ڏاهپ / اخلاقيات

ماڻهوءَ جو اصل امتحان

ڪتاب ”ماڻهوءَ جو اصل امتحان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.
هي ڪتاب چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي جيڪي اعليٰ انساني ڳُڻن جي ذريعي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتي ۽ ڪاميابي جي حاصلات جو نفسياتي، سماجي ۽ خدائي طريقو آهن.
Title Cover of book ماڻهوءَ جو اصل امتحان

ڇا اوهان کي الله تي ايمان جو عملي صورتون معلوم آهن؟

الله جو تصور هميشه انسان جي روحاني ۽ اخلاقي زندگيءَ جو محور رهيو آهي. اهو اعتقاد انسان جي فطرت يا خلقت ۾ ئي شامل آهي ته هو ڪنهن برتر هستيءَ کي مڃي. قرآن مجيد ۾ ٻڌايل آهي ته حضرت آدم ؑ کي پيدا ڪرڻ کانپوءِ الله ﷻ سڀني روحن کي ڪٺو ڪري پنهنجي پالڻهاريءَ جي تصديق ڪرائي. سڀني روحن جواب ۾ وراڻيو ته هائو سائين، تون اسان جو پالڻهار آهين. تڏهن کان انساني روح ۾ اها لڇ پڇ ۽ جستجو رهندي آئي آهي ته هو ڪائنات جي پالڻهار هستيءَ جو مڃيندڙ هجي.
منڍ کان وٺي مذهبن ان مقصد لاءِ انسانن جي رهنمائي ڪئي آهي پر وقت گذرڻ سان گڏ انهن طريقن ۾ ايتريون ته گهٽ وڌايون اچي ويون آهن جو اشرف المخلوقات انسان جي لاءِ اهو الله ﷻ کي وحدانيت سان مڃڻ جو عقيدو اڪثر هنڌن تي مثالي ۽ سڦل نه رهيو آهي. نتيجي ۾ سماجي توڻي مذهبي زندگيءَ ۾ انسانن جي لاءِ انهن جا اجتماعي توڻي نفسي مسئلا ڳنڀير بڻبا پيا وڃن.
الله ﷻ کي مڃڻ جي لاءِ اهي ئي صورتون قابل قبول ٿي سگهن ٿيون جيڪي پاڻ الله ﷻ پنهنجي هدايت جي آخري ايڊيشن ۽ انسانيت جي لاءِ رهبر ڪتاب قرآن مجيد ۾ ٻڌايون آهن. اهي نه صرف اٽل ۽ ٺوس ۽ اڻمٽ آهن بلڪه انهن صورتن کي پنهنجي اصلي شڪل ۾ مڃڻ جي نتيجي ۾ انسانيت کي انفرادي توڻي اجتماعي زندگي ۾ مثالي چڱايون، فلاح ۽ آجپو نصيب ٿيو آهي. ليڪن بدقسمتيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته جيئن اسلام کان اڳ جي مذهبي پيشه ور ماڻهن پنهنجي پيشه وريت جي مفادن لاءِ مذهبي پوئلڳن کي پنهنجي خواهشن جي پويان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اها ساڳي ڪار مسلمانن جي پيشه ور مذهبي اڳواڻن به پئي اختيار ڪئي آهي. ليڪن قرآن مجيد جي متن جي الله ﷻ جي پاران حفاظت جي ذمي جي نتيجي ۾ اهي پيشه ور ماڻهو ٻين مذهبن وانگر قرآن جي متن ۾ ته هٿ چراند نه ڪري سگهيا آهن پر انهن پنهنجو هٿ گهڙيل ڳالهيون مذهب جي تشريح جي سري هيٺ ان جو متن بنائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ ان مقصد جي لاءِ قرآن جي مطالب ۽ تشريحن ۾ گهوٻيون هڻڻ کان به وسان ڪونه گهٽايو آهي. دين حق جي اصل روح کان محروميءَ جي نتيجي ۾ هڪ طرف انسانيت کي نفسي ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ خدا جي ويجهڙائي ۽ رحمت کان محروميءَ جي ڪيترن المين ۽ عذابن مان گذرڻو پيو آهي، ٻي طرف کوکلي ۽ رسمي مذهبيت ۽ پنهنجي حق تي هئڻ جي نالي تي فرقيواريت، فسادن ۽ باهمي جنگين جي نتيجي ۾ اجتماعي طور تي انسانيت کي جن خسارن ۽ ڀوڳنائن مان گذرڻو پيو آهي ان جو تفصيل بيان کان ٻاهر آهي.
اسان رڳو پنهنجي چوڌاري موجود ماڻهن جو جائزو وٺون ته انهن مان ڪيترن ماڻهن جي دعويٰ آهي ته اهي الله ﷻ جا مڃيندڙ آهن پر ڏٺو وڃي ته پنهنجي خلقڻهار جي اعتراف ۽ مڃتا جي باوجود انهن جي زندگين ۾ اهو قرار، اطمينان ۽ اها سلامتي ڪونهي جيڪا الله ﷻ کي حقيقي طور تي مڃڻ جي نتيجي ۾ ٻانهي کي لازمي طرح حاصل ٿيندي آهي. اهڙي طرح انسانن جا مختلف گروهه ۽ قومون پنهنجي اجتماعي مسئلن ۾ فوز ۽ فلاح جي انهن حاصلات کان محروم آهن، جن جو مومنن سان حقيقي اطاعت جي صورت ۾ وعدو ڪيل آهي.

[b]ٻڌ سڌ تي الله ﷻ کي مڃڻ:
[/b]اسان کي پئدا ڪندڙ نهايت سليم ۽ مڃيندڙ فطرت تي پيدا ڪيو آهي. ليڪن بدقسمتي هي آهي ته اسان جنهن به ماحول ۾ پلئون ۽ پرورش وٺئون ٿا، اتي زندگيءَ جي جسماني اوسر وانگر پنهنجي ايماني مسئلي کي به ورثي ۾ وٺڻ تي اڪتفا ڪري ويهون ٿا. ذهني بلوغت تي پهچڻ جي باوجود پنهنجي تخليقي مقصدن جي حقيقت تي ڪڏهن به غور ويچار نٿا ڪريون ۽ نه وري پنهنجي خلقڻهار ۽ ذري ذري تي مهربانين ۽ فياضين جا ڀال ۽ ڀلايون ڪندڙ پنهنجي رب جي معرفت ۽ سڃاڻ جو اهو رستو اختيار ڪرڻ جي جستجو ۽ تلاش ڪريون ٿا جيڪو رستو ان خلقڻهار پنهنجي ڪتاب ۾ پاڻ ٻڌايو آهي. اسان پنهنجي عارضي سُک واري مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڏينهن رات تلاش، جستجو ۽ جهد جا رستا اختيار ڪيون ٿا پر الله ﷻ جي باري ۾ اهڙي چاهت تلاش ۽ جستجوءَ جو فڪر ئي نٿا ڪريون جيڪو اسان کي پنهنجي رضا جي نتيجي ۾ دائمي نعمتن جو مستقبل عطا ڪندو.
