شيطان جا ساٿي طبقا اوهان جي چوڌاري موجود آهن
نفس اماره هي آهي ته خواهشن، لونجهه ۽ جذبات جي ڊوڙ ۾ انسان جا پنهنجا غلط فيصلا کيس غلط رستا اختيار ڪرڻ لاءِ اڀاريندا آهن ۽ شيطان موقعو ڏسي وجهه وٺي کيس وسوسن، هرکائڻ ۽ جمالياتي فريب ڪاريءَ سان انهن غلط فيصلن تي هلڻ جي ترغيب ۽ هُشي ڏيندو رهندو آهي. ان جي ٻي حالت نفس لوامه آهي، هي انساني شخصيت جي اها ڪيفيت آهي جنهن ۾ منجهس نيڪي ۽ بديءَ جي ڇڪتاڻ بيدار ٿي پوندي آهي، پهريائين انسان هڪ غلط فيصلو ڪري ويهندو آهي، جڏهن کيس انهيءَ جو احساس ٿيندو آهي ته هو پنهنجي ڪئي تي نادم ٿيندو آهي ۽ هو شيطان ۽ ان جي وسوسي ۽ ان جي ساٿين جي هُشيءَ ڏانهن متوجه ٿيڻ تي پاڻ کي ملامت ڪندو آهي ۽ آئنده واسطي انهن جي مقابلي لاءِ تيار ٿي بيهندو آهي. اهو ندامت جو احساس به انسان جي خوبي آهي. حيوان انهيءَ احساس ۽ جذبي کان محروم هوندا آهن. جڏهن نيڪي ۽ بديءَ جي انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ نيڪيءَ جي قوت بديءَ جي مٿان حاوي ٿي وڃي ته کيس انهيءَ ڇڪتاڻ کان نجات ملي پوندي آهي. قرآن حڪيم انهيءَ کي نفس مطمئنه جو نالو ڏنو آهي. موجود دور ۾ انهيءَ کي متوازن شخصيت (Balanced personality) چئجي ٿو. انهيءَ جي ڪري متوازن شخصيت يا نفس مطمئنه واري ماڻهوءَ کي ڪوبه اندروني وسوسو يا باطل قوتن جو ٻاهريون وسوسو، يا نظر نه ايندڙ شيطان جي جمالياتي فريب ڪاري (شين کي خوبصورت ۽ فائدي وارو ڪري ڏيکارڻ) يا نظر ايندڙ شيطاني قوتن جي لالچ ۽ مفاد يا خوف، انهن مان ڪوبه اثر غالب پئجي نه سگهندو آهي. انهيءَ ڪري جو ان کي پنهنجي خالق جي ڏسيل هدايت مطابق هي پڪو يقين هوندو آهي ته سندس ڪم ۽ جذبا سندس خالق جي تخليقي مقصدن جي مطابق سرانجام ٿي رهيا آهن. اها الله ﷻ جي رضا ۽ حڪمن تي هلڻ واري زندگي آهي. اهڙي مطمئن نفس جي هي زندگي به اطمينان واري گذرندي آهي ۽ ابدي زندگيءَ ۾ سڏي ڪري ان کي چيو ويندو : اي مطمئن نفس وارا ماڻهو، موٽي هل پنهنجي رب ڏانهن. خوش ٿي جو اهو توکان راضي آهي. پوءِ هليو وڃ منهنجي ٻانهن ۾ ۽ گهڙي پؤ منهنجي جنت ۾ (الفجر 28-30)
شيطان انسان کي گمراهه ڪرڻ جو ٻيو طريقو حزب الشيطان يعني پنهنجي شيطاني جماعت کان ڪم وٺڻ جو اختيار ڪندو آهي. جيڪي ان وانگر ئي الله ﷻ جا بي چيا باغي بڻيل هوندا آهن. قرآن حڪيم انهن جو ڏس هن طرح سان ڏنو آهي:
اِسْتَحْوَذَ عَلَیۡہِمُ الشَّیۡطٰنُ فَاَنۡسٰہُمْ ذِكْرَ اللہِ ؕ اُولٰٓئِکَ حِزْبُ الشَّیۡطٰنِ ؕ اَلَاۤ اِنَّ حِزْبَ الشَّیۡطٰنِ ہُمُ الْخٰسِرُوۡنَ ﴿۱۹﴾ (المجادله 19)
ترجمو: ”شيطان (۽ ان جون سرڪش ۽ خود غرض قوتون) انهن جي مٿان مسلط ٿي ويون آهن، جنهن ڪري انهن الله ﷻ جي اطاعت ۽ ان جي رشتي کي وساري ڇڏيو آهي. اِهي حزب الشيطان (يعني شيطان جي جماعت) آهن. پڪ ڄاڻو ته شيطان جي جماعت وارن جي لاءِ آخرڪار نقصان ۽ خسارو ئي آهي.“
