سنڌ صدين کان وحدانيت جو گهوارو رهي آهي
جن مذهبن ۾ به توحيد پرستيءَ جي پرچار ڪئي آهي انسانذات جي فلاح ۽ انهن جو اتحاد انهن جي تعليم جو محور ۽ مرڪز رهيو آهي. انسان مختلف قومن، قبيلن، ذاتين ۽ برادرين ۾ ورهايل آهي ۽ پنهنجي ضرورتن ۽ خواهشن جي پورائي لاءِ پاڻ ۾ فساد ۽ جنگ ۾ مبتلا رهندو آيو آهي ان ڪري مذهبن جا پيغمبر ان فساد ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ خدا جي وحي جي تعليم ڏئي ٻڌائن ٿا ته خلق سڄي الله ﷻ جو عيال آهي ۽ دنيا جا سڀ ماڻهو انساني برابريءَ ۾ شريڪ آهن. حضرت آدم کان وٺي حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ تائين ساڳي تعليم انسانيت کي ڏني وئي. حضرت موسيٰ عليه السلام چيو ته الله ﷻ جي وحدانيت بني اسرائيل جو وطيرو آهي ۽ ان ۾ سندن ڪاميابي آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام چيو ته اوهان کي جيڪا ڳالهه اڳ ۾ پيغمبرن سيکاري آهي سا مان ورجائڻ آيو آهيان. اوهان جا اخلاق به ان وحدانيت جي تعليم پٽاندڙ هجڻ گهرجن. شري ڪرشن چيو هو ته ايشور سموري ڪائنات جو پيدا ڪرڻ وارو آهي جنهن جو نه ڪو آغاز آهي نه ڪو انجام. ان عقيدي کي اپنائڻ وارو ماڻهو ئي بدي ۽ گناهه کان محفوظ رهي سگهي ٿو ۽ خوف ۽ پريشانيءَ کان بچي سگهي ٿو. ايشور نه صرف سڄي ڪائنات کان پر انسانن جي روح کان به مٿانهون آهي. گوتم ٻڌ چيو هو ته ڪائنات جون سڀ شيون بي حقيقت آهن، جيڪڏهن اهي حقيقت هجن ها ته فنا نه ٿين ها. هُن چيو ته گناهن کان نجات صرف توبهه ۽ ڪفاري سان ممڪن نه آهي، پر انسان جيڪڏهن پنهنجي زندگي بدلائي ڇڏي ته پنهنجو دامن بچائي سگهي ٿو. مهاوير چيو هو ته هن دنيا ۾ ڪنهن به ساهواري کي تڪليف نه ڏني وڃي. جهڙي طرح انسان جو پنهنجو وجود محترم ۽ عزيز هوندو آهي، ٻين کي اهڙي طرح سمجهڻ گهرجي. سچائيءَ کي هميشه پنهنجو شعار بڻايو ۽ ٻين جي شين کي ناجائز طريقي سان حاصل نه ڪيو. پاڪدامنيءَ جي زندگي ۽ حواسن تي ڪنٽرول رکو ته جيئن گمراهي کان بچي وڃو.
وحدانيت واري فڪر جي اها عظيم تعليم ۽ ان جون اهي عظيم خوبيون ئي هيون جنهن ڪري پوئلڳن جو هڪ وڏو تعداد انهن رهبرن جي رهنمائي مان اتساهه حاصل ڪندو رهيو ۽ انهن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ لکين انسانن جا صالح جٿا پيدا ڪيا جن انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ ۾ وڏيون سهنجايون پيدا ڪيون.
