اوهان جي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتيءَ جي اڻهوند ڇو آهي؟
• صبح جو اٿي کيس ياد به ڪريو ٿا.
• نماز پڙهڻ جو موقعو به اوهان کي ملي وڃي ٿو.
• ان کان ڊڄندا به آهيو ته، متان ڪڏهن ناراض نه ٿي پوي.
• حج ۽ عمرا به ڪندا آهيو ته جيئن گناهه ڇڻندا رهن.
افسوس آهي پوءِ به اوهان جي زندگيءَ ۾ اوهان کي اطمينان ۽ سلامتي حاصل ڪونهي. اوهان
• جيترو به ڪمايو ٿا پورو نٿو پوي.
• بيماريون ۽ پريشانيون پچر ڪونه ٿيون ڇڏن.
• ٽوٽ ڦوٽ ۽ تاوان مان جان ڪونه ٿي ڇُٽي.
• خوف ۽ ڳڻتي هميشه مٿان سوار ٿا رهن.
• اولاد چئي کان ٻاهر نڪرندي وڃي ٿي.
• دل جو سڪون ۽ اطمينان ڳولهيو ڪونه ٿو لڀي.
• ڪا نه ڪا ذلت ۽ خواري منهن ڪڍي بيٺي آهي.
• زندگي بي مقصد ۽ عذاب سمجهي گهارجي ٿي.
جيڪڏهن اوهان اطمينان ۽ سلامتيءَ جي اهڙي اڻهوند مان گذرو ٿا ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته اوهان جي عقيدن ۽ عملن ۾ هڪ وڏي خرابي پيدا ٿي چڪي آهي. (1) اوهان کي الله ﷻ جي عزت ۽ لحاظ کا محرومي پلئه پئجي چڪي آهي. (2) اوهان زندگيءَ ۾ ناانصافين ۽ باطل ڪمائيءَ جي گردش ۾ گهيرجي چڪا آهيو. (3) اوهان نفس پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي بي مقصد زندگي گذاري رهيا آهيو.
[b]الله ﷻ جي عزت ۽ لحاظ کان محرومي
[/b]اوهان کي الله ﷻ جي عزت ۽ لحاظ کان محرومي پلئه پئجي وئي آهي ۽ اوهان کي ان جو هوش ئي ناهي رهيو. جڏهن اوهان پنهنجي خلقڻهار، پالڻهار ۽ مددگار حقيقي ذات کان سواءِ ٻين کان مدد، حاجتون ۽ مرادون پڄائڻ جي طلب ڪريو ٿا ته اوهان جي دل ۾ ان وقت پنهنجي خلقڻهار ذات جي عزت ۽ لحاظ موجود ڪونهي. جڏهن پيرن فقيرن کان مدد گهرو ٿا ته ان جي معنيٰ اوهان الله ﷻ جي ذات ۾ نقص ۽ ڪمي سمجهو ٿا. ان جي عطا کي ۽ ان جي پهچ کي اڻپورو سمجهو ٿا. يا هي سمجهو ٿا ته الله ﷻ به دنيا جي ماڻهن وانگر سفارشي ذريعن کانسواءِ ڪنهن تي ڌيان نه ڌريندو آهي، انهن سڀني صورتن ۾ شعوري يا لاشعوري طور تي اوهان وٽ الله ﷻ جي عزت ۽ لحاظ ڪونه ٿو رهي.
اهڙي طرح جڏهن اوهان پنهنجي پالڻهار ۽ عطا ڪندڙ سخي ذات جي مرضي ۽ ٻڌايل طريقن مطابق امانت سمجهي دولت خرچ نٿا ڪريو ته اوهان ان عطا ڪندڙ ذات جي عزت ۽ لحاظ نٿا ڪريو. اوهان جڏهن پنهنجي مرضيءَ تي دولت کي ڪوڙي ٺاٺ باٺ ۽ اجائي عيش عشرت ۾ کپايو ٿا ته اوهان الله ﷻ جي حضور ۾پيش ٿي ذري ذري جو حساب ڏيڻ جا عملي طرح انڪاري پڻ بڻجو ٿا. جي حساب ڏيڻ جو يقين ۽ خوف هجي ته جيڪر ائين نه ڪيو ها.
