جيل کان رهائي
اسان جا وڪيل صاحبان قانوني صلاح مصلحت ۽ خبر گيريءَ لاءِ اڪثر اسان سان ملڻ ايندا هئا. اسانکي ٻه ٽي ڀيرا مارشل لا وارن وٽ پيش ڪيو ويو. اسان کي جڏهن پوليس جي گاڏيءَ ۾ جيل کان مارشل لا اختياري وارن وٽ وٺي ويندا هئا ته اسان گاڏيءَ جي ڇت سان لڳ ننڍين درين مان جهاتيون پائي ٻاهر نهاريندا هئاسين. اسان پوليس گاڏيءَ ۾ به قومي گيت ڳائيندا اوچا ڳاٽ کڻيو فوجي عملدارن اڳيان پيش ٿيندا هئاسين.
رستي تان لنگهندي درين جي ڄارين تي منهن رکي ”جيئي سنڌ“ جا نعرا هڻندا هئاسين ته ٻاهران بيٺل ماڻهو دور دور تائين پوليس گاڏي ڏانهن پيا تڪيندا هئا، اسان کي ملٽري ڪورٽ وٽ وين مان لاهڻ وقت پوليس نهايت ڦڙتائي ۽ چستيءَ جو مظاهرو ڪندي هئي، گويا پنهنجي فوجي آقائن اڳيان پنهنجي اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندي هئي. اسان هٿڪڙين ۾ ٻڌل جڏهن مارشل لا ڪورٽ اڳيان ايندا هئاسين ته سچ پچ اسان جي ڇاتيءَ ۾ رڪ جهڙي سختي ۽ اسانجي عزم ۾ ڪارونجهر جيڏي اوچائي پيدا ٿي پوندي هئي ۽ اسان سمجهندا هئاسين ته اسان مادر وطن جي سرهائي لاءِ پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهيون، اهو احساس به اسان لاءِ وڏي وٿ ۽ وڏو اعزاز هوندو هو.
جيل جي دنيا به هڪ نرالي دنيا آهي، جنهن ۾ ڪيئي چڪر ۽ ڪئين معاملا ٿين. اڇو چڪر، ڪارو چڪر، بند وارڊ، ڦاسي گهاٽ، اسپتال، ماڙهي، اسپيشل وارڊ، عورتن جو وارڊ، ڪچا قيدي، پڪا قيدي، ڦاسيءَ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل قيدي، آزادي جي انتظار ۾ قيدي، باغ ۾ ڪم ڪندڙ قيدي، قيدين جا خدمتگار قيدي، جن کي برداشتي چئجي، ڌاڙيل، رهزن، چور، سياسي قيدي، وڪيل قيدي جن سان قيدي صلاح مصلحت ڪن ۽ اُهي سندن ڪيسن جا جائزا وٺي کين ٻڌائن ته هن جي ڪيس جو ڇا ٿيندو.
مطلب ته هتي هر رنگ جا ۽ هر ڍنگ جا ماڻهو ملندا. ڪن جي زندگي ڏاڍي تلخ ته ڪي تلخين کي به مٺو ڪريو ويٺا آهن. قصا، ڪهاڻيون، ڳالهيون، داستان، تبصرا، تنقيدون، واکاڻون، گلائون ۽ گاريون. غرض ته وقت گذارڻ لاءِ سڀ مانڊاڻ منڊيا وڃن ٿا. اڪثر ڏٺم ته جنهن قيدي کي خبر پوندي هئي ته هو چند ڏينهن ۾ آزاد ٿيڻ وارو آهي ته سندس منهن تي سچي سرهائي موٽي ايندي هئي ۽ پيو بهار بهار ٿيندو هو. انهي مان انسان جي آزاديءَ پسند نفسيات جو پورو پورو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. قيد، چوديواري جو نالو نه آهي پر انهيءَ احساس جو نالو آهي، جيڪو انسان کي سوچڻ، لوچڻ ڪڇڻ ۽ ڪرڻ جي نسبت کان کسيو ويندو آهي. ماڻهن کي کڻي ڍورن وانگي لوڙهن ۾ واڙجي يا مٿن لانگ بوٽن جي روڊن تي ٺپ ٺڙاڪ ۽ مشين گنن جي نماءُ سان دهشت ڦهلائي پنهنجو مطيع بڻائجي، ٻنهي ۾ ڪو فرق نه آهي.
