جي توحيد ۽ شرڪ کي نٿا ڄاڻو ته پوءِ مسلماني ڪهڙي ڪم جي آ؟!!
• توحيد في الربوبيت
• توحيد في الصفات
• توحيد في العبادت
قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَبِّ النَّاسِ ۙ﴿۱﴾ مَلِکِ النَّاسِ ۙ﴿۲﴾ اِلٰہِ النَّاسِ ۙ﴿۳﴾
(الناس- 1 کان 3 )
• اي پيغمبر چئو ته، مان انسانن جي (اڪيلي) پالڻهار جي پناهه ۾ اچان ٿو.
(توحيد في الربوبيت)
• انسانن جي (اڪيلي) حاڪم جي پناهه ۾ اچان ٿو.
(توحيد في الصفات)
• انسانن جي (اڪيلي) معبود جي پناهه ۾ اچان ٿو.
(توحيد في العبادت)
هنن آيتن جو مفهوم هيءُ آهي ته:
• انسانن جي اڪيلي پالڻهار جي پالڻهاريءَ وارن قانونن تي هلڻ سان انسان سڀني تنگين ۽ آزارن کان سندس حفاظت واري دائري ۾ اچي وڃي ٿو.
• انسانن جي اڪيلي حاڪم ۽ تصرفات جي مالڪ جا حڪم مڃڻ ۽ ان جي ٻڌايل ضابطن تي هلڻ سان انسان سڀني غلامين ۽ ڏاڍاين کان سندس حفاظت واري دائري ۾ اچي وڃي ٿو.
• انسانن جي خلقڻهار ۽ سنڀاليندڙ اڪيلي معبود کي ئي عبادت جا سڀ حق حاصل آهن. ان جي عبادت ڪرڻ سان انسان هن دنيا ۾ توڻي آخرت ۾ سڀني آفتن ۽ اهنجاين کان ان جي حفاظت واري دائري ۾ اچي ٿو.
هيءُ پيغمبر انسانيتﷺ جي ذريعي الله ﷻ جي مڃيندڙن کي قرآن جي هدايت جو آخري پيغام آهي، جيڪو سڄي قرآن جو ڄڻ ته تت آهي. قرآن جي ٻين سڀني قانونن وانگر هنن ضابطن ۾ به ڪا رعايت ڪونهي. جيڪو به ربوبيت جو رستو ڇڏيندو، اهو مالڪ جي محبوبيت ڏانهن وڌي ڪونه سگهندو ۽ تنگيون ۽ آزار سندس پچر ڪونه ڇڏيندا. جيڪو به الله ﷻ جي ٻڌايل ضابطن تي عمل کان لنوائيندو ته نه ان جي ذات ۽ مرتبن جي ارتقا ٿيندي، نه الله ﷻ وٽ سندس ڪا چڱائي قبوليت جو سبب بڻبي ۽ نه وري خارجي زندگيءَ جون ڪشادگيون سندس حصي ۾ اچي سگهنديون. جيڪو به عبادت جي حق کي ان لاءِ خاص نه ڪندو ته اهو پنهنجي تخليقي مقصد کي وڃائي ويهندو ۽ ٻنهي جهانن جي سعادتن کان محروم رهندو.
[b]توحيد في الربوبيت ڇا آهي؟
[/b]جڏهن ماڻهو الله ﷻ جي ربوبيت ۾ توحيد جو اقرار ڪري ٿو ته هو پوري شعور، سمجهه ۽ دل جي گهراين سان انهيءَ اڪيلي پالڻهار جي پالڻهاريءَ وارن قانونن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪري ٿو. الله ﷻ جا پالڻهاريءَ وارا ڪجهه قانون هن ريت آهن:
1. هو جهانن جو پالڻهار آهي ۽ سندس پالڻهاري سڀني لاءِ عام آهي.
2. زمين تي اهڙو ڪوبه ساهوارو ناهي جنهن لاءِ الله ﷻ رزق جو بندوبست نه ڪيو هجي.
3. رب ڪل شيءِ¸ هر شيءِ جو خالق به اهو ئي آهي ۽ هر شيءِ جو پالڻهار ۽ مالڪ به اهو ئي آهي.
4. رزق جا سڀ وسيلا سندس جا ئي عطا ڪيل آهن، ايتري تائين جو زمين ۾ اوڀڙ جي صلاحيت به اهوئي رکي ٿو (ام نحن الزارعون) ۽ انهن کي پاڻي رسائڻ وارو به اهو ئي آهي (ام نحن الشاربون).
الله ﷻ جي پالڻهاريءَ وارن هنن قانونن تي هلڻ جي معنيٰ هيءُ آهي ته:
1. جيئن الله ﷻ جي پالڻهاري عام آهي تيئن سندس مڃيندڙن کي نيابت جو فرض نڀائيندي ربوبيت عامه جي قائم ڪرڻ يعني سماجي انصاف وارو نظام قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي، ته جيئن سڀني ماڻهن کي رزق جي برابر موقعن ۽ وسيلن مان حاصلات ٿيندي رهي.
2. اهڙو سماجي انصاف وارو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ جيئن اجتماعي ڪوششن جو ساٿاري بنجڻو آهي، تيئن انفرادي طور تي نظام ربوبيت جي تڪميل لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
I. الف: ماڻهو پاڻ پنهنجي بنيادي ضرورتن کان وڌيڪ جيڪو مال آهي، سو الله ﷻ جي رستي ۾ خرچ ڪري پنهنجي ان عمل سان ان جو اظهار ڪري.