انهن شيطاني قوتن جي پاران انسان کي گهيري وٺڻ جو طريقئه واردات به قرآن هن طرح ٻڌايو آهي:
اِتَّخَذُوۡۤا اَیۡمَانَہُمْ جُنَّۃً فَصَدُّوۡا عَنۡ سَبِیۡلِ اللہِ فَلَہُمْ عَذَابٌ مُّہِیۡنٌ ﴿۱۶﴾
(المجادله 16)
”انهن پنهنجي (فريب ڪاريءَ جي ڪوڙي ڍونگ ۽) قسمن کي ڍال بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جي آڙ ۾ اهي ماڻهن کي الله ﷻ جي واٽ کان روڪين ٿا، انهيءَ ڪري مٿن ذلت وارو عذاب لازم ٿي ويو آهي.“
شيطاني جماعت جا ماڻهو، ماڻهن کي الله ﷻ جي واٽ تي هلڻ کان روڪڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪن ٿا ان جو سڄو تفصيل به ماڻهن کي خبردار ڪرڻ لاءِ قرآن ۾ بيان ڪيل آهي. اهي شيطاني قوتون جدا جدا افرادي حيثيت ۾ به اهو ڪم سرانجام ڏين ٿيون ۽ ادارن جي منظم شڪل ۾ به اهو ڪم سرانجام ڏين ٿيون. اهي چار ادارا آهن:
(1) فرعوني ادارو
(2) هاماني ادارو
(3) قاروني ادارو
(4) آذري ادارو
[b](1) فرعوني ادارو:
[/b]هي ادارو آمريت ۽ سرڪشيءَ جي علامت آهي ۽ پاڻ کي حاصل اقتداري ۽ رياستي سگهه جي بنياد تي عوام کي غلامانه حيثيت ۾ رکڻ جو روادار هوندو آهي. الله ﷻ جي حاڪميت ۽ قانونن کي نه مڃيندو آهي، ان ڪري رعيت کي انهن قانونن تي عمل ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏيندو آهي. ويتر پنهنجا آمراڻا حڪم نافذ ڪري ماڻهن کي اطاعت لاءِ مجبور ڪندو آهي. ڪڏهن بظاهر مسلمان جي روپ ۾ قسم کائي ماڻهن کي هي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهندو آهي ته هو دين جو محافظ آهي. ماڻهن ۽ ملت جو سڄڻ آهي ۽ حقن جو محافظ آهي، انهيءَ لاءِ ڪوڙ بدوڙ جا ماڻهن کي ڪيترائي ٺڳيءَ جا ٺاهه ڏيکارڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويندو آهي پر جيئن ته هو :
(1) صلواة: اهڙو فطري معاشرو جنهن ۾ خدا جي بندن کي پنهنجي عبديت اظهارڻ جا موقعا ملن.
(2) انفاق: دولت جي اهڙي تقسيم جنهن سان ماڻهن جو بنيادي ضرورتون پوريون ٿين.
(3) معروف: اعليٰ انساني قدرن جي حڪمراني
(4) منڪر: انسانيت ڪش ڪمن جي حوصله شڪني وارو.
سماجي انصاف تي ٻڌل نظام جو قيام، پنهنجي استڪبار ۽ آمرانه غرضن ۾ رڪاوٽ سمجهندو آهي انهيءَ ڪري ظلم ۽ ٺڳيءَ تي آمريت جا چنبا مضبوط ڪري رکندو آهي. انهن چنبن مضبوط ڪرڻ ۾ ٻيون ٽي قوتون هاماني، قاروني ۽ آذري جماعتون سندس سهڪاري رهنديون آهن. ان جي نتيجي ۾ هڪ طرف عوام جي اڪثريت پنهنجي انساني حقن کان محروم رهجي ويندي آهي ته ٻئي طرف وري اها اڪثريت الله ﷻ جي حڪمن مطابق پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ جي لائق نه رهندي آهي. انسان کي معاشي طورتي بدحال ڪري فقر ۽ فاقي سان ڪفر جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويندو آهي ۽ هر طرف کان سودي نظام جو گهيراءُ هوندو آهي.
