تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي شاگرد سياست

ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جو لکيل آهي.
سنڌي شاگرد سياست جي 4 مارچ واري جدوجهد جي تاريخي حيثيت آهي. عبدالحئي پليجي صاحب جو هيءُ ڪتاب جيڪو هڪ لحاظ کان سندس سياسي سرگرمين جي ڊائري به آهي، ان ڪري به هڪ اهم دستاويز آهي، جو ان ۾ ڏنل مواد منجهان اسان کي پنهنجو هڪ زبردست ۽ تاريخي، سياسي تجربو سامهون اچي ٿو، جنهن حوصلي ترتيب ۽ تنظيم سان شاگرد تحريڪ هلي ۽ ان اڳتي هلي جهڙيءَ طرح سنڌ جي ماڻهو کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي، جو خود حڪمرانن کي اصل ۾ نه، ته به اُصولي طرح ون يونٽ کي هڪ سياسي بداخلاقي سمجهي ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻو پيو.
Title Cover of book سنڌي شاگرد سياست

ورهاڱو ۽ سنڌي شاگرد

سَرها سورهيه سچ جا، اَرهي اوک نه تن،
دکّ ڌٻڻ کان پنڌ ۾، ورچي واٽ وٺن،
جهاڳيا جهونجهارن، مرڪي پنڌ پهاڙ جا.
(اياز)

1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي شاگرد قيادت گهڻو ڪري هندن جي حوالي هئي، پُوري هندستان جي صورتحال اِها هُئي جو اُن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گريجويٽ مسلمان مس هئا. هندن انگريزي تعليم جي حصول ۾ شروع کان وٺي ئي دلچسپي ورتي جنهن ڪري اُهي تعليمي ميدان ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويا. مسلمانن انگريزي تعليم کي ڪافرن جي تعليم سڏي پاڻ کي پرڀرو رکيو. انهي پسماندگيءَ جي ذميداري ٻن گروهن جي سر تي آهي.
هڪ مُلان، جنهن پنهنجي تدريسي هڪ هٽي کي ٽٽندي ڏٺو ۽ عام ماڻهن کي انگريزي تعليم کان ڇرڪائي متنفر ڪري پري رکيو. ٻيو هو جاگيردار ۽ وڏيرو، جنهن تعليم کي عام ٿيڻ نه پئي ڏنو، ڇاڪاڻ ته هُو عوام جي ذهني ۽ سياسي شعور جي واڌ کان نهايت ڊنل ۽ هراسيل هو.
نئين تعليم نوان لاڙا ۽ قدرَ پيدا ڪري رهي هئي ۽ پراڻن قدرن جي پسپائي ٿي رهي هئي. اهڙي ريت گروهه انهي پسپائي ۾ پنهنجي سياسي اقتدار جي پسپائي جو عڪس ڏسي رهيو هو. بهرحال انهن ٻنهي گروهن جي مفاد پرستانه عمل ڪري هندستان / سنڌ جو مسلمان هر شعبه زندگي ۾ هندن کان پٺتي رهجي ويو. هندن جو صرف وڏو طبقو ئي تعليم ڏانهن مائل نه بلڪه وچئين طبقي ۾ به تعليم عام هُئي. انهي ڪري مُلڪي سياست ۾ اهي شاگرد مختلف سياسي تنطيمن ۾ بطور ميمبر يا گارڊ حصو وٺندا هئا. مسلمانن جي صرف مٿاهين طبقي جو اولاد تعليم حاصل ڪندو هو، انهيءَ ڪري سياسي ميدان ۾ سندن ڪارگذاري نه هئڻ جي برابر هوندي هئي. جڏهين ورهاڱو ٿيو ته مُلڪ جي نون حاڪمن اهڙن نازڪ صورتحال پيدا ڪئي جو هتان جا قديم رهواسي جيڪي هن ئي مٽيءَ جا ماڻهو هئا ۽ جن جي رڳن ۾ سنڌوءَ جو پاڻي رت بنجي ڊوڙي رهيو هو. جن جي ساهه پساهه ۾ سنڌ جي هزارها ساله پراڻي سڀيتا جو رنگ رچيل هو، جن جي ذهنن ۽ ضميرن ۾ لطيف، سچل، سامي ۽ شاهه عنايت جو رس ڀريل هو، موهن جو دڙو جن جي ميراث هُئي، سنڌي ٻولي جن جي جيجل جي لولي هئي، سي آليون اکيون کڻيو رت روئندا صدين جا رشتا ناتا ٽوڙيو پنهنجي ديس ڇڏي هليا ويا.هيءُ عظيم سانحو تاريخ جو هڪ المناڪ باب آهي. سنڌي ادب ۾ هن المناڪ باب تي ڪئين ڪهاڻيون ۽ شعر لکيا ويا آهن، جن کي پڙهندي چاڪ چڪيو پون ۽ اسان پاڻ کي ٻانهن وڍيل ببري قوم سمجهڻ لڳون ٿا.
اُڏري ويا وهلور وڳر
ڪا ڪونج نه موٽي آئي آ.
(اياز)