وقت گذرڻ سان گڏ جڏهن انهن پاڪباز شخصيتن جي رحلت ٿي ته پونيئرن پنهنجي رستي کي فرقو بڻائي ان جي تقديس ۽ پنهنجي رهنما جي شخصيت پرستيءَ جو دائرو ڪڍي ٻي انسانيت کي ان ڀلائيءَ واري دائري مان ڪڍي پئي ڇڏيو. پوءِ جڏهن مسخ ٿيل تعليم ۽ مذهبيت اڳيان ايندي وئي ۽ حقيقت ڌنڌلائبي وئي ته خدا وري پيغمبر ۽ سڌارڪ موڪلڻ جو بندوبست پئي ڪيو ۽ آخري پيغمبر حضرت محمد ﷺ اچي انسانيت کي ٻڌايو ته مان پوين سڀني پيغمبرن ۽ انهن جي ٻڌايل انساني سچاين جي تصديق ڪرڻ وارو آهيان ۽ سڀ کان وڏي سچائي الله ﷻ جي هيڪڙائي يعني وحدانيت جو عقيدو آهي. ان عقيدي پٽاندر سڀ ماڻهو الله ﷻ جو عيال آهن ۽ انسانيت جي حقن ۾ سڀ ماڻهو برابر آهن. الله ﷻ ماڻهن جا حق ۽ فرائض انساني فطرت پٽاندر جوڙي پنهنجي ڪتاب ۾ ٻڌائي ڇڏيا آهن ۽ جيڪو ماڻهو الله ﷻ جي ٻڌايل ضابطن جي زندگي گذاريندو سو نجات وارو ٿيندو. جيئن اوهان جو رب هڪ آهي، جيئن اوهان جو پيءُ (آدم) هڪ آهي تيئن سچائيءَ جي واٽ به هڪ ئي آهي ۽ اها آهي ماڻهوءَ جي سڌريل عملي زندگي. ان سان ئي اوهان کي چڱايون ۽ مدايون ملڻيون آهن. عربيءَ کي عجميءَ تي ۽ ڳاڙهي کي ڪاري تي ڪا فضيلت ڪونهي. اوهان مان ڀلو ماڻهو اهو آهي جيڪو ڀلي ڪردار ۽ تقويٰ وارو هجي.
آدم ذات جڏهن کان زرعي سماج ۾ داخل ٿي آهي تڏهن کان ان جي هدايت جو بندوبست به ٿيو آهي. هدايت جو هڪ بندوبست انسان جي سرشت ۾ رکيو ويو جو ان کي شين جو علم عطا ڪيو ويو ۽ ان حاصل علم جي بنياد تي آدم ذات جو هن ڌرتيءَ تي پهريون مذهب وحدانيت جو رهيو آهي. هن نقطئه نظر تي محققن جو اختلاف رهيو آهي ته انسان گمراهيءَ مان هدايت ڏانهن وريو آهي. علم انسانيات ۽ آرڪيالاجيءَ جي اڪثر مفڪرن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته ماڻهو ابتدا ۾ هڪ خدا کي مڃيندڙ هو. ڪيرن آرم اسٽرانگ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”خدا جي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته: ”سڀ کان پهريائين انسانذات هڪ خدا کي تخليق ڪيو جيڪو سڀني شين جو پيدا ڪندڙ ۽ زمين آسمان جو حاڪم هو. ان وقت ڪو به عبادتگاهه، بت ۽ مقدس رسم نه هئي. پوءِ جيئن جيئن انسان پنهنجي متعلق خوف جو شڪار ٿيندو ويو ته هن ان خوف کان بچڻ لاءِ مختلف خدا تراشڻ شروع ڪيا. ايتري قدر جو پوءِ سج، چنڊ، پاڻي، جانورن ۽ پنهنجي هٿ جي ٺاهيل شين کي به پوڄڻ لڳو ته جيئن هو سڪون حاصل ڪري سک سان رهي سگهي.“
ساڳي ڳالهه برصغير جي تمام وڏي ڏاهي عالم مولانا ابوالڪلام آزاد هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي ته: ”هن ڳالهه ۾ ڪو به شبو ڪونهي نيل، دجله ۽ فرات جي وادين ۾ جڏهن انسان سڀ کان پهريائين پنهنجي خدا کي پڪاريو ته اهو ڪيترين ئي هستين ۾ ورهايل نه هو پر هڪ ئي اڻ ڏٺل هستي ۾ نروار ٿيل هو. ڪالدي، سميري ۽ عڪادي گروهه جن انساني نسلن جا وارث ٿيا هئا اهي سج ۽ چنڊ جا پوڄاري نه هئا پر هڪ ئي اهڙي لازوال هستيءَ جا مڃيندڙ هئا جنهن سج ۽ چنڊ جي روشنيءَ کي پيدا ڪيو آهي.