[b] (2) هاماني ادارو:
[/b]
انهيءَ کي فرعون ۽ آمريتون پنهنجي تائيد، مدد ۽ خدمت لاءِ قائم ڪندو آهي، اهو ڪم موجوده دور ۾ حاڪمن جون دلال پارٽيون ۽ ايجنسيون ڪنديون آهن. انهيءَ اداري جي ذميدارين ۾ فرعوني حڪم قبول ڪرائڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ هوندو آهي. فرعوني حڪومت کي مضبوط بنائڻ خاطر رعيت کي بنيادي انساني حقن کان غافل ۽ محروم رکڻ خاطر تدبيرون ڪرڻ ۽ حڪمت عمليون جوڙڻ ۽ پروپئگنڊه جي ذريعي آمريت ۽ استڪبار کي ٽيڪو ڏيڻ، رباني سماجوادي نظام جي امڪانن کي ختم ڪرڻ ان جي سرگرمين ۾ شامل هوندو آهي. هن اداري جو سڀ کان وڏو ڪرشمو هي هوندو آهي ته اهو چئني شيطاني ادارن جي وچ ۾ خفيه رابطه ڪاري ڪندو آهي. ۽ انهن جي گڏيل سهڪار سان عوام جي ڀلائيءَ جا سگهارا قومي ادارا وجود ۾ اچڻ ئي نه ڏيندو آهي. جيڪڏهن ماڻهن ۾ اهڙي آرزو پيدا ٿي پوي ته ان صورت ۾ هو خطرناڪ منصوبا جوڙي اهڙين خواهشن جا ترا لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. خلق خدا الله ﷻ جي واٽ تي هلي پوي ۽ رباني سماجوادي معاشرو وجود ۾ آڻي سڀني انسانن کي برابريءَ جي بنياد تي وسيلن ۽ بنيادي حقن جو موقعو فراهم ڪري، هاماني ادارو اهڙن سڀني امڪانن کي ختم ڪرڻ جون رٿابنديون ڪندو آهي.
[b](3) قاروني ادارو:
[/b]
هي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو گروهه هوندو آهي، جيڪو هاماني اداري وانگر فرعوني حڪومت جو پاليل ۽ ان کي ٽيڪ ڏيندڙ هوندو آهي. پنهنجي چوڌاري ماڻهن کي محتاج ۽ غلام بڻائي رکڻ هن گروه جي ابليسي خصوصيت آهي. هن گروهه وارا ماڻهن جو استحصال ڪرڻ ۽ حق ڦٻائڻ جا ماهر هوندا آهن ۽ پنهنجي جاگيرن ۽ ماتحتيءَ ۾ رهندڙ هارين ۽ پورهيتن جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي بندوبست کان لنوائيندا آهن ته جيئن انهن ۾ ڪڏهن به تبديليءَ جو اُڀار ۽ سرگرمي پيدا نه ٿئي. نتيجي ۾ انهن جو جوان ٿي وڃڻ جي باوجود وڏو تعداد قرآن جي ٻڌايل زندگيءَ جي جمالياتي قدرن، معرفت ۽ حقيقت، علم ۽ ڏاهپ جي شعور ۽ برڪتن کان محروم رهجي ويندو آهي. ايستائين جو انهن کي پنهنجي انساني حقن جو شعور به نه رهندو آهي جو انهن جي حاصلات لاءِ کڻي جهد ۽ جاکوڙ ڪري سگهن. سندن ذهنيت غلاماڻي بڻجي پوندي آهي ۽ ان زندگيءَ تي قائم رهڻ جا عادي بڻجي پوندا آهن. دل جي دنيا جو شعور انهن وٽ نه رهندو آهي جو مذهبي پيشه ورن جي مٿان ايمان ۽ تقديس جو عقيدو رکڻ جي ڪري سندن دلين کي تالا لڳي ويندا آهن ۽ ذهنن جي مٿان پردا پئجي ويندا آهن. انصاف پسندي ۽ حق پرستي جي ديد، ذوق ۽ چاهت منجهائن ختم ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري جيئن چڱي ۽ بڇڙي حالت، صورت ۽ رويي ۾ به فرق نه ڪري سگهندا آهن، تيئن گهڻو ڪري حق پرستيءَ جي مخالفت ۾ اُڀا ۽ اڳرا نظر پيا ايندا، شرڪ جي بڇڙاين ۽ گمراهيءَ جي گهيرائن جي ڪري حق ۽ باطل ۽ سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ کان محروم هوندا آهن.
