ڊاڪٽر افغان ڪيس ۽ ردعمل
انهيءَ قدم تي سڄي سنڌ جي شاگرد برادري ۾ ڪاوڙ ۽ ڌڪار جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ شاگردن جي مڙني جماعتن ترت ئي حڪومت کان ڊاڪٽر صاحب جي آزادي جي گهر ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب جي همدرد شخصيت انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو جي شاگردن تي پدرانه ڇپر ۽ ڇانوَ جي حيثيت رکندي هئي ۽ شاگرد کيس پنهنجي شفيق پيءُ مٽ سمجهندا هئا. ڊاڪٽر صاحب هڪ امتيازي حيثيت رکندڙ عالم آهي ۽ پاڻ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ 1965 جي پڇاڙيءَ ۾ آيو. پاڻ هڪ سال لاءِ وائيس پرنسپال ۽ پروفيسر ٿي رهيو ۽ 1966 جي آخر ڌاري کيس پرنسپال بڻايو ويو. هن جي رات ڏينهن جي والهانه پورهئي ۽ خدمت سبب ڪاليج پنهنجي چڱي اوج تي رسيو ۽ دنيا جي ناليرن ڪاليجن مان هڪ ليکجڻ لڳو. ڊاڪٽر صاحب کي ڪاليج جي سڌاري ۽ ترقي جو ڏينهن رات اونو هوندو هو، کيس ناچاڪي جي حالت ۾ به ڪاليج جو ڪم ڪندي ڏٺو ويو. ڄڻ هن پنهنجي صحت کان ڪاليج کي وڌيڪ اهميت ٿي ڏني.
ڊاڪٽر صاحب شاگردن مان جيڪي غريب ۽ بي سفارشي هوندا هئا انهن جي ذاتي طرح پرگهور لهندئو ۽ هڙان وڙان سندن مدد ڪندو هئو. انهي ساري پورهئي ۽ لگن پويان هيءُ جذبو ڪارفرما هئو ته سنڌي ماڻهو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ گهڻو پوئتي آهن ۽ انهن کي اڳيان وڌائڻ جي شديد ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ دور سائنس ۽ هنر جو دور آهي. هن دور ۾ اُها قوم ترقي ڪري سگهندي جيڪا سائنسي کيتر ۾ پاڻ موکيندي.
اِها ڳالهه سنڌي ماڻهن عموماً ۽ سنڌي شاگردن لاءِ خصوصاً افسوسناڪ هئي، جو ڊاڪٽر صاحب جهڙي ماڻهوءَ جي محنتن ۽ خدمتن کي وساري اُن کي جڙتو ڪيس ۾ ڦاسايو ويو. سنڌي شاگردن ڊاڪٽر صاحب جي آزاديءَ لاءِ گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون ڪيون. انهيءَ هلچل هلندي هيءَ نعرو عام ٿي ويو، ”سنڌ جي جان، ڊاڪٽر افغان.“ انجنيئرنگ ڪاليج جي سڀني پروفيسرن، ريڊرن ۽ ليڪچررن ڊاڪٽر صاحب جي گرفتاري خلاف احتجاجن نوڪرين تان استعيفائون ڏيئي ڇڏيون.
شاگردن جلوس ڪڍيا، نعرا هنيا، پمفليٽ ورهايا، چاڪنگ ڪئي ۽ اخباري بيان جاري ڪيا پر سرڪار جي ٻوڙڻ ڪنن تي ڄڻ ته پڙلاءُ ئي ڪو نه پيو. شاگردن جا ڪيترا وفد اختياري وارن سان ملڻ لاءِ ويا، پر فرعون صفت اختياريءَ وارن کين کيڪاريو به ڪين.
شاگردن جو هڪ وفد گورنر سان ملڻ لاءِ ڪراچي ويو، پر گورنر ساڻن ملاقات ئي نه ڪئي. نيٺ شاگردن ٻيو چارو نه ڏسي ايڪشن ڪميٽي ٺاهي ۽ سموري سنڌ ۾ بک هڙتالن لاءِ اپيل ڪئي. سڄي سنڌ ۾ ڏسندي ڏسندي بک هڙتالن جو سلسلو ڦهلجي ويو ۽ وڏي پئماني تي گرفتاريون به ٿيون. اڳوڻن بک هڙتالن وقت بک هڙتالين کي فوري گرفتار ڪيو ويو هو، پر هينئر ٽين ڏينهن گرفتار ڪيو پي ويو. اڳي شاگرد بک هڙتال دوران ڦلن جو رس پيئندا هئا، پر هن ڀيري پوليس جو پهرو بيهاريو ويو ۽ بک هڙتالين کي رس به پيئڻ کان روڪيو ويو، جنهن ڪري بک هڙتالين جي حالت بگڙندي ويئي ۽ کين اسپتال داخل ڪيو ويو.
بک هڙتالي شاگردن مان ٻن يعني اسماعيل شاهه ۽ سڪندر شاهه جي حالت ته بنهه خراب ٿي ويئي هئي. انهي تحريڪ هلندي فقط بک هڙتالين کي گرفتار نه ڪيو ويو، پر ٻين به ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گرفتار ڪري جيل ماڻيو ويو. انهن مان ڪجهه شاگردن جا نالا هي آهن، مس اختر بلوچ، نسيم سنڌي، لالا قادر، مسعود پيرزادو، عثمان پليجو، رفيق صفي، علي اڪبر بروهي، روشن پنهور، نثار پانڌياڻي، اسماعيل اڍيجو، ارباب سنڌي، يونس سومرو، عبدالڪريم انصاري، ضياءَ الدين دائود پوٽو، انور الدين، غلام حسين، عبدالحفيظ، ولي احمد، غلام محي الدين، الهه وسايو، محمد عيسيٰ، محمد رفيق لغاري، محمد اعظم، عبدالفتاح چنڊ، ظهير الدين، راڻو خان ڀٽو، سليم سنجراڻي، نثار قريشي، حضور بخش ميمڻ، قربان علي شاهه.