اڃا سينڱ سر ۾ سڱيل ڪونجڙين تي،
وڳر ڪي وطن کان ويڳاڻا ڏسان ٿو.
(رنگريز)

انهيءَ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ سنڌ اندر پڙهيل ڪڙهيل، نوڪري پيشي، واپاري ۽ شاگردن جو هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو، جنهن خال کي اسان فوري طور تي ڀرڻ جي لائق نه هئاسين. انهي ڪري موقعي جو فائدو وٺي نئين آيل خلقت اها جڳهه والارڻ شروع ڪئي. اسان جي سياسي صورتحال هيءَ هئي جو اسان جا مسلمان سنڌي وڏيرا، مير پير ۽ جاگيردار قومي شعور ۽ محبت کان خالي ۽ نون حاڪمن جا پُڇ لٽڪائو هئا، جنهن ڪري سنڌين جي لٽجندڙ قافلي جي ڪوبه نگهباني نه ڪري سگهيو. هيڏانهن وري عوام جي صورتحال هيءَ هئي ته هو جاگيرداري نظام جي شڪنجي ۾ هٿين پيرين سوگهو هو. سياست تي چند خاندانن جي اجاره داري هئي. انهيءَ ڪري عوام سياسي شعور کان وانجهيل هو. وچيون طبقو اسان وٽ اُنهن ڏينهن تقريباً نالي ماتر هو. اهي ئي اسباب هئا جن جي ڪري ورهاڱي کان پوءِ ترت سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڪابه مزاحمت نه ٿي سگهي. مثلاً جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪيو ويو ته انهي فيصلي تي ڪوبه ڀرپور ۽ اثرائتو ردعمل نه ٿي سگهيو. ڪراچيءَ ۾ چند سنڌي شاگردن احتجاج ڪيو، پر اهو احتجاج گورنمينٽ هائوس جي ٻوڙن ڀٿرائن ڪنن جي توجه ئي نه ڇڪائي سگهيو.
سنڌ جي سياست تي پير، مير، جاگيردار ڇانيل هئا ۽ آهن. جن انگريزن کان خلعتون، انعام، سندون، خان بهادريون، سر وغيره جا القاب ۽ جاگيرون وٺي پنهنجا ضمير وڪرو ڪري ڇڏيا هئا. اُهي انگريز بهادر جا نمڪ خوار، وفادار، ٽوڊي، جي حضوري ۽ دلال هئا. سندن زمينن ۽ جاگيرن تي پورهيو ڪندڙ هاري ماني ڳڀي ۽ اٽي لپ لاءِ پريشان هوندا هئا پر اهي جاگيردار هڪ انگريز آفيسر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ هزارها ۽ لکين روپيا شڪار ۽ دعوتن جي رسائين تي لٽائي ڇڏيندا هئا، صاحبلوڪ ته صاحبلوڪ پر صاحبلوڪن جي ميڊمن جي جُتين کي صاف ڪرڻ به سعادت سمجهندا هئا. انگريزن اهڙن ماڻهن کي اشراف طبقو سڏي سندن پٺي ٺپري خوب جاوا ڪيا، اهي اشراف طبقي جا نمڪ حلال، خوشامدڙيا، چاپلوس ۽ جي حضوري انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به