مولانا آزاد وڌيڪ لکي ٿو ته ”موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ ته محققن لاءِ هيءَ ڳالهه طئه ڪرڻ بيحد آسان ٿي وئي ته هن قديم ترين انساني بستيءَ جي رهاڪن جو مذهب صنم پرستيءَ وارو نه پر وحدانيت وارو هو. اهي پنهنجي اڪيلي خدا کي ”اون“ جي نالي سان پڪاريندا هئا. اها اهڙي هستي هئي جيڪا سڀني تي ڇانيل هئي ۽ طاقت جون باقي هستيون ان جي مقرر ڪيل قانونن هيٺ ڪم ڪندڙ هيون. انهيءَ اڪيلي خدا جي صفت ويدوڪن هئي معنيٰ جنهن هستيءَ جون اکيون ڪڏهن به ننداکيون نه ٿين جنهن کي قرآن ”لاتاخذه سنة ولا نوم“ چيو آهي. هن پنهنجي موقف جي تائيد ۾ وائنا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊبليو شمٽ جي ڪتاب ”دي اوريجن اينڊ گروٿ آف رليجن“ جي حوالي سان لکيو آهي ته ”هاڻي اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته انسان جي ابتدائي عمراني ۽ تمدني زندگيءَ ۾ سڀ کان وڏي مايا ان جو توحيد يعني هڪ خدا وارو عقيدو آهي ۽ انوقت انسان جو عقيدو جيڪو سندس زندگيءَ مان گهڙجي نڪتو سو توحيدي دين هو. اها ڳالهه تحقيقن مان ايترو واضح ٿي چڪي آهي جو تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ سان به معلوم ٿي ويندي.“
هڪڙا محقق هن راءِ جا آهن ته موئن جو شهر دنيا جو پهريون پڪ سرو ۽ انجنيئرڊ شهر آهي ۽ ساڳي زماني ۾ هڙاپا ۽ ڌامراها پڻ اهڙين سرن سان جڙيا آهن. انهيءَ ڪري ڀائنجي ٿو ته هتي نوح عليه السلام جي باقيات انهن شهرن جي اڏوات ڪئي آهي، جيڪي بنيادي طور تي توحيد پرست ۽ عبادت گذار هئا. آثار قديمه جي ماهر محترم اوميل به تسليم ڪيو آهي ته ”سنڌ تهذيب جي سڄي پکيڙ جي اندر ڪٿي به مندر جي تعمير نظر نٿي اچي.“ پرڏيهي محققن مان سنڌ جي مذهب تي جن ماڻهن تحقيق ڪئي آهي، انهن مان آئرن مورا به آهي جنهن لکيو ته ”سنڌو تهذيب جي وڏن شهرن مان ڪنهن به مندر جي تعمير جا اهڃاڻ ڪو نه مليا آهن ۽ نه وري معاشرت ۾ ڪنهن به قسم جي پوڄا پاٽ جون علامتون ڏسڻ ۾ آيون آهن.“
موئن جي دڙي ۾ موجود اسٽوپا جي لاءِ آثار قديمه جا اڪثر ماهر انهيءَ تي متفق آهن ته اها مٿاهين هنڌ تي ٺهيل عبادتگاهه آهي، جتي اتان جا ماڻهو عبادت لاءِ ايندا هئا. ان جي پاسي ۾ پاڻيءَ جي وڏي حوض وهنجي يا پاڻ ڌوئي پوئي عبادت لاءِ ايندا هئا. اهڙي ڳالهه ابن نديم به ڪئي آهي ۽ ان جي تائيد مائيڪل جينسن هنن لفظن ۾ ڪئي آهي: ”ان ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي ڳالهه ناهي ته گريٽ باٿ جي تهه تي اهڙيون پڪيون شاهديون آهن جو هرڪو ڏسندڙ اهو فرض ڪري وٺندو ته هيءَ ڪا مذهبي جاءِ آهي.“ ڪي ماڻهو ڌڪي تي اسٽوپا کي گوتم ٻڌ جي عبادت سان جوڙين ٿا. پر ڳالهه هيءَ آهي ته موئن جي دڙي وارو اسٽوپا گهٽ ۾ گهٽ 3 هزار سال قبل مسيح جي آهي. جڏهن ته سڌارت گوتم ٻڌ 450 سال قبل مسيح سان تعلق رکي ٿو. تنهن ڪري ان کي ٻڌ ڌرم جو اسٽوپا چوڻ حقيقت کان پري آهي.