الله ﷻ کي مڃڻ جو مسئلو ايڏو سادو ۽ غير اهم به ڪونهي جو ان تي صرف ٻڌ سڌ ۽ ورثي ۾ مليل معلومات جي حد تائين بس ڪجي. نه وري اهو رڳو ملان ۽ مولويءَ جو مسئلو آهي ته اهوئي اهڙي تلاش ۽ حاصلات جو ذميوار آهي. هي ڳالهه نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي ته الله ﷻ انسان ذات جو خلقڻهار ۽ انهن جو پالڻهار آهي، انهيءَ ڪري هُن پنهنجي تخليق ۽ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا به ڪي قانون ۽ ضابطا مقرر ڪيا آهن، جن کي ڄاڻڻ کان سواءِ انسان ذات جو هي ايڏو پيچيده سسٽم خوبيءَ سان هلي ڪونه سگهندو ، انهيءَ ڪري ذميدار ماڻهو جيڪو واقعي ماڻهپي سان جيئڻ جي نيت رکي ٿو، تنهن کي پنهنجي خالق ۽ رب جي ٻڌايل ضابطن کي ڄاڻڻ سندس سليم فطرت جي تقاضا آهي. جڏهن الله ﷻ جا ٻڌايل اهي قانون ۽ ضابطا انسان پنهنجي ۽ ڪائنات جي تخليقي پسمنظر ۾ پڙهندو ته هو پنهنجي شعور جي گهراين سان هن نتيجي تي پهچندو ته بيشڪ، هي سڀ ڪجهه ائين اجايو تخليق نه ٿيو آهي. بلڪ ڪائنات جي پيچيده ۽ وشال نظام کان وٺي انسان جي لطيف ۽ نرالي تخليق تائين سڀ الله ﷻ هڪ رٿا ۽ حڪمت جي هيٺ تخليق ڪيو آهي. اها رٿا ۽ حڪمت هيءَ آهي ته ڌرتيءَ جي مٿان انسان الله ﷻ جي خليفي جو ڪردار ادا ڪري. انسان کي بشر ڪري پيدا ڪيو وڃي ٿو. بشر کان انسان جي منزل تائين پهچڻ جو سفر انسان کي سر ڪرڻو آهي. اهو تڏهن ممڪن آهي ته هو الله ﷻ جي حقيقي سڃاڻ حاصل ڪري، ان جي صفتن کي ڄاڻي ۽ انهن صفتن پٽاندر سندس عبديت جو حق ادا ڪري.

[b]قرآن جو ٻڌايل ايمان باالله
[/b] ايمان بالله جي سڀ کان مٿاهين منزل هي آهي ته ماڻهو هي مڃي ته هن زمين ۽ آسمان ۾ جيڪڏهن حقيقي وجود آهي ته انهيءَ ڪائنات جي خلقيندڙ جو آهي. جيڪو ڪجهه آهي سڀ انهيءَ جو فيض آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان جو اصل سبب به اهو ئي آهي. ڪائنات جو سڄو نظام ان خلقيندڙ جي مقرر ڪيل قانونن هيٺ هلندڙ آهي ۽ انهن قانونن تي سندس مڪمل ڪنٽرول آهي. ڪائنات جي شاهڪار مخلوق انسان جي لاءِ به ساڳي طرح قانون مرتب آهن ۽ انسان جيڪو به ڌرتيءَ مٿان عمل ڪري ٿو ان جا نتيجا به انهن قانونن پٽاندر متعين آهن. هي ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي ته انسان عمل ته هڪ قسم جو ڪري ۽ نتيجو وري ٻئي قسم جو ماڻي سگهي. انسان لاءِ انهن قانونن جو سرچشمو وحي جي هدايت آهي. ان روءِ انسان سان لاڳاپيل پالڻهاريءَ جا سڀ قانون، زندگيءَ جا سڀ قانون ۽ ضابطا ۽ انسان جي فطرت ۾ سمايل عبادت ۽ نوڙت جا سڀ حق صرف ۽ صرف الله ﷻ جي لاءِ آهن. انهيءَ ڪري الله ﷻ جي ربوبيت يعني پالڻهاريءَ جي قانونن ۾، الله ﷻ جي حاڪميت يعني زندگيءَ جي سڀني ضابطن ۽ طور طريقن ۾ ۽ الله ﷻ جي الوهيت يعني عبادت جي سڀني عملن ۽ حصن ۾ انسان جيترو ڪاملتا سان الله ﷻ جي موڪليل وحي جي پٽاندر عمل رکندو اوترو ئي وڌيڪ اطمينان، سلامتي ۽ فلاح سان زندگيءَ جي سڦلتا حاصل ڪري سگهندو.
قرآن مجيد الله ﷻ تي ايمان جا ٽي مرڪزي نڪتا چٽا ڪيا آهن. انسانن مان ڪي به فرد يا جماعتون انهن ٽن مرڪزي نڪتن پٽاندر پنهنجي زندگيءَ جي قافلي کي هلائيندا ته اهي الله ﷻ جي حفاظت، سڻائي ۽ ڪاميابيءَ واري دائري ۾ اچي ويندا. پر جيڪڏهن ڪي به فرد ۽ جماعتون انهيءَ دائري کان پاڻ کي آزاد سمجهي زندگيءَ گذارڻ جي ڪوشش ڪندا ته پوءِ انهن کي خساري ۽ گرفت مان بچائڻ وارو ٻيو ڪوبه نه رهندو.
وَلٰکِنۡ کَذَّبُوۡا فَاَخَذۡنٰہُمۡ بِمَا کَانُوۡا یَکۡسِبُوۡنَ ﴿۹۶﴾ (الاعراف 6 9 )
”۽ هنن اسان جي هدايت کي ڪوڙو ڀانيو ته اسان کين سندن عملن جي سزا ۾ پڪڙي ورتو.“
الله ﷻ کي مڃڻ جي انهن ٽنهي مرڪزي نڪتن جو تفصيل قرآن مجيد هن ريت ٻڌايو آهي.

[b]الله ﷻ جي ربوبيت ۾ اطاعت
[/b]قرآن مجيد پالڻهاريءَ جي قانونن ۾ ٺوس اصول هيٺين ريت ٻڌائي ڇڏيا آهن:
اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ۙ﴿۱﴾ (الفاتحه-1 )
”جهانن ۾ (حقيقي) پالڻهاري ڪندڙ جي لاءِ سڀ تعريفون آهن.“
لِلّٰہِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ ؕ (البقره- 4 8 2 )
”جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جي ئي ملڪيت آهي.“
اِنَّ اللّٰہَ اشۡتَرٰی مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمۡ وَ اَمۡوَالَہُمۡ بِاَنَّ لَہُمُ الۡجَنَّۃَ ؕ
(توبه- 1 1 1 )
” الله پنهنجي مڃيندڙن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو چڪائي ڇڏيو آهي ته انهن لاءِ بدلو جنت آهي.“
وَ مَا مِنۡ دَآبَّۃٍ فِی الۡاَرۡضِ اِلَّا عَلَی اللّٰہِ رِزۡقُہَا
”زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهوارو ڪونهي، جنهن جي روزيءَ جو انتظام الله ﷻ تي نه هجي.“
و فی اموالکم حق للسائل والمحروم
”اوهان جي مالن ۾ سائلن ۽ محروم ماڻهن جو حق به رکيو ويو آهي.“
وَ یَسۡـَٔلُوۡنَکَ مَاذَا یُنۡفِقُوۡنَ ۬ؕ قُلِ الۡعَفۡوَ ؕ (البقره- 9 1 2 )
”اي پيغمبر توکان پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪريون، کين وراڻ ته (پنهنجي بنيادي ضرورتن کان) واڌارو سڀ ڏئي ڇڏيو.“
قرآن جا ٻڌايل هي اصول الله ﷻ جي ربوبيت واري نظام جي ڀرپور ترجماني ڪن ٿا. جيئن الله ﷻ جي پالڻهاريءَ واري صفت ”رب“ سان سڄو قرآن جا بجا ٻهڪيل آهي، تيئن انفاق، زڪوات، صدقات ۽ ٻي جي سنوائي ڪرڻ سان سڄو قرآن ڀريو پيو آهي. انهن آيتن جي روءِ سان اصل مالڪ الله ﷻ جي ذات آهي ۽ انسان جي حيثيت صرف هڪ امين جي آهي. امين جي حيثيت ۾ هر هڪ مومن جي مٿان فرض آهي ته مال انسانن جي نفع بخشيءَ لاءِ تصرف ۾ آڻي. پنهنجي ڪفالت هيٺ آيل، پنهنجي هٿ هيٺ آيل ۽ پنهنجي چوڌاري محروم ۽ سائل ماڻهن تائين رسائي. اهڙي طرح اهو مال ۽ ملڪيت انساني نفع بخشيءَ جي اجتماعي ڪوششن ۾ خرچ ڪري ۽ اهڙي نظام جي قيام لاءِ پنهنجي جان ۽ مال وقف رکي. هاڻي مال جي متعلق الله ﷻ جي ٻڌايل پالڻهاريءَ جي انهيءَ قانون تي هلڻ سان ئي الله ﷻ کي رب ڪري مڃڻ ۾ سچائي آهي ۽ اطاعت آهي. باقي جيڪڏهن ماڻهو قارون بڻجي خزاني کي ڀريندو وڃي ۽ مال ميڙڻ، ملڪيتون وڌائڻ جي چڪر ۾ پنهنجي قريبن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪرڻ، سماج ۾ سڌاري ۽ تبديلي لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ الله ﷻ جي معرفت ماڻهن تائين رسائڻ جهڙن ڪمن کان بي رغبتي آهي يا ماڻهو ان کي رسمي ۽ معمولي حيثيت ۾ادا ڪري آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ شمار ٿئي ٿو ته پوءِ ان قسم جو مڃڻ يا ته انڪار جي برابر آهي يا وري منافقت سان ڀريل آهي.