II. ب: اهڙي مقصد لاءِ ٿيندڙ اجتماعي ڪوششن ۾ شريڪ بڻجي.
III. ج: پنهنجي نگرانيءَ ۾ شامل سڀني ماڻهن جي پرورش جي ذميواري احسن طريقي سان سر انجام ڏي.
3. جيئن ته هر شيءِ جو خالق، پرورش ڪندڙ ۽ اصل مالڪ اهوئي آهي، انهيءَ ڪري انسان جي حيثيت صرف امين واري آهي. انسان کي صرف اها امانت پنهنجي پنهنجي حقدارن تائين پهچائڻي آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي ابي امان، پنهنجي اولاد، پنهنجي مائٽن، پنهنجي ماتحتن ۽ پنهنجي چوڌاري سائلن ۽ محروم ماڻهن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن، مطلب ته سڀني جو پنهنجو پنهنجو حصو حڪمن ۽ ضابطن جي صورت ۾ ٻڌايل آهي ۽ ماڻهوءَ کي انهن جي پابندي ڪرڻي آهي.
جيڪڏهن ماڻهو توحيد في الربوبيت جي انهن تقاضائن ۽ لوازمات تي پورو نٿو هلي ۽ الله ﷻ جي عطا ڪيل رزق کي رڳو پنهنجي عقل جو ڪمال ٿو سمجهي يا پنهنجي وڏن جي جاگير سمجهي ان کي اجائي طريقي سان اڏائيندو وتي ٿو ۽ رڳو پنهنجي آرام واري زندگيءَ ۽ اولاد جي مستقبل ٺاهڻ جي چڪر ۾ خرچيندو رهي ٿو ته پوءِ هو توحيد جي قرآني تصور جو عملي منڪر آهي ۽ ان جو الله ﷻ کي مڃڻ منافقت ۽ ٺڳيءَ وارو مڃڻ آهي.
[b]توحيد في الصفات ڇا آهي؟
[/b]قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته:
1. الله ﷻ جي هستي جامع ڪمالات آهي. سڄي ڪائنات تي الله ﷻ جي حاڪميت آهي. هو پنهنجي اقتدار ۽ اختيار کي پنهنجي جوڙيل قانونن پٽاندڙ استعمال ڪري ٿو. اهي قانون ٺوس آهن ۽ انهن ۾ ڪڏهن به تبديلي نٿي اچي. ڪائنات جي گونا گونيءَ ۾ سيارن ۽ ڪهڪشائن جي نظام کان وٺي اسان واري شمسي نظام تائين سڀ شيون، سيارا ۽ گرهه، الله ﷻ جي مقرر ڪيل ٽاڻن ۽ پدن تي هلي ان جي قانونن جي پاسداري ڪري رهيا آهن ۽ انهيءَ نظام ۾ ڪنهن کي ذري برابر تبديليءَ جو اختيار ناهي. ان جو نتيجو هيءُ آهي ته، ڪروڙين سال گذري وڃڻ جي باوجود ڪائناتي نظام ۾ ڪابه گڙ ٻڙ ۽ فساد رونما نه ٿيو آهي. ڪائناتي قانونن وانگر ساڳيا ضابطا خود انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي فساد ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ خالق طرفان مقرر ۽ لاڳو ڪيا ويا آهن. انهن قانونن ۽ ضابطن جي پابندي انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي اهڙي ئي ترتيب ۽ ڪامرانيءَ سان هلائيندي جيئن هي ڪائنات جو نظام ڪروڙين سالن کان خوبيءَ سان هلي رهيو آهي. انسانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ واسطي ضابطن جو بنياد خدا جو عدل وارو نظام آهي، جنهن جو لازمي نتيجو هيءُ آهي ته هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجو ليکو لهڻو ملڻ گهرجي. ان جو هڪ مطلب هي آهي ته انسان جو هر عمل هڪ متعين نتيجو پيدا ڪري ٿو ۽ ان ۾ ڪنهن کي ڇوٽ ڪانهي. هر انسان کي هي اختيار حاصل آهي ته هو جيڪو عمل ڪرڻ چاهي سو آزاد ارادي جي چونڊ سان ڪري سگهي ٿو پر هو جيڪو به عمل ڪندو کيس ان جو موافق نتيجو پلئه پوندو. ائين هر گز ناهي ته انسان عمل ته هڪ قسم جو ڪري پر نتيجو کيس ٻئي قسم جو ملي. عمل جنهن قسم جو ئي هوندو، ان قسم جو نتيجو ملندو. اهي نتيجا الله ﷻ جي مقرر ڪيل قانونن مطابق مرتب ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح انسانن جي اجتماعي ڪمن جا به ساڳي طرح نتيجا مقرر ٿيل آهن.
2. انسان الله ﷻ جو خليفو يا نائب آهي ۽ ان حيثيت ۾ الله ﷻ جي صفتن کي اختيار ڪرڻ جو پابند آهي. انسانذات جون بنيادي صفتون هڪ محدود ۽ سميٽيل صورت ۾ خود ذات خداوندي جو عڪس ۽ اولڙو آهن. انهيءَ ڪري انساني صفتن جي نشونما تڏهن ٿي سگهي ٿي ۽ هو ڪماليت ڏانهن تڏهن وڌي سگهي ٿو جڏهن انسان الله ﷻ جي انهن صفتن کي معيار بڻائي سامهون رکي. اهو الله ﷻ ۽ انسان جو بنيادي تعلق آهي. جيئن جيئن انسان جي ذات جي انهن صفتن جي ذريعي نشونما ٿيندي ويندي تيئن تيئن هو الله ﷻ جي تخليقي ۽ تربيتي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو ويندو. اهڙيءَ طرح الله ﷻ ۽ ٻانهي جو تعلق حب وارو بڻجي ويندو.
