هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو اصل امتحان آهي ڪهڙو؟
شيطان الله ﷻ کي سجدو ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر هو پاڻ کي وڌيڪ سمجهي آدم کي سجدي ڪرڻ تي راضي نه ٿيو. ان جو نتيجو هي نڪتو ته هو لعنتي ۽ جهنمي قرار ڏنو ويو.
زمانو بدليو، ڪردار بدليا پرساڳي ڪار آدم جي اولاد ۾ اڄ به جاري آهي. هڪ طرف فرشتا آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي نوڙت ۽ اعتراف جو سبق ڏئي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف شيطان آهي جيڪو انسان جي رڳن ۾ ڊوڙي ٿو ۽ ماڻهن کي ورغلائي ٿو ته اهي پاڻ کي ئي معتبر سمجهن ۽ خود پسنديءَ جي شيطاني طريقي جا پيروڪار بڻجن. دنيا ۾ زندگي گذاريندي اسان جو هر گهڙي آدم سان واسطو پوي ٿو. ان جو ڪونه ڪو حق اسان جي مٿان لهڻو هوندو آهي، پوءِ اهو صرف مرڪي ملڻ ئي ڇو نه هجي. خدا جو حڪم هي آهي ته مان پنهنجي مشيت سان انسان کي شرف وارو ڪري خلقيو آهي، ان ڪري هر انسان تعظيم جي لائق آهي. ان کي منهنجي مشيت جو لحاظ رکي پنهنجي حصي جي تعظيم، احترام ۽ حق ادائي بجا آڻيو. ايتري قدر جو ان ۾ ڪا مذهبي نسلي ۽ جنسي تفريق به حائل نٿي ٿي سگهي. هاڻي جيڪي ماڻهو فرشتن جي روش اختيار ڪن ۽ پنهنجي لاءِ الله ﷻ جي ڪيل حڪم جي شناس رکي، ائين ڪري وٺن ته اهي الله ﷻ جا وفادار ٻانها ليکبا. اهي هن دنيا جي آزمائشن مان پارپئي (آخرت ۾) سعادت، سک ۽ سلامتيءَ جو لطف ماڻيندا ۽ الله ﷻ جي وعدو ڪيل ابدي سلامتي ۽ ڪامرانيءَ جا لهڻيدار پڻ بڻبا. پر جيڪي ماڻهو شيطان جي طريقي کي اختيار ڪندا ۽ پنهنجي ڏاڏر خاطر ٻين جي آدميت جي احترام ۽ انهن جي حقن جي ادائگيءَ لاءِ تيار نه ٿيندا ته اهي الله ﷻ جا بي چيا باغي ماڻهو آهن، اهي هن دنيا ۾ به شيطان جي حصي ۾ لعنتي ۽ ڦٽڪاريل رهندا ۽ الله ﷻ جي ان واعدو ڪيل جهنم جي عذاب جا حقدار پڻ بڻبا جتي سدائين سڙندا رهن.
شيطان جڏهن بي چيو باغي بڻيو ته الله ﷻ ان کي پنهنجي اطاعت واري واٽ جو نااهل قرار ڏنو. تنهن تي شيطان ان وقت ئي الله ﷻ کي چيو هو ته: ”جيئن تون مون کان واٽ کسي، تيئن مان به تنهنجي سڌي واٽ تي ماڻهن جي تاڙ ۾ ويهندس، پوءِ انهن جي اڳيان به ايندس ۽ پٺيان به ايندس، انهن جي ساڄي کان به ايندس ۽ کاٻي کان ايندس. (منهنجي ٿيڙڻ کانپوءِ) تون انهن ۾ اڪثر ماڻهن کي بي شڪرو (نافرمان) ڏسندين. الله ﷻ چيس نڪر هتان بڇڙو ٿي ۽ تڙيل ٿي. ماڻهن مان جيڪي تنهنجا پوئلڳ ٿيا ته مان به توهان سڀني سان دوزخ کي ڀريندس.“ (الاعراف – 16 – 17)
انسان الله ﷻ جو ٻانهو آهي، ان کي عبديت جو اصل سجدو ته الله ﷻ کي ڪرڻوآهي. پر گڏوگڏ هن دنيا ۾ الله ﷻ انسان کان پنهنجي عبديت جو اظهار پنهنجي حڪمن جي تابعداريءَ جي ذريعي ڪرائڻ جي آزمائش لاءِ پڻ موڪليو آهي. انهيءَ ڪري انسان کي هر قدم تي ٻين انسانن سان پنهنجي سلوڪ ۽ روين جا حڪم به موڪليا اٿس. زندگيءَ جي هر لمحي تي جڏهن وري وري انسان کي ٻين انسانن جي حقن سان واسطو پوي ٿو ته الله ﷻ به وري وري حڪم ڪري ٿو ته تون هتي آدم جي تعظيم ۽ حق ادائيءَ لاءِ هر وقت تيار رهه. اهوئي هن دنيا ۾ انسان جو اصل امتحان آهي.
