حصو چوٿون
”منھنجي خيال ۾ مينھن پوڻ وارو آھي، اڄ ٺٽي نه وڃون.“
”مينھن مونکي ڇا ڪندو. تَنگ ڪيائين ته ڪنھن وسنديءَ ۾ پناہ وٺندس.“
پادري گرجا جي آڳر مان نڪري وسنديءَ ڏانھن روانو ٿيو. سامھون قلعو ھو جنھن جي چئني برجن تي توبون رکيون ھيون. ھن بندر مان ڏيساورن مان آيل مال ٺٽي ويندو ھو ته رستي تي مڪراني ڌاڙيل قافلن کي ڦريندا ھئا ۽ قافلن جي بچاءَ لاءِ مغلن جو ٻِن سَون جو فوجي دستو ان ۾ رھندو ھو. قلعي کان اڳتي لاھري بندر جي وسندي ھئي. مِٽي ۽ ڪاٺ جا اٽڪل ٻه سو ٽي سو گھر ھئا. شروع ۾ ھو جڏھين ھتي آيو ھو ته ماڻھو ھن کي ان وسنديءَ ۾ اچڻ نه ڏيندا ھئا. پر پوءِ آھستي آھستي جڏھين ماڻھن کي خبر پئي ته ھو ڊاڪٽر به آھي ته ماڻھن ھن وٽ اچڻ وڃڻ ۽ کيس پنھنجي گھرن ۾ وٺي وڃڻ لڳا. ھاڻي وسنديءَ جا سڀ ماڻھو، ھڪ ھڪ ٻار، ھڪ ھڪ پوڙھو ۽ ھڪ ھڪ جوان ھن جو چڱيءَ طرح واقف ھو. ھو وسنديءَ ڏانھن ويو. رستي ۽ گھٽين مان لنگھڻ وارن ھن جي کيڪر ڪئي ۽ وسنديءَ جا ڪِنا، ڪوجھا، ڪارا ۽ بُڇڙا ٻار ”فادر اچي ويو.....فادر اچي ويو.“ چوندا ڊوڙندا، ھن جي ڄنگھن سان چنبڙيا. ھن سڀني ٻارن کي پيار ڪيو ۽ کين ٽول ڏنا. ھن وسنديءَ جي ٻن چئن مريضن کي ڏٺو. سڀني کي مليريا ھئي. مليريا کي ماڻھن بيماري ئي نٿي سمجھيو. موسمي تپ چئي ٽاري ٿي ڇڏيائون. پر پوءِ جڏھين بخار سندن ھڏن ۾ ويھي ٿي ويو تڏھين لاچار ٿي طبيب وٽ ٿي ويا جنھن کين گھوٽا ۽ ڪاڙھا ٿي ڏنا. ھن پاڻ سان ڪونين آندي ھئي ۽ ڪونين معجزو ڏيکاريندڙ دوا ھئي. ان ڪونين جي مدد سان ھو ماڻھن جي گھرن ۽ سندن دلين تائين پڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو ھو.
وسنديءَ کان واپسيءَ تي ھو کاريءَ واري پاسي کان آيو. کاريءَ ۾ ڏيساور جي ڪنھن جھاز لنگر ھنيون ھو ۽ مزدورن سامان لاٿو ۽ چاڙھيو ٿي. ھو به اِئين ئي پاڻيءَ جي جھاز ۾ گوا مان ھت آيو ھو. ھن ڊيڪ تي بيھي ڪناري ڏانھن نھاريو ھو ۽ آسمان مان مينھن جي بوند ھن جي مُنھن تي پئي ھئي. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر ھئا، اڇن ڪنگن جا ولر ٿي اڏاڻا ۽ پريان ٽيٽيھر جي ”ٽين ٽين.....ٽين ٽين.“ جا آواز ٿي آيا.
پادري الفنسو باربوسا اصل پورچوگيزي ھو. تمام غريب گھراڻي ۾ پئدا ٿيو ھو ۽ ھن جا پيءُ ماءُ قسمت آزمائڻ لاءِ لزبن مان پورچوگيزي جھاز تي چڙھي ھندوستان روانا ٿيا ھئا. رستي ۾ جھاز تي ڪا وچڙندڙ بيماري پئي ھئي. اڌ کان وڌيڪ مسافر ان بيماريءَ ۾ مئا ھئا. ھن جا پيءُ ماءُ به اُن بيماريءَ جو شڪار ٿيا ھئا. جھاز ۾ ھڪڙي پادريءَ سفر تي ڪيو. مرڻ وقت ھن جي ماءُ ھن کي پادريءَ جي ھنج ۾ ڏنو ھو ۽ گوا ۾ پادريءَ ھن کي پالي نپائي وڏو ڪيو ھو.
