حصو نائون
رات سنڌ جي قسمت جھڙي ڪاري ھئي. ڪارن ڪارن بادلن مان ڪجھ ستارا سنڌ لاءِ ساھ ڏيڻ وارن سرفروشن وانگر ٿي چمڪيا. وڻن ۾ واڪا ڪندڙ واءُ ڄڻ مظلوم جو فرياد...... اوچتو سارنگ ڳوٺ تي حملو ڪيو. باھيون، رڙيون دانھون، گھوڙن جون ھڻڪارون. سارنگ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي گھر ۾ گھڙيو. چڱي مڙس تراڙ کڻي سارنگ تي وار ڪيو. سارنگ جي مغل ساٿيءَ ڀالو سندس هانوَ ۾ ھنيو. پرئي مڙس جي زال پنھنجي ٻار کي سيني سان لائي پريان ڪنڊ ۾ بيٺي ھئي. ھن دانھن ڪئي ۽ ٻار کي ھيٺ لاھي، ڊوڙي اچي مڙس کي چنبڙي. سارنگ جي مغل ساٿيءَ مڙس جي مٿان جھڪيل عورت کي پٺيءَ ۾ ڀالو ھنيو. عورت دانھن ڪئي، ڪنڊ ۾ بيٺل ٻار چيٽ ڪئي امان....! ٻار جي چيٽ ساري وجود ۾ پڙاڏجڻ لڳي. امان.... امان.... امان!!! ھن جي ماضيءَ جي ويسر جي سرحد جي ھن پار صداؤن گونجڻ لڳيون. امان.... امان.... امان!!! ۽ ويسر جي اونداھيءَ ۾ وڪوڙيل ھر شيءِ روشن ٿيڻ لڳي.... ائين ئي مغلن ھن جي راڄ تي حملو ڪيو ھو. ائين ئي ھن جي پيءُ جي ھانوَ ۾ ڀالو لڳو ھو. ائين ئي ھن جي ماءُ دانھن ڪري پنھنجي مڙس سان چنبڙي ھئي. ائين ئي مغل ھن جي ماءُ جي پٺيءَ ۾ ڀالو ھنيو ھو ۽ ائين ئي ھن چيٽ ڪئي ھئي. امان.....! ۽ پوءِ ھو بيھوش ٿي ويو ھو.... ھن کي الائجي ڇا ٿي ويو. ڄڻ ھن جي اندر ۾ نفرت ۽ انتقام جو ٻرندڙ جبل ڦاٽو. ھن تراڙ سان پنھنجي مغل ساٿيءَ جو ڪنڌ لاٿو ۽ پوءِ رت ٽمندڙ تلوار سان پنھنجي ئي فوج ۾ ڪاھي پيو. ھن کي خبر ئي ڪانه پئي ته ھن ڇا ٿي ڪيو. سندس تلوار وڄ وانگر وراڪا ٿي ڏنا ۽ ھن جي پنھنجي فوج جي سپاھين جا ڪنڌ ٿي ڪريا. ھن کي جڏھين ھوش آيو ته ھو سجاول خان سمي جي سامھون بيٺو ھو ۽ ھن جو سارو لباس رت ۾ ڳاڙھو ھو.
”چاچا مان ڪير آھيان.“
سجاول خان ھن جي حالت ڏسي ڊڄي ويو.
”بابل تون سارنگ آھين، منھنجو ڀائٽيو، ٻيو ڪير آھين.“
”نه چاچا، مون کي ٻڌاءِ ته مان ڪير آھيان. منھنجو پيءُ ڪير ھو ۽ مغلن ھن کي ڇو ڪُٺو ھو.“
سارنگ پاڻ سوڍو ھو. ھن جو گھراڻو سوڍن جي سردار رڻمل سوڍي جي گھراڻي مان ھو جيڪو سارنگ خان سمي، درياءَ خان جي پٽن محمود خان ۽ مٺڻ خان سان گڏ شاھ بيگ ارغون سان وڙھندي شھيد ٿيو ھو. سوڍا پڳون لاھي ھڪ ٻئي جي چيلھن سان ٻڌي، شيھي جي ڀت بڻجي، ارغونن جي منھن مقابل ٿيا ھئا ۽ ڪي ارغونن جي ھٿان شھيد ٿيا ھئا ۽ جيڪي بچيا ھئا تن درياھ ۾ ٽپو ڏيئي آپ گھات ڪئي ھئي پر ارغونن جي آڻ نه مڃي ھئائون، تنھن کان پوءِ سوڍا جابلو پَٽن ۾ وڃي رھيا ھئا. سارنگ جو پيءُ ولھار سوڍو، سوڍن جو سردار ھو.