پڪا اشراف رهيا ۽ نون حاڪمن کان ڪڏهن به ڪنڌ نه ڪڍايائون. وطن سان ڪيڏا ويل وَهيا، ڌرتيءَ کي ڪيئن ڪالونائيز ڪيو ويو، ٻوليءَ سان ڪهڙِون ٺٺوليون ڪيون ويون، قومي حقن کي ڪيئن پامال ڪيو ويو... اهو سڀ ڪجهه ڏسندي وائسندي اهي اشراف چُون به ڪونه ڪڇيا، پر مرڳوئي چورن جا ساٿاري بنجي بيهي رهيا. جيڪڏهن ڪنهن قومي غيرت ۽ محبت وچان قومي مفاد جي ڳالهه ڪئي ته باهوڙجي کڻي ڳٿر ۾ جهليندا. پاڙي اوڙي، هم قوم، هم زبان ۽ هم وطن هجڻ جون سڀ حيا حقيقتون وساري ڌارين جا جاسوس بنجي پيا نوس نوس ڪندا. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي پست حال هئڻ جي ذميدار اها وڏيراڻي قيادت آهي.
سنڌي ماڻهوءَ جي لاءِ سواءِ انهي جي ٻيو ڪوبه چاڙهو ڪونهي ته هو انهي وڏيراڻي سياست تي ڀاڙڻ ڇڏي پنهنجي پوکي ۽ پنهنجي موکي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي عوام جي ذهن ۾ اها ڳالهه پڪيءَ طرح ويهاري ويئي هئي ته سياست صرف وڏن ماڻهن کي سونهي ٿي، غريب ۽ مسڪين کي ته انهي پاسي سوچڻ به نه گهرجي. جيئن ته پيداوار جي مڙني وسيلن تي انهن وڏن ماڻهن جو قبضو هو انهيءَ ڪري سرڪار ۾ به سندن لئي هئي. ٿاڻي يا آفيس ۾ غريب ماڻهو ويندو هو ته کيس پٽ تي ويهاريندا هئا ۽ ڪو وڏو ماڻهو آيو ته ڀليڪارون به ڏيندس ۽ ڪرسيءَ تي ويهاري خبرون چارون وٺندس. ڪاموري شاهي ۽ وڏيرا شاهي جو پاڻ ۾ هميشه گهاٽو ياراڻو رهيو آهي. ڪامورا تر جي وڏيري سان رس رهائي باقي خدا جي خلق کي پيا پٽيندا ۽ کائيندا. هوڏانهن وري وڏيرو پنهنجي سياسي سگهه کي قائم رکڻ لاءِ پيو پنج ڇوڙائيندو ۽ ڏهه ٻڌائيندو. اهڙي وايو منڊل ۾ سنڌي عوام جي سياسي شعور جي خاطر خواهه واڌ نه ٿي سگهي. اڄ به اسانجو اهو وڏو طبقو ساڳئي ڪار ۾ رڌل آهي رڳو ظلم ۽ ڏاڍ جو ڍنگ بدلايو اٿس.
پنهنجي ديس ۽ ديس واسين تي ڌارين کي آڻي مڙهيو اٿس. انهن جو پڇ لٽڪائو ٿي پنهنجي قوم جي محب وطن ماڻهن تي چغلخور بنيو بيٺو آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان ٻه سال پوءِ سنڌ جي سسي يعني ڪراچيءَ کي ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو، انهي ’ڪار خير‘ کي هڪڙِ سنڌي سياستدان رات ڏينهن جا کوڙ ڪري مڪمل ڪيو.