ياد رهي ته هن ڀيري شاگردن کي فقط جيل ڀوڳڻ جي سزائن ڏيڻ تي بس نه ڪئي ويئي، پر انهن تي تمام ڳرا ڏنڊ به وڌا ويا. جي شاگردن کي جيل ۽ ڏنڊ جون سزائون ڏنيون ويون اُهي هئا:
لالا قادر: هڪ سال ٽيپ ۽ پنج هزار رپيا ڏنڊ.
شاهنواز : هڪ سال ٽيپ ٽي هزار ڏنڊ.
اسرار احمد: هڪ سال ٽيپ ٽي هزار ڏنڊ.
عبدالنبي: هڪ سال ٽيپ چار هزار ڏنڊ.
عبدالخالق: هڪ سال ٽيپ چار هزار ڏنڊ.
محمد يوسف: هڪ سال ٽيپ ٻه هزار ڏنڊ.
علي نواز شاهه: هڪ سال ٽيپ ٻه هزار ڏنڊ
جاويد احمد: هڪ سال ٽيپ ٽي هزار ڏنڊ.
شبير احمد: هڪ سال ٽيپ ٻه هزار ڏنڊ.
امير الدين: هڪ سال ٽيپ ٽي هزار ڏنڊ.
مظهر علي جويو: هڪ سال ٽيپ ٻه هزار ڏنڊ.
راجا غلام حسين: هڪ سلا قيد هڪ هزار ڏنڊ.
عبدالرحمان: هڪ سال قيد ٻه هزار ڏنڊ.
سڪندر علي: هڪ سال قيد ٻه هزار ڏنڊ.
فقير علي محمد: هڪ سال قيد ٽي هزار ڏنڊ.
شيام لال: هڪ سال قيد پنج هزار ڏنڊ.
هن ڀيري سنڌي شاگردن سان گڏ ڪجهه مهاجر شاگرد به بک هڙتال تي ويٺا.
ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج هميشه جيان هن دفعي به بک هڙتالي واري معاملي ۾ سڀني کان اڳڀرو هو. بُک هڙتالن سان گڏ حيدر چوڪ وٽ پُرامن مظاهرا به ڪيا ويا. انهن مظاهرن جي ڏوهه ۾ ستن شاگردن، هڪ هاري ۽ هڪ مزدور اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو. اِنهن جا نالا ۽ کين مليل سزائن جو ليکو هيٺ ڏجي ٿو.
مير ٿيٻو: هڪ سال قيد ست هزار ڏنڊ
اميد سومرو: هڪ سال قيد چار هزار ڏنڊ
احمد خان جمالي: هڪ سال قيد ڇهه زهار ڏنڊ.
ممتاز: هڪ سال قيد ٻه هزار ڏنڊ
علي احمد مزدور اڳواڻ: هڪ سال قيد 10 ڪوڙا
پرويز احمد ميمڻ: هڪ سال قيد ٽي هزار ڏنڊ
الجهڙيو هاري اڳواڻ: هڪ سال قيد 10 ڪوڙا
رحمت علي: هڪ سال قيد ٽي هزار ڏنڊ
عبدالحڪيم: هڪ سال قيد هڪ هزار ڏنڊ
گذريل سال وانگر هن سال به سنڌ يونيورسٽي ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جا شاگرد يونيورسٽي، ڪاليج ۽ پرائيويٽ بسن ذريعي ڀلاري، ڀٽ ڌڻي جي ميلي تي پهتا.
شاگردن ميلي تي آيل سنڌي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪرن تي جڳهه جڳهه تقريرون ڪيون. اِنهي کانسواءِ پمفليٽ، بيج ۽ ڪتابڙا تقسيم ڪيا. اِهو سلسلو ميلي وارن ڏينهن ۾ روزانه جاري رهيو. ميلي جي پڇاڙڪي ڏينهن تي پوليس شاگردن کي پمفليٽ ورهائيندي گرفتار ڪيو. دوستن جي مشوري تي صورتحال جو اندازو لڳائيندي ڄام ساقي پوليس کان کسڪي ويو ۽ باقي مهر حسين شاهه، رفيق صفي، شبير نوراني، مسعود پيرزادو، شفيق صديقي، مير ٿيٻو ۽ آءُ (عبدالحئي پليجو) گرفتار ڪيا وياسين. اسان کي پهريائين ڀٽ شاهه ٿاڻي تي پاڇا ڳاڇا لاءِ رکيائون، جتي DSP راجا اسان کان پڇا ڳاڇا ڪئي. اُتان کان اسان کي SHO محمد صديق شورو هالا پوليس اسٽيشن وٺي ويو جتي اسان کي لاڪپ ڪيو ويو. (SHO محمد صديق شورو ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ تيرهن سئو بدعنوان عملدارن سان گڏ نوڪري مان ڪڍيو ويو. وري ڪجهه سالن بعد ڀٽي صاحب جي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي ڪوٽڙي واري تڪ مان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو.)
رات جو اسان وٽ مخدوم اعجاز آيو، جنهن چيو ته توهان کي جيڪا به شئي کپي ٻڌايو ته اسان اوهان کي آڻي ڏيون. اسان سندس مهرباني مڃيندي فقط هي عرض ڪيو ته هنن ٽيليفون نمبرن تي اسانجي والدين ۽ واسطيدارن کي اطلاع پهچائي ڇڏجو. اهو ڪم مخدوم اعجاز وڃڻ شرط ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪيترن جا والدين صبح سوير پهچي ويا. هن اسان لاءِ رات جي ماني به موڪلي. لاڪپ ۾ اسان سان گڏ ٻه ٻيا به ماڻهو هئا، جن کي چوريءَ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ٻي ڏينهن صبح جو مختيارڪار هالا کان اسان جي چوڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ ورتو ويو.. اڌ رات جو جڏهن سارو لوڪ سپنن جي سنسار ۾ کويل محو خواب هئو ته اسان کي هڪ بند ٽرڪ ۾ هالا کان کڻي حيدرآباد سٽي ٿاڻي جي هڪ سوڙهي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو. اسان کي آڻڻ لاءِ پوليس جو وڏو اٽالو موڪليو ويو هو. جنهن مان سرڪار جي سراپ جو پتو پيو ٿي. اسانجي منتقلي واري ڳالهه کي ڳجهه ڳوهه ۾ رکيو ويو هو، جنهن ڪري اسانجي رشتيدار ۽ ساٿي شاگرد ملاقات لاءِ ٻه ٽي ڏينهن هالا جا چڪر ڪاٽيندا رهيا، ٻه ٽي ڏينهن بعد کين خبر پئي ته اسان سٽي لاڪپ حيدرآباد ۾ مهمان آهيون.
