ڏاهپ / اخلاقيات

ماڻهوءَ جو اصل امتحان

ڪتاب ”ماڻهوءَ جو اصل امتحان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.
هي ڪتاب چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي جيڪي اعليٰ انساني ڳُڻن جي ذريعي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتي ۽ ڪاميابي جي حاصلات جو نفسياتي، سماجي ۽ خدائي طريقو آهن.
Title Cover of book ماڻهوءَ جو اصل امتحان

فيملي ڪلچر ڪٿي اوهان جي شخصيت کي تباهه ته نه ڪري رهيو آهي؟

هينئر اهڙو واءُ گُهليو آهي جو پڙهيل ۽ هوند وارن ماڻهن جي اڪثريت رڳو پنهنجي ذات ۽ فيمليءَ لاءِ جيئڻ شروع ڪيو آهي. پئسو ڪمائڻ ۽ پوءِ رڳو پنهنجي ذات ۽ فيمليءَ تي خرچ ڪري ڇڏڻ انهن جي زندگيءَ جو مقصد بڻجي ويو آهي. انهيءَ طريقي کي ئي پنهنجو ماڊل بڻايو ويو آهي ۽ ٻيو ڪو به ماڊل انهن جي آڏو ڪونهي. شخصيت جو هڪ ماڊل هي آهي جو حضرت محمد ﷺ کان هڪ دفعو حضرت علي ؐ پڇيو هو ته سائين اوهان جي شخصيت جي پيروڪاري ڇا آهي؟ ته پاڻ سڳورن فرمايو ته اي علي! * پنهنجي خلقڻهار جي سڃاڻ منهنجو سرمايو آهي. * محبت منهنجو بنياد آهي. * عقلي طريقا منهنجي دين جو سرچشمو آهن. * جستجو منهنجي سواري آهي. * الله ﷻ جي ياد منهنجي سنگت آهي. * خدا تي اعتماد منهنجو خزانو آهي. * علم منهنجو هٿيار آهي. * صبر منهنجو لباس آهي. * خدا جو راضپو منهنجي غنيمت آهي. * عاجزي منهنجو فخر آهي. * زهد منهنجو پيشو آهي. * يقين منهنجي قوت آهي. * سچائيءَ جي واٽ منهنجو سٿ آهي. * خدا جي اطاعت منهنجو سهارو آهي. * حق جي واٽ تي جهد منهنجو اخلاق آهي ۽ نماز منهنجي اکين جو ٺار آهي.
اوهان سوچيو آهي ته دنيا جي سڀ کان عظيم انسان جي شخصيت جو هي منشور اسان مان ڪيترن ماڻهن جي لاءِ ماڊل بڻيل آهي. هن مان ڪيتريون شيون آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ جو وڙ ۽ وکر آهن. حضرت لقمان عليه السلام پنهنجي پٽ کي هي چئي ڏهه نصيحتون ڪيون هيون ته جيستائين اهي خصلتون نه هونديون انسان جو عقل ڪامل نه ٿيندو.
1) آڪڙ ۽ غرور کان پاڻ بچائيندو هجي.
2) نيڪ ڪمن ڏانهن لاڙو هجي.
3) پنهنجي بنيادي ضرورتن تي اڪتفا ڪري.
4) واڌو مال کي غريبن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪري.
5) دانائيءَ جون ڳالهيون حاصل ڪرڻ ۾ زندگي ڀر نه ٿڪجي.
6) معاملات ۾ بدمزاجي نه ڪري.
7) ٻين جي گهٽ احسان کي وڌ سمجهي ۽ پنهنجي وڏي احسان کي گهٽ سمجهي.
8) سڄي دنيا کي پاڻ کان سٺو سمجهي.
9) ڪنهن کي پاڻ کان سٺو ڏسي ته خوش ٿئي ۽ سوچي ته جيڪر مان به ان جهڙو ٿيان.