پادريءَ کي ھو پاپا چوندو ھو. پاپا ڏاڍو ماٺيڻو ھو ۽ ڪم جي ڳالھه کانسواءِ اجايو اکر به نه ڳالھائيندو ھو پر ھن سان ننڍڙن ٻارن وانگر ڪچھريون ڪندو ۽ رانديون کيڏندو ھو. پر پوءِ جڏھين ھو وڏو ٿيو ته پاپا ھن سان به گھڻو ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٻنھي ۾ ويڇا اچي ويا. پاپا ھن جو آدرش ھو. سنھڙو، ڊگھو ۽ ماٺيڻو. سنھي ڏاڙھي جيڪا کاڏيءَ وٽ ٿوري ڊگھي ٿِي ٿَي وئي. ڊگھو اڇو چوغو مٿي تي ٽِڪڻ وٽ ننڍي اڇي ٽوپي ۽ ڳچيءَ ۾ صليب جي زنجيري. ڊگھا سنھرا وار ۽ اداس اکيون، ماٺ ڪيو پيو گرجا ۽ گرجا جي ساون ساون ٻارن ۾ گھمندو ھو. آچر جي ڏينھن گرجا ۾ عبادت ڪرائيندي انجيل جون آيتون پڙھندو ھو ته ائين لڳندو ھو ڄڻ يسوح مسيح صليب تان لھي، ماڻھن جي سامھون بيھي ماڻھن کي آسماني پيءُ جي محبت جون آيتون ٿو ٻڌائي. ننڍي لاءِ پاپا کي گرجا ۾ عبادت ڪرائيندو ڏسي ھن سوچيو ته جيڪر يسوح مسيح جي بدران ماڻھو پاپا کي صليب تي چاڙھن ھا ته پاپا جي ڪيڏي نه مڃتا ٿئي ھا.
اسڪول جي تعليم پوري ڪري ھو ڪاليج ۾ آيو ته ڪاليجي دوستن سان اٿندي ويھندي ھن کي پنھنجي شخصيت جي ھڪ عجيب اوڻائيءَ جي خبر پئي. ھن کي خبر پئي ته ھن جو سڀاءُ عام ڇوڪرن کان نرالو ھو. ھن جي ذھن ۾ ڪوھيڙو ڇانيل ھو ۽ ھو ھر ماڻھو ۽ ھر چھري کي اُن ڪوھيڙي مان ڏسندو ھو. ھر چھرو، ھر سڀاءُ ڌُنڌ ۾ ويڙھيل، اڻ چٽو ۽ وڻندڙ ھو. ھو ڇڪجي ان چھري ان سڀاءَ جي ويجھو ويندو ھو ته اوچتو ئي اوچتو ذھن مان ڪوھيڙو ختم ٿي ويندو ھو ۽ ھر طرف تيز، تِکي ۽ چُڀندڙ اُس پکڙجي ويندي ھئي جنھن ۾ ھو ماڻھوءَ کي ھن جي آر پار ڏسي سگھندو ھو. ھن جون سڀ خاميون، اوڳڻ ۽ عيب ھنکي چٽا نظر ايندا ھئا. پنھنجي اصل حالت کان ڏھوڻا وڏا، ڄڻ ھن جي اکين تي خوردبيني چڙھيل ھئي ۽ ھر ھڪ شيءِ پنھنجي اصلي حالت کان ڏھوڻي وڏي نظر ايندي ھئي. ماڻھن جو شڪليون ۽ شخصيتون ڏنگيون، ڦڏيون ۽ اڻ وڻندڙ نظر اينديون ھيون. انھن ڏينھن ۾ ھن مصوري سکي. سندس تصويرن ۾ به انساني شڪليون عجيب نموني جون ڏنگيون ڦڏيون ھونديون ھيون. ھن جون تصويرون ماڻھوءَ جي ظاھري صورت جي بدران ھن جي اندر جو عڪس ھيون.