هڪ ڏينهن شام جو پنج کن ٿيا هئا ۽ اسان جو بحث مباحثو به چوٽان چوٽ هو ته اسان سڀني کي جيل اختياري وارن کان نياپو مليو ته توهان سڀ پنهنجي سامان سميت تيار ٿيو، توهان کي هينئر جو هينئر مارشل لا هيڊ ڪوارٽر ۾ برگيڊيئر آڏو پيش ڪيو ويندو. اسان پنهنجا سامان سهيڙي تيار ٿي ٻاهر آيا سين، پوليس جو وڏو اٽالو ٻاهر موجود هو، اسان کي شهر جي ٻاهران ٻاهران ڦيرائي ملٽري هيڊ ڪوارٽر پهچايو ويو. اسان جي هٿن ۾ پيل هٿڪڙيون لاهي اسانکي هڪ ڪمري ۾ ويهاريو ويو. بعد ۾ اسان مان هر هڪ کي الڳ الڳ اندر ڪمري ۾ موڪليو ويو. جتي برگيڊيئر عبدالحميد، هڪ ڪرنل ۽ هڪ ميجر ويٺا هئا ۽ کين ملٽري يونيفارم بجاءِ خانگي پوشاڪ پهريل هئي. آءُ جڏهن اندر گهرايو ويس ته برگيڊيئر مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ آءُ اُتي پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي رهيس. برگيڊيئر مون کان نالو، تعليم ۽ ڳوٺ بابت پڇا ڪئي. هو نهايت نرم لهجي ۾ گفتگو ڪري رهيو هو. آخر ۾ پڇيائين ته گهر وڃڻ جو ارادو آهي يا وري جيل ڏانهن؟ مون وراڻيو، ”اهو منهنجي نه پر توهان جي وس ۾ آهي.“ چيائين ته ”برابر اهو منهنجي وس آهي پر تنهنجي خواهش کي به ان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو“. مون چيو ته: ”نه آءُ پنهنجي مرضي سان آيو آهيان ۽ نه مرضي سان گهر موٽڻ جو اختيار رکان ٿو.“ برگيڊيئر چَپ ڍولا ڪندي چيو، ”برابر! برابر! چڱو ٺيڪ آهي . هن ڀيري آءُ توکي محض انهي ڪري ڇڏيان ٿو جو تون پهريون ڀيرو جيل ۾ آيو آهين، ٻي دفعي اهڙي غلطي ڪندين ته پوءِ ههڙي رعايت نه ملندءِ. چڱو، تون هاڻي ڳوٺ وڃي سگهين ٿو.“ آءُ ٻاهر اچي ساٿين سان گڏ ويٺس. جڏهن سڀني کان پڇا ڳاڇا ختم ٿي ته مونکي، مسعود پيرزادي، رفيق صفي، شفيق صديقي ۽ شبير نوراني کي رهائي جو پروانو ڏيئي گهر روانو ڪيائون ۽ باقي ٽن ساٿين کي هن ڪار مُنهين سماج جهڙي ڪاري پوليس وين ۾ چاڙهي جيل موڪليو ويو. اسان کي اهڙي رهائي تي ڪابه خوشي محسوس نه ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان جا ٽي ساٿي رها ٿيڻ کان رهجي ويا هئا. سچ پچ پاڻ کي آزاد ٿيڻ کانپوءِ به قيدي سمجهيو پئي. هونئن به هن ملڪ ۾ آزادي جو نالو وڏو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، پر آزادي جو رُوح سان اُنجو ذري جيترو به رشتو نه آهي.
اندر قيدي ٻاهر قيدي
قيدي آهيون سڀ
وارو عالم ۽ وايو منڊل آهي.
مون جيل کان ٻاهر پهچڻ بعد پنهنجن ساٿين نسيم اختر، هدايت حسين، عنايت ڪل شميري ۽ منير سنڌي (ماڻڪ) سان ملاقات ڪئي، جن مون ۽ نديم کي سنڌ جي ٽوئر تي روانو ڪيو. مون ۽ نديم سڄي سنڌ جو ٽوئر ڪندي نوابشاهه، کڏڙو، شاهپور چاڪر، سانگهڙ، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، هالا، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ ڪراچي ۾ دوستن سان ملاقاتون ڪري سنڌ جي ۽ شاگرد هلچل جي خبر ورتي ۽ صلاح مشورا ڪيا. انهيءَ دوري تان موٽي ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ۾ ترسياسين ۽ پوءِ وري ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص وياسين. بهرحال اسان جتي به وياسين ته شاگرد برادري سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ جلسا ۽ ميٽنگون ڪري پنهنجو پروگرام دوستن آڏو رکيوسين. جيل جي تجربن کان به دوستن کان آگاهه ڪيوسين. انهن گڏجاڻين دوران سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخن کي منظم ۽ فعال بنائڻ لاءِ به سوچ ويچار ڪيوسين. اسان انهن دورن جي مڪمل رپورٽ حيدرآباد ۾ هڪ ميٽنگ ڪري دوستن اڳيان پيش ڪئيسين. دوستن وري ٻي ذميداري به مون ۽ نديم کي سونپي ته اسان هڪ هفتيوار اخبار ”پيغام“ شايع ڪرايون. اسان هن ذميداري کي خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ اخبار ”پيغام“ جون ڳچ ڪاپيون ڇپائي فيڊريشن جي سڀني شاخن ڏانهن موڪليوسين. اسان هن اخبار کي ڪيترين مشڪلاتن جي باجود ڪافي وقت تائين ڪڍندا رهياسين. هيءَ اخبار فيڊريشن جي دوستن لاءِ رابطي جي ڪڙي، نظرياتي ۽ سياسي تربيت جو هڪ اهم ذريعو هئي.
انهيءَ دور ۾ وري هڪ ڀيرو ون يونٽ ٽوڙڻ جي خلاف سڄيءَ سنڌ ۾ هلچل شروع ٿي ويئي جنهن ۾ سڄي سنڌ جي ڪارڪن پاڻ ملهايو. انهيءَ هلچل دوران ڪيترائي شاگرد گرفتار ڪيا ويا. منهنجي ۽ خليل بچاڻي جي خلاف به گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا. اسان دوستن جي صلاح ۽ هدايت مطابق انڊر گرائونڊ ٿي وياسين. ڇاڪاڻ ته دوستن جو چوڻ هو ته هن صورتحال ۾ ڪن ڪارڪن جو روپوشيءَ جي صورت ۾ ئي صحيح، پر ٻاهر رهڻ ۽ ڪم جاري رکڻ ضرورت آهي. سندم والد محترم ارباب نور محمد پليجو به انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ موجود هئو، جيڪو اسان کي جيپ ۾ چاڙهي ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي ويو ۽ اسان اتان لڪ ڇپ ۾ ڪراچي روانا ٿي وياسين. ڪراچي پهچندي اسان هڪ دوست مُراد وٽ وياسين ۽ کيس صورتحال کان واقف ڪيوسين. هن چيو ته هيءَ جا اِهي اوهين، آءُ اڳي ئي ڳوٺ لاءِ سنڀريو ويٺو هئس، سو وڃان ٿو، وڌيڪ توهانجا ڀاڳ کٽن. اسان صبح سوير هٿ منهن ڌوئي ڀرواري هوٽل ۾ ناشتو ڪيو ۽ پوءِ لِڪ ڇپ ۾ مختلف هنڌن تي مختلف دوستن سان به ملاقات ڪئيسين. حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن جي تعليمي ادارن جي صورتحال، ۽ سياسي وايو منڊل تي خبرون چارون ٿينديون هيون ۽ دوستن کان گرفتار ٿيل ساٿين جي آزادي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ جلسا جلوس به ڪڍاياسين ۽ اخباري بيان به جاري ڪراياسين. آءُ ۽ خليل، مجيب پيرزادي جي گهر وياسين ۽ سندس والد مرحوم پيرزادي عبدالستار سان به ملاقات ڪئيسين. مرحوم پيرزادي صاحب اسان جو سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ ٻڌائين ته مجيب سکر ويل آهي.
