ڏاهپ / اخلاقيات

ماڻهوءَ جو اصل امتحان

ڪتاب ”ماڻهوءَ جو اصل امتحان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.
هي ڪتاب چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي جيڪي اعليٰ انساني ڳُڻن جي ذريعي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتي ۽ ڪاميابي جي حاصلات جو نفسياتي، سماجي ۽ خدائي طريقو آهن.
Title Cover of book ماڻهوءَ جو اصل امتحان

ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جا خدائي قانون

[b] مايوسي ڪفر آهي
[/b]”الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، الله جي رحمت کان نا اميد فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جيڪي ڪافر آهن“ (يوسف: ٨٧)
انصاف، سچائي ۽ نيڪيءَ جي واٽ تي هلندا رهو، مايوس نه ٿيو. انصاف، سچائيءَ ۽ نيڪيءَ جي واٽ تي هلڻ جي ڪري وقتي طرح اوهان کي بظاهر پنهنجو خسارو ٿيندي نظر ايندو، پر اهو عارضي آهي. اوهان کي الله ﷻ دائمي برڪت ۽ سلامتي جا دروازا کولي ڏيندو.

[b]نصيحت ياب ٿيڻ جو خدائي قانون
[/b]”۽ نصيحت ته فقط اهي ئي وٺن ٿا جيڪي خدا ڏي رجوع ٿين ٿا(۽ ان جي ڏيکاريل واٽ تي هلن ٿا.)“ (المؤمن:١٣)
جن ماڻهن جو ماڻهپو زندهه آهي، اهي انسانيت جي قدرن ۽ اخلاقن سان جيئڻ گھرندا آهن. اهي الله ﷻ جي پاران موڪليل انسانيت جو آخري منشور ۽ هدايت قرآن کي مڃين ٿا ۽ ان جي ٻڌايل حڪمن تي هلن ٿا.
جيڪو رحمان کان ڪٽيو سو شيطان حوالي ٿيو
”۽ جيڪو به رحمان جي ذڪر کان (يعني قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ کان)
منهن موڙي ٿو، تنهن جي لاءِ اسان هڪڙو شيطان مقرر ڪري ٿا ڇڏيون،
جو سندس سنگتي ۽ ساٿي ٿئي ٿو.“ (زخرف:٣٦)
جنهن ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي نصب العين ۽ مقصد جي ڪا خبر ڪونهي ۽ ان کي اهو شعور ئي ڪونهي ته منهنجي منزل ڇا آهي، اهو انسانيت جي آخري منشور قرآن کان به ڪٽيل آهي. پوءِ اهو رڳو مطلب، مفادن ۽ ڇڙواڳيءَ جي زندگي سان جيئي ٿو. شيطان کي به اهائي ڳالهه سوٽ ڪندي آهي، سو کيس مطلب، مفادن ۽ ڇڙواڳيءَ جي ان دنيا ۾ ريجھائي رکي ٿو.

[b]مصيبتن سبب نا شڪري
[/b]”(اي انسانو) جيڪڏهن توهان خدا جي نعمتن جي قدر ڪيو ۽ مٿس ايمان رکو
ته خدا کي توهان کي عذاب ڏئي ڇا ڪرڻو آهي، الله ته (انسانن جي نيڪ عملن جو) قدر ڪندڙ ۽ (هنن جي حالت جو) علم رکندڙ آهي.“ (النساءِ:١٤٧)
الله ﷻ ڪائنات جو خلقڻهار آهي، خود انسان جي نرالي تخليق ان جو شاهڪار آهي جو ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو اٿس. اهو سڀ ڪجھه الله ﷻ انسان کي عذاب ڏيڻ لاءِ نه ڪيو آهي. الله ﷻ جيئن شين جا اثر مقرر ڪيا آهن، بلڪل تيئن ئي عملن جا نتيجا به مقرر ڪري ڇڏيا آهن. وري پنهنجي هدايت موڪلي ٻن واٽن، نيڪي ۽ بدي جا رستا ۽ نتيجا کولي کولي ٻڌائي ڇڏيا اٿائين. هاڻي انهن رستن مان انتخاب جو حق به انسان کي خود حاصل آهي، تنهن ڪري انهيءَ جي نتيجن جو ذميدار به پاڻ ئي آهي. انهيءَ ڪري ماڻهو جيڪڏهن سوچي ٿو ته مان فلاڻي جماعت ۾ هجڻ ڪري ڇٽي ويندس يا ڦلاڻي جي مدد ۾ هئڻ ڪري رب جون مهربانيون ماڻي وٺندس ته مڪي جي انهن ڪافرن جهڙو خيال آهي، جيڪي ڪنهن مخصوص بت جي آڏو قرباني ڪري پاڻ کي گناهن کان آجو سمجهندا هئا.