ساڳي طرح جڏهن اوهان ان احڪم الحاڪمين ذات جي ٻڌايل ضابطن مطابق زندگي گذارڻ جا روادار نٿا رهو ته اوهان ان قادر ڪريم جي قانونن جي عزت ۽ لحاظ نٿا ڪريو. اوهان جڏهن پنهنجي مرضيءَ تي خود غرض ۽ ڇڙواڳ زندگي گذاريو ٿا ته اوهان ۾ احڪم الحاڪمين جي ذات جي بي فرماني ۽ سرڪشي پيدا ٿيندي وڃي ٿي.
[b]ناانصافين ۽ حرام ڪمائيءَ جو گهيرو
[/b]اوهان پنهنجي ڪم، ذميواري ۽ ڊيوٽيءَ جو حق ادا نٿا ڪريو، انهيءَ سان اوهان سماج لاءِ سخت ناانصافي ۽ پنهنجي لاءِ حرام ڪمائيءَ جو طوق ڳچيءَ ۾ وجهو ٿا. اوهان پنهنجي ڪمن ۽ لين دين ۾ بي انصافيءَ کي پنهنجي قابليت ۽ ٻين جي سادڙائپ سمجهو ٿا. حالانڪه سادڙائپ جو شڪار اوهان پاڻ بڻجو ٿا جو اوهان جي شخصيت جي اوسر خدا جي پسنديده هڪ آئيڊيل انسان وانگر نه ٿي رهي آهي. اهو آئيڊيل انسان جيڪو خدا جي صفتن سان رڱيل هجي ۽ ان جي رضا ۽ محبوبيت جو طالبو هجي. اوهان غريب پورهيتن ۽ ملازمن جو معاوضو انهن جي مجبورين پٽاندر مقرر ڪيو ٿا، انهن جي بنيادي ضرورتن کي سامهون رکي معاوضو ادا نٿا ڪريو. پورهيت هر حال ۾ مجبور آهي ته ان اڻپوري معاوضي تي به پورهيو ڪري. اوهان ان صورت ۾ به لنوائي، ليلڙائي، ليٿڙيون پارائي، احسان جتائي پوءِ کيس معاوضو ادا ڪريو ٿا. جيڪي شيون ڪا اهميت نه ٿيون رکن. انهن جي پٺيان صرف انائن ۽ ضديت پوري ڪرڻ خاطر ڪيترين ئي ناانصافين مان گذرو ٿا. اوهان ان ۾ هن ڳالهه جو خيال به نٿا رکو ته ڪنهن جو احترام آدميت مجروح ٿئي ٿو ۽ ڪنهن جي دل جا بَکيا اڊيڙجن ٿا. اهڙن معاملن کي اوهان روزاني ريت بڻائي آهي ۽ ان کي ناانصافي نٿا سمجهو.
قرآن ۾ وري وري انصاف اختيار ڪرڻ جو حڪم آيل آهي ”ته انصاف جي هلت هلو، اوهان نيڪوڪار بڻبئو.“ (المائده :8 ) جڏهن اوهان الله ﷻ کي ان جي شان مطابق مڃڻ ۾ ناانصافي ڪريو ٿا، ان جي بندن سان ان جي ٻڌايل ضابطن کي ٽوڙي ناانصافي ڪريو ٿا ته اوهان خود پاڻ به ناانصافيءَ جي پاداش جو شڪار ٿيو ٿا. انهيءَ ڪري جو الله ﷻ ڪائنات ۾ جيئن سڀني شين ۾ تاثير ۽ مقرر نتيجا رکيا آهن، تيئن انساني روين ۽ عملن جي تاثير ۽ نتيجا به باقاعدي مقرر ٿيل آهن. اوهان جيترو به خدا ۽ ان جي بندن سان ناانصافي ڪندا ويندؤ، ان جو نتيجو ڀوڳيندا ويندو.