اسان جي گرفتاريءَ خلاف سنڌ يونيورسٽي، انجنيئرنگ ڪاليج ۽ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اسان وٽ لاڪپ تي عزيزن قريبن، دوستن، شاگرد ساٿين ۽ ورڪرن جون قطارون لڳيون پيون هونديون هيون، جنهن ڪري انتظاميا لاءِ اسين اتي به مٿي جو سور بڻجي پياسين ۽ هنن جند ڇڏائڻ لاءِ اسان کي سينٽرل جيل موڪليو، جتي ڪجهه ڏينهن بعد ڄام ساقي به گرفتار ٿي اچي ملاقات ٿيو.
جيل اندر اسان جي روز جي ريت هوندي هئي ته صبح سوير اُٿي وهنجي، سنجهي تيار ٿي ويهندا هئاسين ته رضو ڀنڀرو ۽ سندس ساٿي اسان لاءِ چانهه تيار ڪري کڻي ايندا هئا. چانهه گهڻو ڪري کير بنا يعني سليماني هوندي هئي، پر ڏاڍي مزيدار هوندي هئي. مونکي ته حياتيءَ ۾، وري اهڙي مزيدار چانهه نصيب نه ٿي.
مون مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”غبار خاطر“ ۾ چانهه جي تعريف بابت پڙهي هڪ ڀيرو سوچيو هو ته ڇا چانهه به ڪا اهڙي شئي آهي جنهن جي مولانا صاحب جهڙو ماڻهو ايتري تعريف ٿو ڪري. پر هيءَ چانهه پي انجي چس تي آءُ به چريو ٿي پيس، اسان وٽ ڳوٺن ۾ اڳي چانهه کي دوا طور استعمال ڪيو ويندو هو يعني ڪنهن کي جيڪڏهن ٿڌ ۽ تپ ٿي پيو ته سليماني چانهه ۾ ليمي جو رس وجهي پياربو هو ته طبيعت بحال ٿي ويندي هئي. هڪ دفعو پوءِ مون هڪ ميڊيڪل جرنل ۾ چانهه تي هڪ مضمون پڙهيو هو، تنهن ۾ به لکيل هو ته Tea is rather medicine (چانهه ته هڪ دوا آهي.) سنڌ اندر اپر سنڌ جي ڀيٽ ۾ لوئر سنڌ (لاڙ) ۾ چانهه جو استعمال زياده آهي. شايد گهميل آبهوا جي ڪري پيدا ٿيندڙ جسماني ٿڪاوٽ ۽ سستي کي دور ڪري ٿي. انهيءَ کان پوءِ حجام ايندو هو ۽ اسان سڀني جو شيو (Shave) ڪندو هو.
هونئن گهر ۾ ته پهريائين شيو، پوءِ غسل ۽ پوءِ ماني کائبي هئي، پر هتي جيل ۾ ته سڀ سلسلا اُلٽا ۽ اُبتڙ ٿي ويا هئا، ڇاڪاڻ ته هيءَ دنيا ئي ٻي هئي. پاڻ جهڙن ٻن ڪنن، ٻن اکين، ٻن هٿن ۽ پيرن وارن ماڻهن اڳيان بي وس ۽ لاچار هئاسين. شايد اهو ڪيتو انهي جو لوڙي رهياآهيون جو جڏهن اسان (انسانن/عوام) ”روسو، جي معاهدي عمراني تحت پنهنجي Will ٻيٽ اڳيان يا ٻين جي ٺاهيل نام نهاد قانون ۽ ضابطن اڳيان ڦٽي يا Surrender ڪئي هئي. اسان عوام، قانون، حڪمران ۽ آئين جي تقدس ۽ زوراوري اڳيان ذهني طرح ايترا هيڻا ۽ هيسيل ٿي ويا آهيون، جو اُٿندي ويهندي پيا ڊڄون، پر جيڪي ڏاڍا آهن تن لاءِ قانون ڪوريئڙي جي ڄار آهي. ڏاڍ سان ٽڪرائجڻ لاءِ ڏاڍو ٿيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته لوهه ئي لوهه کي ڪٽيندو آهي. ڪامريڊ مائوز تنگ لکيو هو ته:
”توهان جيڪڏهن بندوقن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهرو ٿا ته بندوقون کڻو.“
ملاقاتن جو سلسلو به تقريباً روزانو هوندو هو. ٻنپهرن جي ماني سڀني لاءِ شفيق صديقيءَ جي گهران ايندي هئي. ماني ست رڇي ۽ بنهه لذيذ هوندي هئي. ماني کائڻ کان پوءِ ڪجهه وقت مطالعي ۾ مصروف رهندا هئاسين ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي بحث مباحثو ڪندا هئاسين. رفيق صفي جيڪو ان وقت جو تمام سٺو مقرر هو ۽ آل پاڪستان يونيورسٽي تقريري مقابلي ۾، جيڪو ڊاڪا ۾ ٿيو هو، پهريون نمبر انعام کٽي آيو هو، سو ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو تيز هوندو هو (رفيق صفي تازو ڏهه سال ٽيپ ڪاٽي آزاد ٿيو ۽ پيپلزپارٽي وابسته آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل کيس ضمير جو قيدي قرار ڏنو هو. پاڻ هن وقت انساني حقن جي حفاظت لاءِ به سرگرم آهي.) شاگرد اڳواڻ مهر حسين شاهه به تقرير جو ڀلوڙ هوندو هو ۽ مطالعو به هئس، ڄام ساقيءَ جو به مطالعو سٺو هو پر تقرير ۾ ايتري رواني نه هئس. سياستدانن وانگي توري تڪي ڳالهائيندو هو ۽ سندس گفتگو ۾ استدلال هوندو هو. ڪامريڊ سوڀي جي