ڳوٺ ۾ ٿوري وڻڪار ھئي باقي چوڌاري نيڻ نھار تائين اڃايل پٽ ۽ اڪ، ٿوھر ۽ ديويءَ جا ٻوٽا ھئا. ھر سال سانوڻ ۾ ھر ڏيئي آسائتيون اکيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريندا ھئا. جھڙ ڦڙ ٿيندي ته اڃايل پٽن تي جوئر جا سنگ جھولندا ھئا ۽ ڳوٺاڻن جون جندڙيون جھومنديون ھيون. ڳوٺ ۾ ڪو وڏو زميندار نه ھو. پَٽ الله جا ھئا ۽ اپت ھر ھلائڻ واري جي ھئي. سڀ ھڪ جھڙا، ڏک سک جا ساٿي ۽ ھڪ ٻئي جا ڀرجھلو. لابارا ٿيندا ته سڀ اچي گڏ ٿيندا ھئا ڄڻ سڀ ھڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي ھئا. ٻه ٻه ٽوليون ٺھنديون، وچ ۾ دھلاري بيھندا، ڀير تي ڏونڪو لڳندو ۽ سڀ الله توھار ڪري لاباري کي جنبي ويندا ھئا. پير مڙدن جي ”شابي..... شابي“ پئي پوندي تان جو ھڪڙي ٽولي کٽندي. پوءِ ٽھڪڙا ۽ ھوڪرا، ڦنڊرون ڪسبيون، ديڳيون دمبيون. ڳاھ کان پوءِ اَن ديري ۾ ايندو ته جوڳي فقيرن جا ٽولا مرليون وڄائيندا پھچي ويندا. ھر ھڪ کان گوگي چھاڻ جي نالي جو ٽويو وٺندا. بابا فريد گنج شڪر جا مريد گھوڙن تي، فريد جي دلي کڻي ايندا. بابا فريد جا ڏوھيڙا ڳائي سندس نانوَ جا ٽويا وٺندا ھئا.
بره بره آکيئي، برھا، تون سلطان
جنھن تن بره نه اوپجي، سو تن ڄاڻ مساڻ.
زالون چونديون ھيون ته بابا فريد گنج شڪر جي نالي جيترو خير ڏيبو اوتري پاڻ ۾ ميٺ وڌندي. چوڌر ساوڪون، کير جا گوھا،، مکڻ جون چاڏيون، ان جون گُنديون!
جنھن سال مينھن نه وسندو ھو ۽ اَن جون گنديون خالي ٿي وينديون ھيون ته ڳوٺاڻا، لڏا پٽي، ڏاند ڊڪائي، اُٺ پلاڻي، مال ڪاھي، ڪنھن آباديءَ واري ھنڌ اچي لڏا لاھيندا ھئا. ٻنين ۾ پورھيو، محنت مزوري، سنھو سڪو واپار ڪري پيا ڏينھن گذاريندا ھئا. پر تن من ۾ پنھنجن پکن جي تانگھ کين سُک سان ويھڻ نه ڏيندي ھئي. ساوڻ جي پھرين ڇنڊي سان لڏا پٽي، لوڙاؤ ڳائيندا، ڳوٺ ڏانھن روانا ٿيندا ھئا. وري اھي ساڳيا سُک ۽ سرھايون، چانڊوڪي راتين ۾ ونجھ وٽي، ٻلھاڙا، ملاکڙا، جھوپڙي جھٽ، ڪافيون وايون، نڙ بيت. ڪڏھين ناچن جي ٽولي ايندي. سھڻا سھڻا ڳڀرو ڇورا، زنانا ويس ۽ رنن وارا ناٽ ڪري، راڳ ڳائيندا.