الله ﷻ تي ايمان ان شخص جو تسليم ڪيو ويندو جيڪو ان خدا جو قائل هجي، جنهن جون صفتون قرآن مجيد بيان ڪيون آهن. الله ﷻ جي انهن صفتن کي صحيح تناسب سان اپنائڻ توحيدي عقيدي جي لازمي تقاضا آهي.
الله ﷻ جون هڪڙيون صفتون اهڙيون آهن جيڪي اُن لاءِ خاص آهن. جيئن هوالاول، هوالآخر (اول به اهو ۽ آخر به اهو). الله ﷻ جي اهڙين صفتن لاءِ حڪم آهي ته انهن کي الله ﷻ جي لاءِ خاص مڃيو وڃي. انهيءَ جو اقرار هن ريت آهي ته ٻانهو الله ﷻ جي حضور ۾ هميشه نوڙت ۽ نياز مندي اختيار ڪري ۽ سندس عظمت ۽ ڪبريائيءَ جي مڃتا ۽ تسبيح ۾ عاجزي ۽ نماڻائيءَ سان پيش ٿيندو رهي.
ٻيون صفتون اهڙيون آهن، جن لاءِ حڪم آهي ته ٻانهو پاڻ انهن صفتن جو پيڪر ۽ شيدائي بڻجي. جيئن الله ﷻ الرحمان الرحيم آهي ته ٻانهو پاڻ انهن صفتن جو پيڪر بڻجي خلق خدا سان همدردي ۽ خيرخواهي ڪري، دوست ۽ دشمنن لاءِ ٻاجهه جو رويو رکي، پنهنجي سيني ۾ دردمندي رکي ۽ بي ڪسن سان مهربانيون ڪري. اهڙيءَ طرح الله الرزاق آهي ته ٻانهو ان صفت کي اطاعت لاءِ هيئن شمار ڪري جو بکين کي کاڌو کارائي ۽ مسڪينن جي سار سنڀال لهي. اهڙيءَ طرح مسڪينن ۽ محرومن جي بحالڪاريءَ سان الله ﷻ جي خلافت جو حق ادا ڪرڻ جي سعادت ماڻي. الله ﷻ جي ذات الواسع آهي ته ٻانهو الله ﷻ جي ان صفت کي هيئن اپنائي جو ان جي ٻانهن تي پنهنجي فياضي ۽ مرتبي جون وسعتون کولي ڇڏي ۽ ائين الله ﷻ جي خلافت جو حق ادا ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري. اهڙيءَ طرح ٻين صفتن جي صورتحال آهي، جن ۾ انهن صفتن جو عملي جلوو پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ انسان لاءِ توحيد جي عقيدي جي لازمي تقاضا آهي.
الله ﷻ جي انهن صفتن جو حقيقي پوئلڳ ۽ متوالو بنجڻ لاءِ سماج ۾ جتي پنهنجي انفرادي ڪوشش جي ضرورت آهي، اتي ان کان وڌيڪ اجتماعي ڪوششن ۾ شريڪ ٿيڻ سان حقيقي مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته، خلق خدا سان همدردي ۽ خيرخواهي، بيڪسن سان مهربانيون، مسڪينن ۽ محرومن جي بحالڪاري ۽ اهڙيون ٻيون ٻانهپ جون ذميواريون ظالماڻي نظام جي تبديليءَ ۽ عدل ۽ انصاف واري اجتماعي نظام قائم ڪرڻ سان وڌيڪ تعلق رکن ٿيون. انهيءَ ڪري معاشري مان ظلم ۽ زيادتيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ٿيندڙ انقلابي ڪوششن ۽ سماجي تبديليءَ جي تحريڪن ۾ پنهنجي عملي شرڪت ۽ ڪوشش، انسان جي خلافت واري منصب کي سنڀالڻ لاءِ بنيادي گُهرجن ۾ شامل آهن. اهو توحيد جو حقيقي روح آهي. پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي ساٿي صحابين سان گڏجي توحيد جي انهيءَ روح کي انسانيت تائين پهچايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو اسلام کي انسانيت جو آفاقي دين بڻائڻ لاءِ سوڀائتو ٿيا.
مختصر لفظن ۾ توحيد في الصفات هي آهي ته:
1. الله ﷻ جيئن هن ڪائنات جو خالق آهي تيئن اِن جو هلائيندڙ ۽ احڪم الحاڪمين به آهي ۽ هن پنهنجي سڄي تخليق لاءِ ضابطا جوڙي ڇڏيا آهن.
2. الله ﷻ انسان کي اشرف المخلوقات جي حيثيت ۾ پنهنجو نائب بڻائي کيس پنهنجي صفتن جي ذريعي سندس ذات جي ترقيءَ جو پابند بڻايو آهي.
انهيءَ ڪري توحيد في الصفات جي تقاضا آهي ته:
1. انسان الله ﷻ جي جوڙيل ضابطن جو پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي سڀني مسئلن ۾ پابند رهي ۽ ان جي حڪمن جي بجا آوري ڪري.
2. الله ﷻ جي صفتن جو پاڻ ۾ رنگ پيدا ڪري ۽ انهن صفتن سان خدا جي مخلوق جي لاءِ ڌرتيءَ تي پاڻ کي ڪارگر ثابت ڪري ۽ اهڙيءَ طرح الله ﷻ جي قربت حاصل ڪري وٺي.
