچي رهيا هئا ۽ هيڏانهن جتي هاڻي راجپوتانه اسپتال ٺهيل آهي، اتي پوليس گهيرو ڪري اچي ويهي رهي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان رائيفلون، بندوقون، لٺيون ۽ آنسو گئس جو سامان کنيو روڊ بند ڪري ويهي رهيا. جڏهن بسون پهتيون ته انهن تي آنسو گئس به اڇلي ويئي ۽ لٺيون هڻي ماريو به ويو.
ان سان شڪور ميمڻ ۽ سڪندر علي پٺاڻ ته سيريس هيا ۽ ڪيترا ڏينهن ايل.ايم.سي ۾ داخل هئا ۽ 207 شاگردن کي گرفتار ڪري سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ته 4 مارچ لاءِ مان اهو چوندس ته اها جيئي سنڌ تحريڪ جي مٿاهين اسٽيج هئي.
”ان جو سڄي سنڌ تي ايترو اثر ٿيو جو ايوب خان کان پوءِ يحييٰ خان مجبور ٿيو ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ ۽ سنڌ وري هڪ صوبي جي حيثيت سان نقشي تي اُڀري.“
(شعور پبليڪيشن چوٿين ڪڙي 4 مارچ 1988ع صفحه 25)
4 مارچ جي سلسلي ۾ محترم يوسف ٽالپر هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي.
”4 مارچ جي جدوجهد صرف شاگردن جي ئي جدوجهد هئي ۽ اُن ۾ ڪنهن پارٽيءَ جو ڪو هٿ ڪونه هيو. البته شاگردن ۾ سياسي شعور آڻڻ ۾ ان وقت سائين جي . ايم . سيد جو وڏو ڪردار هيو. باقي اها جدوجهد صرف تعليمي في وغيره ختم ڪرائڻ يا صرف شاگردن جي مسئلن لاءِ نه هئي، پر اها ايوب خان خلاف جدوجهد جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي، جو پوءِ سياسي تنظيمن کي فائدو پهتو.“
(شعور نمبر 4 مارچ 1988ع)
مطلب ته چوٿين مارچ واري وقعي کان پوءِ سنڌي شاگردن جي فڪر ۽ سوچ تي نوان آسمان کلي پيا ۽ هنن ڄاڻي وتو ته اُهي هڪ علحده قوم آهن، جنهن کي پنهنجي ٻولي، سڀيتا ۽ ثقافت آهي. انگريزن جڏهن 1843ع ۾ سنڌ کي فتح ڪيو هو. ان وقت به سنڌ هڪ الڳ، آزاد ۽ خودمختيار ديس هو، جنهن جا پنهنجا راڄ ۽ ڀاڳ هئا ۽ پنهنجيون ڇيڙيون نبيريون هيون.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي مفادن کي وڏو ڪاپاري ڌڪ 1957ع ۾ ون يونٽ ٺاهي هنيو ويو. 4 مارچ واري تحريڪ جنهن جو نعرو هيو ته ”وائيس چانسلر کي واپس آڻيو ۽ مسرور حسن کي سنڌ مان ڪڍو.“ سا اڳتي هلي ون يونٽ خلاف ڀيڪيدار آواز ۾ تبديل ٿي ويئي. 4مارچ وارو واقعو ڪيئن واقع ٿيو اُن جو ٿورڙو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. فيبروري ۽ مارچ دوران ”حسن علي کي واپس آڻڻ ۽ مسرور کي ڪڍڻ“ واري تحريڪ شدت اختيار ڪري ويئي هئي. 4 مارچ تي شاگردن جو نيو ڪئمپس ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ شام جو اولڊ ڪئمپس ۾ زبردست جلسو ڪيو ويندو. انهي ڏينهن ڪجهه شاگرد اڳ ۾ ئي اولڊ ڪئمپس پهچي چڪا هئا ۽ ڪجهه اچي رهيا هئا. نيو ڪئمپس مان چئن بسن ۾ سوار اٽڪل 207 شاگرد شهر ڏانهن روانا ٿيا. اهو پُرجوش قافلو جڏهن نعرن سان هوا ۾ گونج ڦهلائيندو موجوده راجپوتانه اسپتال واري هنڌ وٽ پهتو ته اُنهي قافلي کي پوليس ۽ رينجرز جا سپاهي اوچتو گهيرو ڪري ويا. رستي جي اُڀرندي ۽ الهندي پاسن پاڻي بيٺل هو ۽ باقي ٻن پاسن کان هٿيار بند سپاهي راهه روڪيو بيٺا هئا. ڏسندي ئي ڏسندي بنا ڪنهن چتاءُ جي ڳوڙها گيس جا شيل اُڇلايا ويا. بس ۾ ويٺل شاگرد جڏهن بسن مان لهڻ لڳا ته مسرور جا اهي بڇيل بکيا ڪتا شاگردن تي ڪاهي پيا. بندوقن جي قنداقن ۽ لٺين سان شاگردن کي ماري ماري اڌ مئو ڪيو ويو.