اڄ اڱڻ ۾ يار منھنجو، ٻانھن لوڏيندي ڏٺم ڙي.
ڳوٺ ۾ مٺڻ خان چارڻ رھندو ھو. سو سال کائي چڙھيو ھو پر اڄ به جوانن کان وڌيڪ جوان ھو. ڊگھو قد، سنھون بت، کير جھڙا اڇا ۽ ڊگھا وار، اڇي چاپئين ڏاڙھي، اڇا گھاٽا ڀرون جيڪي سندس اکين تي وري آيا ھئا. ڳالھ کڻڻ جو ڏاڍو ڏانءُ ھيس. دودو چنيسر، عمر مارئي، ڍولو مارو. ٻه جواڻ پٽ ھيس. ساوڻ ۽ ساجن. مٺڻ ڳالھ کڻندو ھو ساجن دھل ۽ ساوڻ سرندو وڄائيندو، ۽ پوءِ ٽيئي گڏجي ڳاھ ڳائيندا ھئا. مٺڻ خان ڳالھ شروع ڪندو ته ٻڌڻ وارا پنڊ پھڻ ٿي ويندا، ھن جي آواز جي لاھين چاڙھين ۽ داستان گوئيءَ جي منڊ ۾ منڊجي ويندا. ھو سندن اتساھ وڌائڻ لاءِ ڳالھ کڻندي کڻندي يڪدم ماٺ ٿي ويندو. ھروڀرو به پيو کنگھندو ۽ ماٺ کي انگھائيندو. ٻڌڻ وارا بي چين ٿي ويندا. بي چينيءَ سان پاسا ورائيندا، آخر ڪو چوندو.
”چاچا، پوءِ ڇا ٿيو؟“
”ابا ساھ ته پٽڻ ڏي، نِڙي ته آلي ڪرڻ ڏي.“
ڪو ھمراھ ٽپ ڏيئي پاڻيءَ جو ٽڀو ڀري ايندو. مٺڻ آھستي آھستي پاڻيءَ جا ڍڪ پيو ڀريندو. ماڻھن جي بي چيني ويتر وڌندي ويندي. آخر مٺڻ پاڻي پي، کنگھڪار ڪري ڳالھ شروع ڪندو.
”ھا سو ڳالھ ٿي ڪيم.....“
مٺڻ ساري سنڌ گھميو ھو. سنڌ جي ھڪ ھڪ راڄ، ھڪ ھڪ گھراڻي جي کيس خبر ھئي. زمانا ڏٺا ھئائين، سنڌ جي جيئري جاڳندي، گھمندي ڦرندي تاريخ ھو. سنڌ جي سورھين جي مھما ڳائيندو ھو ته ٻڌڻ وارن جي لونءَ ڪاندارجي ويندي ھئي. ڪيئن اتر ۾ ڌاريجا، ماڇي ۽ ٻروچ ارغونن سان وڙھيا ھئا. سيدن ۽ مھرن جي سردار لالو مھر وچ ۾ پئي، ارغونن سان سندن ٺاھ ڪرايو ھو ۽ ڪيئن ارغونن قاضي قاضن جي صلاح سان کين ڪُٺو ھو. ڪيئن جھانگير جي زال نورجھان جو ڀائيٽو مرزا احمد بيگ سيوھڻ جو حاڪم ٿي آيو ھو. ڪيئن ھو سارو ڏينھن شراب ۽ رنن سان رنگ رچائيندو ھو ۽ سندس ڀاءُ مرزا يوسف بيگ ڦرلٽ ۽ ظلم مچائي ڏنو ھو.