مُون پَڪ سُڃاتا پنهنجا هئا ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾.
(ابراهيم منشي)

انهيءَ فيصلي جي خلاف ڪراچي جي سنڌي شاگردن احتجاج ڪيو، پر انهيءَ احتجاجي آواز کي دٻڙ دونس سان دٻايو ويو. سنڌي عوام ٻڙڪ به نه ٻاڦي. مٿن اسلامي نظريه قوميت جو ايڏو ڀُوت سوار هو جو وطن وڃائڻ ۾ عار نٿي محسوس ڪيائون. پر ايڏي ڀينگ به نه هئي. ڪي محب وطن دروانديش انسان به موجود هئا جن اسيمبلي جي ايوان ۾ احتجاجي آواز بلند ڪيو.
روزنامه جنگ ڪراچي جي 16-17 سيپٽمبر 1953ع واري اشاعت ۾ ڇپيل هيءَ خبر اُنهيءَ احتجاج جو هڪ مثال آهي.
”ڪراچي 15 سيپٽمبر سنڌي هڪ الڳ قوم آهن. جي . ايم . سيد جو شرانگيز نعرو. مرڪز سنڌ سان ماٽي جي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي. سنڌ کي ڪراچي واپس ڏياري وڃي يا اُنجو معاوضو ادا ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ سڀاڻي غير سرڪاري تحريڪن جو ڏينهن آهي. ايجنڊا ۾ نوَ غير سرڪاري قراردادون شامل آهن. انهي موقعي تي حزب اختلاف جو ليڊر سنڌ اسيمبلي جي نالي هڪ عرضداشت پيش ڪندو جنهن ۾ ميمبر ان سنڌ کي سنڌ جي قديم ثقافت، تمدن ۽ تاريخ ياد ڏياري ويئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته آرين جو اصل وطن سنڌ جي اولهه ۾ هو ۽ اُهي ايشيا کان نه آيا هئا. لهٰذا تاريخي، جاگرافيائي، لساني ۽ معاشي ۽ ثقافتي لحاظ کان سنڌ الڳ قوميت رکي ٿي. انهيءَ ڪري انسانيت اسان تي هي فرض عائد ڪري ٿي ته اسان پنهنجي ثقافت کي ترقي ڏيون ۽ اُن جو واحد ذريعو زبان آهي، انهيءَ ڪري ضروري آهي ته سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي. مسٽر جي . ايم . سيد هڪ ٻي قرارداد ۾ چيو آهي ته سنڌ سڀ کان اول تحريڪ پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ پاڪستان حڪومت کي مٿي لڪائڻ جي جڳهه ڏني. لکين مهاجرن کي پناهه ڏني، پر سنڌ کي جاگرافيائي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي طرح اپاهج ڪيو ويو ۽ ڪراچي اُن کان کسي ويئي. سنڌ جي سرڪاري عمارتن تي حڪومت پاڪستان قبضو ڪري ورتو. سنڌ کي ڪراچي واپس ڏني وڃي يا اُن جو معاوضو ادا ڪيو وڃي.“
جڏهن اُن دور جي حالت جي جائزي وٺڻ لاءِ 1948ع جي الوحيد اخبار جا پرچا ڏٺم ته معلوم ٿيو ته الوحيد وڏي ايمانداري ۽ همت کان ڪم وٺندي ڪراچي جي سوال تي اداريا لکيا ۽ مضمون ڇاپيا. الوحيد جو اِهو ڪردار قومي جدوجهد جي تاريخ جو بهترين باب آهي. الوحيد سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري تحريڪ ۾ به تاريخي ڪردار ادا ڪيو. اڄ جي صحافت جو معيار اڳئين جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪِريل آهي. اڄ جي صحافت سرڪاري اشتهارن ۽ مراعات تي راضي رهي حق گوئي کان پاسو ڪري عيش آرام جا ڏينهن گهاري رهي آهي. صحافت قومي زندگي جي تربيت، اوسر ۽ تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. صحافيءَ جو قلم حق جو علم هوندو آهي. ايمانداري، حق گوئي، جُرئت ۽ بيباڪي اُن جو اهم ترين خصوصيتون هونديون آهن. جيڪڏهن ڪُوڙ بدوڙ، بليڪ ميلنگ، ذاتي فائدا، ذاتي ضد، خوشامد ۽ چاپلوسي مذڪور بالا خصوصيتن جي جڳهه والاري وڃن ته پوءِ صحافت جي ڏيوالپڻي جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي.
بهرحال ذڪر هو الوحيد جو ته الوحيد ڪراچي جي علحدگي جي ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ عوام جي آواز کي پنهنجن صفحن ۾ جڳهه ڏني. هيٺ ڪُجهه ٽُڪرا نموني طور پيش ڪجن ٿا.

(1) ”ڪراچيءَ جو سوال“، ”جمهوريت يا فئشزم؟“
هن عنوان هيٺ ڪراچي جي سنڌ کان علحدگي جي سوال جو تجزيو ڪندي انهي قدم کي غير دانشمندانه ۽ غير جمهوري قدم سڏيو.
(الوحيد ڪراچي 16 مارچ 1948ع)
(2) ”ڪراچي کي سنڌ کان جدا نه ڪريو.“
رتو ديرو 21 (خاص تار)
مسٽر عبدالفتاح (لاڙڪاڻه) جي آمد تي هتي مقامي مسلم ليگ ورڪرز سيّد وريل شاهه جي اوطاق تي ڪٺا ٿيا، جتي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ کي سخت لفظن ۾ ننديو ويو.
(الوحيد 22 فيبروري 1948ع)
(3) ”نه ڏينداسين ڪراچي“
اڄ صبح 11 وڳي مهل سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس سيّدصالح محمد شاهه صاحب جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ هال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وزيرن مان آنريبل پير الاهي بخش، قاضي فضل الله ۽ ڪيترن ايم . ايل . اي حضرات شرڪت ڪئي. ميٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مسلم اسٽوڊنٽس کڏه ۽ نو آباد محلن جا ڄاموٽ، چڱا مڙس ۽ ڪيترائي مڪراني بلوچ لوڪلبورڊ هال جي حدن ۾ اچي جمع ٿيا ۽ سارو وقت هيٺين قسمن جا نعرا هڻندا رهيا. ”نه ڏينداسون ڪراچي“، ”ڪراچي ڪين ڏينداسين.“
(الوحيد 10 فيبروري 1948ع)