قرآن انسان ۾ ايمان ۽ احسان جي مٿاهين منزل پيدا ڪرڻ گهري ٿو ۽ ايمان وارن کان پوري جو پوري وابستگيءَ ادخلو في المسلم کافة جي تقاضا ڪري ٿو، ان جي اڳيان مال جي ڪهڙي حيثيت آهي. جڏهن الله ﷻ مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي ته جان جي قرباني ۽ مال جي قرباني يعني جان ۽ مال تريءَ تي رکڻ کانسواءِ ايمان ڪامل ڪونه رهندو ۽ جڏهن ائين نه رهندو ته پوءِ آخرت ۾ جنت واري زندگيءَ ۾ به اهڙن ماڻهن جو ڪو حصو نه رهندو ڇو ته جنت جو اهو سودو ان جي بدلي ۾ ئي ته ٿيل آهي.
هاڻي ماڻهو هڪ طرف رسمي طرح ديندار بڻجي، نماز، عمره ۽ حج ڪري پاڻ کي مومن سمجهندو وتي ۽ ٻي طرف خدائي ضابطن هيٺ پنهنجي مٿان لاڳو ٿيندڙ سماجي ذميوارين کان منهن موڙيندو وتي ته ان لاءِ به تنبيهه ڪيل آهي.
اهڙن ماڻهن کي آخرت ۾ سندن نمازون ۽ حج به بچائي نه سگهندا. جو قرآن مجيد ۾ الله ﷻ صاف فرمايو آهي ته سرمايه پرست ماڻهو حقيقت ۾ آخرت جي حساب ڪتاب جي عمل کي مڃيندڙ ئي نه هوندا آهن:
اَرَءَیۡتَ الَّذِیۡ یُکَذِّبُ بِالدِّیۡنِ ؕ﴿۱﴾ فَذٰلِکَ الَّذِیۡ یَدُعُّ الۡیَتِیۡمَ ۙ﴿۲﴾ وَ لَا یَحُضُّ عَلٰی طَعَامِ الۡمِسۡکِیۡنِ ؕ﴿۳﴾ فَوَیۡلٌ لِّلۡمُصَلِّیۡنَ ۙ﴿۴﴾ الَّذِیۡنَ ہُمۡ عَنۡ صَلَاتِہِمۡ سَاہُوۡنَ ۙ﴿۵﴾
(ماعون¸1 ¸5 )
(اي پيغمبر) تو ان شخص کي ڏٺو جيڪو حساب ڪتاب واري ڏينهن جي تڪذيب ڪري ٿو جو حالت هي اٿس ته يتيمن کي لوڌي ٿو يعني انهن جي پرگهور نٿو لهي ۽ مسڪينن جي کاڌي کارائڻ جي ترغيب نه ٿوڏي (يعني اها ڳالهه ئي نه ٿو چوي ۽ انه اهڙي نظام جي لاءِ ڪوشش ٿو ڪري). پوءِ اهڙين نمازين جي لاءِ جهنم جي ويل وادي آهي. جيڪي (نماز پڙهندي به) نماز (جي حقيقت) کان ويسلا آهن جيڪي ان جو ڏيکاءُ ڪن ٿا ۽ معمولي شيون به اڌاريون نه ٿا ڏين.
اهڙي طرح حج جو روح به حضرت ابراهيم عليه السلام جي دين حنيف ۾ پوري جو پورو داخل ٿيڻ جو عهد اقرار آهي. ان روءِ حضرت ابراهيم عليه السلام جي پوئواريءَ ۾ پنهنجون نمازون، پنهنجو مال، پنهنجي حياتي ۽ پنهنجي مماتي الله ﷻ جي ٻڌايل ضابطن مطابق گذارڻ جو اسپرٽ پيدا ڪرڻ آهي جنهن جو بيان سورت انعام آيت 163-164 ۾ ٿيل آهي. قرآن مجيد ابراهيمي اسپرٽ کي ڇڏي سون، ملڪيتن ۽ انيڪ سيڙپڪارين جي صورت ۾ مال ميڙيندڙن جي لاءِ صاف لفظن ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ پڪ سان ڄاڻڻ گهرجي ته الله ﷻ پنهنجا فيصلا بدلائيندو ناهي.
اجهو هي الله ﷻ جا فيصلا پڙهو:
وَ الَّذِیۡنَ یَکۡنِزُوۡنَ الذَّہَبَ وَ الۡفِضَّۃَ وَ لَا یُنۡفِقُوۡنَہَا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ۙ
فَبَشِّرۡہُمۡ بِعَذَابٍ اَلِیۡمٍ ﴿ۙ۳۴﴾ (توبه: 4 3 )
”جيڪو سون ۽ چانديءَ جو خزانو گڏ ڪندا آهن ۽ اهو الله ﷻ جي واٽ ۾ يعني ان جي ڏسيل طريقي تي خرچ نه ڪندا آهن، تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.“
یَّوۡمَ یُحۡمٰی عَلَیۡہَا فِیۡ نَارِ جَہَنَّمَ فَتُکۡوٰی بِہَا جِبَاہُہُمۡ وَ جُنُوۡبُہُمۡ وَ ظُہُوۡرُہُمۡ ؕ ہٰذَا مَا کَنَزۡتُمۡ لِاَنۡفُسِکُمۡ فَذُوۡقُوۡا مَا کُنۡتُمۡ تَکۡنِزُوۡنَ ﴿۳۵﴾ (توبه: 5 3 )
جنهن ڏينهن سندن مال دوزخ جي باهه ۾ تپائبو (جڏهن تپندو ته) پوءِ ان سان سندس پيشانيون ۽ سندن پاسيريون ۽ سندن پٺيون ڏنڀيون. کين چيو ويندو ته هيءُ اهو خزانو آهي جيڪو پاڻ لاءِ گڏ ڪيو هيوَ، ان جو مزو چکو.
کَلَّا ؕ اِنَّہَا لَظٰی ﴿ۙ۱۵﴾ نَزَّاعَۃً لِّلشَّوٰی ﴿ۚۖ۱۶﴾ تَدۡعُوۡا مَنۡ اَدۡبَرَ وَ تَوَلّٰی ﴿ۙ۱۷﴾ وَ جَمَعَ فَاَوۡعٰی ﴿۱۸﴾ (المعارج¸15 - 18)
هر گز نه، بيشڪ اها شعلي واري باهه آهي. منهنجي کل کي ڇڪيندڙ آهي. ان کي سڏي ٿي جنهن ( الله ﷻ جي واٽ کي) پٺي ڏني ۽ منهن موڙيو. جنهن مال گڏ ڪيو ۽ سانڀي رکندو ويو.
