سنڌ ۾ سجاڳي جي نئين لهر
سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو
ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو
يا
هن ديس سڄي کي سائي آ
هر شام اُفق تي، ليمي جئن
ڇا هيڊي هيڊي آئي آ!
۽ اُن جي ڪاريءَ ڪان ڪان ۾،
ڇا وحشت! ڇا تنهائي آ!
ڪو ديوَ ڦري ٿو ڌرتيءَ تي،
جنهن مُنهن ۾ پاتي ڇائي آ،
۽ ڪنڌ ڪرنگهو ماڻهوءَ جو،
تنهن رڙڪي راڙ مچائي آ.
جو ڀُڻڪو آهه ڀيانڪ آ،
هر ڄاڻوءَ ڄڀ ڪپائي آ،
ڪا جهاتي ناهه جهروڪي ۾،
ڇا هيبت هن ڦهلائي آ.
آ مڙَهه جي ماٺ هوائن ۾،
هر شام هِتان جي ڪائي آ،
پر توسان ڳالهه اجائي آ.
اهڙي گُهٽ ٻوسٽ واري ڀيانڪ ماحول ۾ سائين جي.ايم.سيد سنڌي قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ثقافتي ڪم جي واٽ ورتي. اِنهي واٽ تي هلندي هيٺيان مقصد حاصل ڪرڻ هئا.
الف: سنڌي ماڻهن کي پنهنجي الڳ قومي وجود جي احساس ڏيارجي.
ب: سنڌي عوام کي سندن شاندار ماضي کان واقف ڪجي.
ج: سنڌي عوام کي پنهنجن سورهين ۽ شهيدن جي ياد ڏياري منجهن قرباني جو جذبو پيدا ڪجي.
د: سنڌي قوم جو پنهنجي تاريخ سان ٽُٽل رشتو ڳنڍجي.
اِنهي پروگرام کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ سنڌ وطن جي هن اورچ، اڻ ٿڪ ۽ اڏول انسان ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي نالي سان تنظيم قائم ڪئي. هتي هن تنظيم جو ٿورو تفصيلي ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ڇاڪاڻ ته هن تنظيم سنڌي شاگردن ۽ عام ماڻهن ۾ قومي شعور جي بيداري لاءِ وقتائتو ۽ مُلهائتو ڪم ڪيو.
23 مارچ 1966ع تي سائين جي.ايم.سيد جي نظر بنديءَ جي بندش ختم ٿيڻ تي پاڻ عملي سياست کان پاسيرو ٿي ثقافتي محاذ تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون. انهي سلسلي ۾ پهريائين پاڻ ساريءَ سنڌ جي مکيه درويشن جي درگاهن جي زيارت ڪري حالتون معلوم ڪيائون ۽ انهيءَ بعد فيصلو ڪيائون ته انهن درگاهن ۽ مزارن تي لڳندڙ ميلا عوامي رابطي جو بهترين ذريعو آهن. انهي ڪري انهن ميلن جي موقعن تي ڪانفرنسون ڪري عوام کي سنڌ جو قديم پيغام، اتحاد، امن ۽ انساني ترقيءَ جي اهميت کان آشنا ڪجي ته جيئن سنڌين مان هيٺيون ڪمزوريون ۽ نقص دُور ٿين.
(1) سنڌي ماڻهن مان خود مطلبي جي پاڙ پٽجي.
(2) قومي شعور جي اڻ موجودگي ختم ڪجي.
(3) سنڌي ماڻهن ۾ پاڻ ۾ موجود نفاق ۽ نفرت ختم ٿئي.
(4) سنڌي ماڻهن خاص طرح وڏن طبقن مان بزدلي ۽ بي همتي نڪري وڃي.
انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بزم صوفياءِ سنڌ جي نالي سان ڪانفرنسن ڪوٺائڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي مکيه اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ ٻين قومي ڪارڪنن به پاڻ ملهايو.
هن بزم طرفان ڇهه وڏيون ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنسون ٿيون.
پهرين ڪانفرنس ٺٽي ۾ سيّد علي شيرازي عليه رحمت جي عرس جي موقعي تي 23 جون 1966ع ۾ ٿي.
ٻي ڪانفرنس ٻڍاپور اسٽيشن ضلع دادو ۾ حضرت داد شهيد جي درگاهه تي پهرين آگسٽ 1966ع ۾ ٿي.
ٽين ڪانفرنس ميرپور بٺوري ۾ 23 سيپٽمبر 1966ع تي شيخ اياز جي صدارت هيٺ ٿي.
چوٿين ڪانفرنس 29 سيپٽمبر 1966ع تي ڀٽ شاهه ۾ ٿي.
پنجين ڪانفرنس 23 آگسٽ آڪٽومبر 1966ع جو ڊٺڙيءَ ۾ ٿي.
ڇهين ڪانفرنس سن ۾ شاهه حيدر عليه رحمت جي عرس جي موقعي تي 18-19 نومبر 1966ع جوٿي.