[b]نفس پرستيءَ جي ڌٻڻ ۾
[/b]
اوهان جي زندگيءَ جا سڀ معاملا هن سوچ جي پٺيان هلي رهيا آهن ته اوهان جي ذات کي ڪيترو فائدو حاصل ٿي رهيو آهي. اوهان جي چوڌاري اوهان جي عزيزن، اوهان جي قوم جي افرادن ۽ اوهان جي سماج سان ڇا ٿو وهي واپري، ان سان توهان جو سروڪار ڪونهي. ماڻهن جي جهالت، مظلومي ۽ معاشي بدحالي جي لاءِ توهان وٽ ڪابه عملي سرگرمي ڪونهي. اوهان مان وڌ ۾ وڌ حساس ماڻهو به سماج جي ابتريءَ تي فقط تبصرا ۽ افسوس ظاهر ڪن ٿا پر پنهنجي جان ۽ مال ذريعي جهالت ۽ بدحاليءَ جي خاتمي لاءِ ڪي وڏا انساني ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿين. جيڪي ڪمزور حال ۾ آهن سي به پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن لاءِ ڀلائيءَ جو ڪو اجتماعي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن.
مخلوق الله ﷻ جو عيال آهي ۽ فلاحي معاشرو خدا کي گهربل آهي. جيڪڏهن اوهان سماج کان ڪٽجي پنهنجي نفس پرستيءَ ذريعي اطمينان ۽ سلامتي چاهيندا ته اهو خدا جي قانون جي نسورو ابتڙ آهي. نتيجي ۾ اطمينان ۽ سلامتي به ڪونه ملندي.
[b]الله ﷻ جي مرضي ڇا آهي؟
[/b]الله ﷻ اوهان کي ڌرتيءَ تي خليفو بڻايو آهي ته خلافت يعني سندس فرمانبرداري ۾ انسانن سان سڀني حيثيتن ۾ ڀلايون ۽ انصاف ڪري آزمائش مان پار پئو ۽ حقيقي هميشه واري زندگيءَ جو پاڻ کي اهل ثابت ڪيو. هي ماڻهوءَ جوحقيقي امتحان آهي ته هو الله ﷻ جي ٻڌايل حڪمن هيٺ انسانن جي لاءِ نفع بخشيءَ جي زندگي گذاري ٿو يا پنهنجي زندگيءَ کي پنهنجي مرضيءَ تي خودغرضيءَ سان پنهنجي ذاتي مفادپرستين هيٺ گذاري ٿو. جيڪڏهن زندگي رڳو عياشين ۽ غرضن لاءِ گذري ٿي ۽ ان ۾ انسانن لاءِ نفع بخشي نٿي رهي ته ان ناڪامي ۽ نامراديءَ جو نتيجو عدم اطمينان ۽ عدم سلامتيءَ جي صورت ۾ هن دنيا ۾ ئي شروع ٿي وڃي ٿو.
ماڻهو جيترو وڌيڪ انسانن لاءِ غيرنفعي بخش هوندو اوترو وڌيڪ نامراد ثابت ٿيندو. اهڙي طرح انساني نفعي بخشيءَ لاءِ جيترو وڌيڪ پاڻ پتوڙيندو، پاڻ کي جيترو وڌيڪ ڪارگر ثابت ڪندو، قدرت کيس پنهنجي نيابت جو انعام عطا ڪندي رهندي. جنهن ڪري سندس زندگيءَ ۾ برڪت ۽ سعادت، صحت ۽ چڱڀلائي، اطمينان ۽ سلامتي بکندي نظر ايندي. ان وقت اوهان الله ﷻ جو شڪر ادا ڪريو ته اوهان جي زندگيءَ ۾ الله ﷻ ۽ ان جي رسول ڪريم ﷺ جي اطاعت اچي وئي آهي.
هاڻي جيڪڏهن وقتي طرح زندگيءَ ۾ ڪي ڏکيائون منهن ڪڍنديون ته اهي اوهان جي آزمائش لاءِ هونديون ته جيئن انهن مان پار پوڻ جي نتيجي ۾ اوهان جا مراتب بلند ٿيندا وڃن ۽ الله ﷻ جي قربتن جا حقدار بڻبا وڃو. ۽ جڏهن موت جو وقت ايندو ته اهڙن ٻانهن کي دنيا ۾ فرمانبرداريءَ جي عيوض الله ﷻ چوندو ته، ”موٽي هل پنهنجي پروردگار ڏانهن خوش ٿي جو اهو توکان خوش آهي. پوءِ هليو وڃ منهنجي (پيارن) ٻانهن ۾ ۽ هليو وڃ منهنجي (قربتن واري) جنت ۾. (الفجر 8 2 ¸0 3 )
[b]الله ﷻ وري وري موقعو ڏئي ٿو
[/b]الله ﷻ اسان جو مهربان پالڻهار اسان جي انهن روين ۽ عملن، انهيءَ ويسلائي ۽ اياڻائي، انهيءَ بي خبري ۽ نادانيءَ تي به ٻاجهه جو ارادو رکي ٿو ۽ وري وري اسان کي ميار ڏئي ٿو ته ”اي انسان! توکي ڪهڙي شيءِ ٻاجهاري پالڻهار کان ٺڳي ويسلو بڻائي ڇڏيو آهي.“ (انفطار¸6 ) انسان کي ڪڏهن ٿاٻڙجڻ جي ذريعي، ڪڏهن ڪنهن نقصان ذريعي ۽ ڪڏهن ڪنهن اشاري سان وري وري سنڀلجڻ جو موقعو ملندو رهي ٿو.