هيءَ مال جي محبت ۽ ان کي ٻن مان چار ۽ چئن مان اٺ ڪرڻ جي لونجهه اهڙي بڇڙائي آهي جو الله ﷻ کي انسان جي تخليقي جوهر جي خبر هئي، انهيءَ ڪري ڌرتيءَ تي انسان کي پنهنجي خلافت ۽ اطاعت جي آزمائش لاءِ موڪلڻ کان اڳ ۾ ئي روحن کان پنهنجي ربوبيت جو اعتراف ڪرايو هو. تان ته جڏهن آزمائش لاءِ ٻن رستن جي چونڊ ۾ انسان مال جي محبت ۾ انڌو ٿي پوي ته هُن جو روح ۽ ضمير ربوبيت جي اقرار واري عهد سان بيقرار هجي ۽ الله ﷻ جي فرمانبرداريءَ ۽ رضا جي رستي تي هلڻ لاءِ هميشه لڇ پڇ ۾ هجي. پر جيڪڏهن ان جي باوجود به انسان غفلت ۽ اياڻائي جو شڪار ٿي، پاڻ کي مليل آزاد ارادي جي چونڊ جو موقعو وٺي پنهنجي روح واري حصي کان هٽي پاڻ تي ابليس جي حصي جو غلبو قائم ڪري ٿو وٺي ته پوءِ پنهنجي ناعاقبت انديشيءَ ذريعي ٻنهي جهانن ۾ تباهيءَ جي بنيادن کي پاڻ پڪو ڪندو وڃي ٿو.
پر جيڪي ماڻهو الله ﷻ جي ربوبيت واري حقيقت مڃين ٿا ۽ پاڻ کي امين جي حيثيت ۾ سپرد ۽ عطا ٿيل نعمتن کي حقدارن تائين رسائڻ جي ديوانگي رکن ٿا ته پوءِ آخرت ۾ جنت جو پڪو سودو ته آهي ئي پر هن دنيا ۾ به انهن کي ڪو خوف، ڊپ ڊاءُ، ڪو انديشو ۽ ڳڻتي، ڪا پٽ کوهه ۽ ٽوٽ ڦوٽ پلئه ڪونه پوندي. نتيجي ۾ پڪ سان هو ذهني عذابن، ڊپريشن، پريشانين، غير متوازن بلڊپريشر ۽ اجائي خوف ۽ دهشت کان به بچيل هوندا ۽ ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ روڳن ۽ حادثن کان به امان ۾ رهندا. جيڪڏهن حقيقي فرمانبرداريءَ جي باوجود انهن کي ڪن تڪليفن ۽ اهنجاين مان گذرڻ جي نوبت آئي ته اها به سندن مرتبا وڌائڻ جي لاءِ آزمائش جي طور تي هوندي. ۽ ايمان وارا ثابت قدمي ۽ استقامت، صبر و رضا سان انهن تڪليفن مان پار پوندا. نه صرف ايترو ته الله ﷻ جو واعدو آهي ته انهن کي فرمانبرداريءَ جي واٽ تي هلڻ جي نتيجي ۾ اسان جو ساٿ ۽ قرب نصيب ٿئي ٿو.
وَ الَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمۡ سُبُلَنَا ؕ وَ اِنَّ اللّٰہَ لَمَعَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿٪۶۹﴾
(العنڪبوت: 9 6 )
”جيڪي اسان جي رستي ۾ جهد ۽ جاکوڙ جاري رکن اسان تن لاءِ رستا بڻائيندا ويندا آهيون ۽ ۽ الله ﷻ ڀلايون ڀال ڪندڙن جي هميشه ساٿ ۾ رهندو آهي.“
• الله ﷻ سائين محسنن يعني ڀلايون ڀال ڪندڙن سان جيڪو مهربانيءَ جو رشتو رکيو آهي سو سڄي قرآن ۾ ڀريو پيو آهي.
• ڀلايون ڀال ڪندڙن کي وڌائيندا ئي رهنداسون. (بقره¸ 8 5 )
• ڀلايون ۽ ڀال ڪندا رهو، پڪ ڄاڻو ته الله ﷻ ڀلايون ڪندڙن سان سڪ جو رستو رکندو آهي.(البقره¸ 5 9 1 )
• جيڪي ڏک ۾ توڙي سک ۾ الله ڪارڻ خرچ ڪندا آهن. ڪاوڙ پِي ويندا آهن ۽ ماڻهن جا قصور معاف ڪندڙ آهن، الله ﷻ اهڙن ڀلايون ڪندڙن کي دوست رکندو آهي.
• (آل عمران¸ 4 3 1 )
• پڪ ڄاڻو ته الله ﷻ جي رحمت ڀلايون ڀال ڪندڙن جي ويجهو ويجهو هوندي آهي. (اعراف¸ 6 5 )
• الله ﷻ ڀلايون ڀال ڪندڙن جو اجورو ضايع وڃڻ نه ڏيندو آهي. (التوبه¸ 0 2 1 )
جيڪي ماڻهو الله ﷻ جي قربتن ۽ ساٿ ماڻڻ ۽ ان جي اطاعت جي رستي تي هلڻ ۽ ان جي لحاظ ۽ محبت جي نتيجي ۾ خرچ ڪن ٿا ته انهن جي مٿان عنايتن جا دروازا کلن ٿا ۽ جيڪو ماڻهو جيترو وڌيڪ الله ﷻ جي بندن لاءِ پنهنجي مٿان ذميداريون کڻي ٿو، اهو اوترو ئي وڌيڪ خدا وٽ مهربانين ۽ عطائن جو مستحق بڻجي ٿو. فرمايو ويو آهي:
وَ مَنۡ یَّتَّقِ اللّٰہَ یَجۡعَلۡ لَّہٗ مَخۡرَجًا ۙ﴿۲﴾ وَّ یَرۡزُقۡہُ مِنۡ حَیۡثُ لَا یَحۡتَسِبُ ؕ
(الطلاق:3 )
”جيڪي ماڻهو الله ﷻ جي اطاعت ان جي چاهت، ان جو لحاظ ۽ ان جو خوف رکندا آهن تن جي لاءِ واٽون ڪڍي کين اتان رزق جي پالوٽ ڪندو آهي جتان گمان ئي نه هوندو اٿن.“

[b] الله ﷻ جي قانونن ۾ اطاعت
[/b]قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن سڄي ڪائنات تي الله ﷻ جو اقتدار ۽ اختيار آهي، ليڪن الله ﷻ پنهنجي اقتدار ۽ اختيار کي پنهنجي بڻايل قانونن موجب استعمال ڪندو آهي. انهن قانونن ۾ ڪڏهن به تبديلي نه ٿيندي آهي. اهڙا قانون ۽ ضابطا انساني زندگيءَ جي لاءِ به جڙيل آهن، انسانن جا عمل الله ﷻ جي انهن جڙيل قانونن جي مطابق متعين نتيجا پيدا ڪندا آهن. هر انسان کي آزمائش مان گذارڻ خاطر انهيءَ جو اختيار ڏنل آهي ته جيڪو عمل وڻيس سو ڪري، پر جنهن قسم جو عمل هوندو انهيءَ قسم جو نتيجو پلئه پوندس ڇو ته اهي نتيجا الله ﷻ جي متعين ڪيل قانونن جي مطابق مرتب ٿيندا آهن.