[b]ظلم ۽ زيادتي ڪندڙن جي بدنصيبي
[/b]”۽ الله ﷻ ظلم زيادتي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.“
(آل عمران: ٥٧)
انڪار جي واٽ وٺندڙن کي الله ﷻ قرآن ۾ ظلم ۽ زيادتي جي واٽ وٺندڙ ليکيو آهي. انهن جو ظلم هي آهي ته خلقڻهار ۽ مهربان الله ﷻ جي ذات کان ويسلا آهن ۽ زيادتي انهن جي پنهنجي ذات مٿان آهي، جو هو پاڻ کي ان جي رحمت ۽ مهربانين کان محروم رکن ٿا.

[b]نافرماني الله ﷻ جي گرفت ۾ آڻي ٿي
[/b]”سو جيڪڏهن توهان فرمانبرداري ڪندؤ ته پوءِ الله ﷻ اوهان کي سٺو اجر ڏيندو. پر جيڪڏهن توهان منهن موڙيندؤ جيئن اڳي منهن موڙيو هو، ته پوءِ الله ﷻ اوهان کي دردناڪ عذاب واري سخت سزا ڏيندو.“ (الفتح:١٦)
خدائي ضابطن جي پابندي ڪرڻ جو نتيجو انسان کي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جي صورت ۾ حاصل ٿئي ٿو. جيڪو انهن ضابطن کان منهن موڙي ٿو ته ان جي زوال جو آغاز ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن فرد آهي ته پنهنجو حسن، لقاءُ ۽ ڪامراني وڃائي ٿو ۽ جيڪڏهن اجتماع آهي ته فلاح جي بجاءِ انارڪي ۽ ترقيءَ جي بجاءِ تنزلي ان جو مقدر بڻجي وڃي ٿي.

[b]مومنن جو شيوو
[/b]”مومن مردن کي چئو ته هو پنهنجون اکيون (پراين عورتن جي سامهون اچڻ وقت)
هيٺ ڪري ڇڏين ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن،
اها ڳالهه هنن جي لاءِ پاڪائي واري آهي.“ (النور: ٣٠)
جيڪو دين تي هلي ٿو ته الله ﷻ ان جي لاءِ پنهنجي هدايتن ذريعي دين تي هلڻ آسان ٿو ڪري ڇڏي. روزاني زندگيءَ ۾ ڪٿي ڪا پرائي عورت ٽڪرائجي وڃي ته هڪدم پنهنجي اکين کي هيٺ ڪرڻ سان اوهان خيالن جي انتشار جي ڀونچال کان بچي ويندا ۽ اهي خيال ئي هوندا آهن، جيڪي راس ٿيڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي سندرتا ۽ عظمت ۽ خدا سان ان جي محبت جا دشمن بڻجي پوندا آهن. ان ڪري اها نوبت ئي اچڻ نه ڏجي.