اوهان ٿاٻو کائو ٿا، ڪنهن حادثي مان گذرو ٿا، قدرت اوهان کي سنڀلجڻ جو موقعو ڏئي ٿي. اوهان ا ن وقت ئي ا ن ٿاٻي ۽ حادثي جي اصل محرڪات تي سوچيو.
جيڪڏهن اوهان اهو ٿاٻو غصي، حسد يا انتقام جي ڪتڙين ۾ ذهني انتشار يا سرڪشيءَ جي ڪري کاڌو آهي ته اوهان جي ٿاٻي ۽ حادثي جو محرڪ غصو، حسد ۽ انتقام جو جذبو آهي، اوهان ان مان جند آجي ڪريو، اوهان آئنده ٿاٻي ۽ حادثي کان بچي ويندؤ. جيڪڏهن اوهان ڪنهن سان ناانصافي ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪنهن خساري جو شڪار ٿيا آهيو ته اوهان ناانصافيءَ جي طريقن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو، اوهان آئنده اهڙي خساري کان بچي ويندؤ. جيڪڏهن اوهان آزاد خياليءَ جي انتشار ۽ گمراهيءَ جي فتور ۾ ڦاسي حادثو ڪيو آهي ته اوهان بدڪاري ۽ گمراهيءَ جي واٽ ڇڏڻ جو عزم ڪريو، اوهان آئنده اهڙي حادثي کان بچي ويندؤ.
پر جيڪڏهن اوهان انهيءَ ٿاٻڙجڻ کي، خساري کي يا حادثي کي زندگيءَ جو عام معمول بڻائي ڇڏيندو ته پوءِ اوهان ۾ آهستي آهستي لاابالي ۽ سرڪشي پيدا ٿيندي ويندي. اها سرڪشي اهڙي پوائنٽ آهي، جتي اوهان جو مهربان الله ﷻ اوهان جو خلقڻهار الله ﷻ اوهان جو پالڻهار الله ﷻ اوهان کي ڀُلائي ٿو ۽ جنهن کي ان جو الله ﷻ ڀلائي ڇڏي ته پوءِ اهو انسان ڇورو ڇنو آهي، ان جو ڪو ڌڻي ۽ واهرو ئي ڪونهي. ڪي ماڻهو زندگيءَ ۾ وڏين انساني حق تلفين جي نتيجي ۾ گرفت ۾ اچڻ تي ناانصافين ۽ حرام خورين جو ازالو ڪرڻ بجاءِ ورد وظيفن ۽ تسبيحن ڦيرائڻ يا عمرن وغيره جي ذريعي ان گرفت مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. يا وري مرشدن جي آسري تي پيا انهن طريقن کي انگهائيندا رهندا پر پنهنجي عملي توبه ۽ انهن انساني حق تلفين جي بهتر ازالي جو عمل نه ڪندا ۽ نه وري ان جي ازالي طور ڪي وڏا انساني ڪم ڪري پنهنجي تخليقي مقصد کي سجايو ڪندا ۽ نه وري پنهنجي مالڪ جون محبتون ۽ قربتون پسڻ لاءِ فدائيت ۽ ايثار جا طريقا اختيار ڪندا. الله ﷻ مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي اهي ماڻهو پنهنجي عملي سرگرمين سان وڏا انساني ڪم ڪري، ان سودي جو حق نه نڀائيندا، رڳو جڳاڙ پيا جاچيندا.