گفتگو جي انداز کان متاثر هو، ڄام جهڙو هو سياسي بحٿ ۾ ڀڙ، تهڙو ئي پهرين نمبر جو چرچائي. کِلائي کِلائي پيٽ ۾ ڳنڍيون وجهي ڇڏيندو هو. اڪثر سياسي لطيفا جام ٻڌائيندو هو، اسان جيل ۾ اڳ آيا هئاسين ۽ ڄام پوءِ سانگهڙ مان گرفتار ٿي آيو. اسان ويٺا هئاسين ته پريان ئي ٽهڪ ڏيندو آيو، ملياسين، خبرون چارون ڪيون سين ۽ پوءِ پاڻ پنهنجي گرفتاريءَ جو سرربستو احوال ٻڌايائين ته انور نظاماڻي کان موڪلائي ٽانگي مان سانگهڙ جي بس اسٽاپ تي اڃان پير مس رکيم ته پويان هڪڙي همراهه جيڪو سي آءِ ڊي جو سپاهي هو، تنهن پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته: ”جام صاحب! آپ سے مل کر، بہت خوشی ہوئی!“ ڏٺم ته پريان پوليس جو وڏو اٽالو بيٺو هو. يڪدم جواب ڏنو مانس، ”جناب، مجهے تو آپ سي مل کر بلکل خوشي نہیں ہوئي.“ بهرحال اهو احوال ڪافي دير تائين جاري رهيو.
شاگرد دؤر ۾ منهنجو ڄام سان ڪافي وقت تائين واسطو رهيو. آخري وقت ۾ ذهني طور تي قومي لاڙي وڌڻ ڪري جيئن ئي سنڌ سان تعلق قائم ٿيو. منهنجي پهرين ملاقات ڄام ساقي سان مسلم هاسٽل جي ڊائننگ هال جي ٻاهران ڇٻر تي ٿي. اُنهي وقت مون ۽ مراد جوڻيجي گڏجي يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي هئي. پاڻ اِها خبر اخبار ۾ پڙهي هئائين ۽ چيائين ته مون ٻين دوستن سان به ڳالهايو آهي. اچو ته گڏجي ڪم ڪريون. مون کيس چيو ته ٻين ساٿين سان صلاح بعد کيس جواب ڏيئي سگهندس.
ساڻس هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا منهنجي جڳهه تي يا سندس جڳهه تي ملاقات ٿيندي هئي، جتي مختلف ڪتابن تي بحث ۽ موجوده حالتن تي راءِ زني ٿيندي رهندي هئي. ڄام جي معرفت منهنجي مرحوم ڪامريڊ عنايت ڪشميري، هدايت حسين، مير ٿيٻو، مرحوم منير احمد ميمڻ (جيڪو ادبي دنيا ۾ ماڻڪ جي نالي سان معروف ڪهاڻيڪار ٿيو ۽ جوڀن ۾ ئي لاڏاڻو ڪيائين) سان واسطا ٿيا جن سان به سياسي ۽ نظرياتي بحث مباحثا ٿيندا هئا. ڄام سان بعد ۾ قومي سوال ۽ مٿس مهاجر پنجابي ڪامريڊن جي ذهني ڇاپ جي ڪري اختلاف ٿي ويا، پر ان دور کان اڄ تائين اسان ياري جو رشتو نه ڇنيو آهي. ملندو آهي ته روايتي چمي ضرور وهائي ڪڍندو آهي ۽ ڏاڍي اڪير ڏيکاريندو آهي. پاڻ هينئر آزاد ٿيڻ کان اڳ جڏهن جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ زير علاج هو ته ساڻس ملاقات ٿي. عجيب اتفاق هو ته ساڳين ڏينهن ۽ ساڳئي اسپتال ۾ سائين جي- ايم-سيد، رسول بخش پليجو ۽ ڄام ساقي زير علاج هئا. ياد ٿو اچيم ته جڏهن سائين جي-ايم-سيد سنڌ جي دوري تي نڪتو هو ته ڪينجهر تي عبدالحڪيم شاهه (مرحوم) سونڊن واري سائين جي دعوت ڪئي هئي ۽ آءُ ڄام سان گڏ آيو هئس. اسان ڪجهه وقت سائين وٽ رهڻ بعد واپس هليا وياسين، پر بابا صاحب( ارباب نور محمد مرحوم) دوري ۾ سائين سان گڏ هو. منهنجي والد صاحب جا سائين جي ايم سيد سان تمام پراڻا نيازمندانه ناتا هوندا هئا ۽ سائين جي ڪيترن ڪتابن جو ڇپائيندڙ بابا سائين هو. ذاتي نوعيت جا ڪم هجن يا سياسي معاملا، بابا هر وقت، هر حال ۾ سائين جي ساٿي رهيو. سائين به ڪيترائي ڀيرا پنهنجا ڀالَ ڀلائي اسانجي تڏي تي آيو. سنڌ جي هن يڪتا بي لوث خادم ۽ محب وطن جي قرب ۽ آمد کي اسان هميشه پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهيو آهي.
اسان سياسي ميدان ۾ نوان ۽ جونيئر هئاسين. ڄام اسان ۾ نسبتاً پختو هو. مير ٿيٻو قد جو ڇوٽو، پر ذهين ۽ هوشيار هوندو هو ۽ نظرياتي ماڻهو هو. انهن جي ڀيٽ ۾ آئون، مسعود پيرزادو، شفيق صديقي ۽ شبير نوراني(پويان ٽيئي هينئر انجنيئر آهن،) بحث مباحثي ۾ گهٽ حصو وٺندا هئاسين. شبير ته اڪثر مون سان ڪچهري ڪندو هو ۽ چوندو هو ته يار هي ڪي همراهه چريا آهن. سڄو وقت سياست جو ڀوت سوار اٿن جهڙوڪر سياست کان ٻيو ڪو ڌنڌو ئي نه هجين.