قرآن اسان کي هيءُ به ٻڌائي ٿو ته الله ﷻ جا قانون ان جي صفتن سان لاڳاپيل آهن. قرآن انهن صفتن جو واضح تعارف ڪرايو آهي. انسانن کي تخليق ڪرڻ وقت انهن ۾ پنهنجو روح ڦوڪي الله ﷻ انسان ذات جون بنيادي صفتون به پنهنجي صفتن جو عڪس بڻايون آهن، پر انهن ۾ فرق هي آهي ته الله ﷻ جون صفتون لامحدود، لامحيط ۽ اڻ کٽ آهن، پر انسان ذات جون صفتون محدود ۽ سميٽيل شڪل ۾ آهن. انهن صفتن جي اوسر ۽ نشونما تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن انسان الله ﷻ جي پاران قرآن ۾ ٻڌايل صفتن کي معيار بڻائي پنهنجي سامهون رکي. اهو ئي انسان ۽ الله ﷻ جي درميان بنيادي تعلق آهي ۽ ان تعلق کي نباهڻ ئي خدائي قانونن جي اطاعت آهي. انهن صفتن اپنائڻ سان ئي انساني ذات پنهنجي اوسر ۽ ڪماليت جي طرف وڌي ٿي ۽ انهن جي اتباع سان ئي انساني ذات جي تقاضن جي تسڪين ٿئي ٿي.
ان مان هي به ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن اسان الله ﷻ جي صفتن جو ذڪر ڪريون ٿا ته ڄڻ اهو (سميٽيل ۽ محدود شڪل ۾) خود اسان جي ذات جي صفتن جو ذڪر به هوندو آهي. انهيءَ ڪري قرآن شريف ۾ چيو ويو آهي :
لَقَدۡ اَنۡزَلۡنَاۤ اِلَیۡکُمۡ کِتٰبًا فِیۡہِ ذِکۡرُکُمۡ ؕ اَفَلَا تَعۡقِلُوۡنَ ﴿٪۱۰﴾ (الانبياء: 0 1 )
تحقيق اسان توهان ڏانهن هڪ ڪتاب نازل ڪيو جنهن ۾ توهان جو ذڪر آهي. (ذڪر جي معنيٰ عظمت ۽ شرف به آهي ۽ تذڪرو به آهي)
جيئن جيئن انساني ذات جي اوسر ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن هو الله ﷻ جي تخليقي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو ويندو آهي. اهڙي طرح الله ﷻ ۽ بندي جو تعلق رفاقت جو ٿي ويندو آهي. الله ﷻ ۽ انسان جو هي تعلق قرآن کان علاوه ٻئي هنڌ ڪٿي به نه ملندو. مشرق جي اهل مذاهب وٽ خدا سان انسان جو تعلق ايترو ئي آهي جو انسان خدا جي پوڄا ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته کيس اهو خدا جو حڪم آهي انڪري انسان کي اهو چاهيندي ۽ نه چاهيندي به مڃڻو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ان حڪم کي نه مڃي ته خدا ناراض ٿي ويندو آهي. ان کي راضي رکڻ جي لاءِ سندس حضور ۾ نذر نياز پيش ڪرڻ يا سندس ڪنهن ”پهتل“ جي ذريعي ان تائين سفارش پهچائڻ ضروري آهي. جڏهن هو انهيءَ طريقي تي راضي ٿي ويندو آهي ته انسان جون مرادون پوريون ٿي وينديون آهن. پر جي ناراض رهندو آهي ته انسان مصيبت ۾ ڦاسي پوندو آهي.
ٻئي پاسي وري مغرب وارن وٽ خدا جو تعلق رڳو خارجي ڪائنات سان آهي، جنهن ۾ ان جا قانون (قوانين فطرت جي شڪل ۾) ڪارفرما آهن. انسان جو ڪم هي آهي ته انهن قانونن جو مطالعو ڪري ۽ انهن جي مطابق فطرت جي قوتن کي مسخر ڪري پنهنجي ڪم آڻي. باقي رهي انساني دنيا، سو انسانن کي پنهنجا معاملا پنهنجي عقل ۽ فهم جي روشنيءَ ۾ طئه ڪرڻا آهن. انهن جي لاءِ ڪي به اڻمٽ اصول ۽ قانون ڪونهن.
الله ﷻ سان تعلق جو هڪ ٻيو تصور انهن ماڻهن جو آهي جيڪي روحانيت کي مڃيندڙ سڏجن ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته سندن الله ﷻ سان سڌو سنئون تعلق هوندو آهي. اهي الله ﷻ سان ڳالهيون ڪندا آهن، ان سان ملاقاتون ڪندا آهن، ماڻهن جون دعائون کانئس منظور ڪرائيندا آهن ۽ الله ﷻ کين غيب جون ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيندو آهي وغيره وغيره. الله ﷻ سان انهن مڙني قسم جي تعلقات جو تصور به قرآني تعليم جي خلاف آهي. الله ﷻ انسانن کي جيڪي ڪجهه ٻڌايو هو سو پنهنجي ڪتاب قرآن مجيد ۾ آخري ڀيرو مڪمل طور تي ٻڌائي ڇڏيو. هاڻي الله ﷻ سان انسانن جي تعلق جو ذريعو صرف انهيءَ ڪتاب جي پيروي آهي.
قرآن سڄي دنيا جي انسانن کان هن ڳالهه جو مطالبو ڪري ٿو ته هو انهيءَ الله ﷻ تي ايمان آڻين، جنهن جو تصور خود قرآن پيش ڪيو آهي. هر شخص، هرقبيلو ۽ هر قوم ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ خدا جي قائل آهي. ليڪن قرآن چوي ٿو ته توهان جو اهڙي طرح مڃڻ، حقيقت ۾ خدا کي مڃڻ ڪونهي. اهو ته ان خدا کي مڃڻ آهي جيڪو توهان يا توهان جهڙن ٻين ماڻهن پنهنجي ذهنن ۾ گهَڙي ورتو آهي. جيڪو ماڻهو خدا جو ته قائل هجي پر ان جي صفتن جي صحيح تصور کان ڪورو هجي ته انهيءَ جو خدا کي مڃڻ، حقيقي خدا کي مڃڻ جي انڪار وانگيان آهي.
جيڪو ماڻهو الله ﷻ جي صفتن جو صحيح تصور سامهون نٿو رکي، سو لازمي طرح الله ﷻ جي تصرفات ۾ شرڪ ڪرڻ وارو بڻجي پوي ٿو. نتيجو هي ٿو نڪري جو سندس خدا کي مڃڻ ڪنهن ڪم جو نٿو رهي. مڪي جي مشرڪن کي ڏسو، اهي به ته الله ﷻ کي مڃيندڙ هئا ڪعبي جي حفاظت الله ﷻ جو گهر ڄاڻي ڪندڙ هئا. پاڻ کي ابراهيمي دين جا پيروڪار سمجهندڙ هئا.
ان جي باوجود هڪ پيغمبر جي هدايت جي ضرورت انهيءَ ڪري پيش آئي ته اهي الله ﷻ جي تصرفات ۾ پنهنجي سردارن کي به شريڪ سمجهندا هئا ۽ پنهنجي پيرن ۽ ديوتائن کي به. رزق ڪنهن هڪ ديوتا جي ذمي هو ته مينُهن ڪنهن ٻئي ديوتا جي ذمي هو. بيماري ۽ صحت ڪنهن هڪ فرشتي جي حوالي هئي ته اولاد ڪنهن ٻئي پير جي هٿ وس ۾ هئي. عزت ۽ ذلت جا ڪارڻ ڪنهن هڪ سردار وٽ سوگها هئا ته وري زندگيءَ جا رهنما قانون ٻئي سردار جي فرمانبرداريءَ ۾ هئا. اهڙي طرح هو طرحين طرحين خدائن جي چنبي ۾ ڦاسي ذهني طور تي ڪيترين ئي غلامين ۾ جڪڙجي پيا هئا، جنهن ڪري منجهانئن هي صلاحيت ختم ٿي چڪي هئي جو هو ڌرتيءَ جي مٿان انسان جي آزادي ۽ فلاح جو ڪو معاشرو تشڪيل ڏئي سگهن. توڻي جو انهن ۾ ڪيتريون شخصي خوبيون به موجود هيون پر انساني وحدت ۽ زندگيءَ جي اعليٰ مقصديت جي باري ۾ هنن جون خوبيون مورڳو مسخ ٿي دنڌلائجي چڪيون هيون ۽ غلاماڻي ماحول ۽ اثرن ۾ هو الله ﷻ جي ڪبريائي ۽ توحيد جي تصورن کان محروم ۽ منڪر رهجي ويا هئا. ربوبيت ۽ پالڻهاري واري واٽ کان ڪوهين پري هئا، اهڙي طرح الله ﷻ جي نج عبديت پٽاندر زندگي گذارڻ کان پاڻ کي آجو ڪري چڪا هئا. انڪري الله ﷻ پيغمبر ﷺ جي ذريعي قرآن مجيد جا ٺوس ضابطا ۽ قانون ڏئي نه صرف سندن زندگيءَ کي مقصديت ۽ عظمت ۽ ڪامراني عطا ڪئي بلڪه پوري دنيا جي سڀني غلام قومن جي لاءِ آجپي جو آسرو ۽ عالمگير هدايت جو ذريعو بڻايو.