هڪ ڏينهن اسان فليٽ ۾ ويٺا هئاسين ته اخبار واري اخبار ڦٽي ڪئي ۽ اسان اخبار پڙهي ته اخبار ۾ وڏين سرخين سان لکيو پيو هئو ته حيدرآباد پوليس کي گهربل شاگرد ممتاز جنيدي (ممتاز هينئر پيپلزپارٽي ۾ آهي) کي پوليس لياقت آباد جي هڪ سيمينا گهر جي ٻاهران گرفتار ڪري حيدرآباد وٺي ويئي. خبر پڙهڻ کانپوءِ مون خليل ڏانهن ڏٺو ۽ خليل مون ڏانهن نهاري زيرلب مسڪرايو. اسان پنهنجي چرپر کي هاڻي بنهه محتاط رکيو. مراد هاڻي ڳوٺان موٽي آيو هو ۽ اسان کي هن جي غير موجودگي سبب کاڌي پيتي ۽ سامان وغيره گهرائڻ ۾ جيڪا دشواري پيش اچي رهي هئي، سا ختم ٿي ويئي. مراد ايڏو فراخ دل ۽ يار ويس هئو جو وٽس رهندي اسان کي ڪڏهن به اوپرائپ جو احساس نه ٿيو. جيتوڻيڪ هو پيپلزپارٽيءَ جو سخت حامي هئو ۽ اسان پيپلزپارٽي جا مخالف هئاسين ۽ روزانو پيپلزپارٽي جي سياست ۽ خصوصي طرح قومي سوال تي سندس اڻ وڻندڙ پنجاب دوست رويي تي گرما گرم بحث ٿيندو هو، پر ڪڏهن به مراد من ميرو نه ڪيو ۽ نه ئي تنگي يا تنگ نظري جو ڏيکاءُ ڏنو. مراد هڪ بهترين انسان ۽ بهترين دوست آهي. آءُ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي وڏو خوش نصيب سمجهندو آهيان جو مون کي حياتيءَ جي هر موڙ ۽ منزل تي ڏاڍا سٺا ۽ مخلص دوست مليا آهن.
سچا، هڏ ڏوکي ۽ همدرد دوست زندگيءَ جو املهه سرمايو آهن. ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته: ”اهو ماڻهو مسڪين آهي جنهن کي سٺا دوست نه آهن.“
مراد اسان لاءِ سُک ۽ سهوليت جو وڏو وسيلو هو. ڪڏهن ڪڏهن بوريت کي دُور ڪرڻ لاءِ ڪا انگريزي فلم ڏسي وٺندا هئاسين. خليل چوندو هو ته انگريزي فلم ڪنهن خشڪ موضوع واري ڏسبي ڇاڪاڻ ته اهڙي فلم کي ڏسڻ لاءِ پوليس وارا يقيناً نه ايندا هوندا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ انڊر گرائونڊ رهڻ کان ڪڪ ۽ تنگ ٿي پياسين. سوچيندا هئاسين ته کلي عام هلون چلون، پوءِ ڀلي کڻي جيل وڃون، انڊر گرائونڊ يا روپوشي واري ذهني ڪيفيت کان سڌو سنئون جيل ۾ رهڻ بهتر آهي.
جڏهن اسان انهي ذهني ڪيفيت جو اظهار مراد سان ڪيو ته مراد اسان کي احتياط ڪرڻ ۽ ڪنهن اٻهري قدم کڻڻ کان گهڻو ئي روڪيو، پر اسان فيصلو ڪري چڪا هئاسين. انهي ڪري مراد کان موڪلائي حيدرآباد روانا ٿياسين. حيدرآباد ويندي اسان پاڻ کي ڏاڍو فرحت ۾ محسوس ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسان پاڻهي پان تي مڙهيل روپوشيءَ جي ذهني پيڙا کان پاڻ کي آجو ڪرائي چڪا هئاسين. حيدرآباد پهچي اسان پهريائين منهنجي فليٽ تي وياسين ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ خليل جي ڪمري تي پهتاسين.
رات گذاري صبح يونيورسٽي ڪلاسن ۾ به وياسين، جتي ساٿين ٻڌايو ته شروع ۾ ڪجهه گرفتاريون ٿيون ۽ پوءِ ٺاپر ٿي ويئي. اهڙيءَ ريت اسان ٻيهر باقاعدگي سان انڊر گرائونڊ زندگي کي ڇڏي کلي عام ڪم ڪرڻ لڳاسين.