10) ڪنهن کي خراب حال ۾ ڏسي ته سوچي (انجام الله ﷻ جي هٿ ۾ آهي ڪهڙي خبر ته) هي نجات حاصل ڪري وٺي ۽ آءٌ ايئن ئي مري وڃان.
حضرت لقمان پٽ کي هي به چيو ته: ”اي منهنجا پٽ! جڏهن اهي صفتون تو ۾ پيدا ٿي وڃن ته سمجهه تنهنجو عقل مڪمل ٿي ويو.“ ڪوئي ٻڌائي ته اسان پنهنجي روزاني زندگي ۾ عقل جي هنن وکرن مان پنهنجي لاءِ ڪيترو حصو سوري وٺندا رهون ٿا.
عقل ۽ شعور جي دنيا ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا ماڊل اوهان جي سامهون آهن. اوهان انهن جي قالب ۾ پاڻ اوتڻ جا ڪيترا طلبگار بڻجو ٿا ۽ ڪيتري حاصلات ڪريو ٿا، اهو سڀ اوهان جي مٿان آڌاريل آهي. اوهان کي اشرف المخلوقات انسانذات بڻايو ويو آهي. اوهان کي دنيا جي ڏاهن ”سماجي ساهوارو“ سڏيو آهي. پوءِ به جي اوهان انسانذات ۽ سماج کان ڪٽجي رڳو فيمليءَ لاءِ جيئڻ شروع ڪندؤ ته ظاهر آهي اوهان جي شخصيت جي اها تعمير نه ٿي سگهندي جيڪا اوهان جو وَڙُ ۽ اوهان کي گهربل آهي. محبت هن دنيا جي سڀ کان طاقتور شيءِ آهي، جڏهن اوهان ٻين سان محبت ڪيو ٿا ته اوهان بنيادي انساني فطرت کي پورو ڪريو ٿا. اوهان جي فطرت اوهان سان لاڳاپيل ماڻهن جو دائرو وسيع ڪيو آهي، اهو فيمليءَ تائين محدود ڪونهي. اوهان جي چوڌاري ماڻهن جو وڏو تعداد آهي جيڪي اوهان جي ان محبت جا لهڻيدار آهن. روين جي ذريعي، سهائتا ۽ همدرديءَ جي لحاظ کان يا تعاون ۽ قربانيءَ جي صورت ۾ اوهان جِي سڄي سماج کي ضرورت آهي. اوهان جي پڙهيل ۽ هوند وارو هجڻ ۾ خود هن سماج جو وڏو هٿ آهي، ان ڪري اوهان سماج ۽ ڌرتيءَ وارن ماڻهن کان ڪٽجي پنهنجي شخصيت کي متوازن ۽ پائيدار بڻائي سگهو، اهو ممڪن ئي ناهي.
فيملي ڪلچر جو سڀ کان وڏو نقصان هيءُ آهي ته اوهان جي سوچ جو دائرو بيحد محدود ٿي وڃي ٿو. اوهان جو ذهن صرف اوهان جي مادي ضرورتن جي محدود دائري ۾ ڪم ڪري ٿو. اوهان سان جيڪي لاڳاپيل ماڻهو آهن، اوهان جا عزيز، اوهان جا ماتحت، اوهان جا پاڙيسري ۽ اوهان جا هم وطن، اوهان جو انهن سڀني سان تعلق يا ڪمزور پئجي وڃي ٿو يا ختم ٿي وڃي ٿو. اوهان جي ذات جي اوسر جن سماجي لڳ لاڳاپن جي ذريعي ٿيڻي هئي، اوهان جي اندر رحم، سخا، مروت، بردباري، قرباني، ايثار ۽ همت جون وصفون انهن سماجي لڳ لاڳاپن ۽ ماڻهن سان ڀلاين جي نتيجي ۾ سگهاريون ٿيڻيون هيون، اوهان پنهنجي محدود زندگيءَ جي ڪري انهن کي اُسرڻ ۽ نسرڻ ئي نٿا ڏيو. انهن آدرشن جي نتيجي ۾ خوشي، سڪون ۽ سلامتيءَ جي جيڪا اوهان جي ذهنن تي ۽ اوهان جي قلب ۽ روح تي پالوٽ ٿيڻي آهي، توهان ته ان جا موقعا ئي پيدا ٿيڻ نه ٿا ڏيو. حيرت آهي اوهان جي ان محروميءَ تي جيڪا اوهان زوريءَ پنهنجو مقدر بڻايو ٿا.