جيتوڻيڪ نيچر/انداز جي لحاظ کان اِهي ڪانفرنسون خالص علمي، ادبي ۽ ثقافتي هُيون، پر انهن ڪانفرنسن فڪري واڌ جي سلسلي ۾ بنيادي ڪم سرانجام ڏنو. اُهو ڪم جيڪو سياسي پليٽ فارم تي وقت جي جابر حڪومت ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واسطي تيار نه هئي، سو ڪم بنهه سنجيده ۽ ماٺ ميٺ واري نموني هن پليٽ فارم تان تمام اثرائتي نموني ٿي ويو. هن ڪم کي اڃان به اڳتي وڌائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اُن جا مختلف محاذ کوليا وڃن. انهي فيصلي پٽاندڙ ابتدا شاگرد برادري کان ڪئي ويئي ڇاڪاڻ ته اهو محسوس ڪيو ويو هو ته شاگرد طبقو حساس به آهي ۽ اُنهن ۾ قربانيءَ جو مادو به آهي. انهي ڪري هڪ ٺهراءُ پاس ڪري شاگردن جي هڪ تنظيم ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن“ وجود ۾ آندي ويئي. (انهي ٺهراءُ جي ڪاپي ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل آهي.)
محترم ڄام ساقي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي شاگرد جدوجهد“، جي صفحه 62 تي ايس.ايس.ڪو (SSCO) جي ٺهڻ جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي سو ڪُجهه هن ريت آهي، پر اهو بيان اصل حقيقت کي ۽ واضح ڪرڻ کان قاصر آهي. ڄام لکيٿو:
”1967ع جي وچ ڌاري حيدرآباد ۾ هڪ ٻي به شاگرد جماعت ٺهي جنهن جي ٺاهڻ ۾ مسعود نوراني ۽ يوسف لغاري، پيش پيش هئا، اُها هئي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن، ان وقت بظاهر حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن (H.S.F) ۽ سنڌ اسٽوڊٽنس ڪلچرل آرگنائيزيشن (ايس.ايس.ڪو) جو فرق ليڊرن جا ذاتي اختلاف يا ايس.ايس.ڪو جو رڳو پراڻن سنڌين کي ميمبرن ڪرڻ ۽ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پروگرام سان متفق ٿيندڙ هر شاگرد ميمبر ٿي سگهيو ٿي.“
پر جيئن ته آءٌ مٿي ذڪر ڪري آهيو آهيان ته SSCO جو ٺهڻ در حقيقت بزم صوفياءِ سنڌ جي پروگرام کي تعليمي ادارن ۾ اڳيان وڌائڻ جي سوچيل سمجهيل رٿا بندي تحت هو ته جيئن سنڌي شاگردن ۾ پنهنجي قومي وجود جي شناس پيدا ٿئي ۽ کين پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب سان اُنس پيدا ٿئي. منشور جي اعتبار کان ايس.ايس.ڪو هڪ قوم پرست تنظيم هئي، انهي ڪري ئي هن کي سڄي سنڌ ۾ پکڙجڻ جو موقعو ملي ويو.
هن تنظيم جو پهريون چيئرمين يوسف لغاري منتخب ٿيو. وائيس چيئرمين عبدالحئي پليجو ۽ جنرل سيڪريٽري مسعود نوراني ٿيو.
هن تنظيم کي فعال بنائڻ ۾ سڀني شاگردن ساٿين جو هٿ هو پر مجيب پيرزادي ۽ مسعود نوراني گهڻي محنت ڪئي.
هن تنظيم طرفان ترت ئي سکر ۾ هڪ ”سنڌي شام“ ملهائي ويئي جنهن ۾ باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي، محترم حفيظ قريشي، سيد شمس الدين شاهه، شيخ اياز، نياز همايوني، ڄام ساقي، مجيب پرزادي، مسعود نوراني، خليل بچاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ شاگردن حصو ورتو. سکر ۾ اهو ميڙ SSCO سکر شاخ طرفان منعقد ڪرايو ويو هئو. نبي بخش کوسي، مجيب پيرزادي، عابد شاهه موسوي ۽ ارشاد پارس جي ڏينهن رات جي پگهر پورهئي هن جلسي کي ڪامياب بنايو. اهڙي ريت ڏسندي ڏسندي هن تنظيم جون شاخون ساري سنڌ ۾ قائم ٿي ويون ۽ انهن طرفان ڪانفرنسون ٿيڻ لڳيون. اهڙي نموني انهن سمورين سرگرمين دوران هڪ سال جو عرصو گذري ويو ۽ چوٿين مارچ جو يادگار ڏينهن به اچي سهڙيو، يعني 4 مارچ 1968ع. شاگردن ٿورڙي تعداد ۾ هئڻ باوجود به هڪ جلوس ڪڍيو. انهي ڏينهن اتفاق سان اولهه پاڪستان جو گورنر به حيدرآباد آيل هئو. شاگردن جو اهو جلوس جڏهن شهر جي شاهراهن تان ٿيندو تلڪ چاڙهيءَ جي هيٺان پهتو ته پوليس جي هڪ ٽرڪ اچي آڏو بيٺي ۽ جلوس کي ڇڙو ڇڙ ٿيڻ جي تلقين ڪرڻ لڳي، پر ”اسان ڪاهيندا پيا اچون“ جي مصداق شاگردن جلوس کي برقرار رکيو ۽ اڳتي وڌندا رهيا. اهو جلوس شهر جي شاهراهن تي مارچ ڪندو نعرا هڻندو، ڏاڍ جا ڪوٽ ڪنبائيندو اچي اولڊ ڪئمپس ۾ پُڄاڻي تي پهتو.