3.
[b]توحيد في العبادت :
[/b] الله ﷻ توحيد جي اعتقاد لاءِ ڪلمي طيب جا لفظ ٻڌايا آهن: لاالھ الا الله هن ڪلمي جا ٻه حصا آهن، هڪ سلبي، يعني هن ڳالهه جو يقين ۽ ان حقيقت جي مڃتا ته دنيا ۾ ڪابه اهڙي هستي ڪانهي جنهن اڳيان سيس نوايو وڃي، جنهن جي اطاعت اختيار ڪئي وڃي، جنهن کي آقا تسليم ڪيو وڃي ۽ جنهن کي پنهنجو حاجت روا سمجهيو وڃي.
اهڙيءَ طرح هي انڪار ۽ بغاوت پنهنجي نفساني خواهشن کان به آهي جيڪي ماڻهوءَ کي پنهنجي مرتبي کان ڪيرائي اسفل بڻائي ڇڏين ٿيون. هي انڪار ۽ بغاوت ان ڪافراڻي نظام ۽ سماج کان به آهي جيڪو خدا جي مخلوق کي پنهنجي جبري غلاميءَ ۾ آڻي ٿو. ان خوف جو به انڪار آهي، جيڪو فردن ۽ قومن جي مٿان مڙهيو وڃي ٿو ۽ جنهن سان کين نيستو ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ظلم ۽ انصافي جي هر علامت جو به انڪار آهي. مطلب ته، هي انڪار سڀني انسان دشمن طاقتن، ڪوڙن ۽ سرڪشيءَ سان مڙهيل خدائن، فرعونن ۽ طاقتور سرڪشن جي خلاف بغاوت جي نويد آهي ۽ جڏهن اهڙي طرح ذهن صاف ٿي وڃي ته پوءِ ان تي هڪ نئين عمارت اڏڻ سولي ٿي پوندي.
ڪلمي جو ٻيو حصو ايجابي پهلو آهي، يعني سڀني قوتن جي انڪار کان پوءِ هن ڳالهه جو اقرار ته صرف هڪ ئي قوت اهڙي آهي، جنهن جي اطاعت ڪرڻ ضروري آهي، جنهن جي سامهون سيس نوايو وڃي، يعني الله ﷻ جيڪو هن ڪائنات جو خلقڻهار آهي ۽ پنهنجي تخليق جي سڀني ضرورتن ۽ نفعي نقصان کي ڄاڻي ٿو. جيڪو انهن ضرورتن مطابق توري تڪي نهايت عدل سان قانون جوڙي ٿو. جيڪو اشرف المخلوقات جي عزت نفس جو محافظ آهي ۽ پنهنجي موڪليل ڪتابن ۽ پيغمبرن جي ذريعي انسان کي ان جي عزت نفس جي پائمالين مان ڪڍڻ سندس منشا ۽ مشيت آهي. اهو ئي آهي، جنهن جو فيصلو ۽ حڪم حرف آخر جي حيثيت رکي ٿو. هو پنهنجي سلطنت جي ذري ذري تي صرف پنهنجي حڪمن جي بجا آوري چاهي ٿو ۽ سندس حڪمن تي هلڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي. هو هر ڪنهن جي خبرگيري رکي ٿو ۽ سندس حڪمن کي ٽاري نه ٿو سگهجي سندس چيل هر لفظ حڪم جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان جي اختيار کي ڪو چئلينج نه ٿو ڪري سگهي. اهو پنهنجي اقتدار ۾ يڪتا آهي. سڀ ان جي آڏو جهڪندڙ آهن ۽ هو ڪنهن جي آڏو نٿو جهڪي. الــٰھ جون هي معنائون صرف ۽ صرف الله ﷻ جي ذات ۾ ئي لڀن ٿيون. ڪوبه ماڻهو، ڪوبه فرشتو، جِن يا ڪا ٻي مخلوق اهڙين صفتن جي مالڪ ڪانهي.
انهيءَ ڪري سڀ محتاجيون، سڀ نيازمنديون، سڀ عبادتون، سڀ گهرجون، سڀ وابستگيون ان ذات جي لاءِ ئي آهن. عبادت به صرف انهيءَ جي لاءِ آهي، ٻانهپ به صرف انهيءَ لاءِ آهي. رضا به انهيءَ جي گهرجي ۽ ڀروسو به انهيءَ ذات تي هجي.
هن سڄي ڪائنات ۾ حڪم ۽ حڪومت الله ﷻ جي آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪو شخص يا ڪا جماعت الله ﷻ جي انهيءَ حڪم جي ابتڙ الله ﷻ جي ٻانهن کي پنهنجو غلام بڻائي، انهن جي وسيلن تي قابض بڻجي، انهن جي آزاد راءِ کي دٻائي طاقت جي زور تي پنهنجو ڏاڍ قائم رکي ته اهو عمل الله ﷻ جي اختيار ۽ مالڪيءَ جي حق ۾ شرڪ بڻجي وڃي ٿو. ان وقت الله ﷻ جي مشيت انهن غلام فردن ۽ غلام قومن جي آزادي گهرندي آهي، تان ته انهن کي اهڙو آزاد ۽ منصفاڻو معاشرو ميسر ٿئي، جتي هو ڪنهن جبر ۽ ڏاڍ کان سواءِ الله ﷻ جي حڪمن تي عمل ڪري سگهن. اهڙيءَ طرح پيداوار جي انهن ذريعن تان طاقت جي زور تي ظالمن ۽ غاصبن جو ڪيل قبضو ختم ٿي وڃي، جيڪي ذريعا الله ﷻ پنهنجي ٻانهن لاءِ هڪجهڙن موقعن سان لاڀ حاصل ڪرڻ واسطي پيدا ڪيا آهن ته جيئن هر فرد پنهنجي جسماني ۽ گهريلو ضرورتن کي پورو ڪري اطمينان حاصل ڪري سگهي.