[b]انسان جي سياسي زندگي
[/b]الله ﷻ جا ٻڌايل ضابطا ۽ قانون صرف انسان جي انفرادي زندگيءَ لاءِ ناهن، بلڪه انهن جو دائرو اجتماعي زندگيءَ جي سڀني شعبن تائين محيط آهي. اجتماعي زندگيءَ جا حڪم ان وقت وڏي نتيجي کي ظهور ۾ آڻي سگهن ٿا جڏهن معاشري ۾ سياسي تنظيم جي ذريعي حاڪميت جي قوت حاصل ٿي وڃي. اهڙي حاڪميت جيڪا الله ﷻ جي مخلوق کي سماجي انصاف ۽ سماجواد فلاحي معاشرو يقيني بڻائي ڏئي. حاڪميت جي اهائي قوت آهي، جيڪا الله ﷻ جي صفتن جي صورت ۾ انسان کي نيابت جي طور تي عطا ٿي آهي. انهيءَ ڪري انسان جي سياسي زندگي دين جي دائري ۾ شامل آهي. ان کي انهن حدن کان ٻاهر نٿو رکي سگهجي. جيڪڏهن ٻاهر رکيو ويندو ته الله ﷻ جي صفت حاڪميت تي ايمان رکڻ جي دعويٰ بي معنيٰ رهجي ويندي.
سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه هي آهي ته الله ﷻ جي جنهن صفت جو سڀ کان وڌيڪ قرآن ۾ تذڪرو ٿيو آهي، اها ان جي ربوبيت واري صفت آهي. انسان هن دنيا ۾ الله ﷻ جي نيابت ۾ ربوبيت جون جيتريون ذميواريون پنهنجي انفرادي زندگيءَ ۾ نباهي سگهي ٿو، ان کان وڌيڪ ذميوارين جو تعلق سندس اجتماعي زندگيءَ سان آهي. يعني ربوبيت عامه يا سماجوادي نظام (فلاحي معاشرو) جي قيام لاءِ ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪرڻ. انهيءَ ربوبيت عامه جو قيام ۽ نفاذ سياسي طاقت جي حصول سان تعلق رکي ٿو. انڪري جو الله ﷻ جي سڀني ٻانهن جي پرورش جون سڀ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ رياست جي ذميواري هوندو آهي. جيستائين اهڙي رياست قائم نه ٿي آهي تيستائين پنهنجي پوري وس سان هڪ فرد جي حيثيت ۾ يا پنهنجي ساٿ جي سٿ ذريعي ادارن جي قيام سان انسانن جي لاءِ پالڻهاريءَ جي وسيلن ۾ سهڪاري ٿيڻ، معاشي سڌاري ۽ فلاح جون ڪوششون وٺڻ ۽ سماجوادي نظام جي جهد ۾ عملي طرح شريڪ ٿيڻ الله ﷻ جي مڃيندڙن جي بنيادي ذميواري آهي.

[b] الله ﷻ جي الوهيت ۾ اطاعت
[/b]قرآن هن ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته هر طرح جي عبادت ۽ نوڙت جي مستحق صرف الله ﷻ جي ذات آهي. پوءِ جيڪڏهن توهان ٻانهپ واري نوڙت، نياز ۽ پڪار سان ڪنهن ٻيءَ هستيءَ آڏو مٿو جهڪايو ته توحيد الاهي جو عقيدو باقي نه رهيو. قرآن چوي ٿو ته ”اها ذات ئي آهي جيڪا انسانن جي سڏ کي ٻڌي ٿي ۽ انهن جي دعائن کي قبول ڪري ٿي.“ پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجي دعائن ۽ خواهشن جي طلب ۾ ڪنهن ٻيءَ هستيءَ کي ان جو شريڪ بڻايو ته ڄڻ اوهان ان کي خدا جي خدائيءَ ۾ شريڪ بڻايو ۽ توهان جو توحيد وارو عقيدو لڙهي ناس ٿي ويو.
اهو سبب آهي ته مسلمانن کي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ روزانو پنجن وقتن جي نماز واري حاضريءَ ۾ڪيترائي ڀيرا وري وري کانئن هي اقرار ڪرايو ويندو آهي ته:
اِیَّاکَ نَعۡبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسۡتَعِیۡنُ ؕ﴿۴﴾
اسين رڳو تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ اڪيلو توکان ئي مدد گهرون ٿا.
اهڙي طرح مسلمانن کي ڪلمي جي اقرار ذريعي سڀ کان پهريون جيڪو انڪار ڪرايو ويو آهي. اهو انڪار غير جي عبديت، ٻانهپ ۽ غلاميءَ جي سڀني قسمن کان جان خلاصي ڪرائڻ جو انڪار آهي. لا الــٰھ جي انڪار ۾ پنهنجي وهمن جي انڪار کان وٺي ٻانهپ ۽ غلاميءَ جي سڀني شڪلين جي انڪار جو اعلان ۽ بغاوت آهي ۽ جڏهن اهڙي طرح ذهن صاف ٿي وڃي ته پوءِ ان تي هڪ نئين عمارت اڏي وڃي. يعني هن ڳالهه جو اقرار ته صرف هڪ ئي الله ﷻ جي قوت آهي جنهن جي آڏو سيس نوائي وڃي، جنهن جي اطاعت ڪئي وڃي.
دين اسلام هن مسئلي ۾ ايترو چٽو ۽ واضح فڪر ڏنو آهي ۽ عبديت ۽ ٻانهپ جا حق رڳو الله ﷻ جي ذات جي لاءِ انهيءَ حد تائين خاص ڪيا آهن جو پيغمبر ﷺ جي طريقي جي اطاعت لاءِ حڪم ڪيو ويو ته ان جي شخصيت جي حوالي سان به پهريائين هي ايمان ۽ عقيدو پختو ڪرايو ويو ته پيغمبر اسلام هڪ بشر ۽ الله ﷻ جو ٻانهو آهي ۽ سڀ کان پهريائين ان جي عبديت جو ايمان آڻيو ۽ پوءِ ان جي رسول هئڻ جو.
اَشْھَدُ اَنْ لَّا اِلٰھَ اِلَّا اللّٰھُ وَاَشْھَدُ اَنَّ مُحَمَّدََ عَبْدُہُ وَ رَسُولُہُ۔
انهيءَ اقرار ۾جهڙي طرح خدا جي توحيد جو اعتراف ڪيو ويو آهي ٺيڪ ساڳي طرح پيغمبر اسلام جي ٻانهپ ۽ رسالت جو به اعتراف آهي. غور ڪرڻ گهرجي ته ائين ڇو ڪيو ويو؟ صرف انهيءَ لاءِ ته اهڙي ڪنهن ڳالهه جو موقعو يا گنجائش نه رهي ته ٻانهپ جي جڳهه تي معبود ۽ رسالت جي جڳهه تي اوتار جو خيال پيدا ٿئي. انڪري اها ڳالهه تسليم ٿيل آهي ته ڪوبه شخص تيستائين اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي نٿو سگهي جيستائين هو خدا جي توحيد وانگر پيغمبر اسلام جي ٻانهپ جو اقرار نه ڪري.