ھڪ دفعي ٻه سال ساندھ مينھن نه وٺو. ٽئين سال مس مس مينھن پيو ۽ ويران پَٽ آباد ٿيا ته سرڪاري ڪامورا ڍل اوڳاڙڻ لاءِ بنديون کڻي پڄي ويا. گذريل ٽن سالن ۽ ھلندڙ سال جي ڍل جو حساب ڪري سارو فصل ضبط ڪرڻ لڳا. ولھار خان سوڍو سياڻو مڙس ھو. ھن سرڪاري ڪارندن کي سمجھايو ته اسان سرڪار کي ڍل جي معافيءَ جي درخواست ڏني آھي، جي ڍل معاف ٿي ته واه، نه ته بيشڪ اچي ضبطيون ڪجو. ڪارندا واپس ھليا ويا. شام جو ولھار خان ساري راڄ کي سڏايو. صلاح اھا بيٺي ته ڍل ۾ ان ۽ مال ضبط ڪرائڻ جي بدران نومڙين، جوکين ۽ ڪھيرن وانگر جبل ۾ پناھ وٺون ۽ مغلن سان منھن ڏيون. بي عزتيءَ سان جيئڻ ۽ بک مرڻ کان وڙھي مرڻ چڱو. رات جو ھو فيصلو ڪري ستا ۽ آڌيءَ رات جو مغلن راتاھون ھنيون. باھيون، دانھون، ڪوڪون، سارنگ جي پيءُ کي ھنياوَ ۾ ڀالو لڳو. سارنگ جي ماءُ دانھن ڪري مڙس جي مٿان جھڪي. ھن جي پٺيءَ ۾ به ڀالو لڳو. سارنگ دانھن ڪئي ۽ سندس ذھن ۾ اونداھي ڇانئجي وئي. مٺڻ چارڻ ۽ سندس وڏو پٽ ساجن مارجي ويا. سندس ننڍو پٽ سانوڻ ۽ سانوڻ جي ڌيءُ سنڌو بچي ويا. سانوڻ سنڌوءَ کي کڻي ولھار جي گھر آيو ۽ اتي ولھار خان ۽ سندس زال کي مئل ڏٺائين. سارنگ بيھوش پيو ھو. ساوڻ سارنگ کي کنيون ۽ لڪندو ڇپندو سجاول خان سمي وٽ اچي پھتو ۽ سارنگ جي ٻانھن سجاول خان کي ڏنائين. سجاول خان سارنگ کي پالي نپائي وڏو ڪيو.
چاچي ماھرو ۽ درل ھن جا ڦٽ ڌوئي ملم پٽي ڪئي ۽ سارنگ اٿي بيٺو.
”مان وڃان ٿو.“
“ڪيڏانھن.“
”جيڏانھن منھن آيو تيڏانھن ويندس.“
سجاول خان ھن کي گھڻوئي جھليو، چيائينس ته اھڙي ھنڌ اماڻيندوسانءِ، جتي مغل ته مغل پر پکي به پر ھڻي نه سگھندا. پر سارنگ نه مڙيو. ھن کي پنھنجي پناھ پاڻ ڳولھڻي ھئي. چاچي ماھرو ھن کي پلوَ وڌا، دُرل جيڪا حجاب کان ھن جي سامھون نه ايندي ھئي، کيس ڀاڪر ۾ جھليو پر سارنگ نه مڙيو. سجاول خان ۽ چاچي ماھرو کان پيرين پئي موڪلايائين. ماھروءَ کيس ڀاڪر پاتو. سڀ روئڻ لڳا. ھن گھوڙي تي لانگ ورائي گھوڙي کي انڊي ھنئين، گھوڙو واءُ سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو. ھن ڳوٺ کان گھڻو پري وڃي، گھوڙي جي رفتار ڍري ڪئي ۽ پنھنجو پاڻ کان پڇيو ته ھاڻي ڪيڏانھن وڃان. رستي مان رستو ٿي ڦٽو، جھنگ، بر، وسنديون، ويران برپٽ، ھو ھلندو رھيو. بک، اڃ ۽ ٿَڪ، ڦٽ مان رت وھڻ لڳو. شام جا پاڇا لڙيا ته ھو ھڪڙي وسنديءَ جي ويجھو پھتو. وسنديءَ کان ٻاھر ڀرو کوھ ھو ۽ کوھ تي عورتن پاڻي ٿي ڀريو. ھن گھوڙو کوھ جي ڀرسان جھليو ۽ گھوڙي تان لھي ھڪ جواڻ جماڻ نينگريءَ کان پاڻي گھريائين. ھن ٻڪ جھليو، نينگريءَ ڏول اونڌو ڪيو. ھو ذري گھٽ سارو ڏول پي ويو. پاڻيءَ جو ٻڪ اکين تي ھنيائين ته سندس اکيون ٺري پيون. ھن ٺريل ۽ آلين اکين سان نينگر ڏانھن نھاريو. نينگر صفا سنڌوءَ جھڙي ٿي لڳي. شايد ھن نينگر جو نالو به سنڌو ھوندو ۽ ھن جو جاه پسند سارنگ سندس اکين کي اورانگھي، خوابن کي لتاڙي منصبداريءَ جي شوق ۾ ٺٽي ويو ھوندو. نينگر ھن جي رت لڳل شلوار کي ڏسي چيو:
”ادا، توکي ته ڌڪ لڳل آھي. گھر ھل، بابو جراح آھي، تنھنجي ملم پٽي ڪندو.“
ھن ٿورائتي اکين سان نينگر ڏانھن نھاريو ۽ سندس چپن تي ٿورائتي مُرڪ تري آئي.
”ادي، تنھنجا اکر ئي منھنجي ڦَٽن جا پھا آھن.“
ھو پٺتي مڙيو ته ھن جي ڄنگھ مان سُور جي سٽ نڪتي. ھن ٻنھي ھٿن سان ڄنگھ کي جھليو ۽ منڊڪائيندو منڊڪائيندو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان گھوڙي تي چڙھيو ۽ وسنديءَ کان پاسو ڪري جھنگ ڏانھن ھليو.
جھنگ ۾ ڪاري رات لٿي، ڪا واٽ نظر نٿي آئي. ڄنگھ مان سور جي سٽ ٿي نڪتي جيڪا سندس سَنڌ سَنڌ ۾ پکڙجي ٿي وئيي. ٿَڪ، بک ۽ سور. اوچتو جھنگ ختم ٿي ويو. سامھون درياھ ھو. درياھ جي ڪپ سان ٻيڙيون بيٺيون ھيون جن ۾ ڏيئا ٿي ٽمڪيا. ھن گھوڙو جھنگ ۾ ڇڏيو ۽ منڊڪائيندو ھڪڙي ٻيڙيءَ ڏانھن ھليو. اونداھيءَ رات ۾ درياھ ڪيڏو نه ڀوائتو ٿي لڳو. ٻيڙيءَ ۾ گھر ٺھيل ھو. پڙڇ تي ھڪڙي پير مڙد ۽ سندس جواڻ جماڻ ڌيءَ مڇيءَ جي ڄار جا ڇڳل ڌاڳا ٿي ڳنڍيا.
”ڪير آھين؟“ پير مڙد رعبدار آواز ۾ پڇيو.
”مھمان آھيان.“
”ڀل آئين، جي آئين. اڙي يار، تنھنجي ڄنگھ ته ڦٽيل آھي. اچ ھتي ويھ.“
پوڙھي ھن کي سھارو ڏيئي پڙڇ تي ويھاريو.
”نوري وارو ڪر. مڇيءَ جو تيل ڪوسو ڪري وٺ ۽ پلو به تري وٺ.“
ٻيڙيءَ ۾ کِکيءَ جي ڌپ ھئي. ھن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو. پوڙھي ھن جي ملم پٽي ڪئي ۽ نوري پلو تري آئي. ھن پلي ۽ ڳاڙھن چانورن جي مانيءَ جو گرھ کنيون ته گرھ سندس وات ۾ اٽڪي پيو. پاڻيءَ جي ڍڪ سان گرھ اندر ڪيائين. پيٽ ڀري ماني کائي ھو ٿورو آھليو ته کيس ننڊ کڻي وئي.