انهن ڏينهن ترت ئي سنڌ جي عظيم قومي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو لڳو. ڀٽائي جي درٻار ۾ هر سال جيان هن ڀيري به لکين سنڌي سٻاجهڙا اچي ڀيڙا ٿيا هئا. اهو موقعو غنيمت هئو ته سنڌ جي انهن ستل سورمن کي جهنجهوڙي جاڳائجي ۽ انهن کي ڌرتيءَ جي عظيم محب وطن شاعر جي پڙ ۾ پنهنجي وجود جي بقا جو پيغام ڏجي، نعرو ڏجي ۽ اُتساهه ڏجي. جڏهن اهي لوڪ ڳوٺن ۽ واهڻن ڏانهن ورندا ته اهي نوان نعرا، نوان خيال کڻي ڳوٺاڻن تائين پهچائيندا. اهڙي ريت هڪ ئي ڌڪ ۾ اهو پيغام ڳوٺ ڳوٺ ۽ وستي وستي پهچي ويندو. ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته:
”غلام سجاڳ ٿيڻ لڳندو آهي ته غلامي مٽجڻ لڳندي آهي.“
اها حقيقت آهي ته اونداهي ڪيتري به ڪاري ۽ ڪيڏي به ڀيانڪ ڇو نه هجي، پر روشنين جو هڪ ڪرڻو به اُن جي ڇاتيءَ کي پَرڻ ڪري ڇڏيندو آهي.
شاگردن هن موقعي کي غنيمت ڄاڻندي ئي بسون ڀري اچي مرشد جي پڙ ۾ پير پاتو. سڄي واٽ تي ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“، ”جيئي سنڌ سدا جيئي سنڌ“ جا نعرا هڻندا ”سنڌڙي تي سِر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ کي وڏي واڪ ڪورس جي انداز ۾ ڳائيندا ڳوٺن وٽ ترسندا، تقريرون ڪندا، پمفليٽ ورهائيندا رهيا. انهي نموني به هزارها سنڌين تائين رستي هلندي وطن جي حفاظت ۽ حقن جي حاصلات جو پيغام پهچايو ويو.
جڏهن شاگردن جا جٿا لطيف سائين جي حضور ۾ حاضر ٿيا ته هر زبان تي هئو.
جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏڙاڪري،
مَرن پيون ماريون قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
(اياز)
لطيف سائين جي مزار تي حاضري ڏيئي ڪراڙ جي ڪپ تي آيا. ڪراڙ جيڪا لطيف سائين جي تخيل جيئن شفاف سانتيڪي هئي. انهي ڪراڙ جي ڪپ تي به جيئي سنڌ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا گونجيا، ڄڻ ته پن پن مان پڙلاءُ اچي رهيو هئو ۽ لطيف جي سنڌ ڪر موڙي جاڳي رهي هئي.
حيدرآباد مان آيل شاگردن جو تعداد ته ٻه يا ٽي سئو هوندو ته هنن جي جوش ۽ ولولي هزارن جا هشام کڻي گڏ ڪيا هئا، پوءِ شاگرد ٽولن ٽولن ۾ ورڇجي سڄي ميلي ۾ پکڙي ويا. هَر چونڪ، هر اسٽال ۽ هر هوٽل جتي ماڻهن جو چڱو چوکو ميڙ هئو، اُتي ڀڀڪيدار تقريرون ڪري ٻڌندڙن جي خيالن ۽ جذبن ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيائون. ڳوٺاڻن ماڻهن کي پنهنجن نوجوانن جي همت، جذبي ۽ سياسي فڪر تي فخر ٿيڻ لڳو. جيتوڻيڪ اها سوچ اڃا وڏي پئماني تي وسيع ۽ پختي نه ٿي هئي، تڏهن به اوساڻ چڱا هئا.
سنڌ جي حقن جي جدوجهد لاءِ لطيف سائين جي درگاهه يا ميلو سڀ کان سٺو اظهار جو هنڌ هئو، ڇاڪاڻ ته لطيف سائين جا هر سنڌيءَ جي دل ۾ ديرا هئا. لطيف ۽ سنڌ ڌرتي پاڻ ۾ سلهاڙيل هئا. لطيف سائين جي شاعري نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي ضامن هئي، پر سنڌي قوم جي شناخت جو ذريعو به. انهي ڪي جڏهن هن هنڌ تي جيئي سنڌ جا نعرا گونجيا ته لطيف سائين جي سُر مارئي جي عملي تشڪيل ٿيڻ لڳي ۽،
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
واري سپني جي ساڀيان ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ سنڌ جي سڪار لاءِ اڄ تائين لطيف جو روح رڙي رهيو آهي ۽ ڏڪاريا ڏيهه مان موذي ڪونه مئا آهن، پر ايترو ضرور ٿيو آهي ته انهي سڪار لاءِ سنڌ جا سورهيه سپوت پنهنجي اُملهه حياتين جي قرباني ڏيئي منزل کي قريب ٿي رهيا آهن. جيڪي نعرا فقط يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي ايوانن ۾ گونجندا هئا، سي هاڻ ڳوٺ ڳوٺ پڙاڏا پائي رهيا آهن. سنڌي ماڻهن پنهنجي قومي حقن کي به ڄاڻي ورتو آهي ته اُنهن جي پائمال ڪندڙن کي به سُڃاڻي ورتو آهي. هاڻي سنڌي ماڻهو مذهبي برادري ۽ اسلامي نظام جي پُر فريب ڄار ۾ ڦاسڻ لاءِ تيار نه آهن، ڇاڪاڻ ته هنن اِنهي ڳالهه جو شعور حاصل ڪري ورتو آهي ته سنڌ کي محڪوم ۽ مظلوم رکڻ وارا نيتن جا نيڪ نه آهن. هنن جو مقصد اسلام جي خدمت نه پر پنهنجن مخصوص مفادن جي حاصلات ۽ حفاظت لاءِ اسلام جو استعمال آهي، جيڪا ڳالهه خود اسلامي تعليمات جي لحاظ کان ظالماڻي ۽ غير شرعي آهي.