قاروني طبقو جيئن ته پئسي تي پئسو ڪمائڻ جو روادار هوندو آهي، انهيءَ ڪري هارين، پورهيتن ۽ ڪمزورن جي لهڻي ليکي جو استحصال ڪري، انهن جي ڪمائيءَ تي عيش عشرت جي زندگي گذاريندو آهي. انهن استحصالي طريقن کي لڳاتار جاري رکڻ جي لاءِ ضروري هوندو آهي ته هو فرعوني ۽ هاماني ڪلاس جو ساٿ ڏئي رباني سماجوادي نظام قائم ٿيڻ نه ڏين. سماجوادي نظام انسانن جي آزادين، اجتماعي ڪفالت ۽ منصفاڻي نظام جي تقاضا ڪندو آهي، انهيءَ ڪري ننهن چوٽيءَ جو زور لائي هو اهڙي نظام جي سڀني امڪانن کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اهڙين ڪوششن ۾ چوٿون ابليسي ساٿي ”آذري ادارو“ سندن بيحد مددگار بڻبو آهي.
[b](4) آذري ادارو:
[/b]
مذهبي پيشوائيت جي صورت ۾ هي ادارو ماڻهن جي لاءِ وڏي تقديس جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي. دنيا جي ٿورڙي نفعي جي لاءِ هي گروهه الله ﷻ جي آيتن کي وڪرو ڪندو آهي. تان ته هر صورت ۾ انهن جي مسند ارشاد ۽ ڪوڙي فضيلت قائم رهي. هن گروهه جي باني آذر نمرود جي ڪوڙي خدائيءَ کي ٽيڪو ڏيڻ جي لاءِ شرڪ جي طريقن کي ”وسيلي“، ”شفا“ ۽ ”مقرب“ جي نالي کي استعمال ڪيو ۽ پوءِ يهودين جي احبار ۽ رهبان ۽ مسلمانن جي مشائخن ۽ ڌنڌوڙي مُلن مولوين انهيءَ کي اپنايو.
آذري پيشوائيت جا ٻه وڏا حربا رهيا آهن. (1) فن تاويل بالباطل يعني ڪوڙين تاويلن جي ذريعي حلال کي حرام ۽ حرام کي حلال بنائڻ (2) فن تسميھ بالباطل يعني تقديس جي لباس ۽ نالن واريون مذهبي رسمون وجود ۾ آڻي ماڻهن کي حق، جدوجهد ۽ مزاحمت جي واٽ کان اوجهل رکڻ. انهن ٻنهي طاغوتي طريقن کي ابليس پنهنجي وسوسن ۽ فريب ڪاريءَ سان ماڻهن کي دل لڀائيندڙ ڪري ڏيکاريندو آهي ۽ ويچارا سادڙا ماڻهو شيطان جي وڪڙ ۾ اچي ايمان، تقويٰ ۽ توحيد جي اطمينان ۽ سلامتيءَ واري زندگيءَ کان محروم رهجي ويندا آهن. منجهائن حق جو ساٿ ڏيڻ، ظلم جي خلاف مزاحمت جي رستي تي هلڻ ۽ غلامين جي خاتمي لاءِ وڙهڻ جي امنگ ئي ختم ٿي ويندي آهي. شيطان جون جادوئي ترڪيبون اهڙن ماڻهن کي توحيد ۽ آزاديءَ جي هيڏي ساري مايا کان محرومي ۽ ابدي زيان جي طرف سوچڻ جو موقعو ئي نه ڏينديون آهن ۽ نه ڪو کين احساس جاڳندو آهي، نه کين آخرت ۾ الله ﷻ جي سامهون سرخروئي سان پيش ٿيڻ جو فڪر هوندو آهي، نه الله ﷻ جي قربتن ۽ رضا ماڻڻ جو اشتياق هوندو آهي ۽ نه وري الله ﷻ جي موڪليل هدايت ۽ نبي ڪريم ﷺ جي طريقي تي هلي انهيءَ جي جماعت ۾ ڳڻجڻ جي امنگ هوندي اٿن. پنهنجي مسلسل نادانين جي ڪري اهي ماڻهو پيرن، فقيرن جي درگاهن ۽ قبرن تي ڀٽڪي انهن کي الله ﷻ وانگر پنهنجو مددگار ۽ مالڪ بڻائي الله ﷻ جا گستاخ ۽ بي ادب بڻجي ويندا آهن ته نتيجي ۾ الله ﷻ پاڪ جي بي پرواهه ذات به انهن جي