سنڌ جي هر محرومي ۽ پيڙا پنهنجي زبانان پاڻ ٻولي ويٺي:
ٽي سئو سَٺ سنڌن، سئو ڏهوتر هڏيون،
سڀئي سُورَ ڪَڙهن، ڪهڙي آڇيان ويڄ کي.
(لطيف)
سنڌ ۾ سنڌي شاگرد هلچل کي سمجهڻ لاءِ انهن سُورن صدمن جي لاڳيتي سلسلي کي سمجهڻ ضروري آهي. لهٰذا انهن جو مختصر وستار/بيان پڙهندڙن جي صحيح ڏس ۾ رهنمائي ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجندو.
(1) ڪراچيءَ جي سنڌ کان علحدگي، جنهن جو تفصيلي ذڪر اڳين صفحن ۾ اچي چڪو آهي.
(2) نئين رياست ٺهڻ کانپوءِ ٻيو فوري مسئلو هندن جي ڇڏيل ملڪيتن جو هو. سن 1947ع ۾ سنڌ اسيمبلي هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو هو ته سنڌ ۾ هندن وٽ جيڪي مسلمانن جون زمينون گروي رکيل هيون سي اصل مالڪن کي موٽايون وينديون. پر مرڪزي حڪومت انهي ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ پنجاب ۾ انهي تي مڪمل نموني عمل ڪندي گروي ٿيل زمينون اصل مالڪن کي موٽايون ويون. سنڌ ۾ آيل ٻاهرين ماڻهن کي ورسائڻ لاءِ سيٽلمينٽ جا اهڙا قاعدا قانون ٺاهيا ويا جو مقامي جائيدادون ٻاهرين ماڻهن جي حوالي ٿي ويون. هن قانون ۾ هڪ فقرو هيءُ به رکيو ويو ته اُها جاءِ جنهن جي ماليت / اگهه ڏهن هزارن کان مٿي هوندو سا ڪنهن به مقامي ماڻهوءَ کي نه ڏني ويندي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻاهران آيل ماڻهن کي ڪليم داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ اُنهي ڪليم جي ثبوت ۾ ڪنهن به دستاويزي ثبوت جي گُهر بدران صرف قسم نامي کي ڪافي قرار ڏيئي پَڪل ميوي جيئن ملڪيتن کي ڪليمنٽس جي جهولين ۾ اُڇلايو ويو. ڪَن ماڻهن ۽ گروهن، جن کي اُن وقت جي سرڪار جي سرپرستي حاصل هئي، ڪُوڙن ڪليمن جو ڪاروبار ڪري راتو رات ڪروڙين ڪمائي ورتا. سنڌ ۾ ڪوڙن ڪليمن خلاف شاگردن ۽ سياستدانن طرفان گهڻي ئي واويلا مچائي ويئي، پر پلئه ڪجهه به نه پيو. جيتري قدر ياد ٿو پويم ته سنڌ اسٽوڊنٽس ڪلچر آرگنائيزيشن ۽ ٻين تنظيمن طرفان بُک هڙتالون به ڪرايون ويون، پر اختياري وارن جي ڪن تي جُونءَ به نه سُري، ايوب خان جي دور جي وزير آبادڪاري ليفٽيننٽ جنرل اعظم خان به اعتراف ڪيو ته:
”ڪليم وارن جو اهڙو گروهه به موجود آهي جيڪو پنهنجا ڪُوڙا ڪليم واپس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي.“
هن بيان مان سرڪار جي بي وسي يا ڪوڙن ڪليمنٽس جي وسيع پهچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. حڪومت طرفان بار بار اعلان ڪيا ويا ته ڪوڙن ڪليمن کي رد ڪيو ويندو ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پر ٿيو ڪجهه به ڪونه. سنڌ جي ماڻهن خلاف قانون جي ذيلي تنظيم هئي، انهيءَ ڪري اُن مستقل طرح انقلابي يا قومي پاليسي تي هلڻ جي اُميد رکڻ اجائي هُئي. ڪراچي جي مسئلي تي هن فيڊريشن جي پاليسي ۽ تحريڪ جي پويان اُنهن مسلم ليگي ميمبرن جو به هٿ هو، جيڪي ڪراچي جي علحدگي جا مخالف هئا. هن سلسلي ۾ سندن قومي جذبي کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن وقت ته اها تنظيم غير سنڌي شاگردن جو ڳڙهه آهي ۽ سندس پروگرام ۾ ترقي پسندانه انقلابي ۽ قوميتي مسئلي جو ڪوبه نقطو نه آهي.