جيئن ته سنڌ جي قومي سوال تي مهاجر ۽ پنجابي ليفٽسٽ/مارڪسوادي ڪامريڊ جو عمل ۽ نقطه نظر مظلوم قومن جي حق خوداراديت جي خلاف هو، انهي ڪري اسان ڄام ساقي وارن کان الڳ ٿي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي نيشنلسٽ گروپ جو نالو ڏيئي الڳ جماعت ٺاهي. انهن ڏينهن سائين جي-ايم سيد سنڌ متحده محاذ به ٺاهيو هو ۽ اسان فڪري طرح قومي سوال کي ترجيح ڏيڻ واري سائين جي ايم سيد جي نقطه نظر جا حامي هئاسين. اسان جي قائم ڪيل نيشنلسٽ گروپ جو صدر شاهه محمد شاهه (جيڪو هينئر پاڪستان نيشنل پارٽي PNP ۾ آهي) ۽ آءُ (عبدالحئي پليجو)سيڪريٽر جنرل چونڊيا وياسين. مون ۽ شاهه محمد شاهه سڄي سنڌ جو دورو ڪري هن شاگرد جماعت جون شاخون مختلف شهرن ۾ منظم ڪيون.
پاڪستان جي سياست ۾ هيءُ دور اهو هو، جڏهن بنگالي به سنڌ وانگي پنجاب جي بالادستي خلاف جدوجهد ۾ مصروف هئا، اسانجا ۽ بنگال جا ڏک درد هڪجهڙا هئا ۽ اسان سڀ هڪ تيغ ستم جا ڪُٺل هئاسين، انهي ڪري اسان به چاهيو ٿي ۽ بنگالي شاگردن به ته اسان مظلومن ۾ ويجهڙائپ پيدا ٿئي. لطيف سائين ته گهڻو اڳ چئي ويو هو:
ڏکيون جان جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
پٽڻ واريون پڌريون ڳاڙها ڳل سندن
ٻيون هوئين هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون.
اهو سبب هئو جو اسان کي ڊاڪا جي شاگردن طرفان ڊاڪا جي هڪ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ملي. آئون ڪن مجبورين سبب وڃي نه سگهيس، پر شاهه محمد شاهه سائين جي ايم سيد جي ننڍي فرزند سائين امداد شاهه سان گڏجي اوڏانهن ويو.
انهي کانپوءِ پنجاب جي هڪ شهر ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ هڪ عظيم الشان مزدور هاري ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مولانا عبدالحميد پلشاني آيو هو. هن ڪانفرنس ۾ نيشلسٽ گروپ طرفان آءُ ۽ شاهه محمد ساهه شريڪ ٿياسين. عوامي تحريڪ طرفان رسول بخش پليجو ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان غلام نبي، غلام قادر پليجو ۽ پناهه جگر سنڌي شريڪ ٿيا. اسان کان سواءِ ٿي سگهي ٿو ته ڪي ٻيا سنڌي وفد به شريڪ ٿيا هجن، پر سندم يادگيري ۾ نه رهيا آهن تنهن ڪري انهن جي نالن ڏيڻ کان قاصر آهيان. اسان اتي گڏجي جيئي سنڌ ۽ سدا جيئي سنڌ جا نعرا هنيا. ٻي ڏينهن اتي آيل ڪراچي ءَ جي هڪ وفد سان ملاقات ٿي. بحث دوران رسول بخش پليجي انهن همراهن کي ڏاڍو هيسو ۽ چيو ته توهان پهريائين پنجاب جي ڳوٺ ڳوٺ تبليغ ڪري پنجابي عوام کي سمجهايو ته توهان ننڍين قومن جا حق غصب ڪيا آهن. اهو سلسلو بند ڪريو. اسان به انهي وفد اڳيان اهو نقط نظر رکيو ته مظلوم طبقن جا حامي مظلوم قومن جا به حامي هئڻ گهرجن. هتي ته ڪامريڊن جو عجيب عالم آهي. قومن جي ڦرلٽ ۽ مظلوميت تي ته سندن ذري جيتري به دل نٿي ڪڙهي، باقي هاري ۽ مزدور جي ڳالهه ڪندي نه پيا ٿڪجن. هن هيڏي وڏي ڪانفرنس ۾ قومن جي مظلوميت جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي ويئي ۽ سنڌ کي ڪابه نمائندگي نه ڏني ويئي.