اهو ئي سبب هو جو حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل جي آزاديءَ جو مطالبو فرعون جي سامهون رکيو. فارسل معي بني اسرائيل(بني اسرائيل کي مون سان گڏ ڇڏ). فرعون چيو ته،”مون کان سواءِ ڪوبه رب ۽ حاڪم ڪونهي.“ پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل کي فرعون جي غلاميءَ مان ڪڍي آزاديءَ جي فضا ۾آڻڻ جو ڪم شروع ڪيو ته، جيئن اهي آزاديءَ واري ماحول ۾ آسانيءَ سان حقيقي خدا جي احڪامن جي اطاعت ڪري سگهن.
سڀني نبين جي تعليم ۽ جدوجهد ۾ انهن قومن جي غاصبن ۽ ڏاڍن سان مزاحمت ۽ ويڙهه جابجا نظر اچي ٿي ۽ خود پيغمبر ڪريمﷺ به پنهنجي نبوت واري دور جي طاقتور ۽ ظالم سردارن سان مسلسل ويڙهه ۽ جهاد ڪري انهن جي ڏاڍ جو خاتمو آندو. ان کانپوءِ ان دور جي ٻن وڏين غاصب طاقتن قيصر ۽ ڪسريٰ (روم ۽ ايران جي بادشاهت) جي خاتمي کي به پيغمبر اسلامﷺ پنهنجي مقصد مان ڄاڻايو. پاڻ اتي عربن جي پهرين اسلامي سلطنت جو بنياد وجهي نه صرف قيصر ۽ ڪسريٰ جي عالمي سامراجي نظام ۾ ڏار وڌائون پر انهن عالمي سامراجن جي علائقائي ڀاڙيتو عرب سردارن ۽ داداگيرن جي تسلط کي به ختم ڪيائون بعد ۾ سندس خليفن انهن غاصب طاقتن جي خاتمي جو ڪم مڪمل ڪيو.
مختصر لفظن ۾ توحيد في العبادت کي انسان جو عملي طرح مڃڻ هن ريت آهي ته:
1. جيئن ته خلقڻهار ۽ پالڻهار هستي الله ﷻ جي ذات آهي، انهيءَ ڪري اسان جي سڀني شڪرانن، سجدن ۽ عبادتن جي مستحق اها ئي ذات آهي، انهيءَ کان سواءِ ڪوبه اهڙو ڪونهي جنهن کي ان ذات جي صفات ۾ شريڪ ڪيو وڃي.
2. اسان جو جيئڻ مرڻ، اسان جون نمازون ۽ اسان جو قربانيون سڀ الله ﷻ جي لاءِ آهن ۽ اسان کي جيڪو ڪجهه وحيءَ جي ذريعي ٻڌايو اٿائين، اسين هر حال ۾ انهيءَ تعليم کي پنهنجي لاءِ ضابطو مڃون.
3. جيڪي فرد يا قوتون طاقت ۽ ڏاڍ جي زور تي قومن کي غلام بڻائي انهن جي وسيلن مان ناجائز فائدا حاصل ڪن ته انهن سان مزاحمت ۽ ويڙهه لاءِ پيغمبري طريقي جي هر حال ۾ پوئواري ڪجي ۽ جيڪي ماڻهو يا جماعتون اهو ڪم نباهين ٿا، تن جو ڀرپور ساٿ ڏجي.
توحيد جي انهن مٿانهن درجن جي نفي ڪندڙ طور طريقا شرڪ جي زمري ۾ اچن ٿا. انهن مان ڪجهه طور طريقا ته اسان جي اڳيان ظاهر شڪل ۾ خطرناڪ آهن ۽ ڪن جو طريقئهِ واردات لڪل يا ڳجهو آهي. قرآن مجيد شرڪ جي انهن سڀني ظاهر ۽ لڪل طريقن کي سندن پوري خطرناڪيءَ سميت پڌرو ڪري سامهون آندو آهي.
[b]فرقي بندي شرڪ آهي
[/b]هڪ الله ﷻ تي ايمان آڻڻ سان ماڻهو دنيا جي سڀني باطل خدائن جي غلاميءَ مان آزاد ٿي وڃي ٿو، هڪڙي ذات جي محڪوم ٿيڻ سان سڄي ڪائنات جو حاڪم بڻجي وڃي ٿو. هو ان هڪ دروازي تي جهڪي ٿو ته سڄي دنيا سندس در جي سلامي ٿئي ٿي. هيءُ اُن جو ٿي وڃي ٿو ته سڄو جهان سندس ٿي وڃي ٿو.