اسٽوپا واري ان عبادت گاهه ۾ ذات خداوندي جي عبادت ٿيندي هئي ۽ ان تائين رسائي ۽ خوشنودي حاصل ڪرڻ مراقبو ٿيندو هو، انهيءَ ڳالهه کي ڪيرن آرم اسٽرانگ به پنهنجي ڪتاب ”دي گريڊ ٽرانسفارميشن“ ۾ وضاحت سان لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”مراقبو سنڌي مذهب وارو منڊل آهي، هڪ اهڙو منظم استوار زندگيءَ جو تخليل آهي جنهن جو مرڪز ذات خداوندي آهي.“
اسان جي دور جو ليکڪ اياز ڀاڳت سنڌ جي قديم تاريخ تي ٻه وڏا جلد پڌرا ڪري چڪو آهي ان پنهنجي تحقيق جلد پهرين ڀاڱي 2 ۾ موئن جي دڙي جي تهذيب ۽ انهن ماڻهن جي مذهب بابت گهڻن ئي حوالن سان اهو مواد مهيا ڪيو آهي ته موئن جي دڙي جا ماڻهو توحيد پرست هئا. هُن هي به لکيو آهي ته ”منڊل يا مراقبو سنڌ سلطنت جي مرڪزي شهر مهين کان شروع ٿيو، جيڪو بعد ۾ ٻين قومن پنهنجن پنهنجن مذهبن ۾ مختلف طريقن سان رائج ڪيو. مهين واري عبادت گاهه ۾ چئني طرفن کان تعمير ٿيل ڪمرا ان جو ثبوت آهي ته اتي توحيد پرست عبادت گذار، ٽولن جي صورت يا انفرادي طور مراقبو ڪندا هئا، جنهن جي تصديق مهين جي شهر مان مليل شو ديوتا واري مهر مان ٿئي ٿي. جنهن ۾ هو مراقبي واري حالت ۾ ويٺل آهي. هن جا ان ۾ ٽي منهن آهن، هو هڪ چوڪيءَ تي مراقبي واري حالت ۾ آهي جنهن ۾ هن جا ٻئي سٿر ۽ مرامڙي، گوڏا اونڌاکڙيون وري پاڻ ۾ مليل ۽ پيرن جا آڱوٺا ٻاهر هيٺ نڪتل. سندس ڪرائي ۾ ڏونري تائين اٺ ننڍيون ۽ ٽي وڏيون چوڙيون پاتل آهن.“
بهرحال هيءَ ڳالهه طئه آهي ته سنڌ حضرت نوح ۽ حضرت ابراهيم واري دين تي هجي، يا سڌارٿ گوتم ٻڌ، مهاوير، شري ڪرشن يا حضرت محمد ﷺ جي دين تي، هر مذهب ۾ وحدانيت جو عقيدو هتان جي ماڻهن جو سڀ کان وڏو آدرش رهيو آهي. ايستائين جو هندو مذهب واري سنڌ به جيڪا البيرونيءَ ڏٺي سا هُن ڪتاب الهند ۾ هنن لفظن۾ بيان ڪئي ته: ”هندو مذهب جو عقيدو آهي ته خدااڪيلو آهي، خدا هڪڙو آهي ۽ غيرفاني آهي. نه هن جو ڪو آغاز آهي نه انجام. هو خودمختيار، قادر مطلق ۽ حڪيم مطلق آهي. هو پنهنجي سلطاني ۾ لاثاني آهي. نه هو ڪنهن سان مشابه آهي ۽ نه وري ڪا ٻي شيءِ ان سان مشابه آهي.“ البيروني 6 سئو سال پهريائين جيڪا سنڌ ڏٺي اها مٿي بيان ڪيل سنڌ هئي.