الله ﷻ کي ظاهري سجدو ڪرڻ لاءِ ماڻهو آسانيءَ سان تيار ٿي وڃي ٿو، پر جتي کيس ڪنهن انسان جي تعظيم، اعتراف ۽ حق ادائي لاءِ ڪنهن انسان بابت خدائي حڪم جو سوال اڳيان اچي وڃي ٿو ته اتي فوراً منجهس ابليس واري نفسيات جاڳي پوي ٿي ته ”مان انهيءَ کان بهتر آهيان، مان ڇو ان جي سامهون هيٺاهون ٿيان.“ انسان جو اهو احساس شعوري يا غير شعوري طور تي سندس الله ﷻ جو حقيقي فرمانبردار ٻانهو بنجڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي پوي ٿو. هو جنهن الله ﷻ کي نماز ۾ سجدو ڪري رهيو هوندو آهي، انهيءَ ساڳي الله ﷻ جي پڌرن حڪمن جي باوجود ”آدم“ جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي. الله ﷻ جو ساجد ۽ عابد ٻانهو اهوئي آهي جيڪو الله ﷻ جي حڪم کي مڃي پنهنجي لهڻيدار انسان جي سامهون جهڪي پوي. جيڪو شخص الله ﷻ جي سامهون سجدا ڪري ۽ جڏهن ”الله ﷻ جي عيال“ انسانن سان سندس معاملو پوي ته انهن جو حق نه سڃاڻي ۽ آڪڙ ۽ بي انصافيءَ جو طريقو اختيار ڪري ته اهو الله ﷻ جو ساجد به ڪونهي. ڇاڪاڻ ته جتي الله ﷻ ان جي ساجد هئڻ جو امتحان وٺي رهيو هو، اتي هو پنهنجو پاڻ کي ساجد ثابت ڪري نه سگهيو.
ٻن ماڻهن جي وچ ۾ معاملو ٿي پوي ٿو. انهيءَ معاملي ۾ هڪ حق تي هوندو آهي ۽ ٻيو ناحق تي. جيڪو ماڻهو حق تي آهي اهو ڄڻ ته ٻئي ماڻهو لاءِ وقت جو ”آدم“ آهي. انهن جي وچ ۾ اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ سان ئي الله ﷻ جو هي حڪم اڳيان اچي وڃي ٿو ته انهي ماڻهو جي اڳيان منهنجي حڪمن جي پورائي خاطر جهڪي پئه. هاڻي جيڪو ماڻهو پنهنجي حريف جي حق کي مڃيندي پاڻ کي جهڪائي ڇڏي ته ان فرشتن جي پيروي ڪئي. ۽ جنهن شخص جي ”مان“ حق جي مڃوتيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي وڃي ۽ انهيءَ ذهن هيٺ لهڻيدار جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪري ته منهنجي پوزيشن مضبوط آهي ۽ هي شخص منهنجو ڪجهه به بگاڙي نٿو سگهي ته انهيءَ ابليس جي پيروي ڪئي. هاڻي الله ﷻ جي اڳيان سجدو ڪرڻ سندس عبديت جو اظهار ۽ ڇوٽڪاري جو سبب نٿو بڻجي سگهي. الله ﷻ جي آڏو سجدو صرف انهيءَ شخص جو اعتبار جوڳو آهي جيڪو الله ﷻ جي مشيت ۽ سندس ڏنل حڪمن جي پوئيواريءَ ۾ ان جي هٿن سان ٺاهيل ”آدم“ جي سامهون جهڪڻ تي راضي ٿي وڃي. جيڪو ماڻهو هي چوي ته مان الله ﷻ کي مٿو ٽيڪيندس پر ”آدم“ جي لهڻيداريءَ جو لحاظ نه ڪندس اهو شيطان جو ڀاءُ آهي. ان جي سجدي جي الله ﷻ وٽ ڪابه قيمت ڪونهي. ڇاڪاڻ ته هن ”آدم“ جي لهڻيداريءَ جو انڪار ڪري وڏائي ۽ ڪبر جو مظاهرو ڪيو آهي. جيڪو پنهنجي اندر ۾ وڏائيءَ جي نفسيات جي پروش ڪري، ان جو ڪوبه عمل الله ﷻ قبول ئي نٿو ڪري.