جڏهن انساني جماعت اها حقيقت مڃي ٿي ته سندس خدا هڪ آهي ته ان جو لازمي نتيجو آهي ته اها انساني جماعت به وحدت سان هڪ بڻجي. واحد خدا کي مڃيندڙ جماعت گروهن ۾ ورهايل نه هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻن خدائن جو مڃڻ شرڪ آهي ته ان جماعت جو ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجڻ به شرڪ جوئي قسم آهي، پر اها ته شرڪ جي بدترين صورت آهي جو اها جماعت سوين فرقن ۾ ورهايل هجي. قرآن ۾ به ائين فرمايل آهي:
”(ڏسو، ايمان جي دعويٰ جي باوجود) توهان مشرڪن مان نه ٿجو، جن پنهنجي دين ۾ فرقا پيدا ڪري ڇڏيا يا پاڻ به هڪ فرقو بڻجي ويا ۽ (حالت اِها وڃي بيٺي جو) هر فرقو پنهنجي مسلڪ (جي سچائيءَ) تي اڙجي ۽ ٽڏجي بيٺو.“ (الروم 31 ، 32)
تنهن ڪري اها ڳالهه طئي آهي ته مسلمانن جو فرقن ۽ گروهن ۾ ورهائجڻ عملي شرڪ آهي ۽ اڪيلي الله ﷻ تي ايمان رکندڙن جو اعليٰ انساني اصولن جي عالمگير مقصدن لاءِ هڪ ئي وحدت تي قائم رهڻ توحيد جي عقيدي جو عملي ثبوت آهي.
مسلمانن جي اها وحدت هن ڳالهه سان ٻڌل آهي ته هڪ ئي قانون جي اطاعت ڪري ۽ سڀني جي زندگيءَ جو نصب العين يعني جيئڻ مرڻ هڪ ئي مقصد لاءِ هجي. اهو مقصد آهي انسانيت جي لاءِ فلاح ڀريو نظام قائم ڪرڻ. اهو مقصد جيئن جيئن حاصلات جي طرف وڌندو ويندو تيئن تيئن ان جو دائرو وسيع ٿيندو ويندو ۽ انساني وحدت جو مقصد حاصل ٿي ويندو. اها اهڙي وحدت هوندي جنهن ۾ نه فرد فردن جا غلام هوندا ۽ نه قومون قومن جون غلام هونديون. تنهن ڪري توحيد جو آخري نتيجو اهڙي انساني وحدت آهي، جنهن جو عملي ذريعو اهڙي نظام جو قيام آهي، جنهن ۾ خدائي قانونن جي اطاعت هجي ۽ انسانن جو پاڻ جهڙن انسانن جي هٿان استحصال ۽ غلامي هرگز نه هجي.
[b]علماءَ ۽ مشائخ کي خدا ڪري وٺڻ:
[/b]قرآن مجيد شرڪ جون جيڪي ڪرڀائتيون صورتون پڌريون ڪري منظر تي آنديون آهن، انهن ۾هڪ صورت مولوين ۽ پيرن کي خدا ڪري وٺڻ به آهي. اها ريت ۽ روش سڀ کان پهرين يهودين اختيار ڪئي. هُنن خدا جي موڪليل ڪتاب توريت جي ضابطن کي جڏهن پنهنجي خواهشن جي تڪميل ۽ مفادن جي پوري ڪرڻ واري عمل ۾ رڪاوٽ ڀانيو ته پوءِ پنهنجي احبار ۽ رهبان يعني مولوين ۽ مشائخن جي قدم بوسي ڪري، کين نذرانا ڏئي، مريد ۽ متوسل بڻجي پنهنجي لاءِ هٿرادو رعايتن ۽ دينداري جي من پسند جعلي رستن جو در کولرائي ڇڏيو. کين چيو ويندو هو ته، ”بابا ! نيت صاف مراد حاصل!“ يعني عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي مفادن جي حاصلات ۽ غرضن جي پورائي لاءِ رڳو نيت صاف رکجو ۽ پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺجو، ان ۾ خدا جي مقرر ڪيل ضابطن تي پابند رهڻ جي هروڀرو لوڙ ڪانهي. يا وري انهن مولوين ۽ مشائخن خدا جي ضابطن تي پابند رهڻ جي پرچار ڇڏي ماڻهن کي نجات جي لاءِ وظيفن ۽ حاضرين کي يا پنهنجي هٿ ٺوڪين رسمن ۽ عملن کي ڪافي قرار ڏئي ڇڏيو. تان جو معتقدن ۽ مريدن جو اهو عقيدو قائم ٿي ويو ته ”سائين جن به پهتل ٻانها آهن، سي اسان لاءِ گهٽ ڪونه گهرندا.“ اهڙيءَ طرح عملي زندگيءَ ۾ ”سائين جن“ سان لاڳاپيل رسمن ۽ عملن کي ئي اهميت رهي ۽ ٻنهي جهانن جون ڀلايون ۽ نجات انهن جي حوالي ٿي وئي.
قرآن مجيد پنهنجي مڃيندڙن کي خبردار ڪيو ته :” الله کان سواءِ انهن پنهنجي عالمن ۽ مشائخن کي رب ڪري ورتو ۽ مريم جي پٽ مسيح کي به (رب ڪري ورتو) هوڏانهن کين هيءُ حڪم ڪيو ويو هو ته هڪ الله جي بندگي ڪن، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڀرجهلو ۽ معبود نه آهي ۽ الله انهن کان پاڪ آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائين ٿا. (توبه:٣١)
جيئن يهودين حضرت عزير کي الله ﷻ جو پٽ ڪري ورتو ۽ علماءَ ۽ مشائخ کي دستگير ڪري سمجهيو، تيئن يهودين جي انهيءَ روش کي عيسائين ۽ مسلمانن به جاري رکيو. ڇو ته الله ﷻ جي توحيد تي پختگي ۽ ان جي ٻڌايل ضابطن جي پابنديءَ لاءِ وڏي قرباني گهربل هئي ۽ جيئن ته پنهنجي غرضن ۽ مفادن تان هٿ کڻڻ سولو ڪونه هو، انهيءَ ڪري ماڻهن انهيءَ جي واٽ اها ڪڍي ورتي ته الله ﷻ کي مڃڻ جي دعويٰ به پوري ٿئي ۽ ان جي مقرب سڏجندڙ شخصيتن کي پنهنجو مولا، وسيلو ۽ دستگير بڻائي دنياداريءَ جا سڀئي مزا به حاصل ڪجن.