انسان معبود ان کي بڻائيندو آهي جنهن جي متعلق سمجهندو آهي ته کيس ڪجهه اختيار ۽ طاقت حاصل آهي. قرآن انهيءَ تصور کي ئي جڙئون پٽي ڦٽي ڪيو آهي ته الله ﷻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي به اساسي طرح ڪو اختيار ۽ اقتدار حاصل آهي.* تنهن ڪري جڏهن اساسي طرح الله ﷻ کانسواءِ ڪنهن کي ڪو اختيار ۽ اقتدار ئي حاصل ناهي ته پوءِ ان کي پهتل، حاجت روا ۽ معبود ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي.
قُلۡ اَرَءَیۡتُمۡ اِنۡ اَخَذَ اللّٰہُ سَمۡعَکُمۡ وَ اَبۡصَارَکُمۡ وَ خَتَمَ عَلٰی قُلُوۡبِکُمۡ مَّنۡ اِلٰہٌ غَیۡرُ اللّٰہِ یَاۡتِیۡکُمۡ بِہٖ ؕ اُنۡظُرۡ کَیۡفَ نُصَرِّفُ الۡاٰیٰتِ ثُمَّ ہُمۡ یَصۡدِفُوۡنَ ﴿۴۶﴾ (انعام: 46)
(اي پيغمبر! کين) چئو ته ڏسو، جيڪڏهن الله اوهان جا ڪن ۽ اوهان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر هڻي ته انهيءَ الله کانسواءِ ڪير ٻيو خدا اوهان کي اهي ڏيندو؟ ڏس ته ڪهڙا دليل بيان ڪريون ٿا، وري به اهي حقيقت کان منهن موڙن ٿا.
قرآن مجيد ۾ عبادت جو تصور صرف انسان جو الله ﷻ جي سامهون سيس نوائڻ تائين محدود نه رکيو ويو آهي بلڪه پنهنجي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ الله ﷻ جي فرمانبرداري ۽ اطاعت سندس عبادت جي لازمي تقاضا آهي. نماز پنهنجي جاءِ تي فرض ۽ اهم آهي پر الله ﷻ کي هي هرگز گهربل ناهي ته هڪ شخص زندگيءَ جي معاملن کي مرضي ۽ مفادن هيٺ گذاريندو وتي ۽ ڪجهه مخصوص وقتن تي عبادتگاهه ۾ اچي سجدا ڪري پنهنجي ٻانهپ جو حق جتائي. انهيءَ ڪري هي ڳالهه چٽي طرح طئه آهي ته جيڪو شخص زندگيءَ جي معاملن ۾ الله ﷻ جي ٻڌايل ضابطن جي انحرافي ۽ ڪوتاهي ڪري ٿو ته ان صورت ۾ به هو توحيد في العبادت جو ائين ئي انڪاري بڻجي وڃي ٿو، جيئن ڪو ماڻهو غير الله ﷻ جي سامهون سجدي ڪرڻ سان منڪر ۽ مشرڪ بڻجي وڃي ٿو.
اهڙي طرح قرآن جي روءِ سان سماجي ناانصافين ۽ غلاميءَ جي طريقن تي مشتمل نظام جي خلاف جهد ڪرڻ يا ان جي لاءِ اجتماعي طور تي ٿيندڙ جهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ به انسان جي اطاعتي ۽ عبادتي زندگيءَ جو حصو آهي.
قرآن مجيد ۾ گذريل قومن جي ڪيترن ئي واقعن ۾ نبين جي اهڙي منصب ۽ جهد جو واضح تفصيل آيل آهي. جيئن حضرت موسيٰ ؑ بني اسرائيل جي اصلاح ڪرڻ گهري ته انهن جي آزاديءَ جو مطالبو فرعون جي سامهون کڻي ويو ۽ فرعون کي چيائين ته:
فَاَرۡسِلۡ مَعِیَ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ ﴿۱۰۵﴾ؕ (الاعراف: 105) يعني بني اسرائيل کي مون سان گڏ (هلڻ لاءِ) ڇڏ.
فرعون چيو ته مون کانسواءِ ڪوبه الــٰھ ڪونهي هي منهنجا ٻڌا ٻانها آهن، ائين ڪيئن ٿيندو؟!
قَالَ لَئِنِ اتَّخَذۡتَ اِلٰـہًا غَیۡرِیۡ لَاَجۡعَلَنَّکَ مِنَ الۡمَسۡجُوۡنِیۡنَ ﴿۲۹﴾ (الشعراء:29)
”هن چيو ته جيڪڏهن تون مون کان سواءِ ٻئي کي الــٰھ تسليم ڪيو ته (ياد رک) پڪ سان توکي جيل موڪلي ڇڏيندس.“
فرعون حضرت موسيٰ کي چيو ته مون کانسواءِ ڪو الــٰھ ناهي، هتان الــٰھ جي معني واضح ٿي وڃي ٿي. حضرت موسيٰ جي دعوت هي هئي ته بني اسرائيل کي فرعون جي محڪوميءَ مان ڪڍي آزاديءَ جي فضا ۾ آندو وڃي، جتي هو الله ﷻ جي حڪمن کي بجا آڻين. فرعون جي دعويٰ هيءَ هئي ته اطاعت ۽ فرمانبرداري سندس ئي ٿي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري بني اسرائيل کي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو ڪنهن ٻئي جي قانونن جي پابندي ڪن.
هتان هي ڳالهه به واضح ٿي وڃي ٿي ته ڇڙواڳ اقتدار ۽ سرڪشي سان طاقتور فردن يا قومن جو الله ﷻ جي ٻانهن مان ڪمزور فردن يا قومن تي غلبو قائم ٿي وڃي ته اهو به الله ﷻ جي اقتدار ۾ شرڪ بنجي وڃي ٿو. ان وقت الله ﷻ جي مشيت انهن فردن ۽ قومن جي آزادي گهرندي آهي، تان ته انهن کي اهڙو آزاد ۽ منصفاڻو معاشرو ميسر ٿي سگهي. جتي هو هڪ طرف آزاديءَ سان الله ﷻ جي حڪمن تي عمل ڪري سگهن، ۽ ان آزاد ۽ منصفاڻي معاشري کي الله ﷻ جي معرفت رسائڻ جو بنياد بڻائي سگهن ۽ ٻئي طرف اتي عدل جي قيام سان پنهنجي ذات کي اوسر ۽ ترقي ڏئي سگهن.

[b] الله ﷻ کي حقيقي طرح نه مڃڻ جو نتيجو
[/b] الله ﷻ کي مڃڻ ائين نه هوندو ته پوءِ ماڻهو ان جي ٻانهپ ۾ داخل ٿي نه سگهندو. ان جي رحتمن جو مستحق بڻجي نه سگهندو. ان جي حفاظت جي دائري ۾ اچي نه سگهندو ۽ ان جي قربتن جا لطف ماڻي نه سگهندو. اهڙي طرح هو شرڪ ۽ عذابن جي گهيري مان به نڪري نه سگهندو. هو الله ﷻ جي ربوبيت يعني پالڻهاريءَ واري اطاعت کي نه اپنائيندو ته مختلف قسمن جون آفتون گهيري وٺندس. بي برڪتي ۽ لونجهه مسلط ٿي ويندس.