انهيءَ جو نقصان اهو ٿئي ٿو جو اوهان ظاهر ۾ مادي لحاظ کان آسودي زندگي گذارڻ لڳو ٿا پر عملي طرح اوهان جنهن فڪري سُڃائي جو شڪار ٿيو ٿا، انهيءَ خساري جو اوهان کي احساس ئي ڪونهي. جڏهن اوهان ان فيملي دائري کان ٻاهر سوچيو ئي نه ٿا، ته نتيجي ۾ اوهان وٽ نه ڪتابن پڙهڻ جو ماحول جڙي ٿو ۽ نه سنجيده خيالن جي ڏي وٺ ٿئي ٿي. نه انساني مسئلن تي ويچاريو وڃي ٿو ۽ نه ماڻهن سان ملڻ ٿئي ٿو ۽ نه وري انهن کان سکڻ ۽ ڪڙهڻ جو استفادو ٿئي ٿو. نه ڀٽائيءَ جي هن جي صدا کي موٽ ملي ٿي ته ”جن ماڻهن جي صحبت ۾ ويهندي تنهنجي دل جو غبار هلڪو ٿئي ۽ ڏکندو ڏور ٿئي، تون انهن وٽ خيما کوڙي ترسي پئه.“ نه اوهان جي اندر عظيم سوچن جو اڀار ٿئي ٿو ۽ نه جهان جي حقيقتن جي سڃاڻ جو شعور بيدار ٿئي ٿو. نه زندگيءَ جي وڏن وڏن مسئلن تي اوهان جي ڪا راءِ جڙي ٿي ۽ نه وري اوهان ۾ وڏن مقصدن لاءِ پاڻ ارپڻ جي هورا کورا ۽ جستجو پيدا ٿئي ٿي. مجلسن ۾ ويٺؤ ته ڊرائنگ رومن جي پردن، پلاٽن جي تعداد ۽ نئين ماڊل جي ڪار کان سواءِ اوهان ڪنهن موضوع تي ڳالهائي نه ٿا سگهو. ماڻهن جون گلائون، ٽوڪون ۽ تنقيدون اوهان جو محبوب مشغلو بڻجي وڃن ٿيون. اوهان کي انهيءَ ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته ان سان اوهان ماڻهن جي ڪهڙي خاني ۾ بيهو ٿا. هي اولهه جي عام چوڻي آهي ته خسيس ماڻهو ٻين ماڻهن جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن. رواجي ماڻهو شين جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن ۽ سٺا ماڻهو افڪار ۽ نظرين تي ڳالهائيندا آهن.
اوهان ڪير آهيو؟ ڇو تخليق ڪيا ويا آهيو؟ اوهان جي منزل ڇا آهي؟ اهي سوال اوهان جي زندگيءَ ۾ ڪا به اهميت رکندڙ نٿا هجن. اوهان جي چوڌاري ماڻهو ڪهڙن عذابن جي زندگي گذاري رهيا آهن؟ اوهان جو قومي وجود ڪهڙن خطرن جو شڪار آهي؟ اوهان جي سڃاڻ ڪهڙين خطرناڪين جي ور چڙهيل آهي؟ اهڙن سوالن تي سوچڻ کي اوهان ديواني جي سوچ سمجهي ڇڏيو آهي. ان جي نتيجي ۾ ٿئي هيئن ٿو جو ظاهر ۾ ته اوهان سفيد پوش سريلا ماڻهو نظر پيا اچو پر عملي طور تي اوهان هڪڙا خوش پوش حيوان (Well-dressed animal) بڻيل هجو ٿا.
علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي تقريرن ۾ شيڪسپيئر جي هڪ ڊرامي ۾ هڪ عورت ڪردار جو حوالو ڏيندو هو ته ميڪابٿ (Macbith) نالي هڪ عورت ننڊ ۾ هلندي اچي ٿي، جيڪا سڀ گلاس ۽ گهڙيال ميز تان هٽائي ڇڏي ٿي. هوءَ نٿي ڄاڻي ته هوءَ ڇا پئي ڪري. هوءَ ٺيڪ ٺاڪ هلي پئي ۽ ٺيڪ ڳالهائي پئي پر سڀ ننڊ ۾ ڪري پئي. سو، ميڪابٿ عورت وانگر اوهان به سڄي زندگي ايئن ننڊ ۾ گذاريو پيا. فرق صرف هي آهي ته ميڪابٿ جو ڪردار مختصر آهي ۽ اوهان جو ڪردار ڊگهي عرصي جو آهي. جيڪي به عمل اوهان جي زندگيءَ ۾ آهن انهن ۾ ڪي به اهڙا ناهن جيڪي حد درجي جي عزت وارا هجن ۽ مرڻ کانپوءِ پنهنجي خلقڻهار جي حضور ۾ سروخروئي سان پيش ڪري سگهجن.
فيملي ڪچلر ۾ جيئڻ جي نتيجي ۾ اوهان پنهنجي زندگيءَ لاءِ ضرورتن ۽ سَڌن جي وچ ۾ ڪو سَنڌو ڪڍڻ جا روادار نٿا رهو. زندگيءَ ۾ ماڻهوءَ جون هزارين سَڌون ۽ خواهشون آهن. ماڻهو خواهشن کي خدا بڻائي ٿا ڇڏين. خواهشن جي ڪڍ ڊوڙن ٿا، خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ جيئن ٿا ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر جائز ۽ ناجائز ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. قرآن مجيد ۾ ٻڌايل آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي خواهشن کي خدا بڻائي ٿا ڇڏين، اهي پنهنجي لاءِ بيحد بڇڙو انتخاب ٿا ڪن. زندگيءَ ۾ هڪڙيون مڃيل سچايون آهن. اهي سچايون انسانذات جي لاءِ بيحد فائديمند آهن. اوهان جون خواهشون انهن سچاين جي لتاڙ ڪن ٿيون ۽ پوءِ ظاهر آهي ان ۾ ٻي انسانذات جو خسارو ۽ نقصان ٿئي ٿو. اهو هيئن ته اوهان جي خواهش آهي ته اوهان کي نئين ماڊل جي ڪار گهرجي، نئين پروجيڪٽ ۾ هڪڙا عيش عشرت وارا بنگلا مشتهر ٿيا آهن، سو به گهرجي. اوهان هينئر پنهنجو پاڻ کان ايمانداريءَ سان پڇو ته اهي شيون اوهان لاءِ بيحد ضروري آهن؟ خاص ڪري ان حالت ۾ جڏهن اوهان اڳ ۾ ئي پنهنجي ٻچن جي مهانگي فيس واري تعليم جا بار پنهنجي مٿان کنيون ويٺا آهيو. ويتر ٻاهرين ملڪن جي سالياني ٽوئر ۽ هي نئين ماڊل جي گاڏي ۽ نئون گهر به اوهان جي ذهن تي سوار ٿي ويا آهن. اوهان پنهنجو پاڻ کان ٻيو سوال هي به پڇو ته جيڪڏهن مان هي شيون خريد نه ڪيان ته ڇا منهنجو گذارو ٿي ويندو؟ انهن ڳالهين جي باوجود به اوهان پنهنجي خواهش پوري ٿيڻ جي پچر نٿا ڇڏيو ته پوءِ اوهان کي ٻين جي ۽ خود پنهنجي ذات جي وڏين حق تلفين مان گذرڻو پوي ٿو. اوهان کي جيڪي مالي نعمتون ملن ٿيون انهن ۾ توهان جي خدا، محروم ماڻهن ۽ سائلن جو حق رکيو آهي. اوهان جا عزيز قريب، اوهان جي چوڌاري مسڪين ماڻهو، اوهان جا ڌرتيءَ ڄاوا انهن سڀني جو اوهان جي مالن ۾ حق رکيو ويو آهي، اوهان جي خواهشن جي ڊگهي فهرست اها گنجائش ئي نٿي ڇڏي ته انهن محرومن ۽ سائلن سان ڪا ڀلائي ٿي سگهي. نتيجي ۾ اوهان خود ڏيڻ ۽ سخا جي وڏين انساني ڀلاين کان محروم ٿي وڃو ٿا ۽ خود پاڻ سان حق تلفيءَ جو شڪار به ٿيو ٿا. سخا ۽ انساني ڀلاين جي موٽ ۾ اوهان جي شخصيت اندر جيڪو حسن، اطمينان ۽ ترقيءَ جو اُڀار رڪجي وڃي ٿو ان نقصان جو ڪو به ازالو ڪونهي.
فيملي ڪلچر سان جيئڻ جو هڪ وڏو محرڪ پنهنجي اولاد جو اڻ حدو مستقبل ٺاهڻ جو جنون آهي. اولاد جو مستقبل ٺاهڻ جو جذبو ڪا خراب ڳالهه ڪونهي پر جڏهن اوهان ان کي جنون جي شڪل ڏيو ٿا ته اها رڳو خراب نه پر بيحد بڇڙي ڳالهه آهي. اوهان اولاد جي مستقبل ٺاهڻ لاءِ ان کي محبت ڏيو، وقت ڏيو، تربيت ڏيو ۽ ان کي سٺي تعليم ڏيو، انهن وڙن کان وڌيڪ اوهان جي محبت ۽ سندن مستقبل ٺاهڻ جو الڪو ڇا ٿو ٿي سگهي. اها اوهان جي انهن لاءِ سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي، پر جڏهن اوهان انهن جي لاءِ بنگلن، فيڪٽرين، شورومن، ڪارين جي ڊگهي فهرست ٺاهي انهن جو مستقبل ٺاهڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو ته سچ پچ اوهان پنهنجو ۽ انهن جو مستقبل تباهيءَ جي طرف ڌڪيو ٿا. پنهنجو مستقبل تباهي جي طرف انهيءَ شڪل ۾ جو اوهان جڏهن ان لامحدود بهتر مستقبل جي جنون ۾ اچو ٿا ته ظاهر آهي توهان کي پنهنجي پاڻ سان، چوڌاري ماڻهن سان ۽ سماج جون ڪيتريون ئي حق تليفون ڪرڻيون پون ٿيون.اوهان وٽ ملازمن جو وڏو تعداد آهي، اوهان انهن جون پگهارون سندن ضرورتن پٽاندر نه پر انهن جي مجبوريءَ هيٺ متعين ڪيو ٿا. هڪ ملازم جي 6 ٻارن جي تعليم، سادي گذاري ۽ پيءُ ماءُ جي خدمت لاءِ ان کي ويهن هزارن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار گهربل آهي، پر اوهان ڏهن ٻارهن هزارن جي پگهار تي ان کي هلايو ٿا. هو هينئر مجبوريءَ هيٺ اوهان وٽ ملازمت ڪري ٿو، پر اوهان جڏهن پنهنجي ڪاروباري ٽارگيٽ جي حاصلات لاءِ هن جي ضرورتن تي لت رکو ٿا ته اوهان وڏي انساني حق تلفيءَ جو شڪار ٿيو ٿا. جڏهن اوهان کي پنهنجي اولاد جو لامحدود مستقبل سنوارڻ جو جنون آهي ته پوءِ اها حق تلفي اوهان جي لاءِ معمولي ڳالهه بڻيل رهي ٿي. اوهان ته انهيءَ کان به وڌيڪ سنگين انساني حق تلفين جو شڪار ان وقت ٿيو ٿا