[b]الله ﷻ جي رنگ ۾ رنگجڻ
[/b]”۽ جيئن الله ﷻ توتي احسان ڪيو آهي، تيئن تون به (ماڻهن تي ) احسان ڪر.“ (القصص:٧٧)
الله ﷻ جو هونئن ته انسانن جي مٿان اڻ ڳڻيون مهربانيون آهن، پر انهن ۾ علم، مرتبي ۽ مال جون مهربانيون، انسان لاءِ پنهنجي شخصيت جي اصل ارتقا جو ذريعو آهن. اصل ارتقا آهي الله ﷻ جي محبوبيت حاصل ٿيڻ. انسان جيئن جيئن پنهنجي علم، مرتبي ۽ مال جي ذريعي انسانن سان ڀلايون ڪندو ويندو، تيئن تيئن الله ﷻ جي محبوبيت کيس حاصل ٿيندي ويندي.

[b]برائيءَ کي ڀلائيءَ سان منهن ڏيڻ جو نتيجو
[/b]”تون (بديءَ ۽ برائيءَ کي) انهيءَ طريقي سان دفع ڪر جو بهترين طريقو هجي، پوءِ نتيجو هي ٿيندو، جو جنهن (بري) شخص ۽ تنهنجي وچ ۾ بي اتفاقي ۽ دشمني هئي، سو اهڙو ته ٿي پوندو جو ڄڻ ته هو تنهنجو گهرو ۽ گھاٽو دوست آهي.“ (حٰم سجده:٣٤)
جيڪو شخص خدا ڏي سڏيندڙ هجي، ان کي لازمي طرح هڪ ته عملي زندگي هجي ۽ ٻيو ته هو فرقن کان آجو هجي. صرف سلامتيءَ جي دين جي دعوت ڏئي ۽ ان واٽ تي هلندي جيڪڏهن ان کي رڪاوٽون پيش اچن ۽ مدائي منهن ڪڍي بيهي ته هو انهيءَ کي بهتر طريقي سان دَفع ڪري، انهيءَ طريقي سان کيس بهتر نتيجا حاصل ٿي سگھندا. اهو رويو هر انسان لاءِ عام زندگيءَ ۾ ساڳي طرح ڪارگر ۽ مصيبتن کان بچڻ وارو آهي.

[b]مڪمل ايمان جون علامتون
[/b]”۽ (مومن اهي آهن) جيڪي پنهنجي امانتن ۽ عهدن (۽ واعدن) پاڙڻ ۾ بلڪل ايماندار رهن ٿا. (مومنون:٨)
جن مومنن کي ڪامراني ۽ فلاح حاصل ڪرڻ جو پروانو مليل آهي، انهن جي اطاعت نماڻائي واري آهي. اهي اجاين واهيات ڳالهين کان منهن ڦيرائي ٿا ڇڏين. جيڪي ڏيڻ جي واٽ تي اڳرا آهن، پنهنجي ستر سنڀالڻ ۾ پختا آهن ۽ سندن پنجين امتيازي خاصيت اها آهي جو پنهنجي امانتن ۽ واعدن کي ڪڏهن به پاسيرو نٿا رکن ۽ انهن جي پوري ڪرڻ ۾ بلڪل سچا رهن ٿا.
حق ۽ انصاف کي هرگز نه ڇڏيو
”۽ جڏهن ڪابه ڳالهه چئو ته حق ۽ انصاف جي چئو. توڻي جو معاملو پنهنجن ماڻهن سان تعلق رکندڙ هجي (۽ انصاف سندن خلاف وڃي)“ (الانعام:١٥٢)
انسان پنهنجي رشتيدارن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هئڻ ڪري عام طور تي زندگيءَ ۾ انصاف جي واٽ تي ترڪي پوندو آهي. الله ﷻ پنهنجي فرمانبردار ٻانهن کي باوقار شخصيت ۽ عظمتن ۽ سندرتا سان زندگيءَ ۾ جيئڻ ۽ آخرت ۾ سندس حضور ۾ پيش ٿيڻ جا رستا ٻڌائي ٿو. ناحق تي پنهنجن جي طرفداريءَ سان انهن مائٽن کي وقتي طور ته فائدو رسي ويندو، پر طرفدار جي پنهنجي شخصيت جو ايمان، وقار ۽ سندرتا تباهه ٿي ويندي ۽ خدا جي حضور ۾ سخت خواري جي حالت ۾ پيش ٿيندو.