ميلي جي چڪر لڳائڻ کان پوءِ شاگردن جو ميڙ جلوس جي شڪل ۾ ڪانفرنس هال ڏانهن وڌڻ لڳو، جتي هڪ مرڪزي وزير خزانه مسٽر اين.ايم عقيلي اچڻو هئو. جلوس جڏهن ڪانفرنس جي دروازي وٽ پهتو ته پوليس طرفان مداخلت ڪئي ويئي ۽ شاگردن کي هال اندر وڃڻ نه ڏنو ويو. پوليس اِهلڪارن سان شاگردن جي زباني ڏي وٺ ٿي ۽ شايد انهي جو چو ٻول اندر هال تائين به پهچي ويو هو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد محترم عثمان علي عيساڻي ۽ وائيس چانسلر سنڌيونيورسٽي محترم محمد صالح قريشي ٻاهر نڪري آيا. شاگردن کي ٿورڙي دير انتظار ڪرڻ لاءِ چيائون. اُن تي شاگردن وراڻيو ته جڏهن هال ۾ داخل ٿيڻ جي عام اجازت آهي ته پوءِ پوليس هنن کي ڪهڙي سبب ڪري روڪيو ۽ جيڪڏهن شاگرد دروازي تي ڪجهه دير انتظار ڪن ته پوءِ فنڪشن ختم ٿيڻ کانپوءِ اندر وڃي ڇا ڪبو. اُنهي احتجاج تي شاگردن کان ٺاپر ۾ آڻڻ لاءِ کين ٻاراڻو دلاسو ڏنو ويو ته ”توهان لاءِ موسيقي وغيره جو خاص پروگرام پيش ڪيو ويندو.“ ڪافي دير سرڪاري اهلڪارن سان منهن ماري ۽ بحث مباحثو ٿيو. ڪجهه دير بعد هن فنڪشن جو خاص مهمان مسٽر عقيلي پنهنجي ساٿين ۽ ڪامورن جي جهرمٽ ۾ اچي اسان وٽان لنگهيو. پتو پيو ته عقيلي صاحب پنهنجي تقرير پوري ڪري وڃي رهيو هئو. انهي بعد شاگردن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. اصل ماجرا جو علم پوءِ ٿيو ته عقيلي صاحب جي تقرير ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سڌي نشر ٿي رهي هئي. انتظاميه سمجهيو ته جيڪڏهن شاگرد اندر اچي ويا ته اُهي ’جيئي سنڌ‘ ۽ ٻين نعرن سان هال کي گونجائي ڇڏيندا ۽ اهي آواز ريڊيائي لهرن تي سوار ٿي جهر جهنگ پکڙي ويندا. شاگردن جي اندر داخل ٿيڻ بعد ميلي جي رننگ ڪامينٽري به نشر ڪرڻ بند ڪئي ويئي. واقعي ’مائوري تنگ‘ سچ چيو هو ته: ”سامراج ڪاغذي شينهن آهي.“ ’اياز‘ به اِنهي خيال جي سهڻي انداز ۾ اُپٽار ڪئي آهي.:
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان.
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آءٌ سندءِ ديوارن سان.
ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لُڏن،
تون هيڻُو آن هٿيارن سان.
سڄي هال تي شاگرد ڇانئجي ويا ۽ ائين لڳو ته هيءُ لطيف سائين جي ميلي جو سرڪاري فنڪشن نه پر يونيورسٽيءَ جو ڪو فنڪشن آهي. شاگردن جي اهڙِي همت، بهادري ۽ ٻڌي ڏسندي ماڻهن جي ذهنن جا دروازا ضرور ٺڪايا هوندا ۽ هنن به سوچيو هوندو ته هن ڀُونءَ کي ڀيل کان بچائڻ لاءِ جوان جاڳيا آهن. شاگردن جي انهي دليرانه جدوجهد سنڌي ماڻهن ۾ اهو عالم تاثر پيدا ڪري ڇڏيو هو ته خٿابي (شاگرد) ڍينگن کي به ڍير ڪري ڇڏيندا. سنڌي قوم جي نجات لاءِ ماڻهن جون نگاهون شاگردن تي کتل هيون، گويا اهو پي فرض ڪيو ويو ته شاگرد ئي قومي معاملن ۾ فيصله ڪن عنصر آهن. ماڻهن جي انهي تاثر پويان صدين جي غلامين جا عذاب ۽ عقوبتون هيون، جيڪي سهندي سهندي سنڌي ماڻهو ساڻا ٿي پيا هئا ۽ هاڻي ڪنهن ازغيبي اُٿل پٿل يا جواڻ رت جي ڪرشمه سازي جا آسائتا هئا. جڏهن هنن باوجود پنهنجي ماٺ جي نوجوانن کي پرجوش انداز ۾ وڙهندو ڏٺو ته هنن کي انهي ۾ پنهنجي نجات، سرهائي ۽ سوڀَ ڏسڻ ۾ آئي.
اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ دور ۾ قومي جدوجهد ۾ قائدانه ڪردار ادا ڪندڙ اهو نوجوان شاگرد طبقو اڳتي هلي سياسي گروه بندين، مفاد پرستين ۽ انا پرستيءَ جو کاڄ بنجي ويو. ڪيترا شاگرد چڱيون موچاريون نوڪريون وٺي چپن کي چُنو لائي ويهي رهيا ۽ وري ڪيترا ته وقت جي جابر حاڪمن جا ڪارندا، دلال، مُڇ جا وار ٿي ويٺا. اها قبيح ۽ ڪڙي صورتحال اهڙي ماجرا هئي، جنهن سنڌ جي قومي جدوجهد کي بريءَ طرح متاثر ڪيو. ائين ڇو ٿيو؟ ڇا ائين ٿيڻ اڻ ٽر هو؟ اهي سوال ذهنن کي جهنجهوڙين ٿا ۽ جواب طلب ڪن ٿا.
اسان جيڪڏهن صورتحال جو ناقدانه تجزيو ڪريون ته هيٺيون ڳالهيون سمجهه ۾ اچن ٿيون.
1. هڪ ته شاگرد سماج جي هڪ ئي پَرت سان تعلق رکندڙ نه هئا. اُنهن ۾ شاهوڪار به هئا ته وچين طبقي جا به، ته غريب طبقي جا به، انهن سڀني جا طبقاتي طرح لاڳاپا، سماجي معيار ۽ مفادات هڪ جهڙا نه هئا، جنهن ڪري انهن ۾ ويڙهه ٿيڻ سڀاويڪ هئي.
2. شاگردي هڪ مختصر مُدي وارو دور آهي، جيڪو پوري ڪرڻ کان پوءِ هر شاگرد کي پنهنجي پيشي اختيار ڪرڻ جي لازمي ضرورت پيش اچي ٿي. اها توقع رکڻ به اجائي آهي ته سڀ شاگرد پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ سياسي ورڪر بنجي رهن ۽ ڪابه ڪرت اختيار نه ڪن. انهي ڪري ضرورت جي پورائيءَ واسطي ڪن عزت ڀريو ڌنڌو اختيار ڪيو ته ڪن اجائي هَوَس خاطر حڪمرانن جا بُوٽ پالش ڪيا.
3. سنڌي عوام جو شاگردن کي ئي پنهنجي نجات جو محور بنائڻ هڪ غير دانشمندانه فيصلو يا رايو هو، جنهن مان پاڻ هرکائي جي کوٽ ۽ خود اعتمادي جو ڪال بَکيو ٿي. ٿيڻ ائين کپندو هو ته شاگردن جي انهي بهادرانه جدوجهد کي سنڀالڻ لاءِ عوام اڳتي وڌي ها، اُنهن سان ٻانهن ٻيلي به ٿئي ها ۽ اُنهن جي ڪمزورين کي ڏڍ ڏي ها.
اڄ جي دور ۾ ڪافي سياسي تنظيم ڪاري وڌي آهي ۽ شاگرد جيتوڻيڪ اڄ به اڳڀرو آهي، پر اُنجو ٻين طبقن سان تعلق قائم ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي هن کي اڪيلائي جو ڏنڀيندڙ احساس نه آهي.
بهرحال اسان وري به پنهنجي ساڳئي بيان ڏانهن موٽون ٿا ته لطيف سائين جي ميلي واري واقعي کان پوءِ تُرت ئي سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين ڪاليجن ۾ شاگرد يونين جي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو ۽ هڙ شاگرد اليڪشن ورڪ ۾ جنبي ويا. ڪاليجن جون چونڊون به مزيدار نموني ٿينديون آهن. ڇو ته انهن جو مزاج قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ وڏيرڪي انداز جي چونڊن کان نيارو هوندو آهي. ڪاليجن جا شاگرد پڙهيل لکيل ۽ باشعور هئڻ ڪري اُميدوار جي پوري پرک وٺي پوءِ پنهنجو ووٽ استعمال ڪندا آهن. هاڻوڪي اليڪشن ۾ ته ووٽرن اُميدوارن کي انهي ڪسوٽي تي پي پرکيو ته ان اُميدوار جو قومي جدوجهد ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪردار رهيو آهي. ڇا هو سنڌين جي قومي حقن لاءِ وڙهڻ جو جذبو ۽ شعور رکي ٿو يا نه؟ سنڌ يونيورسٽي ۾ هن ڀيري جيڪي شاگرد اليڪشن ۾ بيٺا تن ۾ سنڌين طرفان صدارت لاءِ يوسف ٽالپر کي نامزد ڪيو ويو. گويا صدارت لاءِ هو اڪيلو سنڌي اميدوار هو. اُنجي اُبتڙ جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ ٻه شاگرد يعني ڄام ساقي ۽ يوسف علي مرزا ۽ هڪ غير سنڌي شاگرد پرويز اُميدوار بيٺا. ڄام ساقي کي شاگردن طرفان بيهاريو پي ويو، پر يوسف علي مرزا ڪنهن لڪل ٽيڪ جي سهاري تي بيٺو. هوڏانهن انجنيئرنگ ڪاليج ۾ سڀني عهدن لاءِ فقط سنڌي شاگرد بيٺا هئا، جنهن ڪري اهو خطرو نه هو ته ڪاليج جي قيادت غير سنڌين جي حوالي ٿي ويندي. نتيجن سڀني جي توجهه جو مرڪز سنڌ يونيورسٽي جي اليڪشن بنيل هئي، نتيجا ظاهر ٿيا ته يوسف ٽالپر صدر چونڊجي آيو، پر ڄام ساقيءَ کي شڪست آئي. سندس غير سنڌي حريف کٽي ويو. ائين ڇو ٿيو؟ ان جا اسان جي اندازي مطابق هيٺيان ڪارڻ هئا.