ڇوڪرين جي معاملي ۾ ھن جي ذھن مان ڪڏھين به ڪوھيڙو نه لٿو. ھر ڇوڪري ست رنگي انڊلٺ ۾ ويڙھيل ھئي. ھر جسم ميگھه ملھار ھو جنھن جي وسڪار سان وجود ۾ کٽڻھار کڙي پوندا ھئا. ڪڏھين ڪڏھين ھنکي لڳندو ھو ڄڻ ھو پنھنجي چوڌاري پکڙيل چھرن جي جھنگ ۾ ڪنھن وڃايل چھري کي ڳولھيندو ٿو وتي. ھن جي اندر جي اجنتا ۾ ڪا مورتي اُڪريل ھئي جنھن جا نقش، جنھن جي جسم جا انگ ۽ ونگ ھو ھر چھري ۽ ھر جسم ۾ ڳولھيندو ھو. ڪي اکيون ان مورتيءَ جي اکين جھڙيون ھيون ته ٻيا نقش اوپرا ۽ اڻ سونھان ھئا. جسم سڃاتل ھو ته چھرو اوپرو ھو ۽ چھرو سڃاتل ھو ته جسم اوپرو ھو! ڄڻ ڪنھن ھن جي روح تي اُڪريل مورتيءَ کي ڀڃي ان جا ٽڪرا ماڻھن ۾ ورھائي ڇڏيا ھئا. ڪنھن وٽ اُن جون اکيون ھيون، ڪنھن وٽ چھرو ته ڪنھن وٽ جسم. انھن سڀني ورھايل ٽڪرن کي پاڻ ۾ ملائي مڪمل مورتيءَ کي ھو ڳولھيندو رھيو ھو ۽ پوءِ ھڪڙي ڏينھن سڀ ورھايل ٽڪرا پاڻ ۾ ملي مڪمل صورت اختيار ڪري ويا. ھن اکيون کڻي سامھون نھاريو ھو. سامھون مارگريٽ بيٺي ھئي. جنھن مشنري اسڪول ۾ ھو ماستر ھو اُن اسڪول ۾ ھوءَ ماسترياڻي ٿي آئي ھئي. ڪارو ڪُٺ بدن، ماسيريون ڇاتيون، ڪونج جھڙي ڳِچي، وڏيون وڏيون اکيون، ڄمن جھڙا ڪارا رس سان ڀريل چپ. ڪارو رنگ ھنکي ڏاڍو پراسرار لڳندو ھو. شايد اھو ھندستان جي روح جو رنگ ھو. ڪرشن، رام ۽ مارگريٽ جو رنگ، شايد انسان جي جنسي خواھشن جو رنگ يا ته تکو ڳاڙھو ھو يا وري ڪارو ڪٺ.
مارگريٽ ۽ ھو ٻئي دوست ٿي ويا. ٻئي سمنڊ جي ڪناري، ناريل جي وڻن جي جھنڊ ۾ ڪچھريون ڪندا ھئا. الائجي سندن اندر ۾ ڪيتريون ۽ ڪھڙيون ڳالھيون ھيون جيڪي کٽي نٿي کٽيون ۽ پل پھر کٽي ٿي ويا.
سج لڙيو ۽ گرجا جو صليبي نشان شفق جي رنگن ۾ جرڪڻ لڳو. ڪپر سان بيٺل ٻيڙين جا سڙہ ڦڙڪڻ لڳا. ڪناري سان ڏور تائين پکڙيل ۽ جھنڊ ھڻي بيٺل ناريل جا وڻ جھولڻ لڳا. سائي سائي گاہ تي اڇيون قميصيون ۽ نيريون چڍيون پاتل ٻارن رانديون ٿي کيڏيون. کير جھڙن اُجرن وڳن ۾ ٻه ڪاريون ڪاريون جواڻ جماڻ نرسون الائجي ڪھڙيءَ ڳالھه تي ٽھڪڙا ڏينديون ھنن جي ڀر مان لنگھيون. يورپي طرز تي ٺھيل ڳاڙھي کپريل جي ڇتين وارن ننڍڙن بنگلن جي سائي سائي لان ۾ پورچوگيزي پوڙھا ۽ پوڙھيون آرام ڪرسين تي آھليل ھئا. ھڪڙو ٻاؤ ”اوم پرڀو شانتي“ چوندو ھنن جي ڀر مان لنگھيو. گل فروش پوڙھي گوين ھنن کي گل آڇيا. سمند جي ڪپرن جي آلاڻ ھنن جي وجود ۾ رچجڻ لڳي. ھن ڪنڌ جھڪائي چپ مارگريٽ جي چپن تي رکيا. لھرون کلڪار ڪنديون ڪپر ڏانھن وڌيون ۽ ھنن جي وجود تي وري ويون.