ون يونٽ ۽ سنڌ
انهي کانپوءِ ون يونٽ جو مرحلو آيو، ڪلهه جو آهني انسان ۽ سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جو چئمپين مرحوم محمد ايوب کهڙو اقتدار جي هَوَس ۾ پگهري پاڻي ٿي ويو. کهڙي ۽ مرحوم پر علي محمد راشدي سنڌ جي سوداگري ڪري اولهه پاڪستان ۾ ’ون يونٽ‘ قائم ڪرايو. اُن وقت جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مان صرف ٽن چئن ميمبرن ’ون يونٽ جي ٺهراءُ‘ خلاف ووٽ ڪيو، باقي سڀ سدورا پُٽ هاڪاري ووٽ ڏيئي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ محڪوميءَ جو ڳٽ وجهي ويٺا. اهڙيءَ ريت سنڌ جي صديون پُراڻي حيثيت ”خودمختيار رياست“ گهٽجي ’صوبو‘ بني ۽ پوءِ ’صوبو‘ مٽجي اولهه پاڪسان يا پنجاب جو هڪ انتظامي زون بنجي ويئي. جيتوڻيڪ 19 سيپٽمبر 1957ع تي اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. پر انهي جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. هيءُ ٺهراءُ سنڌ جي هڪ سياستدان محترم غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي اسيمبلي ۾ پيس ڪيو، جنهن کي 300 ميمبرن جي ايوان مان 296 ميمبرن ووٽ ڪيو. هن مُلڪ جي سياست ۾ سياسي فيصلا سياسي ماڻهن جي بدران ’خفيه هٿن‘ طرفان ٿيندا رهيا آهن. انهي ڪري ئي سياسي عمل هميشه رنڊڪن ۽ رڪاوٽن جو شڪار رهيو آهي. انهي ڳالهه جو اهڃاڻ سابق صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي ڪتاب ”فرينڊس ناٽ ماسٽرس“ مان به ملي ٿو، جنهن ۾ هُن صاحب پاڻ کي ون يونٽ جي خالقن ۾ شمار ڪيو آهي. انهي بيان کي نظر ۾ رکندي 1958ع جي مارشل لا جو ڪارڻ سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. مُلڪي سياست ۾ فوج جي مداخلت جو تفصيلي چِٺو سابق ايئر مارشل اصغر خان (حال صدر تحريڪ استقلال) پنهنجي ڪتاب ”جنرلس ان پالٽڪس“ ۾ پڌرو ڪيو آهي.
جيتري قدر سنڌ جي ڏکن دردن ۽ محرومين جو تعلق آهي ته اُهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن. ڪهڙي ڪهڙي ڏک جو روئڻو روئجي. ’لطيف‘ چواڻي:
سرجيس ته سُورَ، سامايس ته سُک ويا،
اهي ٻئي پُور، مون نماڻيءَ نصيب ٿا.
انگريزيءَ جي ڪلاسيڪي شاعر شيڪسپيئر پنهنجي هڪ ڊرامي ۾ پنهنجي هڪ ڪردار واتان چوائي ٿو:

”منهنجي جان تي جيڪي به زخم آهن،
اُنهن مان هر زخم کي زبان آهي.“
(3) ”ڪراچي نه ڏينداسين“ صوبه سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صداءِ احتجاج، هن احتجاج ۾ وڏن خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو، مثلاً جڏهن ڪراچي جي علحدگي جي مخالفت ڪئي ويئي ته پاڪستان حڪومت جي هڪ وزير سنڌين کي ڌمڪايو ته ”صبر ڪريو ورنه 15 لک پناهه گير آڻي سنڌين کي بيڪار بنايو ويندو.“ انکي عملي جامو پهرائڻ لاءِ اسپيشل گاڏيون ڌڙا ڌڙ پناهه گيرن جا جٿا آڻي رهيون آهن. جڏهن پناهه گيرن جو انداز ٿر، سانگهڙ، نواب شاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ اصل سنڌين کان وڌيڪ ٿي ويندو ته ممڪن آهي ته پوءِ اسان کان اهي ضلعا به ڇڏائي جدا علائقا بنائي سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪيو وڃي. شايد اسان سنڌين کي اُتان لڏائي ٻين ضلعن ۾ وسايو وڃي. اهڙو علائقو پوءِ ته هميشه کوٽ ۾ رهندو. انهيءَ عذر تي سنڌ کي پنجاب سان گڏائي اسان جي وجود کي مٽايو ويندو. اسان هميشه پنجاب جي غلاميءَ هيٺ رهنداسين. ڪراچي اسان جو جگر آهي. ڪراچي سنڌ جي ڪنجي آهي، ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪنڊ ڪڙڇ مان نعرو لڳايو ته ”ڪراچي نه ڏينداسون“، ”سنڌ زنده باد“، ”سنڌي زنده باد“، ”ڪراچي نه ڏينداسون“.
(الوحيد 8 فيبروري 1948ع)


هن احتجاجي آواز ۾ جن خدشن جو ذڪر ڪيو ويو تن مان پنجاب جي قبضي يا ون يونٽ وارو خدشو ته صحيح ثابت ٿيو. باقي سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ واري ڳالهه سا به اڻ ٿيڻي نٿي ڀائنجي. ڪن حلقن پاران ڪراچي صوبي ٺاهڻ جو مطالبو اڳتي هلي رنگ لائي سگهي ٿو.
(4) 20 فيبروري 1948ع تي جمع ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ”يوم ڪراچي“ وڏي پئماني تي ملهايو ويو جنهن ۾ شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو، مظاهرا ڪيا ۽ قراردادون پاس ڪيون.
(5) 29 جنوري 1948ع تي سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن وزيراعليٰ، گورنر سنڌ ۽ قائداعظم اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا. جڏهن شاگردن سر غلام حسين هدايت الله گورنر سنڌ سان ملاقات جي گهر ڪئي ته هن ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. قائداعظم شاگردن جي 7 رڪني وفد سان ملاقات ڪئي ۽ ڏيڍ ڪلاڪ بحث ڪيو.
(الوحيد 30 جنوري 1948ع)

اُها مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جيڪا ڪراچي جي مسئلي تي سنڌ جي شاگردن جي نمائنده تنظيم جي حيثيت سان حڪومت سان ويڙهه کائي رهي هئي، سا اڳتي هلي هڪ بدترين رجعت پرست ۽ مرڪزي حاڪمن جي ايجنٽ جماعت بنجي ويئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا تڏا ويڙهجي ويا. هونئن به مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن مسلم ليگ هميشه سخت گير رهيون، پر ٻاهران آيل ڪوڙن ڪليمنٽس خلاف اُن جي پڪڙ ڏاڍي ڪمزور رهي. اهڙي ريت اربها روپين جون ملڪيتون يعني جايون، زمينون ۽ پلاٽ جيڪي هندو سيٺين مقامي ماڻهن کان وياجن ۽ قرضن عيوض گروي ورتيون هيون، اصل مالڪن کي ملڻ بجاءِ اوپرن آيل ماڻهن جي حوالي ٿي ويون.
(6) ون يونٽ: سن 1955ع ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ پيرزاده عبدالستار کي زوري وزارت تان هٽائي هٿ ٺوڪي وزارت قائم ڪري ون يونٽ تي ووٽ ورتو ويو. ون يونٽ جو قيام پنجاب جي پُراڻي خواب جو تعبير هو. انهي کانپوءِ سنڌ جي زمين، نوڪرين ۽ ملڪيتن کي مال غنيمت طور لٽيو ويو. انهي سلسلي ۾ به اسان اڳين صفحن ۾ ڪجهه ذڪر ڪيو آهي. بهرحال ون يونٽ خلاف فوري طرح سنڌ ۾ ردعمل جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ جي سياستدانن سائين جي . ايم . سيد ۽ ٻين ون يونٽ خلاف متحده محاذ قائم ڪيو.