شفيق ۽ مسعود ڏاڍي سُلجهيل ۽ سلڇڻي سڀاءُ وارا هئا. ڪڏهن به ڪنهن سان تيز ٿي نه ڳالهايائون. شفيق جو چاچو حنيف صديقي جيڪو هڪ سٺو اديب آهي ۽ انگريزيءَ مان ڪيترا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس مثلاً جيمس برنس جو ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“. اُهو به شفيق سان ملاقات لاءِ آيو هو.
جيل جا اُهي ڏينهن، اُهي ڪچهريون ۽ مارڪا ۽ اُهي يار ڏاڍا ياد اچن ٿا.
سکر سي ئي ڏينهن جي مون گهاريا بند ۾
وسايم وڏ ڦڙا مٿي ماڙين مينهن
نيئر منهنجو نينهن اُجاري اڇو ڪيو.
)لطيف(
جيل سياسي ورڪر لاءِ سکيا جو گهر آهي. خصوصاً ان وقت جڏهن ٻيا سياسي ورڪر يا ساڃهه ڀريا ماڻهو گڏ هجن. جيل ۾ پڙهڻ جو موقعو به موچارو ملي ٿو. بحث ته پيا هلندا هئا. رات جو ننڊ اچڻ تائين سلسلو جاري رهندو هو. رات جو اسان کي ڪوٺين ۾ بند ڪندا هئا، سو به ٻڌيءَ ۾ نه پر ايڪي جي حساب ۾ يعني ٻه، چار، ڇهه، اٺ نه پر، هڪ، ٽي، پنج، ست وغيره. اهڙيءَ ريت هر رات هڪ ساٿي کي اڪيلو رهڻو پوندو هو، اڪثر همراهه اڪيلائي کان نٽائيندا هئا، بشير نوراني يا ڄام ئي اڪثر اڪيلا بند ٿيندا هئا.
مسعود پيرزادو به هڪ بامروت، يار ويس، با اخلاق ۽ يارن جو يار ۽ هٿ جو کليل هوندو هو. انهن ڏينهن هيسباڻي درگاهه جي چوڏهن فقيرن کي به گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو هئو. انهن جو ڏوهه هيءَ هئو ته اهي روزانو يحيٰ خان تي لعنت جا نعرا هڻندا هئا. هن دور ۾ ون يونٽ جي ڪري پنجاب ۽ ملٽري خلاف ماڻهن ۾ گهڻو تاءُ هئو، پنجابي حڪمرانن ڪوشش ڪري رهيا هئا ته دڙڪي داٻ ۽ اٽڪل سٽڪل سان ماڻهن جي جذبات کي ماٺو ڪجي. ون يونٽ اهڙو مسئلو هو جو هڪ طرف بنگال کان، جيڪو ڪثير آبادي وارو صوبو هئو دٻاءُ پئجي رهيو هو ته ٻي طرف سنڌ ۾ سڀ وڏيون بااثر سياسي ڌريون سائين جي ايم سيد سان گڏ متحده محاذ ۾ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ اچي شامل ٿيون هيون. انهي جو مظاهرو 1969ع ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي بنگلي تي حيدرآباد ۾ ٿيل متحده محاذ جي اجلاس ۾ ٿيو، جتي سنڌ جا چونڊ وڏيرا ۽ پير، سياسي ورڪر ۽ اديب اچي گڏ ٿيا. اهو ميڙ حڪمرانن لاءِ هڪ ڇرڪائيندڙ خواب هو، اهو اتحاد جيڪڏهن قائم رهي ها ته پنجاب لاءِ هتي بنگال جهڙي صورتحال پيدا ٿي پوي ها يعني قوم پرست قوتون وڌيڪ سگهاريون ٿي وڃن ها ۽ چونڊن ۾ انهن کي وڏي ڪاميابي ٿئي ها. انهي ڪري پنجابي حڪمرانن جي پاليسي سازن هن تحريڪ کي ٻن طرفن کان ڇيهو رسايو. هڪ ته ون يونٽ کي فوري طرح ٽوڙڻ جو اعلان ڪري متحده محاذ جي مشن جو انت آڻي ڇڏيو ۽ ٻيو ته ڀٽي صاحب کي اڳيان آڻي طبقاتي سياست جي پٺڀرائي ڪري ماڻهن کي پيٽ گذر جي فوري معاملن ۾ اُلجهائي ڇڏيو، صدين جو ستايل سنڌي ماڻهو ڀٽي صاحب جي ذات ۾ پنهنجو نجات ڏياريندڙ ڏسڻ لڳو، پيپلزپارٽي جي دلپذير نعرن ته ”اسان اقتدار ۾ اچي ٽپڙ ورهائينداسين. نه غريب غريب رهندو ۽ نه امير امير مساوات قائم ٿي ويندي.“ ماڻهن کي ڪشش ڪئي ۽ ماڻهن جي هجومن کي پ پ ڏانهن ويندو ڏسي متحده محاذ ۾ ويٺل سڀ وڏيرا ڍنڍ جي پکين وانگي اُڏامي وڃي ٻي ڪنڌيءَ ويٺا. ايتريقدر جو متحده محاذ جو سيڪريٽري آغا غلام نبي پٺاڻ به پ پ ۾ وڃي شامل ٿيو. پر پ پ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن نه کٽي سگهيو. مولا بخش سومري هٿان شڪست کاڌائين. متحده محاذ ۾ سائينءَ سان فقط مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي جو پُٽ محترم غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ چند ورڪر ساٿي وڃي بچيا. جن ۾ شاگردن جو تعداد وڏو هو، در حقيقت سنڌ ۾ شاگردن ئي سيد جي قومي پروگرام کي اڳيان وڌايو آهي. اڄ به جيئي سنڌ تحريڪ جي وڏي قوت شاگرد آهن.