1. جنرل سيڪريٽري لاءِ ٻه سنڌي اميدوار بيٺا جنهن ڪري ووٽ ورهائجي ويا.
2. يونيورسٽيءَ جي ڪن اهم شخصيتن جن جي شاگردن جي سياست سان گهاٽي دلچسپي هئي، تن لاءِ ڄام قابل قبول نه هئو. اهڙي گروپ جي بنهه هڪ مکيه ماڻهوءَ کي نجي محفل ۾ اهو چوندي ٻڌو ويو ته: اهو ٺيڪ ٿيو. جيڪڏهن ڄام کٽي ها ته يوسف ۽ ڄام جو ميل نه ٿي سگهي ها ڇاڪاڻ ته هڪ نواب هو ته ٻيو مسڪين.
3. ڄام پروڪميونسٽ هئو، جنهن ۾ قومي سوچ جا عناصر نه ٿي مليا، جڏهن ته سنڌي شاگردن ۾ قومي شعور ۽ جذبو وڌندڙ هو.
هوڏانهن انجنيئرنگ ڪاليج ۾ سڀني عهدن تي سنڌي شاگرد کٽي آيا هئا. يعني صدر مسعود نوراني جنهن کي شاگرد پيار وچان سنڌ جو جاني سڏيندا هئا ۽ جيڪو اڳتي هلي پيپلزپارٽي جي دور ۾ سنڌ جي وڏي وزير ممتاز ڀٽي، غلام مصطفيٰ جتوئي جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ٿي رهيو. جنرل سيڪريٽري محمود لاڙڪ، جوائنٽ سيڪريٽري اقبال ترين جنهن جي شعله بياني جا هوڪرا هئا ۽ جيڪو بعد ۾ ريڊيو ٽي . وي ڊرامن ۾ به ڪم ڪرڻ لڳو. يوسف ٽالپر ۽ اقبال ترين جو جوڙو ڪافي سالن تائين شاگرد سياست ۾ نمايان رهيو. مسعود نوراني جيان هنجي ابتدا به قوم پرستي سان ٿي ۽ اڳتي هلي مارڪسزم جي زير اثر رهيو. اقبال ترين جي ذهن ۾ ڪي قدر نراجيت Anarchism جا اهڃاڻ به هئا. سوشل سڪريٽري غلام نبي پليجو منتخب ٿيو. جيڪو اڳتي هلي سنڌي شاگرد تحريڪ جو رڪن/اڳواڻ ٿيو پر پوءِ جلدئي نوڪري جي لوڻ کاڻ ۾ رلي ملي لوڻ ٿي ويو.
اڳوڻي سال وانگر هن ڀيري پڻ حيدرآباد جي سڀني ڪاليجن ۾ سنڌي نمائيندا اڪثريت سان چونڊجي آيا، جنهن ڪري قومي تحريڪ کي ٽيڪ ملي. سنڌي شاگردن جي فڪري اوسر ۾ ڪاليجن جي ساليانن ۽ وقت بوقت ٿيندڙ ادبي ۽ علمي تقريبن به وڏو ڪردار ادا ڪيو. اهي علمي فنڪشن پوءِ چاهي اهي ’سنڌي شام‘ جي نالي ۾ هجن يا ’جشن لطيف‘ جي چاهي اهي ادبي ڪانفرنس جي نالي ۾ هجن يا مشاعرن جي صورت ۾. هر حال ۾ انهن جو رنگ روپ قومي ڪاڄ جو لڳندو هو، جتي سنڌي نوجوان پنهنجي قومي لباس شلوار قميص ۽ اجرڪ ڪلهن ۾ وجهي پنهنجي قومي ۽ ثقافتي تسلسل جو اظهار ڪندا هئا. انهي کان پوءِ ئي سنڌ ۾ اجرڪ کي هڪ قومي لباس جي سڃاڻپ ۽ مقبوليت نصيب ٿي ۽ اجرڪ سازي جو مٽجندڙ ۽ مرڻينگ پيشو ٻيهر زندهه ٿي پيو. يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۾ هاڻي سنڌي شاگرد نمائيندا ئي اڪثر چونڊجي ايندا هئا ۽ انهن ۾ اڪثريت قومي سوچ ۽ جذبي رکندڙن جي هوندي هئي، انهي ڪري هنن جي سياسي هلچل قومي تحريڪ ۾ جدوجهد سان سلهاڙجندي ويئي. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جيڪي فنڪشن ٿيندا هئا، انهن ۾ سنڌ جا ترقي پسندن وطن دوست اديب ۽ شاعر گهرايا ويندا هئا، راڳ رنگ جي محفل ۾ شيخ اياز ۽ نياز همايوني جا قومي گيت ڳايا ويندا هئا، جن مان نئين ٽهي کي قومي پرستيءَ جو جذبو ۽ اُتساهه حاصل ٿيندو هو. چوندا آهن ته لاٽ مان لاٽ ٻرندي آهي، سو اسان وٽ به بلڪل ائين ٿيو، هڪ ڪاليج جي فنڪشن ٻي ڪاليج جي شاگردن ۾ شوق، جذبو جاڳايو، جيڪو شعور ۽ جذبو شاگردن هتي حاصل ڪيو اهو پنهنجن ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن تائين پهچايو. اهڙي ريت سنڌ جي ٻهراڙي وارين ايراضين ۾ به اهڙا قومي ڪاڄ ٿيڻ لڳا ۽ قومي سجاڳي جو پيغام ڳوٺن تائين پهچڻ لڳو. انهي صورتحال نه رڳو سنڌ جي دشمن قوتن کي هراسان ڪيو، پر انهن جي مقامي ساٿارين جي رڌڻن ۾ به رولو وجهي ڇڏيو. هنن محسوس ڪيو ته اها سجاڳيءَ جي لهر جيڪي نئين سج ويتر وڌندي پئي اچي سا سندن سگهه ۽ زور کي هڪ ڏينهن لوڙهي ٻوڙي ويندي.