متحده محاذ جو مقصد هو:
(الف) سنڌي ماڻهن جي سڀني طبقن کي متحده ڪري ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
(ب) سنڌ جي ڦُريل ۽ ڦٻايل حقن کي حاصل ڪرڻ.
(ٻ) سنڌ لاءِ وڌ ۾ وڌ خود مختياري وٺڻ.
(ڀ) سنڌي زبان جي قومي حيثيت مڃرائڻ.
هن محاذ طرفان اها به ڪوشش ڪئي ويئي ته بلوچستان ۽ سرحد سان اهڙن محاذن تي عظيم اتحاد ڪري حڪومت تي دٻا وجهجي. انهي سلسلي ۾ ڪي عملي قدم به کنيا ويا. پاڪستان نئشنل عوامي پارٽي، جنهن تي بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار طرفان پابندي عائد ڪئي ويئي، ون يونٽ ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌي شاگردن هن جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ون يونٽ ٽوڙڻ جي جدوجهد ۾ شاگردن هر اول دستي طور بهادري سان ڪردار ادا ڪيو. سنڌي شاگردن جي قومي جوش، ولولي ۽ اتحاد سنڌي ميرن، پيرن ۽ وڏيرن تي ايترو دٻاءُ وڌو جو اُهي سڀ مڙي اچي ون يونٽ ٽوڙ محاذ ۾ گڏ ٿيا. مونکي ياد آهي ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي حيدرآباد واري بنگلي تي هن محاذ جو وڏو اجتماع ٿيو هو، جنهن ۾ انهن سڀني وڏيرن پنهنجي گذريل غلطين جي معافي گُهري ۽ سنڌ جي حقن لاءِ وڙهڻ جو عهد ڪيو. پر پوءِ ترت ئي اُهي وڏيرا ۽ رئيس آهستي آهسي ٿي کسڪندا ويا ۽ وڃي پيپلزپارٽي جي پناري پيا. انهن ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ايوب خان جي ڪئبنٽ کان علحدگي اختيار ڪري هندستان ۽ پاڪستان درميان تاشقند معاهدي جو شوشو کڙو ڪري پنجاب ۾ چڱي موچاري همدردي ۽ مقبوليت حاصل ڪري ورتي هئي. ڀٽو صاحب هڪ زيرڪ قسم جو سياستدان هو ۽ عوام جي جذبات سان کيڏڻ ۾ ڪمال مهارت رکندو هو. هن هڪ طرف هندستان سان هزار سال جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪري پنجاب جي وڏي آبادي ۽ ٻين رجعت پسندن کي موهي وڌو هو ۽ انهن کي هن جي ذات ۾ نئون محمود غزنوي ۽ اورنگزيب نظر اچڻ لڳو هو. جيڪو هڪ ڏينهن دهليءَ جي لال قلعي تي سندن جهنڊو جُهلائي سندن مرتبو مٿاهون ڪندو. هن صاحب ٻي طرف اقتصادي برابري جا وڏا واڪ ڏيئي محروم ماڻهن جون دليون موهي ورتيون ۽ هنن واقعي سمجهڻ لڳو هو ته ڀٽي صاحب جي اقتدار ماڻڻ کانپوءِ اُهي ذلت جي زندگيءَ کان نجات پائي وٺندا ۽ دنيا جون سڀ آسائشون سندن اڱڻ تي اچي ڀيڙيون ٿينديون. انهي صورتحال کي تاڙيندي اسانجي وڏيرن ۽ رئيسن به سمجهيو ته عوام جي وهڪ ته ڀٽو صاحب وٺيو پيو وڃي، انهي ڪري عافيت انهيءَ ۾ آهي ته اوڏانهن لڙي پئجي. اهڙيءَ ريت استحصالي طبقو ۽ ڦريل لُٽيل طبقو ٻئي ڀٽي صاحب جي هنج ۾ ويٺا هئا ۽ هو ٻنهي جي ڳلن تي ٿڦڪيون ڏيندي ٻنهي کي ڪڏائيندو رهيو. انهي ريت عوام جي ووٽ سان اقتدار به ماڻي ويو ۽ پنهنجي طبقي جي اميري به برقرار رکي ويو.