جڏهن اوهان پيداگيرين ۽ بدعنوانين جي وڏي ڦهليل جهان جو حصو بڻجو ٿا. ان وقت پنهنجي اولاد جو مستقبل ٺاهڻ جي لونجهه ۾، اوهان جو پنهنجي خدا سان تعلق ڪمزور ٿي پوي ٿو. اوهان ايمانداريءَ بابت خدا جي حڪمن جي لتاڙ ڪري اهو سڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا ته ان صورت ۾ ان جو هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪيتو لوڙڻ جا ذميوار به اوهان پاڻ ئي بڻجو ٿا. اوهان جڏهن تعليم، صحت، انصاف، ۽ انساني سهولتن جي ڪمن ۾ بي اعتدالين ۽ بدعنوانين جو حصو بڻجي اولاد جو مستقبل سنوارڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا ته اها اوهان جي خام خيالي آهي ته هاڻي سندن مستقبل ٺهي ويندو. پر حقيقت هي آهي ته هڪ طرف اوهان جي پنهنجي ديانتداريءَ جو ڪم لهي ٿو وڃي ۽ ٻئي طرف هي پڪ سمجهو ته غريبن جي حق تلفين تي جڙيل اوهان جي اولاد جا خوشين وارا محل پائيدار هرگز نٿا بڻجي سگهن. خدا جو هي جهان انڌوڪار تي نٿو هلي. هتي خدا جا قانون جڙيل آهن، انهن قانونن پٽاندڙ هي جهان هلي ٿو. جن ماڻهن به حق حلال جي ڪمائيءَ سان تعليم ۽ تربيت ڏيڻ بجاءِ اهڙين انساني حق تلفين سان پنهنجي اولاد جو مستقبل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن جي اولاد ان مان سک نه ورتو آهي. سنڌ ۾ ته ڪيترا واقعا آهن جو اهڙن اميرن جي اولاد سورهن سالن جي اڀرندڙ جوانيءَ ۾ لوندڙين تي فائر ڪري پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. ڪن پاڻ کي ڏوهن جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ ڪي نشي ۽ بدڪارين جي ور چڙهي ويا ۽ تباهه حاليءَ جي طرف ڌڪجي ويا. مون کي خدا جي انهيءَ مڪافات واري قانون جي گرفت جهنجهوڙي ڇڏيندي آهي جڏهن مان سنڌ جي هڪ مهان دانشور جي زندگيءَ جو هي واقعو ياد ڪندو آهيان ته ان سان تڏهوڪي وزيراعليٰ ڄام صادق جي وڏي عقيدت هوندي هئي ۽ هو ان عقيدت جو فائدو هر مهيني شراب جي گتن جي منظوري واري صورت ۾ حاصل ڪندو هو ۽ پوءِ اهي فائيل 5-8 لکن ۾ سنڌ جي هندو سيٺين کي ملندا هيا. عين انهن ڏينهن ۾ ان جو ڊاڪٽر پٽ سنڌ جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ پڙهندي نشي جو ۽ آخر ۾ هيروئن جو عادي بڻيو ۽ آخرڪار اُن نشي ۾ پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. جنهن اولاد جي لاءِ اهي دولت جي حاصلات جا جتن پئي ڪيا ويا اها جوانيءَ ۾ جدائيءَ جو اهڙو ڏاگهه ڏئي وئي جو پوين لاءِ زندگي درد ۽ ڪرب بڻجي وئي.