انهيءَ ڪري انهن هِن تحريڪ جي انهن نوجوانن کي مايوس ڪرڻ ۽ مونجهارن ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ نصيحتون ڪرڻ شروع ڪيون ته:
”شاگرد ٻار آهن.. انهن کي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي... هنن کي ڪهڙِي خبر ته سياست ڇا ٿيندي آهي. سياستدان ٻارن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.“ وغيره وغيره.
اھي ڳالهيون ڪندڙ ماڻهو سرڪاري ڌر جا سڌا طرفدار هوندا آهن ۽ پنهنجي انهي ڪردار ذريعي حاڪمن وٽ پاڻ کي مقبول بنائڻ جا جتن ڪندا آهن. انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شاگردن جو ڪم پڙهڻ ۽ امتحان پاس ڪرڻ آهي، پر هن قوم جي فرد جي حيثيت سان هنن جو اهو به فرض آهي ته اهي پنهنجي قوم جي مظلوميت، مفلسي ۽ بدحالي تي سوچين ۽ لوچين به. انهي عمل کان هنن کي پري نٿو رکي سگهجي. هتي هن ڳالهه جو ذڪر انهي ڪري به ڪيو اٿم جو اسان مان اڪثر ماڻهو انهيءَ ڳالهه جو اندازو نٿا لڳائي سگهن ته قومي يا طبقاتي جدوجهد کي سياسي ۽ فڪري محاذن تي پسپا ڪرڻ ۽ انهن ۾ قوت وجهڻ لاءِ مقامي سطح کان عالمي سطح تائين سازشون تيار ٿين ٿيون، جيڪي نهايت خفيه نموني وڏي چالاڪي ۽ عياري سان اسان وٽ عمل ۾ اچن ٿيون. ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا سفيد پوش ماڻهو جن کي الله جو ڏنو سڀ ڪجهه هوندو آهي، ڪير به انهن جي شرافت ۾ شڪ به نه ڪري سگندو، سي به انهن سازشن جا مهرا ٿي ڪم ايندا آهن. بظاهر انهن جو ڪردار همدرد، هڏ ڏوکي، اصلاح ڪار جو هوندو آهي. اُهي عوام دوستيءَ جا سياسي جُبا به اوڍيندا آهن. اُهي علم ۽ ادب جي خدمت جا وڏا واڪ به ڏيندا آهن. اُهي صحافت جي ميدان جا چمپيئن به ٿيندا آهن. انهن روپن ۽ رنگن ۾ اُهي حاڪمن جي حڪومت کي ڊيگهه ڏيارڻ لاءِ ذهني فتنا کڙا ڪندا آهن، عقيدن جو ٽڪراءُ ڪرائيندا آهن. سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سامراجي سرواڻ آمريڪا جي جمهوريت ۽ آزاديءَ جا افسانا گهڙي پيش ڪندا آهن ۽ سوشلسٽ ملڪن جي اندروني صورتحال جا ڪوڙا خوفناڪ داستان ٺاهي عوام آڏو پيش ڪندا آهن ته جيئن ماڻهو سماجوادي سوچ کان ڇرڪيل رهن، ڇاڪاڻ ته اُهي اِنهي سوچ جي سگهاري ٿيڻ سان سندن قهر جا ڪوٽ ڪري پوندا. آمريڪا جي نو آبادياتي نظام جو تاڃي پيٽو پرزا پرزا ٿي ويندو ۽ اهڙي طرح اصل مالڪ، اُنهن جا مقامي دلال سڀ متاثر ٿيندا. اهڙو ئي هڪ همراهه تازو آمريڪا ۾ ست اٺ سال گذارڻ بعد اونهاري جي موڪلن ملهائڻ لاءِ وطن واپس وريو آهي. سندس علمي فضيلت جو ڪمال اهو آهي جو ستن اٺن سالن تائين آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي باوجود به ڪا ڊگري حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هو صاحب سنڌ جي موجوده صورتحال تي ڏاڍو برهم ۽ ڏمريل آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو نوجوان آمريڪا جي آقائين کي مڃتا ڏيڻ کان سرڪش ٿي بيٺو آهي ۽ هو سماجوادي وٽ وٺڻ لڳو آهي. هن صاحب اچڻ شرط چاٻيءَ جي رانديڪڙي وانگر ٻولڻ شروع ڪيو آهي ۽ آمريڪا جي ساراهه جا اُهي ڍڪ ڀرڻ شروع ڪيا اٿس، جو محسوس ٿئي ٿو ته هيءُ پڙهايل طوطو ڪا خاص مشن کڻي آيو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ملڪ اڳ ۾ ئي اهڙن ويڪائو ۽ سامراجي ڍنڍورچين جهڙوڪ پير علي محمد راشدي (جنگ جو ڪالم نويس) ۽ الطاف قريشي (اردو ڊائجسٽ ۽ زندگي جو ايڊيٽر) پارن سان سٿيو پيو آهي. هن صاحب پنهنجي هڪ مضمون ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”آمريڪي نظام حڪومت ۾ واپار جو سڄو نظام عوامي ماڻهن جي هٿ ۾ آهي. مطلب ته بئنڪون، فيڪٽريون، ملون، هوائي جهاز ٺاهڻ ۽ هلائڻ واريون ڪمپنيون ۽ ريلوي وغيره سڀ ”عوامي ماڻهن“جي ملڪيت آهن ۽ قومي ملڪيت جي ڍونگ ۾ حڪومت ”عوام“ کان اهي معاشي ذريعا کسي ڪو نه ورتا آهن. هن قسم جي نظام ۾ جيڪڏهن ڪو محنتي ماڻهو آهي ته کيس سندس زياده محنت جو زياده عيوضو ملندو. ائين نه آهي ته سڀ هڪ جهڙا تصور ڪيا وڃن ۽ نڪمي ۽ محنتي جو پگهار هڪ جيترو هجي. وغيره. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا جي اندروني پيدائش دنيا جي ملڪن کان گهڻو مٿي آهي.