مٿان پنهنجي رحمت جو هٿ مٿي کڻي وٺندي آهي. پوءِ شيطان وڏي آزاديءَ سان انهن جي ڳچيءَ تي مسلط ٿي ويندو آهي، جيڪو کين ڪڏهن به سنڀلجڻ جو موقعو ئي نه ڏيندو آهي ۽ اها انسان جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي هوندي آهي. پوءِ محروميون، اڻهوند، ذهني عذاب، چٽيون پريشانيون، خوف، ڳڻتيون، ڀانت ڀانت جون بيماريون زندگيءَ جو روڳ بڻجي وينديون آهن. نه شخصي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتي حاصل هوندو آهي ۽ نه کين اجتماعي زندگيءَ ۾ عدل ۽ سلامتيءَ جو نظام مهيا ٿي سگهندو آهي. هن عارضي زندگيءَ کان پوءِ جي اصلي ۽ ابدي زندگيءَ ۾ الله ﷻ پنهنجي عدل ۽ انصاف جي قانون سان عقيدن ۽ عملن جي جيڪو ذري ذري جو حساب وٺي ان جو بدلو ڏيندو ان جو تفصيل ته وري سڄي قرآن ۾ جابجا موجود آهي. پڪ ڄاڻجي ته الله ﷻ پنهنجي ڪيل ڳالهين تان ڪڏهن به ڦرڻ وارو ڪونهي.
اهي چارئي ادارا حزب الشيطان (شيطاني جماعتون) آهن. اهي پنهنجي هر روپ ۽ رنگ ۾ الله ﷻ، ان جي موڪليل هدايت ۽ ان جي ٻانهن جا دشمن آهن، قرآن حڪيم جيئن ته نور (روشني) ۽ هدايت آهي ۽ ڳولائن کي انهن جي منزل مقصود ۽ صراط مستقيم ڏيکاري ٿو ۽ انهن لاءِ ڀروسي جو وڏو سهارو به آهي، انهيءَ ڪري شيطان ۽ سندس چار گروهه عام ماڻهن کي قرآن حڪيم کان پري رکڻ جا جتن ڪندا رهندا آهن.
جابر ۽ آمر حڪمرانن کي پڪ هوندي آهي ته قرآن جو توحيدي تصور سڀني انساني غلامين جو خاتمو آڻي هڪ الله ﷻ جي عبديت ۾ آڻڻ جو پيغام آهي ۽ الله ﷻ کي چنبڙي پوڻ جي مضبوط رسي آهي، انهيءَ ڪري انسان انهيءَ حقيقت جي رازن کان اڻواقف هجن. هاماني ادارن ۽ ايجنسين کي يقين هوندو آهي ته قرآن رباني سماجوادي نظام ۽ انساني آزادين سان گڏ اجتماعي ڪفالت ۽ منصفاڻي نظام جو شعور عطا ڪندو، انهيءَ ڪري مستڪبرن جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مستضعفين (غريب پورهيت ۽ ڪمزور طبقن) جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جي طوق کي اڃا به سوڙهو ڪيو وڃي. اهڙي طرح مختلف حربن جي ذريعي انسانيت کي اهڙي شعور جي سرچشمي فڪر ۽ ان مقصد لاءِ ڪم ڪندڙ جماعتن کان ڪٽي رکجي. قاروني ادارو سرمائي پرستيءَ جي نظام جي تحفظ لاءِ آذري طبقي کي مراعات ڏئي کيس دين جي حقيقي پيغام کي لڪائڻ ۽ خلق کي قرآن جي تدبر کان پري رکندو. ان جي عملي الاهيات ۽ ان جي سماجي شعور کان غافل رکندو ۽ ”دنيا باطل آهي“ جا فلسفا گهڙي حسنة في الدنيا جي فڪر بجاءِ دنيا کي ڪافرن جي فلاح ۽ سلامتيءَ جي جاءِ قرار ڏيندو ۽ مسلمانن کي درپيش صورتحال الله ﷻ جي مشيت قرار ڏئي ان تي صابر ۽ شاڪر رهڻ جي تلقين ڪندو رهندو آهي. هن دنيا جي ذلتن، بک ۽ بدحاليءَ کي آخرت جي آجپي سان تعبير ڪندو آهي.