[b]سلامتيءَ جي واٽ
[/b]هينئر اوهان جي بچاءَ لاءِ ۽ اوهان جي اطمينان ۽ سلامتيءَ واري زندگيءَ کي ماڻڻ جي لاءِ هڪ ئي واٽ آهي ته، اوهان الله ﷻ تي ايمان ۽ ان جي وحدانيت تي يقين کي قرآن جي مطابق سڌو ڪريو. الله ﷻ کي مڃڻ جا سڀ پيري فقيري ۽ وڏن کان ورثي ۾ مليل طريقا ڇڏي توبه تائب ٿيو ۽ جيڪو رستو الله ﷻ جي موڪليل ڪتاب ۾ ٻڌايل آهي ۽ جنهن رستي تي ان جي رسول ﷺ هلي ڏيکاريو آهي، انهيءَ کي اختيار ڪريو.
قرآن شريف ۾ آهي ته: ”جيڪي مصيبتون توهان کي پهچن ٿيون، سي توهان کي پنهنجي ڪمن جي سببان پهچن ٿيون، اڃا به الله ﷻ کوڙ (اوهان جا غلط ڪم) معاف ڪري ڇڏيندو آهي.“ (شوريٰ: 0 3 )
اهڙي طرح قرآن ۾ هيءُ به فرمايل آهي ته” هر انسان پنهنجي ڪمائي جي عيوض گروي آهي.“ يا ”جيڪو به برو عمل ڪندو ان کي ان جو بدلو ڏنو ويندو.“ (نساءِ: 3 2 1 ) ان جي وضاحت ۾ پيغمبر ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته ”ان ۾ ننڍيون ننڍيون تڪليفون به داخل آهن.“ يعني انسان جي ڪئي جي نتيجي ۾ انسان کي جيڪو عذاب ڏنو ويندو آهي. ان ۾ ننڍيون ننڍيون تڪليفون به شامل هونديون. حضرت شاهه ولي الله ؓ انجو مثال هيئن سمجهايو آهي ته هڪ ماڻهوءَ پنهنجو سامان کيسي ۾ رکي وساري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ ان جي ڳولا ۾ جيڪو پريشان ٿئي ٿو ته اها پريشاني به ان انسان جي ڪَئي جي هڪ قسم جي سزا آهي. انهيءَ ڪري (1) زندگيءَ ۾ پنهنجي روين ۽ عملن ۾ جيترو اوهان خدا سان خالص وابستگي رکندؤ، (2) ان جي بندن جي سلسلي ۾ ناانصافين کان بچندؤ ۽ (3) انسانن لاءِ نفعي بخش زندگي گذاريندؤ اوترو اوهان پريشانين کي ڌڪي پٺتي ڪندؤ ۽ اطمينان ۽ سلامتي ماڻيندا ويندؤ.
ڪجهه ماڻهن کي رواجي حالتن ۾ مصيبتن ۽ تڪليفن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. جيڪڏهن اوهان رواجي حالتن ۾ مصيبت مان گذرو ٿا ته اها مصيبت اوهان جي لاءِ اصلاح جو ڪارڻ آهي ته جيئن اوهان آپي کان ٻاهر نه نڪري وڃو. ماڻهو ۽ دنياداريءَ جي خفتال ۾ هر طرف کان بي نياز ٿي پنهنجي آپي کان ٻاهر نڪري ٿو ته پوءِ حقيقت پسند نٿو رهي. پنهنجي آپي ۾ وٺڻ جو قدرتي نظام اوهان کي اصلي انسان بڻائي ٿو ۽ فطري حالت تي واپس وٺي اچي ٿو. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي ڪامياب انسان بنجڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي.
جيڪڏهن اوهان ۾ اطمينان ۽ سلامتيءَ جي لاءِ حق جي تلاش ۽ جستجو آهي ته اوهان الله ﷻ جي پاران موڪليل زندگيءَ جي گائيڊ بوڪ قرآن کي ترجمي سان پڙهي وٺو، سيرت جي ڪتابن ۾ پيغمبر ڪريم ﷺ جي حياتي ۽ طريقي کي جاچي ڏسو، اوهان جي لاءِ رهبريءَ، هدايت ۽ سعادت جا دروازا کلندا ويندا.