ھن پنھنجي شخصيت جي اظھار لاءِ مصوريءَ جو سھارو ورتو ھو. پر ھن جي تصويرن ۾ انساني صورتون ڏنگيون ڦڏيون ھونديون ھيون. ھاڻي ھن حواسن مان حاصل ٿيل لذتن کي روحاني رنگ ڏنو ۽ يسوح مسيح جي ننڍپڻ جي تصوير ٺاھي. يسوح مسيح ننڍڙي ٻار جي روپ ۾ بِيبي مريم جي ھنج ۾ ھو. بِيبي مريم جي نيڻن مان تقدس ڀري مامتا ٿي ڇلڪي ۽ ھن جي ڀرسان حضرت يحيٰ بيٺو ھو. ھن تصوير مڪمل ڪري تصوير کي غور سان ڏٺو ۽ ھنکي اھو ڏسي تعجب ٿيو ته حضرت يحيٰ جي شڪل پاپا جھڙي ھئي. بيبي مريم جي شبيھه مارگريٽ جھڙي ۽ ٻار جي روپ ۾ يسوح مسيح ھو پاڻ ھو.
ھو مذھبي ماحول ۾ پليو نپنيو ھو. گھر جي ڪٽر مذھبي ماحول ھن جي اندر ۾ مذھب کان بيزاري پئدا ڪئي. ڪتابن ھن جي اندر ۾ عقل ۽ عقيدي جي ڇڪتاڻ شروع ڪئي ۽ ھو مذھب کان پري ٿيندو ويو. مذھبي رسمن ۽ عبادتن ۾ شامل ٿيڻ ۽ گرجا ۾ وڃڻ به ڇڏي ڏنائين. ماڻھو ھن جي عقيدن جي باري ۾ عجيب عجيب ڳالھيون ڪرڻ لڳا. ھو ماڻھن جون ڳالھيون ٻڌندو رھيو ۽ موٽ ۾ ڪجھ نه چيائين. ھن کي رڳو ھڪڙي ڳالھ جي حيرت ھئي ته ماڻھن ته ھن جي عقيدن جي باري ۾ ھيڏيون ڳالھيون ٿي ڪيون پر پاپا ماٺ ھو. ان باري ۾ پاپا ھن سان اکر به نه ڳالھايو ھو. پاپا جي ماٺ ھن کي بي چين ڪري ڇڏيو. ھن چاھيو ٿي ته پاپا ھن سان ھن جي عقيدن جي باري ۾ ڳالھائي. ھن کي سڌي راھ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري. ھن تي ڪاوڙجي. پر پاپا ماٺ ھو. آخر ھن کان پاپا جي ماٺ برداشت نه ٿي ۽ ھڪ رات ڊائننگ ٽيبل تي ھن پاڻ پاپا سان ڳالھ ڪڍي.
”پاپا، اوھان کي خبر آھي ته مان عقيدو وڃائي ويٺو آھيان.“
”ھا، مونکي خبر آھي.“ پاپا ڏاڍي ڌيرج سان وراڻيو. پاپا جي آواز ۾ نه ڪاوڙ ھئي ۽ نه ڏک.
”اوھان مونکي عقيدي تي آڻڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟“
ھن جو سوال ٻڌي پاپا ھلڪي کنگھڪار ڪري نڙي صاف ڪئي، اھا ھن جي خاص اسٽائيل ھئي.