ياد رهي ته سنڌ جي قومي تحريڪ کي اڳيان وڌائڻ ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن جو به وڏو هٿ آهي. خاص طرح ”روح رهاڻ“ جا ساليانا جشن ته ڪنهن نمائنده هلچل کان گهٽ نه هوندا هئا. بسنت هال (جيڪو مشهور ٿياسافسٽ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي نالي سان منسوب آهي) ۾ هر سال ترقي پسند سنڌي اديبن ۽ شاعرن جو وڏو ميڙ ٿيندو هو. سڄو ڏينهن تقريب هلندي هئي. رات جو مشاعري جي محفل ۾ سنڌ جا ناميارا ۽ نوان شاعر پنهنجو ڪلام ٻڌائيندا هئا. شيخ ”اياز“ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنهنجو تازو ڪلام بر زبان ياد ٻڌائيندو هو، سندس شعر پڙهڻ جو انداز ۾ به عجيب تاثر ۽ انفرادايت هوندي هئي. ٻڌندڙن تي سڪتوطاري ٿي ويندو هو. اها شاعري نوجوان نسل ۾ نئون جوش جاڳائي رهي هئي ۽ نوان گس ۽ پيچرا ٺاهي رهي هئي ۽ نوان اُفق روشن ڪري رهي هئي. ”اياز“ جو آواز ڪنهن از غيبي روح جيئن جوانن جي اندر ۾ سمائجي رهيو هو. هنن مشاعرن ۾ عدالڪريم گدائي، نياز همايوني، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، استاد بخاري، فتاح ملڪ، غلام حسين رنگريز، ملڪ نديم، تنوير عباسي، پروانو ڀٽي، شمشيرالحيدري وغيره به جذبو جاڳائيندڙ ڪلام ٻڌائيندا هئا. اهڙي طرح نئين ٽهيءَ جي نوجوان جي ذهني اوسر ۾ روح رهاڻ جي جشنن سان گڏ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۽ تقريبن به وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهي دور ۾ سڄي سنڌ اندر ”سنڌي شام“ ملهائڻ جو رواج پيو، جنهن ۾ اديب، شاعر، دانشور ۽ سياستدان سڀئي قومي مسئلن تي خيال آرائي ڪندا هئا. غالباً انهيءَ سلسلي جي ابتدا سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج کان ٿي جيڪا سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويئي.
انهي کان سواءِ وطن دوست اديبن، شاعرن ۽ سياستدان جن اوطاقن ۾ به ادبي، علمي ۽ سياسي نوعيت جون ڪچهريون ٿينديون هيون. خاص طرح حفيظ قريشي جي گهر، رسول بخش پليجي جي آفيس، جويي محمد ابراهيم جو گهر، حميد سنڌي جي روح رهاڻ واري آفيس، ليکڪ جو فليٽ، ڄام ساقي ۽ يوسف لغاري جي رهائش گاهه، مسعود نوراني، مجيب پيرزادي خليل بچاڻي، اعجاز قريشي ۽ ملڪاڻي بردارس جا روم ۽ جمال رند جو گهر وغيره. هڪ ڀيرو محترم حفيظ قريشي جي گهر جي ڇت تي چڱو موچارو مشاعرو به ٿيو، جنهن ۾ محترم شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، امداد حسيني، محمد ابراهيم جويو، غلام رباني، آگرو، ڄام ساقي، منير احمد ميمڻ (ماڻڪ) رسول بخش پليجو، ارباب نور محمد پليجو، شاهه محمد شاهه ۽ مون به شرڪت ڪئي. اياز جي انهيءَ دور جو شاعري ۾ عجيب ولولو ۽ گرمي هئي ۽ سندس انداز بيان به نرالو هو. ساڳئي طرح نياز همايوني جڏهن پنهنجي مڌر ۽ مترنم آواز ۾ نظم ”مڪلي“ ۽ ”سنڌ جاڳي پئي“ ٻڌائيندو هو ته وار ڪانڊارجي ويندا هئا. اها مشاعري جي محفل رات جي سانت ۾، حيدرآباد جي هڳاءُ ڀري هوا ۾، ستارن مان ٽپڪندڙ نُور هيٺان اڌ رات تائين هلندي رهي.
شاگردن جي انهي جاکوڙ ۽ جدوجهد۾ محترم حفيظ قريشي، رسول بخش پليجي، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد ۽ سائين جي ايم سيد شاگردن کي اُتساهه به عطا ڪيو ته انهن جي ذهني ترتيب به ڪئي. حفيظ قريشي جون پرجوش، ولوله انگيز ۽ نصيحت ڀريون تقريرون شاگردن لاءِ تدريسي سبقن کان گهٽ نه هيون، حفيظ صاحب ڪڏهن ڪڏهن چٽڻي چهر خاطر ڪا کل آڻيندڙ ڳالهه ڪندو هو ۽ شاگردن ۾ ٽهڪڙا پئجي ويندا هئا ته هو يڪدم پنهنجي گرجدار آواز ۾ ڪڙڪو ڪري چوندو هو:” ”ڇورا! اڙي کلو ٿا؟ ياد رکو اڄ کلو ٿا سڀاڻي روئندا. هي عبرت جو مقام آهي، هي سوچ! فڪر جو مقام آهي، اڙي کلو ٿا، کلو کلو، ڀلي کلو.“ حفيظ صاحب جون اُنهي دور جون سڀ تقريرون Master Piece آهن. ڪاش ڪوئي ڪوشش وٺي ٽيپ ٿيل اهي تقريرون ڳولي هٿ ڪري ۽ انهن کي لکت ۾ آڻي شايع ڪرائي.