جيئن يهودين جي مٿان اهڙين ترڪتالين جي ڪري ذلت ۽ خواري ٿاڦي وئي تيئن جيڪو به الله ﷻ کي اڌورو مڃڻ جي اهڙي ترڪتالي ۽ اٽڪل بازي ڪندو ته ذلتون ۽ خواريون نه هن دُنيا ۾ سندس پچر ڇڏينديون ۽ نه آخرت ۾ کيس نجات ملي سگهندي. ڇو ته قرآن جا ٻڌايل فيصلا اٽل آهن، انهن ۾ ڪابه رعايت ڪنهن کي ملڻي ئي ناهي.
[b]خواهشن کي خدا بنائيندڙ ماڻهو:
[/b]” ڇا تو ان ماڻهوءَ جي حال تي غور ڪيو آهي، جنهن پنهنجي خواهشن کي پنهنجو معبود بڻايو آهي. (نتيجي ۾) ان کي سمجهه هوندي به الله ﷻ (پنهنجي قانونن پٽاندڙ) کيس گمراهه ڪيو ۽ سندس ڪنن ۽ سندس دل تي مهر هنيائين ۽ سندس اکين تي اکيا چاڙهيائين. پوءِ ڪير ان کي الله ﷻ کان پوءِ هدايت ڪري سگهي ٿو. ڇا توهان پوءِ به نصيحت حاصل نه ڪندؤ!؟“ (الجاثيه: 33)
قرآن مجيد شرڪ جي هيءَ غيرمحسوس شڪل ٻڌائي پنهنجي مڃيندڙن لاءِ هن طريقي سان مشرڪ بڻجڻ جي واٽ به بند ڪئي آهي. پنهنجي خواهشن کي خدا بنائي وٺڻ جو مسئلو ايڏو نفيس آهي جو اڪثر حالتن ۾ خود اهو مذهبي رنگ اختيار ڪري وٺندو آهي.
ماڻهو پنهنجي خواهشن جي پوئواريءَ ۾ ڀانت ڀانت جي طريقن سان پنهنجي ديندار هئڻ جا جتن ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ماڻهن جا گروهه ٻين گروهن جي مٿان پنهنجا غرض ۽ خواهشون مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ايتري تائين جو ماڻهوءَ جو قلب خود بتخانو بڻجي ويندو آهي. ماڻهو اهڙين حاصلاتن جي ڪڍ طواف ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جن لاءِ خدا جي ٻڌايل ضابطن ۾ چٽي منع ڪيل هوندي آهي. ماڻهوءَ جون سڌون ان هنڌ تي وڃي پڄنديون آهن جو ان جي لاءِ جائز ۽ ناجائز جي ڪابه سرحد باقي نه رهندي آهي. اهڙيءَ طرح ماڻهن جا گروهه ۽ قومون به پنهنجي انهن خواهشن جي تڪميل ۾انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي وينديون آهن.
شرڪ جي هيءَ اهڙي خوفناڪ صورت آهي جو ماڻهو علم ۽ سمجهه هوندي به پنهنجي مٿان انڌ جو پردو چاڙهي ڇڏيندو آهي ۽ دلين تي مهر لڳي ويندي آهي. قرآن مجيد ۾ هيءُ چٽو بيان آهي ته خدا جي قانونن هيٺ هدايت ۽ رهنمائي انهن جي لاءِ هوندي آهي جيڪي ان جي لاءِ تڙپ ۽ جستجو رکندا هجن ۽ جيڪي پنهنجي خواهشن ۽ مرضيءَ کي پاسيرو رکي زندگيءَ کي خدا جي ضابطن تي پابند رهڻ جو اٽل ارادو رکندا هجن. جيڪي خدا جي انهيءَ هدايت بخشيندڙ قانون کان ٻاهر رهجي وڃن ٿا، انهن جي ڪنن تي مهرون ۽ اکين تي پردا پئجي وڃن ٿا. انهن جون دليون زنگجي وڃن ٿيون ۽ اصلاح جا رستا بند ٿي وڃن ٿا. پوءِ انهن جي لاءِ هلاڪتن جون کاهيون آهن، جن ۾ ٿاٻڙجي ڪرڻ سندن مقدر بڻجي وڃي ٿو. خدا جي انهيءَ قانون جو ٺوس هئڻ ثابت ڪري ٿو ته وحيءَ جي هدايت جي روشنيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي مڪمل طرح خدا جي حوالي ڪرڻ کان سواءِ بچاءَ جي ٻي واٽ ڪانهي ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ وارن لاءِ انهيءَ ۾ پڌري حقيقت آهي.