”عقل جي آڌار تي جيئڻ وارا جڏھين عقيدي جو سفر شروع ڪندا آھن تڏھين رستي تي بي عقيدي جو رڻ پٽ به ايندو آھي ۽ اُھو رِڻ ماڻھوءَ کي اڪيلي سر پار ڪرڻو پوندو آھي.“
”پر پاپا. منھنجي ذھن ۾ ڪي سوال آھن جن جا جواب اوھان کي ڏيڻا آھن. منھنجو سڀ کان پھريون سوال اوھان جي باري ۾ آھي. مونکي ٻڌايو ته اوھان زندگيءَ جي خوشين ۽ خواھشن کي پاڻ تي حرام ڪري راھب ڇو ٿيا؟“
”اُن لاءِ ته يسوح مسيح جي محبت جو پيغام ماڻھن تائين پھچايان.“
”۽ ماڻھن جو اڳيون جھان سنواريان. ائين ني. پر مان اوھان کان پڇان ٿو ته اوھان مذھبي ماڻھن کي انسان جي ھن جھان سنوارڻ جي بدران اڳين جھان سنوارڻ جو اونو ڇو ھوندو آھي. اوھان کي خبر آھي ته ڪيترن ماڻھن لاءِ ھيءَ زندگي ۽ ھي جھان جھنم آھي پر اوھان مان ڪوبه ماڻھوءَ کي زندگيءَ جي جھنم مان بچائڻ لاءِ راھب نٿو ٿئي پر موت کانپوءِ جو جھان سنوارڻ لاءِ راھب ٿو ٿئي. اوھان کي ڪنھن حق ڏنو آھي ته اوھان ڪنھن به ماڻھوءَ کي سندس مذھب ڇڏي، ٻيو مذھب اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. ماڻھوءَ کي ڇڏيو ته ھو پنھنجي رنگ ۽ ڍنگ سان جيئي. اوھين رڳو ماڻھوءَ جون مجبوريون، بي وسيون، ڏُک ڏولاوا ڏُور ڪيو، کيس علم جو نُور عطا ڪيو ۽ زندگيءَ جون سچايون ھو پاڻيھي ڳولھي لھندو. گرجائن ٺاھڻ جي بدران اسڪول ۽ اسپتالون تعمير ڪيو ۽ ماڻھوءَ کي زندگيءَ جي جھنم کان بچايو. مان مڃان ٿو ته اوھان گوا ۾ اسڪول ۽ اسپتالون ٺھرايون آھن پر انڪري نه ته ماڻھوءَ سان ماڻھپي جي ناتي سان سندس اھنج ۽ ايذاءَ ۽ جھالت کي ختم ڪيو پر اُن لاءِ ته جيئن ھو زندگيءَ جون سھولتون حاصل ڪري عيسائي ٿئي. اُھا خودغرضي آھي ۽ ان خودغرضيءَ کي خدا ۽ يسوح مسيح به پسند نٿو ڪري. اوھان کي مڃڻو پوندو ته مذھب ماڻھوءَ کي سڌارڻ ۾ ناڪام ٿيو آھي. مذھب جي نالي تي ڪيڏو نه انساني ڪوس ٿيو آھي ۽ ”ھڪ ڳَل تي ڪو چماٽ ھڻيوَ ته ٻيو ڳَل سندس اڳيان جھليو“ جھڙي تعليم ڏيڻ واري يسوح مسيح جا پوئلڳ ھٿن ۾ بائيبل، بادفرنگ ۽ بارود کڻي آفريڪا ۽ ايشيا کي لُٽڻ لاءِ ڪاھي پيا آھن اچو ته مذھب کي رد ڪرڻ کانسواءِ ماڻھوءَ کي سڌارڻ ۽ زندگيءَ کي جنت بڻائڻ لاءِ ڪا ٻي واٽ ڳولھي ڪڍون.
ھو ماٺ ٿي ويو، ھن کي لڳو ته پاپا جي اڳيان ايڏي جوشيلي تقرير ڪري ھن پنھنجي اندر جي ٻار کي اوڳاڇي ڪڍيو ھو. پاپا ھن کي ماٺ ڏسي کنگھڪار ڪري نڙي صاف ڪئي ۽ پھريون کان وڌيڪ تحمل سان چيائين.