صبح جو ھن کي ٿوري سجاڳي ٿي ته ھن کي ائين لڳو ڄڻ ھو مڇيءَ جي ڍير ھيٺان پوريل ھو. ڌپ ۾ سندس ساھ ٿي ٻوساٽيو. پاڻيءَ جي شانءِ شانءِ، ٻيڙيءَ سان ٽڪرائيندڙ ڇولين ۽ درياھي پکين جا آواز، ھن يڪدم اکيون کوليون. سامھون کارو ٽنگيل ھو جنھن مان ريڳاڙا ٿي ڪريا. کاري سان گڏ ميرا چِڪ ڪپڙا ۽ ڄارا ٽنگيل ھئا ۽ ھو پڙڇ تي ليٽيو پيو ھو. ھن اکيون مھٽي چوڌاري نھاريو. پاسي کان درياھ ٿي وھيو. درياھ جي سِير ۾ ٻيڙي ٿي لنگھي جنھن جا سڙھ ٿي ڦڙڪيا. ڪپر سان بيٺل ٻيڙن مان ھڪ ٻيڙيءَ ۾ مھاڻيءَ وار ٿي ڇنڊيا. ٻي ٻيڙيءَ ۾ ڪپڙا ٿي ڌوتا. ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ماءُ پنھنجي شل اگھاڙي ٻار کي پٽيندي مار ٿي ڏني. ٻار ماءُ کان پاڻ ڇڏايو، ماءُ کي اگھاڙي گار ڏنائي. ماڻس کيس جھلڻ لاءِ اڳتي وڌي ته ھن درياھ ۾ گھُت ھنئين. ڏور کان مھاڻي جو آواز آيو. آواز ڏاڍو مٺو ھو.
بندر جان ڀئي ته سکاڻيا! مَ سُمھو
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽيءَ منجھ مھي
ايڏا سور سھي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!
مھاڻي جو ڏوھيڙو ٻڌي ھن جي بُت مان سيسراٽ نڪري ويا. ھاڻي مھاڻي وائي شروع ڪئي.
سائين ننڌا بار، وو! تن پانڌين ننڌا بار
توکي آرس اکڙين ۾!
پاتا پاڙيوارين، پڳھ منجھ پاتار
توکي آرس اکڙين ۾
پتڻ ٿو پور ڪري، آئي تنھنجي وارَ
مھاڻي جو آواز آھستي آھستي دور ٿيندو ويو. اوچتو ھن جي پٺيان چانديءَ جي ڪنگڻن جو آواز آيو. ھن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. ھڪڙي تِکي سانوري رنگ جي جواڻ جماڻ ڇوڪري، کارو مٿي تي رکي ٻيڙيءَ ۾ اندر آئي. ھن جي چيلھ سنھي ۽ ڇاتيون ماسيريون ھيون ۽ بنا ٽيڪ جي ائين ڪر کڻي بيٺيون ھيون ڄڻ ٻه ڪارڙا تتر ڀڙڪو ڏيئي اڏامڻ وارا ھجن. اکيون وڏيون، پنبڻيون ڊگھيون ۽ وريل. ھيءَ ڪير ھئي؟ ھن کي يادگيري پئي ته ھيءَ اھا ساڳي نوري ھئي جنھن رات ھن کي پلو تري کارايو ھو. نوري ھن کي ڏسي مرڪي. سندس تکي سانوري رنگ تي اڇا اڇا ڏند چمڪڻ لڳا. ھن کي لڳو ڄڻ نوريءَ جي مُرڪ ۾ موتيئي جا گل ٿي کڙيا.
”ھاڻي ڪيئن آھين؟“ سندس آواز به ڪيڏو نه مٺو ھو.