پهرئين انسان (آدم) جو قصو سڌو سنئون الله ﷻ جي سامهون پيش آيو هو. هاڻي دنيا جي زندگيءَ ۾ هرگهڙي اهو قصو الله ﷻ جي غيب ۾ پيش اچي رهيو آهي. اڄ الله ﷻ اسان جي سامهون پڌرو موجود ڪونهي. اڄ جيڪو الله ﷻ جي جاءِ تي آهي سو الله ﷻ جو ڪتاب ۽ ان جي رسول ﷺ جو طريقو آهي. انهيءَ سان گڏ انسان جو پنهنجو ضمير آهي جيڪوقالو بليٰ جي اقرار سان اندر مان کيس آواز ڏيندو رهي ٿو. روزاني زندگيءَ ۾ جڏهن انسانن سان اسان جو واسطو پوي ٿو ۽ هي تقاضا بڻجي ٿي ته اسان ان جي لهڻيداريءَ جو اعتراف ڪريون، اهو اعتراف ڪنهن کان معذرت ۽ معافي وٺڻ جي صورت ۾ لفظي طور هجي يا ڪنهن کي پنهنجي حق جو مالڪ بنائڻ جي عمل جي صورت ۾، انوقت ڄڻ ته خاموش زبان ۾ الله ﷻ جو حڪم اسان وٽ پهچي وڃي ٿو ته انهيءَ ”آدم“ جو جيڪو به حق تنهنجي مٿان آهي، اهو ادا ڪر. ٻين لفظن ۾ ان جي سامهون جهڪي پئه. جيڪڏهن لفظي اعتراف جو معاملو آهي ته لفظن ۾ ان جي صداقت جو اعتراف ڪر ۽ جيڪڏهن عملي حق جو معاملو آهي ته عملي طور تي پاڻ دستبردار ٿي ان جو حق ادا ڪر. اهڙي موقعي تي جيڪي ماڻهو الله ﷻ جي خاموش آواز تي جيءُ چون ۽ فوراً ان جي تعميل ڪن ته اهي امتحان ۾ پار پئجي ويا. پر جيڪي ماڻهو ”مان ان کان مٿانهون آهيان“، ”مان ان کان بهتر آهيان“ ۽ ”مان وڌيڪ طاقتور آهيان“ جهڙي نفسيات ۾ وڪوڙجي وڃن ۽ ”آدم“ جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏين ته اهي امتحان ۾ ناڪام ۽ نامراد ٿيا. پوءِ پهرئين قسم جي ماڻهن لاءِ فرشتن وارو انجام آهي يعني الله ﷻ ۽ سڄي مخلوقات جي محبوبيت ۽ ٻئي قسم جي ماڻهن لاءِ ابليس وارو انجام آهي. يعني الله ﷻ، فرشتن ۽ سڄي مخلوقات جي ڦٽڪار.