اسان انهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري موٽي نوابشاهه آياسين. انهي دوران سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ ۽ ون يونٽ ٽوڙائڻ جي سلسلي ۾ جدوجهد شروع ٿي چڪي هئي. انهي جدوجهد ۾ ساري سنڌ جي شاگردن ڀرپور نموني حصو ورتو. سوين ۽ هزارين شاگرد بک هڙتالن تي ويٺا ۽ گرفتار ڪيا ويا. انهي دوران سرڪار ووٽرن جي لسٽن کي اردو ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تي به وڏو احتجاج ڪيو ويو. لالا قادر، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا بک هڙتال تي ويٺا. سڄي سنڌ ۾ انهي مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ بک هڙتالون ڪيون ويون ۽ هزارين شاگردن، هارين ۽ مزدورن سان جيل ڀرجي ويا، نيٺ حڪومت ووٽرن جي لسٽن کي سنڌي ۾ ٺاهڻ جو مطالبو قبول ڪيو. انهي سلسلي ۾ آءُ به گرفتار ڪيو ويو هئس. اڳي اسان جڏهن گرفتار ٿيا هئاسين ته فقط اٺ ڄڻا هئاسين پر هينئر سوين هئاسين ۽ انهي واڌاري ۽ سجاڳيءَ تي اسان کي سرهائي هئي. انهي ساڳئي وقت ۾ يحيٰ خان جي ملٽري حڪومت ون يونٽ ٽوڙڻ جو به اعلان ڪيو. گرفتار ٿيل سڀ شاگرد ۽ پورهيت ۽ سياسي ماڻهو آزاد ڪيا ويا.
عرض ته سنڌي شاگردن جي بي پناهه قربانين ۽ اڻ ٿڪ محنتن جي نتيجي ۾ قومي حقن جي حاصل ڪرڻ جو شعور گهر گهر پهچي ويو. اڄ جيڪي سياسي جماعتون ۽ شاگرد جماعتون قومي حقن جي جنگ ۾ مصروف آهن، سي ماضيءَ جي سلسلي جو هڪ حصو آهن. اڄ جي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، جيڪا موجوده وقت ۾ قوم پرست سنڌي شاگردن جو وڏو مورچو آهي سا سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (نيشنلسٽ گروپ) جي ترقي يافته شڪل آهي. اڄ سنڌ ۾ شاگردن جون مختلف جماعتون سرگرم آهي. جهڙوڪ جساف-سپاف، سنڌي شاگرد تحريڪ، وطن دوست اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، ڪنفيڊرل اسٽوڊنٽس آرگنائيزشن، سنڌ ساگر شاگرد جماعت وغيره وغيره.
انهن جماعتن جي ڪارڪردگي تي ايندڙ وقت ۾ ڪو ليکڪ قلم آرائي ڪري سنڌي شاگرد سياست جي هن دستاويز کي مڪمل ڪندو، هن ڳالهه چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سنڌ جي قومي سياست کي پنهنجي رت ست سان سائي ۽ سگهاري بڻائڻ ۾ سنڌي شاگرد جماعتن وڏو ۽ يادگار ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ ۾ قوم پرستيءَ جو فروغ سنڌي شاگردن جي طفيل ٿيو آهي ۽ اڄ به قومي جدوجهد جو مُهڙ وارو دستو شاگرد ئي آهي. 4 مارچ کان وٺي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن تائين لَهو جي لڪير صراط المستقيم بني بيٺي آهي.
اسان جي ڪيترن ئي شاعرن سنڌي شاگردن جي انهي جاکوڙ ۽ قربانين کي ساراهيو آهي. انهن جا چند مثال هيٺ ڏجن ٿا.
چوٿين مارچ جيڪو سنڌي شاگرد سياست ۽ قومي جدوجهد جو يادگار علامتي ڏينهن اهي، انهي تي لکيل چند منتخب شعر اجهو هي آهن:
بيت
شيخ ”اياز“
اُڀري ايندا هو اوچتو ڌرتيءَ جا لالَ،
آءُ ڏسان ٿو ڀُونءِ تي ايندا جي ڀُونچال،
ماڻهو، مڏيون، مالَ، ڊاهي هڻندا ڍير ۾.
*
آئون ٿو ڏسان ڀُونءِ تي اڄ به سو انسانَ،
اُڀري ايندو باک سان جيڪو سج سمان،
ناهي تِر به گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾.
*