”ٺيڪ آھيان.“
”رات ته سارو بت ٿي سرۡڪيئه، ڦٽ ڪيئن اٿيئي؟“
”ھاڻي سور ڪونھي.“
”ٿورو آرام ڪر، مان ڳوٺ مان ٿي اچان ٿي.“
”مونکي ته وڃڻو آھي.“
”بابي جي موڪل کانسواءِ ڪيئن ويندين. بابو جھلي ويو آھي ته جيسين مان نه اچان تيسين نه ڇڏجائينس، مان ڳوٺ ۾ مڇي ڏيئي موٽي ٿي اچان. مولي واڻئي کان اٽو، گيھ ۽ ڳڙ وٺي اچان. بابي چيو آھي ته بصري پچائي کارائينس. ڪو وڏ گھراڻو ٿو لڳي. رات پلو ۽ چانورن جي ماني ٿي کاڌائين ته گرھ ٿي نڙيءَ ۾ اٽڪيس.“
”تنھنجي ھٿ جي تريل پلي ۾ اھڙو مزو ھو جو مغلي طعام ئي وسري ويا.“
”سچي!“ ھوءَ خوشيءَ ۾ ٽڙي پئي. مٿي تان کارو لاھي ھيٺ رکيائين ۽ ھن جي ڀر ۾ اچي ويٺي. ھن جي ساري بدن مان کِکيءَ جي ڌپ ٿي آئي پر ھن جي ڳالھين ۾ مرڪ ۽ موتيئي جي ھٻڪار ھئي. ھن جي ڪنن ۾ جھُلندڙ چانديءَ جي پنڙن، نڪ جي ڦليءَ ۽ ڪراين جي ڪنگڻن ڄڻ کلڪار ٿي ڪيا.
”عبدل کي به منھنجي ھٿ جو تريل پلو ڏاڍو وڻندو آھي.“
”عبدل ڪير آھي؟“
”عبدل کي نه سڃاڻين؟ سچي. تون ته ھن سان مليوئي نه آھين. صبح بابي کي وٺڻ آيو ته تون ننڊ ۾ ھئين. سانجھيءَ جو بابي سان گڏ موٽندو. ملندينس ته دل خوش ٿي ويندءِ.“
”تنھنجو ڇا لڳي؟“
”ڇا لڳي! سوٽ لڳي ۽ ٻيو.... ٻيو“ ھوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ سندس سانورن ڳلن تي حياءَ جي لالي ٽڙي پئي.
”توکي بک لکي ھوندي. نيرن به ڪانه ڪئي اٿيئي. جيسين بصريءَ لاءِ سودو وٺي اچان تيسين دير ٿي ويندي پلو تري ٿي کارايانءِ.“
ھن ھرڻيءَ وانگر ڇال ڏنو ۽ سندس ڪارڙن تترن ڀڙڪو کاڌو. ھوءَ چلھ جي ڀرسان وڃي ويٺي پلو ڇلي صاف ڪري، ترڻ لڳي. سارنگ ماٺ ڪري ھن کي ڏسندو رھيو. ھي به جيئڻ جو ڪھڙو نه عجيب انداز ھو. ھيٺ وڇايل پڙڇ، ٺڪر جو ڪُنيون، ٻه ٽي ٿانوَ، ڄارا ۽ کارا، اھائي ھنن جي ڪائنات ھئي.
نوري اک ڇنڀ ۾ تريل پلو ۽ چانورن جي ماني آڻي ھن جي اڳيان رکي. رات گرھ کنيون ھئائين ته نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو ھيس پر ھينئر ھنکي پلي ۽ چانورن جي مانيءَ عجيب مزو ڏنو.