الله ﷻ کي سجدو ڪرڻ لاءِ ماڻهو آسانيءَ سان تيار ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو الله ﷻ جي باري ۾ ڪنهن جي اندر ۾ ”مان انهيءَ کان وڏو آهيان“ جي نفسيات نه هوندي آهي. جڏهن ته انسان جي مقابلي ۾ ڀانت ڀانت جون نفسياتي ڳنڍيون ٻڌل هونديون آهن، جيڪي هڪ ماڻهوءَ جو ٻي ماڻهوءَ جي اعتراف ۾ رڪاوٽ بڻيل هونديون آهن. الله ﷻ ڪنهن ماڻهوءَ جو حريف ناهي، جڏهن ته انسان تمام اٻهرائپ ۾ ٻئي ماڻهوءَ کي پنهنجو حريف سمجهي ويهي ٿو ۽ سندس مقابلي ۾ پنهنجي جهڪڻ کي عزت جو سوال بڻائي ويهي ٿو. الله ﷻ جي اڳيان ماڻهوءَ جي نفسيات محتاجيءَ جي نفسيات هوندي آهي. الله ﷻ صرف ڏيڻ وارو آهي، کيس ڪنهن کان وٺڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي. پر انسان جومعاملو مختلف آهي. هتي هڪ شخص جڏهن ٻئي شخص جي آڏو جهڪي ٿو ته کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوي ٿو. ڪڏهن سٺا لفظ، ڪڏهن ان جي حق تي هئڻ جو اعتراف، ڪڏهن ان جو مالي يا مادي حق ادا ڪرڻ، ڪڏهن اڳلي جي ڏٻري حيثيت جي باوجود ان جي عزت خاطر ان کي درگذر ڪرڻ، ڪڏهن پاڻ کي پوئتي ڪري ان کي اڳتي ڪرڻ، ڪڏهن هڪ شخص جي اتفاقي غلطيءَ مان فائدو وٺڻ جو موقعو هجڻ جي باوجود انصاف جي خاطر چپ رهڻ، ڪڏهن سامهون نظر ايندڙ نفعي کي ڇڏي اصولن خاطر ڪمزور ۽ بي نفعي ماڻهوءَ جو ساٿ ڏيڻ. مطلب ته ماڻهوءَ جي اڳيان جهڪڻ جو جڏهن به مسئلو هوندو آهي ته ان کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ جو مسئلو هوندو آهي. جڏهن هو ڪنهن حريف جي عزت ڪندو آهي ته اهو پنهنجي عزت کي خطري ۾ وجهڻ جي قيمت تي ڪندو آهي. اهڙيون ڳالهيون ڪنهن انسان کي الله ﷻ جي مقابلي ۾ ”آدم“ جي اڳيان جهڪڻ کي بيحد مشڪل بڻائي ڇڏينديون آهن. پر اهي ئي ڳالهيون هونديون آهن، جتي انسان جو اصلي امتحان ٿي رهيو هوندو آهي. اهائي اصل قرباني هوندي آهي جيڪا هر هڪ کي پنهنجي الله ﷻ جي رضا لاءِ ڏيڻي آهي. جيڪو انهيءَ قربانيءَ جي لاءِ تيار نه ٿيو، اهو ڪڏهن به الله ﷻ جو محبوب ٻانهو نٿو بڻجي سگهي. پوءِ توڻي هو الله ﷻ جي آڏو بظاهر سجدا ڪندڙ هجي توڻي نه ڪندڙ هجي.
سڀ کان وڏي حقيقت الله ﷻ رب العالمين آهي. ان ذات کي ماڻي وٺڻ ئي ماڻهوءَ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. موجوده دنيا ۾ ماڻهو پنهنجي مالڪ جون وڌ ۾ وڌ قربتون ”سجدي“ ۾ ئي ماڻي ٿو. پر سجدو ان وقت حقيقي سجدو بڻجي ٿو، جڏهن سجدي کان ٻاهر جي دنيا ۾ ماڻهو نوڙت ۽ جهڪڻ جي زندگي اختيار ڪري چڪو هجي. اهڙو شخص پنهنجي شخصيت جي لحاظ کان انهيءَ لائق بڻجي ويندو آهي جو هو الله ﷻ جي تجليات ۽ مهربانين مان ميڙا چونڊي ڪري سگهي. پوءِ ان جي لاءِ سجدو حقيقي معنى ۾ ملاقات جو هنڌ بڻجي پوندو آهي. ان جي ابتڙ جيڪو ماڻهو سجدي کان ٻاهر جي زندگيءَ ۾ سجدي جي عملي تقاضائن جي ابتڙ خود پسند آڪڙيلو ۽ متڪبر بڻيل هجي، شيطان ان جي حواسن تي سوار ٿي ويندو آهي. نتيجي ۾ ان جو سجدو غفلت ۽ بنا سرور جي هوندو آهي. ان جو سجدو نه کيس الله ﷻ سان ٿو ملائي ۽ نه کيس الله ﷻ جي ويجهو ڪري ٿو.