محترم رسول بخش پليجي جي تقريرن ۽ تحريرن به سنڌي شاگردن جي ذهني آبياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليجو پهريائين نيشنل عوامي پارٽي سان لاڳاپيل هئا ۽ اُتي مهاجر ۽ پنجابي ڪامريڊن جي هڪ هٽي هئي ۽ اُهي قومي سوال کي ترجيحي طرح کڻڻ لاءِ تيار نه هئا. انهي ڪري حفيظ ۽ پليجو پنهنجن ساٿين سميت پارٽي کان الڳ ٿي ۽ سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌائون. جيڪا اڳتي هلي اسي واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ بڻي ۽ بعد ۾ عوامي نيشنل پارٽي ANP ۾ ضم ٿي ويئي، جنهن جو سربراهه خان عبدالولي خان آهي. حفيظ قريشي عوامي تحريڪ کان عوامي تحريڪ واري دور ۾ ئي الڳ ٿي ويو هو.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي مشهور نظم ”جيئي سنڌ“ جي ذريعي قومي جدوجهد کي هڪ نئون نعرو ۽ نالو ڏيئي ڇڏيو، سندس ڏنل قربانيون ، ڀوڳنائون، سندس خلوص ۽سچائي، سندس همت ۽ بهادري سنڌ جي سياسي تاريخ جا نه وسرندڙ باب آهن.
ڪامريڊ غلام محمد لغاري (مرحوم) جون جوشيلون تقريرون به سڄي سنڌ ۾ پڙاڏا وجهي رهيون هيون. هيءَ هاري اڳوان قومي غيرت جو پتلو هو، ٿر جي اُڃايل ڌرتيءَ جا ماڻهو ڏکن جا ڏاريل آهن، پر منجهن همت ۽ ساڃهه جو سوجهرو آهي. ڪامريڊ غلام محمد، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر، ڪامريڊ روچيرام، يوسف لغاري، مرحوم علي بخش ٽالپر، مرحوم رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سڀ ٿرپارڪر ضلعي سان تعلق رکندڙ آهن.
قاضي فيض محمد مرحوم پنهنجي پيرانه ساليءَ جي باوجود نوجوانن سان هر هنڌ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺو هوندو هو، ايتريقدر جو شاگردن سان بک هڙتال تي ويٺو.
سائين جي -ايم –سيد ته پنهنجي وجود ۾ سراپا قومي تحريڪ ۾ جدوجهد آهي. سنڌ ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن. هڪ سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻي سن. هن يونيورسٽيءَ اڻ ڳڻيا سياسي قومي ورڪر پيدا ڪيا. اڄ جون موچاريون سياسي شخصيتون حفيظ قريشي، رسول بخش پليجو، يوسف لغاري، شاهه محمد شاهه وغيره به انهي يونيورسٽي مان قوم پرستيءَ جا فارغ التحصيل آهن. انهيءَ لحاظ کان سنڌ ۾ موجوده وقت سيد جي حيثيت ۽ اهميت اُتم ۽ اُتاهين آهي.
انهن ڏينهن اسان يعني مون، مير ٿيٻي، ڄام ساقي، مهر حسين شاهه، نديم اختر ۽ هدايت حسين مختلف سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري سنڌ جي سُورن جو ڪيس انهن آڏو پيش رکيو. انهي سلسلي ۾ اسان سائين جي ايم سيد جي ڪراچي واري بنگلي تي عوامي ليگ جي صدر شيخ مجيب الرحمان سان، نوابشاهه ۾ قاضي فيض محمد جي جاءِ تي عوامي ليگ جي سيڪريٽري قمر زمان سان، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ولي خان، غوث بخش بزنجو ۽ سردار عطاء الله مينگل سان، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پنجاب ۾ مولانا عبدالحميد ڀاشاني ۽ ميجر اسحاق سان اسان سان گڏ شاهه محمد شاهه به هو ۽ آءُ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊرشن ۾ هئس. معراج محمد خان ۽ ڊاڪٽر رشيد مون سان منهنجي شوڪت منزل واري فليٽ تي ملڻ لاءِ آيا. اسان پوءِ اُتان نڪري اچي تلڪ چاڙهي تي هوٽل مشرق ۾ ويٺاسين. چانهه به پيتيسين ۽ سياسي حالتن تي گفتگو به ڪئسين.
مرحوم ذوالفقار علي سان به ڄام ساقي ۽ ٻين دوستن سان گڏ مرحوم مير رسول بخش ٽالپر، سندس ڪراچي واري بنگلي، هوٽل انڊس حيدرآباد، پير غلام رسول شاهه جيلاني واري بنگلي تي ملاقاتون ڪيونسين، ڄام ۽ ڀٽي صاحب درميان ڪافي گرما گرمي به ٿيندي هئي، پر ڀٽي صاحب جو خيال هر حال ۾ اهو هو ته هو ڪنهن به حالت ۾ پنجاب کي ناراض نٿو ڪرڻ گُهري. سنڌ جي مظلوميت، سنڌ جي استحصال وغيره جي ڳالهه کان هو باخبر هو، اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هرحال ۾ پنجاب کي راضي رکڻ جو خواهشمند هو.