[b]خدا جي ٻڌايل ضابطن کان لنوائڻ جو شرڪ :
[/b]قرآن مجيد ۾ عبادت جي تصور لاءِ رڳو انسان جو الله ﷻ جي سامهون سيس نوائڻ ڪافي ڪونهي، پر پنهنجي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ الله ﷻ جي فرمانبرداري، سندس ٻانهپ جي لازمي تقاضا آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي سموري وهنوار ۾ الله ﷻ جي حڪمن کي پُٺي ڏي ٿو يا اٽڪلن سٽڪلن سان ڪنڌ ڪڍائي ۽ لنوائي ٿوته اهو شخص به توحيد ۾ شرڪ جو اهڙو ئي مرتڪب آهي، جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو غير الله جي اڳيان سيس نوائڻ جي ڪري شرڪ جو مرتڪب ٿئي ٿو.
توحيد جو تفصيلي دستاويز قرآن مجيد جي صورت ۾ سموري انسان ذات آڏو آهي. اهو قيامت تائين حفاظت ڪيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ڪنهن به شخص کي، ڪنهن به پير ۽ مولويءَ کي ۽ ڪنهن به فرقي کي تبديليءَ جي ڪا طاقت ڪونهي. قرآن پاڻ چيو آهي ته”، هيءُ پيغام نصيحت جي ڳولائن لاءِ آسان ڪري لاٿو ويو آهي.“ انهيءَ ڪري ترجمي سان انهيءَ جي هدايت ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ جي جستجو ڪئي وڃي ته هدايت پري ڪونهي.
ان جي ابتڙ جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي سهولت جي شين ۾، عبادتن، نفلن ۽ وظيفن ۾ ته الله ﷻ جي هدايتن کي مڃي پنهنجي نفس کي مطمئن ڪري، پر جتي سندس مفادن ۽ غرضن کي مهٽ رسندي هجي اتي قرآن جي هدايتن ۽ نصيحتن کان منهن موڙي ڇڏي ته اها مشرڪاڻي هلت آهي ۽ ان ماڻهوءَ جو ايمان الله ﷻ وٽ قابل قبول ڪونهي.
هيءُ توحيد بابت قرآن مجيد جي تعليم جو خلاصو آهي. جيڪو ماڻهو ترجمي سان سڌو سنئون قرآن مجيد مان هدايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ان جي مٿان توحيد جون اهي سڀ حقيقتون پڌريون ٿينديون وينديون، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته قرآن مجيد متقين جي لاءِ هدايت آهي. يعني جن ماڻهن ۾ ماڻهپو ۽ انسانيت هجي ۽ اهي انسانيت لاءِ جيئڻ گهرندا هجن ۽ جن ماڻهن کي اها شيءِ حاصل ناهي، انهن لاءِ قرآن جو پنهنجو حڪم آهي ته اهي انڌا آهن، جيڪي نبين جي هدايت ۽ قومن جي عروج ۽ زوال وارن نتيجن جي هيڏي ڊگهي تسلسل کي نٿا ڏسن، اهي ٻوڙا آهن، جيڪي صدين کان حق ۽ هدايت جي گونجندڙ آوازن کي پنهنجي قلب تائين پهچڻ نٿا ڏين، جيڪي پنهنجي دور جي سڌارڪن جون ڪُوڪون ڪونه ٿا ڪنائين ۽ اهي گونگا آهن ۽ جيڪي سعادتن جي حاصلات جي جستجوءَ کان پاڻ به محروم آهن ۽ ٻين تائين به اها حاصلات پهچائي سگهن. انهن ۾ آڪڙ ۽ گستاخي آهي، جنهن ڪري الله ﷻ انهن جي دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي. انهن ۾ هدايت جي واٽ وٺڻ جي امنگ ئي پيدا نٿي ٿئي. انهن ۾ حق جي ڳولا جي سرگرداني ۽ تلاش ئي ڪونهي، انهيءَ ڪري هدايت کان محروم ڪيل آهن. انهن ڳالهين جي ڪري هو هتي به الله ﷻ جي غضب هيٺ آهن ۽ آخرت واري زندگيءَ ۾ به الله ﷻ جي غضب کان بچي ڪونه سگهندا.
ٻئي طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي اَبن ڏاڏن جي طريقن تي ڳنڍ ڏيئي نٿا بيهن، پر انهن جي دلين ۾ هدايت ۽ سنئين واٽ تي هلڻ جي هميشه چڻنگ دکيل رهي ٿي. اهي حق جي ڳولا، سرگرداني ۽ تلاش ۾ آهن. منجهن ماڻهپو ۽ انسانيت موجود آهي ۽ اهي غرضن ۽ مفادن جا غلام ناهن پر سموري انسانيت جي ڇوٽڪاري جي فڪرمندي رکندا آهن ۽ انسانيت لاءِ جيئڻ گهرن ٿا. اهي پاڻ کي پنهنجي نفس جي خواهشن جو غلام بڻائي نٿا رکن، پاڻ کي عقل ڪُل نٿا سمجهن ۽ وحيءَ جي هدايت کي اصل رهنما مڃين ٿا. انهن جي دلين ۾ خدا جو خوف ۽ الله ﷻ وٽ حاضر ٿي پنهنجي سڀني عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻ جو يقين موجود آهي. انهيءَ ڪري هو پاڻ کي هميشه خدا ڏانهن جوابده ۽ ذميوار سمجهندڙ آهن. پوءِ الله ﷻ سندن لاءِ هدايت جا دروازا کولي ڇڏي ٿو. سندن ٻانهپ جي ذميواريءَ جو احساس، کين خدا جون قربتون نصيب ڪرائي ٿو ۽ پوءِ کانئن انسانيت جا وڏي کان وڏا ڪم سرانجام ٿيندا وڃن ٿا. رضي الله عنهم و رضواعنه. الله ﷻ انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي الله ﷻ کان راضي ٿيا.