لَئِنۡ شَکَرۡتُمۡ لَاَ زِیۡدَنَّکُمۡ وَ لَئِنۡ کَفَرۡتُمۡ اِنَّ عَذَابِیۡ لَشَدِیۡدٌ ﴿۷﴾ (ابراهيم-7 )
شڪر سان ضرور وڌائيندوسانوَ پر منڪر بڻبوئ ته پوءِ پڪ سان منهنجي گرفت ڏاڍي سخت اٿوَ.
اهڙي طرح پالڻهاريءَ واري اطاعت کان گسائيندڙ ماڻهو هڪ مصيبت مان جان ڇڏائيندو ته ٻي منهن ڪڍي بيهي رهندي ۽ سلسلو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو. ماڻهو الله ﷻ جي ضابطن ۽ صفتن کي اختيار نه ڪندو ته ذلتون پچر ئي نه ڇڏيندس ۽ پنهنجو شرف ۽ پنهنجي تخليق جو مقصد وڃائي ويهندو. هو الله ﷻ جي ٻانهپ ۾ ڪمزور ويندو ته مخلوق پرستي ديرو ڄمائيندس. هو نفس جو غلام بڻجي ويندو ته شيطان جي مريدي پلئه پئجي ويندس. پاڻ جهڙن انسانن جي غلاميءَ جو طوق ڳچيءَ ۾ پوندس ۽ پاڻ کان ڪمتر مخلوق جي اڳيان نرڙ گسائيندو وتندو. قبرن ۽ اوتارن ڀوپن ۽ ڀوتارن، ڪنڊين ۽ پٿرن، جنن ۽ ديوتائن کي پوڄيندو وتندو. پنهنجي هٿ ۽ دماغ سان عقيدت جا بت گهڙيندو وتندو. ڪڏهن ڪنهن پير جي آستان تي ۽ ڪڏهن ڪنهن نالي جي مرشد جي درگاهه تي. اهڙي طرح پنهنجي قسمت جون واڳون انهن عقيدت جي بتن حوالي ڪندو. اهڙي ماڻهوءَ جي دنيا ته هڙ وئي پر آخرت جي نعمتن جا دروازا به بند ٿي ويندس.
اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغۡفِرُ اَنۡ یُّشۡرَکَ بِہٖ وَ یَغۡفِرُ مَا دُوۡنَ ذٰلِکَ لِمَنۡ یَّشَآءُ ۚ وَ مَنۡ یُّشۡرِکۡ بِاللّٰہِ فَقَدِ افۡتَرٰۤی اِثۡمًا عَظِیۡمًا ﴿۴۸﴾ (نساء: 48)
بيشڪ الله ﷻ هي ڏوهه نه بخشيندو جو ڪنهن کي به ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ ان کانسواءِ جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشيندو.
قرآن جنهن طريقي سان الله ﷻ جي مڃڻ جو تعارف ڪرايو آهي، اهو تعارف ورائي ورائي پنهنجي اندر سمايو اٿس. ماڻهوءَ جي لاءِ اها وڏي سعادت جي ڳالهه آهي ته هو قرآن مجيد جو ترجمو پڙهي الله ﷻ جي اطاعت ۽ ان جي نتيجي ۾سندس مهربانين جو ادراڪ ۽ سعادت حاصل ڪري.
قرآن مجيد پنهنجي مڃڻ جي لاءِ دين اسلام کي پنهنجو مڪمل ضابطه حيات قرار ڏنو آهي ۽ اسلام جي دائري ۾ اچڻ جو پهريون مرتبو اعتقاد ۽ عمل جو آهي. يعني جنهن اسلامي عقيدن جو اقرار ڪيو ۽ زندگيءَ ۾ ان جي عملن کي اختيار ڪيو اهو ان جي دائري ۾ اچي ويو. ليڪن رڳو دائري ۾ اچي وڃڻ سان اهو لازم نٿو ٿئي ته ڪمال ۽ يقين جون منزلون به حاصل ٿي وڃن، بلڪه ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو پاڻ الله ﷻ جي صفتن جو مظهر بڻجي وڃي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي بنيادي اصول ”عدل جي قيام“ جو هڪ متحرڪ پرزو بڻجي وڃي. عدل سان جيئي، عدل جو ساٿ ڏئي، عدل جي لاءِ جاکوڙي ۽ عدل جي لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ جو سرگرم ساٿي ثابت ٿئي.
اِعۡدِلُوۡا ۟ ہُوَ اَقۡرَبُ لِلتَّقۡوٰی ۫ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ (المائده: 8 )
عدل جي واٽ تي هجو اهو تقويٰ جي قريب تر (۽ لازم ۽ ملزوم) آهي
اهڙي طرح عدل سان گڏ احسان جي منزل ماڻڻ جو حڪم آهي. عدل جي اها زندگي ايمان جي منزل آهي پر احسان جي منزل فدائيت ۽ ايثار جي اهڙي منزل آهي جنهن ۾ ”مان“ آهي ئي ڪونه، رڳو ”تون ئي تون“ آهي. احسان جي اها منزل رڳو سکڻ ۽ فڪري قياسن ذريعي حاصل نٿي ٿي سگهي. احسان جي منزل پاڻ ارپڻ، ايثار ۽ فدائيت جي ديوانگي آهي، جيڪو اتي رسي ويو ته اهو صرف هي ٻڌائيندو ته مون وانگر ٿي وڃ، جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو سو تون به پسي وٺ.

[b]خير امت جي ذميواري
[/b]اسان مسلمانن جي مٿان الله ﷻ جي معرفت حاصل ڪرڻ کانپوءِ باقي ماڻهن کي ان معرفت جي شعور کان بهره ور ڪرڻ جي ذميواري پڻ سونپيل آهي. ڇاڪاڻ جو هدايت جي لاءِ پيغمبرن ۽ وحي موڪلڻ جو سلسلو ختم ڪيو ويو ته پوءِ ان هدايت کي اڳتي وڌائڻ جو ڪم هن امت جي ماڻهن تي پيو. انهيءَ ذميوايءَ جي ڪري هن امت کي خير امت جو اعزاز پڻ عطا ٿيو.
خير امت جي انهيءَ منصب جي ادائگيءَ لاءِ زندگيءَ جي سڀني ڏسائن ۽ رخن ۾ ان جا طريقا، مراتب ۽ ڪيفيتون قرآن مجيد ۾ ورائي ورائي ٻڌايون ويون آهن.
الله ﷻ جي ياد، ان جو ذڪر، ان جي پچار ۽ ان جي پرچار جا رنگ جابجا ڦهليل آهن ۽ اهو به ٻڌايل آهي ته انهن رنگن سان اوهان ڪيئن رڱجي سگهو ٿا. اهڙي طرح چڱاين طرف سڏڻ کان وٺي مداين کان روڪڻ تائين پنهنجي عملي ڪردار نڀائڻ جون سوين صورتون سيکاريل آهن. وري الله ﷻ جي طرفان ڌرتيءَ تي اصلاح جي اجتماعي ڪمن کي ڇڏي، پنهنجي مرضي ۽انفراديت اختيار ڪرڻ تي خبردار ڪرڻ، تنبيهون،ميارون ۽ بري انجام جي ڪڙن نتيجن ۽ انهن جي گذريل مثالن سان به قرآن ڀريو پيو آهي. انهيءَ ڪري هڪ ذميوار مومن جي زندگي آهي ئي ان لاءِ ته هو انسان ۽ انسانيت جي لاءِ جيئي. اخرجت للناس جو اهوئي مطلب آهي. انسانن جي لاءِ ڀلائي، فلاح ۽ نجات جي هر امڪاني عمل ۾ انهن جو مددگار ٿئي. اهڙي طرح فلاح ۽ نجات جي ٻنهي جهانن واري سعادت ۽ نعمت کان سرفرازيءَ جا جتن ڪري ته اهو وڏو ڪمال آهي.