سنڌ لٽجي، ڦرجي تباهه ٿي وڃي اُن سان هن کي ڪابه دلچسپي نه هئي. هُن اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ته پاڻ کي پنجابي آرائين سڏائڻ کان به نه ڪيٻايو. مون کي ياد آهي ته ڀٽو صاحب اڃان اقتدار ۾ نه آيو هو ۽ تازو ئي پرڏيهي وزارت تان ايوب خان لاٿو هئس ۽ پنهنجي پارٽي به نه ٺاهي هئائين، پر فقط هڪ نعري ته ”اسان هندستان سان هزار سالن تائين وڙهنداسين.“ کيس پنجاب ۾ وڏي مقبوليت ڏياري ڇڏي هئي. اقوام متحده ۾ تقرير دوران لاڙيل لڙڪ جنهن رومال سان اُگهيا هئائين اهو رومال پنجاب ۾ هزارين رپين ۾ وڪاميو هو. پنجاب ۾ ڀٽي صاحب جي مقبوليت جو مکيه ڪارڻ هندستان دشمنيءَ جو نعرو هو. انهي ڳالهه جي چٽائي سندس پراڻي ساٿي حفيظ پيرزادي صاحب هفتيوار رسالي ”ڪچهري“ کي ڏنل انٽرويو ۾ به ڪئي آهي. پيرزادي صاحب ٻڌايو ته:
”اسان پنجاب جي اُنهن غريب ضلعن مان ايڏي اڪثريت سان نه پر مالي طور خوشحال ضلعن مان سئو سيڪڙو سيٽون کٽيون. اِنهي جو ڪارڻ هندستان دشمني جو رويو هو، نه ڪه روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نظريو.“ انهيءَ سلسلي ۾ پيرزادي صاحب ٻيو مثال لاهور جي جلسي جو ڏنو آهي، جڏهن ڀٽو شمله ڳالهه ٻولهه لاءِ وڃي رهيو هو. 20/19 ڊسمبر 1972ع تي راولپنڊي ۾ پارٽي ڪنوينشن ٿيو جنهن ۾ تقرير ڪندي ذوالفقار علي ڀٽي صاحب بنگلاديش جي مسئلي تي ڳالهائڻ چاهيو ته ميڙ مان ”نامنظور، نامنظور“ جا نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا. ڀٽي صاحب چيو ته جيڪڏهن توهان کي بنگلاديش نامنظور آهي ته آءُ صدارت تان استعيفيٰ ٿو ڏيان ته سڄي ميڙ هڪ آواز ٿي چيو ”لک ڀيرا ستعيفيٰ ڏيئي ڇڏ.“ انهي مان معلوم ٿيو ته ڀٽو صاحب پنجاب وٽ فقط هندستان سان ٽڪراءُ واري صورتحال ۾ قابل قبول هو. انهي ڪنوينشن واري عرصي ۾ ڀٽو صاحب سن ۾ سائين جي-ايم سيد سان ملڻ لاءِ آيو هو. آءُ ۽ بابا سائين به موجود هئاسين. سائين جي ايم سيد کيس گهڻو ئي سمجهايو ته، ”تون جنهن پنجاب لاءِ تڙپين پيو اُن جي بيوفائي جو مثال ڊاڪٽر خان صاحب ۽ لياقت علي خان جي صورت ۾ موجود آهن. تُون سر شاهنواز جو پُٽ آهين، ڳچ وقت ايوب جي ڪئبنٽ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو تجربو به اٿئي ۽ توکي بين الاقومي سياست جي به چڱي موچاري پرک آهي. پنجاب تي ڀروسو ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي ڳالهه ڪر.“ پر ڀٽو صاحب پنجاب کي ڇڏڻ لاءِ ڪابه ڳالهه سُڻڻ ۽ سمجهڻ واسطي تيار نه هو. تڏهن سائين چيس ته، ”ياد رکج! اهي پنجابي توکي استعمال ڪرڻ کان پوءِ ڍڳي جي ڪيس ۾ ٻڌرائي ڦاسي ڏياري ڇڏيندا.“
اڳتي هلي ڇا وهيو واپريو، سو تاريخ جي صفحن تي به محفوظ آهي ۽ هن دور جي عيني شاهدن ڏٺو به، افسوس هن ڳالهه جو آهي ته ڀٽي صاحب جا پوئنير تاريخ جي انهي الم انگيز ۽ عبرتناڪ مثال مان ڪوبه سبق حاصل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اقتدار جي هَوَس ۾ اُهي قاتلن سان ڳٺ جوڙ ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ جماعت اسلامي جهڙي رجعت پسند جماعت، جيڪا ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيارڻ ۾ فوجي جرنيلن جي پڪي مددگار هئي، تنهن سان به سمجهوتي جون ڳالهيون هلايون پيون وڃن. سنڌ جي سياسي وهڪري ۾ سنڌي اديبن، شاگردن ۽ محب وطن سياستڪارن جي محنت ۽ قربانين ڪري جيڪا تيزي ۽ حب الوطني پيدا ٿي هئي، تنهن تي پيپلزپارٽي راتاهو هڻي سڄو لوڪ بُهاري ويئي. سنڌي ماڻهن سمجهيو ٿي ته ڀٽي صاحب جي ذريعي هن کي صدين جي ظلم ۽ استحصال ۽ قومي جبر کان نجات ملندي. پر اها سندن خام خيالي ثابت ٿي. پيپلزپارٽي جي دور ۾ هزارها سنڌي ماڻهو جيلن ۾ويا، اديب گرفتار ٿيا، ڪتاب بندش هيٺ آيا ۽ پريسون سيل ٿيون. سنڌي رسالن سهڻي، اڳتي قدم، ملير ڊائجسٽ ۽ پيغام تي پابندي عائد ڪئي ويئي. سنڌي ادب ۾ روح رهاڻ کانپوءِ ”سهڻي“ قومي ادب ۽ قومي مسئلن تي ڀرپور ۽ جوشيلا ايڊيٽوريل لکي پڙهندڙن ۾ سجاڳي آندي. انهي قومي خدمت جي ڏوهه ۾ سهڻي تي بندش وڌي ويئي ۽ طارق اشرف کي جيل اُماڻيو ويو. طارق سان سرڪار جي اها ارهه زورائي ۽ خرمستي بعد جي عرصي ۾ به جاري رهي. سنڌي اديبن ۾ طارق کان وڌيڪ شايد ئي ڪنهن ڀوڳيو هجي. بهرحال ڀٽي صاحب جي دور ۾ هڪ ته ڀٽي صاحب جي سنڌي هئڻ جي ناتي سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڇاٻ آئي ۽ ٻيو ته ظلم به انتها تي پهتو. هاڻي جڏهن قومي جدوجهد وري نئين سگهه ۽ ساڃاهه سان اُڀري آهي ته وري به پيپلزپارٽي ۽ بينظير کي اُن تي راتاهي هڻڻ لاءِ همٿايو پيو وڃي. سنڌي عوام کي گمراهيءَ جي کڏ ۾ ڪيرائڻ لاءِ پنجاب وٽ انهي کان وڌيڪ ڪوبه اثرائتو هٿيار نه آهي.