”گوتم پنھنجي ڀڪشن کي چيو ھو ته ڪڏھين به ڪنھن سان بحث نه ڪجو ڇاڪاڻ جو سچائيءَ کي رد ڪرڻ لاءِ به ايڏا ئي وزني دليل موجود آھن جيترا سچائيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ. سرمد کي چيائون ته ڪلمو پڙھ، ھو لااِلالله چئي ماٺ ٿي ويو. قاضين چيس ته اھو ته انڪاري فقرو آھي اڳتي اقراري فقرو ڇونه ٿو پڙھين. سرمد جواب ڏنو ته مان اڃا انڪار جي منزل تي ئي چڱيءَ طرح نه پڳو آھيان ۽ اوھين اقرار جي منزل جون ڳالھيون ٿا ڪيو ۽ قاضين ھن کي اقرار جي منزل تي پڄڻ کان اڳ ئي شھيد ڪري ڇڏيو. تون به اڃا انڪار جي منزل تي آھين ۽ مان بحث ۽ دليلن سان توکي ان منزل تي شھيد ڪرڻ نٿو چاھيان..... ”پاڻ اقرار جي منزل تي ملنداسين. شب بخير!“
چانڊوڪي رات، چوڏھينءَ جو چنڊ گرجا جي صليب ۾ اٽڪي بيٺو آھي. ناريل جا وڻ جھنڊ ھڻي ننڊ ۾ آھن. چوڏھينءَ جي چانڊاڻ ۾ سمنڊ جو سينو ساه کڻڻ سان ھيٺ مٿي ٿو ٿئي ۽ ويرون کلنديون، ڪڏنديون، ڪناري تي اچي وٽڙي ٿيون وڃن. زندگيءَ جي ساري سونھن، خوشبويون، مارگريٽ جو موھ، سندس ڇھاءُ جسم ۾ جاڳندڙ، ڳائيندڙ، جھومندڙ جذبا. منھنجي ھجڻ، منھنجي ھستي ۽ منھنجي وجود جا شاھد آھن. وجود جي ھر مٿاڇري تي حواسن سان مان زندگيءَ کي محسوس ٿو ڪيان ۽ منھنجا حواس، منھنجا احساس ان ڳالھ جا شاھد آھن ته مان آھيان، مارگريٽ ۽ سندس موھ آھي، زندگي آھي. ڪو ازلي ۽ ابدي پيار آھي جنھنجو ھڪ ٽيپو منھنجي ۽ مارگريٽ جو موھ آھي. ڪا ازلي ۽ ابدي سونھن آھي جنھن جي ھڪ ڪرڻي ڪائنات کي ھيڏي سونھن ۽ ھٻڪار بخشي آھي. ڪا ازلي ۽ ابدي نيڪي آھي جيڪا انساني جسم جي صورت ۾ ھن دنيا ۾ اچي ٿي ۽ بڇڙائي ۽ شِر کي ختم ڪرڻ لاءِ صليب تي چڙھي ٿي وڃي. گرجائن جا گھنڊ، پرھ ڦٽيءَ جو ٻانگ جا آواز، مندرن جا جھانجھ ۽ جوڳين جا سنک ان نيڪي، ان سونھن ۽ ان پيار جا پڙلاءَ آھن.
”مارگريٽ، مان لامذھب آھيان پر دھريو نه آھيان. مون رڳو پادرين جي مذھب ۽ سندن مدي خارج رسمن کي رد ڪيو آھي. منھنجا ٻه وجود آھن. ھڪڙو عقلي ۽ ٻيو احساساتي. عقلي وجود مذھب کي رد ٿو ڪري ۽ احساساتي وجود ھر شيءِ ۾ ڪنھن ازلي ۽ ابدي حسن، پيار ۽ نيڪي کي محسوس ٿو ڪري. تنھنجي قرب ۽ تنھنجي ڇھاءَ سان مان ڪنھن ازلي سچ کي پنھنجي وجود ۾ ڌڙڪندو ٿو محسوس ڪيا.“
اسڪول مان موڪل جو گھنڊ وڳو. ٻارڙا ڊوڙندا ڪلاسن مان نڪتا. ھو مارگريٽ سان گڏ اسڪول مان نڪري رستي تي آيو. اڄ مارگريٽ ڪوماڻيل ٿي لڳي. ھن کيس ڇھي ڏٺو. مارگريٽ جو بت باھ وانگر ٿي ٻريو. ھو مارگريٽ کي گھر ۾ ڇڏي، ڊوڙ پائي ڊاڪٽر وٺي آيو. ڊاڪٽر مارگريٽ جو علاج ڪيو پر سندس بخار نه ٽٽو. پوءِ مھينو ھنکي بخار رھيو. ڪڏھين ھن تي غشي ٿي طاري ٿي ته ڪڏھين ھوش ۾ ٿي آئي. ھوش ۾ اچڻ سان مارگريٽ زور سان ھن جو ھٿ ٿي جھليو جيئن ڪو ٻڏندڙ ٻاھر نڪرڻ لاءِ ڪناري تي بيٺل ماڻھوءَ جو ھٿ زور سان جھليندو آھي. بخار ۾ مارگريٽ ڳري ڪنڊا ٿي ويئي. ھن جو ماسيرو بدن سڪي ھڏائون پڃرو ٿي ويو، ڀريل ڀريل ڇاتيون ڪومائجي ويون. ڳَلن ۾ کڏون ۽ اکيون ڏار ڏيئي ويون. ان حالت م ھوءَ پھرين کان وڌيڪ سھڻي ٿي لڳي. ھن مارگريٽ جي ان بيمار سونھن کي ڏسي سوچيو. سونھن ڇا آھي. مارگريٽ جي ظاھري سونھن ختم ٿي ويئي آھي پوءِ به ھوءَ مون کي ايڏي سھڻي ڇو ٿي لڳي. شايد اھا منھنجي جذبي جي سونھن آھي جنھن بيمار مارگريٽ کي ايڏو سھڻو بڻائي ڇڏيو آھي. شايد جذبي جي سونھن ئي سچي سونھن آھي.