ڪيترن ئي شاگردن کي جيڪي زخمي به هئا گهيلي سينٽرل جيل آندو ويو. اُها ڌرتي اُهو هنڌ سڄو رتو رت هئو. ڌرتي ماءُ پنهنجي ٻچڙن جي رک کي پنهنجي سيني سان لائي ويٺي هئي. اهو رت اُڃايل ڌرتيءَ کي ريج هئو جنهن ۾ آزاديءَ جا گلاب ڦٽڻا هئا. هيءُ هڪ معمولي واقعو نه پر سنڌي شاگردن جي قومي شعور جو اُڀار هو. هيءَ هڪ انقلاب هو جنهن ستل ذهنن کي جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ هيڻن هڏن ۾ سگهه پيدا ڪري ڇڏي. اهڙِي ريت چوٿين مارچ سنڌ جي تاريخ جو هڪ سونهري باب بڻجي پئي.
چوٿين مارچ سنڌ جي قومي آزاديءَ جي جدوجهد جو اهڃاڻ بنجي پئي.
چوٿين مارچ، سنڌي شاگردن کي اُهو اُتساهه عطا ڪيو جو سڄي سنڌ جي شاگرد برادري سنڌ جي قومي سياست جو هر اول دستور بنجي پئي.
جيل جو ڀئو، ڏنڊا ٻيڙين جا سراپ، سوريءَ چڙهڻ جا خوف سڀ پڻي ٿي ڇڻي ڪري پيا. سنڌ جي قوم سياست کي سگهه ڏيڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ جيترو جوکم سنڌي شاگدن کنيو ۽ جيتري قرباني انهن ڏني آهي اوتري هيستائين ڪو ٻيو گروهه نه ڏيئي سگهيو آهي. جيڪڏهن سنڌي سماج جا ٻيا طبقا ۽ گروهه ايتري جوش ۽ ولولي ۽ ايتري قرباني جو اظهار ڪن ها ته شايد اسان پنهنجي منزل کي ماڻي وٺون ها يا بنهه قريب هجون ها. بلاشبه سنڌ ۾ قومي رجحان کي چوٽ تي چاڙهڻ جو سهرو شاگردن جي ئي سِر آهي. 4 مارچ کان وٺي اڄ تائين ڪو مهينو، ڪو سال اهڙو نه لنگهيو هوندو، جنهن ۾ سنڌ وطن جي انهن سورهيه سپوتن سان جيل نه ڀريل هوندا. سنڌ جا جيل ته ٺهيو، پر سنڌي شاگردن کي سنڌ کان ٻاهر جي جيل ۾ به بند رکيو ويو. اڃا تائين سنڌ جو علي حيدر شاهه ڪوٽ لکپت ۾ قابو آهي ۽ ٽوڙي جا اسير گل محمد جکراڻي، ستار موريو ۽ دودو مهيري، گهنشام پرڪاش ۽ ٻيا شاگرد حيدرآباد، سکر، نارا جيلن ۾ قيد و بند جي زندگي ڪاٽي رهيا آهن. اهي ڏاڍايون ۽ اُرهه زورايون هنن جي هانوَ ۾ تر جيتري هلڪاڻ ۽ همتن ۾ ذري برابر به جنبش نه پيدا ڪري سگهيون آهن.
سکر سي ئي ڏينهن مون جي گهاريا بند ۾،
وسايم وڏ ڦڙا مٿي ماڙين مينهن،
نير منهنجو نيهن اُجاري اڇو ڪيو.
يا اياز جي چواڻي:
ڪو ڪيئن نه ڊورڙي مقتل ڏي آ رت ۾ خوشبو مهندي جي،
ڪو ڪيئن نه ڊوڙيِ زندان ڏي ٿا زلف ڇڪين زنجيرن جا.
وطن جي محبت ۾ اهو به هڪ سرمستيءَ جو عالم آهي جو زنجيرن سان پيار ٿيڻ لڳندو آهي. ماڙيون ڪونه مارينديون آهن، پر ماروئڙن جو مُنجهه اُٻاڻڪو ڪندي آهي. پنهنجي ڪيئي تي پڇتاؤ نه هوندو آهي، پر هڪ قدم اڃان به اڳتي وڌڻ جو عزم هوندو آهي.
واجهه نه وجهه وَڍ ڏي، رَت وَهي ته به رِڙهه،
پوئين وير به وِڙهه، ويريءَ ساڻ وجود جي.
(اياز)
شاگردن جي انهيءَ بهادرانه ويڙهه جتي سياسي فڪر جا نوان گس گهڙيا اُتي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي به دعوتِ فڪر ڏني ۽ موٽ ۾ وطن دوست سنڌي اديبن ۽ شاعرن به پاڻ ملهايو. اياز جي شاعريءَ ذهنن کي جهنجهوڙيندي ۽ جذبن ۾ آڳ ۽ آلاؤ ڀريندي رهي. نياز همايوني جي نظمن ”سنڌ جاڳي پئي“ ۽ ”مڪلي“ نئون ولولو ۽ ولوڙ پيدا ڪري ڇڏيو. استاد بخاري، سرويچ، منشي، گدائي، تنوير عباسي ۽ محمد خان مجيدي ٿر بَر باهه ڀڙڪائي ڇڏي. حيدربخش جتوئي جو نظم ”جيئي سنڌ“ ته قومي تحريڪ جو مستقل ۽ عام مقبول نعرو بنجي ويو. گهر گهر ۽ ڳلي ڳلي ”جيئي سنڌ“ جي گونج گُونجڻ لڳي.
سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو،
سهندو ڪير ميار او يار.
جا ٻولَ تَن کي تڙپائڻ ۽ روح کي گرمائڻ لڳا. سنڌي شاعري سنڌي سپوتن تي فڪري غذا بنجڻ لڳي ۽ ان مان هنن پورو پورو اُتساهه حاصل ڪيو. شاعريءَ کان علاوه ڪهاڻي جي کيتر ۾ ڪهاڻيڪارن به پاڻ ملهايو. امر جليل، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو، آغا سليم، حميد سنڌي، طارق اشرف، ابن حيات پنهور، رسول بخش پليجو، شوڪت ۽ ٻين ڪهاڻيڪارن قومي جذبي کي نوان اُفق عطا ڪيا. اهڙي ريت سنڌ جو تخليقي ۽ تحقيقي سنڌي ادب سنڌي پڙهندڙن جي ذهنن لاءِ نوان چارا ٺاهيندو نوان سج اُڀاريندو رهيو. انهيءَ دور ۾ رسالو ’روح رهاڻ‘ فقط هڪ مخزن نه پر هڪ تحريڪ جو ڪردار ادا ڪري سنڌي ادب ۽ قومي جدوجهد تي وڏو احسان ڪري ويو.
هن دؤر ۾ سياسي پليٽ فارم تي رسول بخش پليجي، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد ۽ حيدربخش جتوئي به پاڻ ملهايو.
چوٿين مارچ جي واقعي ۾ گرفتار ٿيل شاگرد جڏهن آزاد ٿيا ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ نون خيالن، جذبن ۽ اُمنگن جا سفير بنجي ويا. اهڙيءَ ريت اها چڻنگ هڪ شعلو بنجي پئي ۽ اهو شعلو غاصبن ۽ ڦوروئن لاءِ عذاب جان بنجي پيو. تاريخ جا ننڍڙا ننڍڙا واقعا تمام وڏن ۽ عظيم انقلابن جي راهه روشن ڪندا آهن. استاد بخاري پنهنجي هڪ گيت ۾ اهڙي صورتحال جو چٽ ڪجهه هِن ريت چٽيو آهي، جنهن مان ننڍڙين شين جي وڏي اهميت جي سُڌ پوي ٿي.
لُڏندي لُڏي
سچ جي ٻيڙي - پار اُڪاري وجهندي آ
ڍرندي ڍرندي
رات ستم جي - سِج اُڀاري وجهندي آ
دُکندي دُکندي
سَر جي تيلي - ٻيلا ٻاري وجهندي آ
ڇُهندي ڇُهندي
سنهڙي ڇيڻي - ڏونگر ڏاري وجهندي آ