”تو اھو ته ٻڌايو ئي ڪونه ته ڪير آھين.“
”مسافر آھيان، ٻيو ڪير آھيان.“
”مسافر آھين پر ڪٿان آيو آھين، ڪيڏانھن ٿو وڃين. پاڻ ڪير آھين، نالو ڇا اٿيئي. ڪو گھر گھاٽ، ٻار ٻچا، ماڻھو پورا احوال ڏي.“
”پورا احوال ھي آھن ته منھنجو نالو سارنگ آھي، ذات جو سوڍو آھيان. ٻار ٻچا، گھر گھاٽ ڪونھي. ٺٽي مان آيو آھيان ۽ مغل فوج منھنجي پٺيان آھي.“
”آئي گھوڙا. مغل فوج تنھنجي پٺيان آھي! پوءِ ڇا ڪجي؟“
”يڪدم درياھ پار ڪري مونکي ڪيڏانھن ڀڄي وڃڻ گھرجي.“
”پر بابي چيو ھو ته جيسين مان نه اچان تيسين نه ڇڏجائينس.“
”شام تائين ترسيس ته پوءِ سمجھ ته منھنجو خير نه آھي. مغل فوج ھتي پھتي ته مونکي جيئرو نه ڇڏيندي.“
”پوءِ ڇا ڪيون؟“
”مونکي ھينئر جو ھينئر پار پھچاءِ.“
”ھل ته ھلون.“
”تون مونکي پار وٺي ھلندينءَ؟“
”ھا. ان ۾ اچرج جي ڪھڙي ڳالھ آھي.“
ھو ٿوري دير لاءِ ھٻڪيو پر پوءِ نوريءَ جي اکين ۾ اعتماد ڏسي ھو اٿيو ۽ نوريءَ جي پٺيان ھلڻ لڳو. ڪپر سان گڏ ننڍي ٻيڙي ٻڌل ھئي. ھو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ ويٺا، نوريءَ ونجھ سنڀاليا ۽ ٻيڙي وچ سير ڏانھن نيئڻ لڳي. ھن ڪڏھين اڳتي جھڪي ۽ ڪڏھين پٺتي وري ونجھ ٿي ھلايا. سندس سارو بُت درياھ وانگر ٿي ڇليو. ھن کي ڇولين جي ڇوھ، سيرَ جي سٽن ڪُنن جي ڪڙڪن جي ڪا پرواھ ڪانه ھئي. نوريءَ کي ونجھ ھلائيندو ڏسي سارنگ سوچيو ته سونھن به ڪھڙي نه اضافي شيءِ آھي. ڪيئن نه ڪاراڻ ۽ ڪوجھائڻ ۾ به موتئي گل وانگر ٽڙي ٿي پوي. ھاڻي ھن کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته ڪيئن سنڌ جي سمي سلطان ڄام تماچيءَ مھاڻيءَ لاءِ ڄار ڪلھي ڪيو ھو. نوريءَ جو عبدل به ته ڄام تماچي ھو. ڪارو، ڪوجھو ۽ مور نه موچارو! پٻڻ جنھن جي پوشاڪ ھئي ۽ جنھن ککين ھاڻيون کاريون ۽ ڇڇن ھاڻا ڇڄ ڪلھي ڪري، زندگيءَ جي ڪُنن مان ٻيڙي پار ٿي پڄائي. ان ڪني، ڪاري ۽ ڪوجھي مھاڻي ڄام تماچيءَ لاءِ ڪنھن شاعر ڪاموڏ ڇونه لکيو؟
ٻيڙي ڪنڌيءَ سان لڳي. ھن ڪنڌيءَ تي لھي، نوريءَ کان موڪلايو.
”چڱو نوري، ھاڻي موڪلاڻي.“
”چڱو الله تو آھر“ نوريءَ مرڪ سان رابيل جي گلن جي ورکا ڪئي.
”نوري، تنھنجي مرڪ مونکان ڪڏھين به نه وسرندي. تنھنجي مرڪ جا رابيل ھميشہ ھانءَ ۾ ٽڙندا رھندا.
نوري پنھنجي تعريف ٻڌي ٽڙي پئي ۽ ونجھ ھلائيندي، ٻيڙي ڪاھي، سِير ڏانھن ھلي وئي. ھو ڪپر تي بيھي ھن کي ويندو ڏسندو رھيو. نوري جڏھين اکين کان ڏور ٿي وئي تڏھين ھن سوچيو ته ھاڻي ڪيڏانھن وڃان. نه ڪا منزل نه ماڳ، نه اوھي نه واھي. ھن وک وڌائي ۽ اڻ سونھن پيچرن تي پير رکيائين.
.........................................