مھيني کان پوءِ ھڪڙي ڏينھن مارگريٽ جو بخار ٽٽو. ان ڏينھن ھو ڏاڍو خوش ھو. مارگريٽ به خوش ھئي. ٻئي ڏينھن مارگريٽ صحت جو غسل ڪيو، بھترين وڳو پاتو، وھنجي سھنجي پاڻ سينگاريو، چوٽيءَ ۾ رابيل جو گل سجائي ھن کي چيائين ”مونکي سمنڊ جي ڪناري تي وٺي ھل“
”تون ھيڏي ڪمزور آھين، سمنڊ جي ڪناري تائين ڪيئن ھلي سگھندينءَ؟“
”تنھنجي سھاري سان مان دنيا جي ھُن ڪناري تائين به ھلي سگھان ٿي. ھي ته سمنڊ جو ڪنارو آھي.“
ھن کيس سھارو ڏنو ۽ ٻئي سمند جي ڪناري ڏانھن روانا ٿيا. اڄ به سج لڙيو ۽ شفق جي رنگ ۾ گرجا جي صليب جرڪڻ لڳي. اڄ به دخاني جھاز جا سڙه ڦڙڪڻ ۽ جھنڊ ھڻي بيٺل ناريل جا وڻ جھولڻ لڳا. اڄ به ھڪڙو ٻاؤ ”اوم پرڀو شانتي“ چوندو ھنن جي ڀر مان لنگھيو ۽ پوڙھي گل فروش گوين ھنن کي گل آڇيا. ھو سمنڊ جي ڪناري تي اچي ويٺا ۽ واريءَ جي آلاڻ ۽ نرمي ھنن جي جسمن ۾ لھڻ لڳي. وري چند نڪتو ۽ صليب ۾ اٽڪي بيٺو. سمنڊ ساه کنيان ۽ سمنڊ جو سينو ھيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. ويرون نچنديون ٽپنديون، کلڪار ڪنديون ھنن ڏانھن وڌيون ۽ سندن وجودن تان وري ويون.
”ائين تو لڳيم ڄڻ ھي گھڙيون منھنجي تڪميل جون گھڙيون آھن. دل ۾ ڪا حسرت ڪانھي، اکين ۾ ڪو اڻ پورو خواب ڪونھي. ڄڻ سڀ خوشيون ماڻي ڇڏيم. سڀ خواب پورا ٿي ويا. دل ٿي چيو ته ساري منظر کي، تڪميل جي ھنن سمورين گھڙين کي اکين ۾ سانڍي سمھي پوان ۽ اکيون وري نه کوليان. منھنجي ھڪڙي ڳالھ مڃ، مان مري وڃان ته تون يسوح مسيح ڏانھن موٽي وڃجانءِ“
”ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين. اڃا ته اسان کي جيئڻو آھي. تڪميل جون اڃان ڪي ٻيون گھڙيون ماڻڻيون آھن. اڃا ڪيتريون خوشيون آھن جيڪي ماڻي نه سگھيا آھيون، ڪيترا خواب آھن جيڪي جاڳندڙ اکين ۾ ستل آھن. اڃان اسان کي ننڍڙو گھر ٺاھڻو آھي. گھر جي اڱڻ ۾ اسانجا ٻار رانديون کيڏندا ۽ اسين لان ۾ آرام ڪرسين تي آھلي پنھنجي ٻارن کي کلندو ٽڙندو ڏسي خوش ٿينداسين.“
”مون کي پيار ڪر.“
ھن مارگريٽ کي سيني سان لاتو. مارگريٽ ھن کي ائين ٻانھن ۾ ڀڪوڙيو ڄڻ ڪو ھن کي کانئس کسي وٺندو. اڄ تائين ڪڏھين به مارگريٽ ھن کي ايڏي پيار ۽ زور سان نه ڀڪوڙيو ھو، ڄڻ ھن وجودن جي سڀني ويڄن کي ختم ڪرڻ ٿي چاھيو. ھن مارگريٽ جون اکيون چميون، پيشانيءَ تي چپ رکيا ته اوچتو مارگريٽ جون ڀڪوڙيل ٻانھون ڍليون ٿي ويون ۽ ڪنڌ ھڪ پاسي لڙي آيو. ھن ڇرڪي مارگريٽ کي سيني کان ڌار ڪري ھن کي غور سان ڏٺو. مارگريٽ جو بي جان جسم ھن جي ٻانھن ۾ ھو. سمنڊ گجگوڙ ڪندي ھن ڏانھن وڌيو ۽ سڀ ڪجھ ان ۾ غرق ٿي ويو....... ان کان پوءِ ڇا ٿيو تنھن جي ھن کي ڪا يادگيري ڪانه ھئي. ڪيئن مارگريٽ جو لاش گھر پھتو، ڪيئن گرجا جا گھنڊ وڳا، ڪيئن ڪفن ۽ دفن جون رسمون ادا ٿيون. ھن کي رڳو ايترو ياد ھو ته چنڊ گرجا جي صليب تي لڙڪيل ھو ۽ ھو مرمر جي بت وانگر مارگريٽ جي قبر وٽ بيٺو ھو ۽ الائجي گھڻا ڏينھن گذري ويا ھئا. پوءِ پاپا ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکيو ھو ۽ کيس سھارو ڏيئي گرجا ۾ وٺي آيو ھو. ھن اکيون کڻي سامھون نھاريو ھو. سامھون وڏي صليب تي يسوع مسيح لڙڪيل ھو. ھن کي ائين لڳو ڄڻ صليب تي يسوع مسيح جي ھٿن ۽ پيرن ۾ کُتل ڪليون ڪنھن ھن جي ھانءَ ۾ ٺوڪيون ۽ پھريون دفعو ھن يسوع مسيح جي صليب تي چڙھڻ جي ايذاءَ کي محسوس ڪيو ۽ اندر جي ايذاءَ مان ھن جي اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا ۽ ھو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. پاپا ھن کي سيني سان لاتو ۽ ھو پاپا جي سيني ۾ سڏڪندو رھيو. نيٺ جڏھن ھو روئي روئي ساڻو ٿي پيو تڏھين ھن پاپا جي سيني تان ڪنڌ کڻي، اکيون اگھي يسوع مسيح جي مورتيءَ ڏانھن نھاريو ۽ مورتيءَ تان نظرون ھٽائڻ کانسواءِ ھن پاپا کي چيو:
”پاپا، مان پادري ٿيندس.“
پوءِ ھن طب ۽ جدا جدا مذھبن جي تعليم ورتي ۽ باقائدي پادري ٿيو ۽ پاپا کيس تبليغ لاءِ لاھري بندر موڪليو. گوا جي ڀيٽ ۾ لاھري بندر ڏاڍو ويران ۽ اداس ھو. اڳوڻي مشھور بندر ديبل کان پنجن ميلن، ٺٽي کان چاليھ ميلن، سمند کان ويھ ميل اندرئين پاسي، مھراڻ جي ھڪ شاخ جي الھندي ڪناري تي اھو بندر ھو. پڪو قلعو، ڪاٺي ۽ مٽيءَ جا گھر، لاھري بندر ۾ ھن کي عجيب اداسيءَ جو احساس ٿيو. اداس گھر، گھرن تي اداس منگھ، ھوائن ۾ به عجيب بي نانءِ اداسي رچيل ھئي. ماڻھن جي چھرن، سندن مرڪن ۽ ٽھڪن مان به اداسي ٿي بکي. لاھري بندر جون چانڊوڪي راتيون ھن کي ڏاڍيون وڻيون. اداس چانڊوڪين ۽ ھن جي پنھنجي روح جي ويرانين ۾ عجيب ھڪجھڙائي ھئي.
ٽيٽيھر ”ٽين ٽين ......ٽين ٽين ڪندو آسمان ۾ اڏاڻو. پادري خيالن مان جاڳي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ مينھن جي بوند ھن جي منھن تي پئي. ڪنگن جي قطار اُڏامندي لنگھي. پادري گرجا ڏانھن روانو ٿيو. گرجا جي احاطي کان ٻاھر وڻ جي ھيٺان نوڪر گھوڙو جھلي بيٺو ھو ۽ سسٽر ايلس ھن سان گڏ بيٺي ھئي. ھن سسٽر ايلس کان مرڪي موڪلائي گھوڙي تي لانگ ورائي ۽ ٺٽي روانو ٿيو.
............................................