سوشلسٽ يا ڪميونسٽ نظرين ۾ اعتماد رکندڙ ماڻهو آمريڪا سان صرف انهيءَ ڪري ٿا سڙن جو آمريڪا ۾ ماڻهن کي پوري آزادي حاصل آهي ۽ انهي ڪري هو دنيا جي ٻين ملڪن بنسبت تمام آسودا آهن.
اسانجي نوجوانن ۾ به اها ”زهر افشاني“ ڪئي پئي وڃي ته هو آزاد ۽ آسودن ملڪن کي بُرو ڪري ليکن. اگر ڪو ملڪ يا ماڻهو خوشحال آهي ته اسين ڇو هِن سان حسد رکون!“
مٿين ٽڪري مان پڙهندڙن کي پروڙ پئي ويئي هوندي ته هيءُ همراهه ڇا ٿو چاهي. ايترا سارا ساراهه جا ڍڪ ڀريندي صاحب موصوف ايتري به لڄ محسوس نه ڪئي ته هو جنهن ملڪ کي آزادي ۽ جمهوريت جو علمبردار قرار ڏيئي رهيو آهي تنهن ۾ اُتي اڇي چمڙي وارن ۽ ڪاري چمڙي وارن جو ڪيترو امتياز ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا جي ڪن خاص جاين تي ته بورڊ لڳل هوندا آهن ته ”ڪارن ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي اجازت نه آهي.“ يا وري هيءَ حقيقت ڪنهن کان به ڳجهي ڪونهي ته آمريڪا ۾ هيستائين ڪو به ڪارو ملڪ جو صدر، چيف جسٽس ۽ ڪمانڊر انچيف نه ٿي سگهيو آهي. ڪارن آمريڪين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي مارٽن لوٿر ڪنگ شهادت پاتي. آمريڪا ۾ اُتي جي اصل رهواسين ريڊانڊينس کي ته بنيادي حقن کان به محروم رکيو ويو آهي. ڇا اِها آهي اُها آزادي ۽ جمهوريت، جنهن جي مثال کي پيش ڪندي سامراجي دلال ۽ ڍنڍورچي ڍاپن ئي نٿا.
اِها ته ملڪ اندر صورتحال، پر آمريڪا دنيا جي هن گولي تي جيڪي قهر ڪيا آهن سي به تاريخ جو حصو آهي. ويٽنام تي فوجي چڙهائي، اُتي جي ڳوٺن ۽ شهرن تي گوله باريون ”مي لاني“ جو قتل عام جنهن تي دنيا جي حق پرست ماڻهن جي ضميرن کي جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ برطانيه جي عظيم فلاسافر برٽينڊرسل آمريڪي ظلمن جي چڪاس لاءِ هڪ ٽريبونل قائم ڪري آمريڪا جي درندگيءَ کي وائکو ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست حڪومت کي هٿيار ڪير ٿو سپلاءِ ڪري ۽ اقتصادي امداد ڪير ٿو ڏي. ڏکڻ آفريڪا جي اصل رهواسي ڪارن تي اڇن جي اقليت ڪنهن حڪمران بڻائي، ڪارن کي حيواني زندگي گهارڻ تي مجبور ڪيو آهي. وچ اوڀر ۾ اسرائيلي حڪومت جو قيام ۽يهودين جي آباد ڪاري لاءِ ڪير ذميدار آهي. ڇا اِها ڪا لڪل ڳالهه آهي ته آمريڪا جي ڏڍ ۽ ڏاڍ تي ئي فلسطين مان اُتي جي اصل رهوسين کي جلاوطن ڪيو ويو آهي. سالن کان انهن جي نسل ڪشي جو ڪڌو عمل جاري آهي. سنڌ جو نوجوان پڙهي، پروڙي ۽ عالمي صورتحال جو تجربو ڪري ٿو. هنن جيڪا واٽ ورتي آهي. سا سوچي سمجهي ورتي آهي. هو جڏهن آمريڪا کي سامراج قرار ڏي ٿو ته هڪ تاريخي حقيقت جي گواهي ڏي ٿو. سنڌ جو نوجوان شعوري طور ڪافي اڳتي نڪري چڪو آهي ۽ آءُ يقين سان چوان ٿو ته پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي شاگردن ۾ ايتري فڪري بلندي ۽ گهرائي نه آهي جيتري سنڌي شاگرد ۾ آهن.