قرآن حڪيم جي سورت مجادله ۾ حزب الشيطان يعني شيطان جي انهن ساٿاري طبقن جي ڪرتوتن ۽ انهن جي انجام جو وچور هن طرح ڏنو ويو آهي:
”(اي رسول) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو جن اهڙي قوم سان دوستي رکي جن تي (خدائي نظام جي مخالفت ۽ سرڪشيءَ جي ڪري) الله ﷻ ڪاوڙيو آهي. اهي نه ئي حقيقت ۾ اوهان مان آهن ۽ نه کليو کلايو انهن مان آهن. اهي ڄاڻي ٻجهي (اوهان جي پوئلڳ هئڻ جو) ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا. الله ﷻ انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي ڇو ته انهن جا ڪم بڇڙا آهن. انهن پنهنجن قسمن کي ڍال بڻايو آهي، پوءِ (ان ڍال يعني مسلمانيءَ جي آڙ ۾) ماڻهن کي الله ﷻ جي رستي (۽ ان جي قانونن) تي هلڻ کان روڪين ٿا، سو انهن لاءِ ذلت ڀريو عذاب آهي. سندن مال ۽ اولاد (جنهن جي گهمنڊ تي آهن) الله ﷻ جي (مڪافات وارن قانونن جي) اڳيان کين ڪجهه به ڪم نه ايندا. اهي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا. جنهن ڏينهن الله ﷻ انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو، پوءِ اهي سندس اڳيان (مسلمانيءَ جو) قسم کڻندا، جيئن اوهان جي اڳيان کڻن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته (سندن انهن قسمن سان ڀرم رهجي ويندو تنهن ڪري) ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ آهن، پڪ سان اهي پهرين درجي جا ڪوڙا آهن. شيطان ۽ ان جون سرڪش ۽ فساد پسند قوتون) انهن جي مٿان غالب ٿي ويون آهن جنهن ڪري انهن الله ﷻ جي اطاعت ۽ ان جي اطاعت جي رشتي کي وساري ڇڏيو آهي. اهي حزب الشيطان (يعني شيطان جي جماعت) آهن. پڪ ڄاڻو ته شيطان جي جماعت وارن جي لاءِ آخرڪار نقصان ۽ خسارو ئي آهي. جيڪي الله ﷻ ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي نيٺ تمام خوار ماڻهن مان ٿيندا. الله ﷻ جو لکيل فيصلو (قانون) آهي ته مان ۽ منهنجا رسول (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش دوران) ضرور (باطل قوتن تي) غالب ٿيندا. بيشڪ، الله ﷻ هر قسم جي قوتن جو مالڪ ۽ زبردست آهي. (المجادله 14 کان 21)
قرآن حڪيم شيطاني طبقن جي اصليت، منافقي، طريقئه واردات، مڪارين ۽ انجام کي بلڪل وائکو ڪري ٻڌايو آهي. انهيءَ ڪري الله ﷻ جي ساٿاري جماعت يعني حزب الله جا ماڻهو جيئن هڪ طرف پاڻ کي شيطاني وسوسن ۽ فريب ڪارين کان بچائين تيئن پاڻ کي منظم ڪري الله جي مشيت ۽ حڪمن جي سربلندي لاءِ شيطاني طبقن سان مزاحمت ۾ رهن.*