ڇا اوهان کي پنهنجي ٽن تخليقي خاصيتن جو ادراڪ آهي؟
[b]خود آگاهي:
[/b] انسان جي پهرين تخليقي خوبي خود آگاهي آهي. خود پنهنجي ذات جو شعور، هن ڪائنات جي پروڙ ۽ پنهنجي ۽ ڪائنات جي وچ ۾ واسطن بابت آگاهي. انهن ٽنهي شين جي آگاهي انسان کي الله ﷻ جي معرفت جو شعور عطا ڪري ٿي، جيئن جيئن انسان پنهنجي ۽ ڪائنات جي وچ ۾ واسطن جو وڌيڪ شعور حاصل ڪندو ويندو تيئن تيئن مٿس الله ﷻ جي معرفت جون حقيقتون کلنديون وينديون. الله ﷻ جي ذات اڻ کٽ ۽ لامتناهي آهي انهيءَ ڪري انسان جو اهو تلاش جو سفر هميشه جاري رهندو ۽ ان جي معرفت جو آخري نڪتو ڪڏهن به اچي نه سگهندو.
[b]آزاد چونڊ جو اختيار:
[/b] باقي جيڪي به مخلوقات آهن انهن کي پنهنجي لاءِ آزاد راءِ سان چونڊ جو اختيار ڪونهي. سڀ مخلوقات پنهنجي تخليقي نهج تي پابند آهي ته اهو ڪري جيڪو فطرت ان جي مٿان مسلط ڪيو آهي. ايستائين جو ملائڪ به پنهنجي سپرد ڪيل ڊيوٽين جا پابند آهن ۽ آزادانه راءِ جي انتخاب جو حق انهن کي به ڪونهي. اهڙي طرح نباتات ۽ جمادات جو حال به ساڳيو آهي ۽ حيوانات به اهوئي ڪري سگهندا آهن جيڪو جبلتي طرح انهن کي سيکاريل هوندو آهي. ليڪن انسان جو معاملو ان کان يڪسر مختلف آهي جو ان کي نيڪي ۽ بديءَ جي ٻن رستن مان چونڊ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. ”وَھَدَینٰھُ الْنَّجِدَیْنِ“ اسان ٻن رستن جي واٽ ان کي پڌري ڪري ڏني. ”اِمَّا شَاکِراً وَّاِمَّا کَفُوْراً“ وڻيس ته فرمانبرداريءَ جي واٽ وٺي يا وڻيس ته انڪار ۽ نافرمانيءَ جي واٽ تي هلي. انهن ٻنهي رستن تي هلڻ جي نفعي نقصان ۽ نتيجي جي خبر انسان کي ڏني وئي آهي، پر انتخاب جو مڪمل حق کيس ئي حاصل آهي. هاڻي جڏهن قدرت پاڻ ئي انسان کي آزاد راءِ جي چونڊ جو حق ڏنو آهي ته پوءِ مسلڪن ۽ مرشدن کي ڪهڙي طاقت آهي جو اهي ماڻهوءَ کي پنهنجي سوچ جو غلام بنائي رکن. اهڙي طرح انسان جيڪڏهن پاڻ به وحي جي هدايت جو رستو ڇڏي، پنهنجي مٿان مسلڪي رايا يا مرشدن، ابن ڏاڏن جا ورثي ۾ مليل طريقا مسلط ڪري ڇڏيندو ته هو پنهنجي تخليق جو امتيازي شان وڃائي ويهندو ۽ نتيجي ۾ پنهنجو اعليٰ تخليقي مقصد به حاصل ڪري نه سگهندو.
[b]تخليق جي صلاحيت:
[/b] ٻيون مخلوقات شين کي، تصورات کي ۽ افڪار کي خوبيءَ سان وجود ۾ آڻي نٿيون سگهن، انسان کي جيئن ته ”عَلَّمَ آدَمَ الْاَسْمَاءَ کُلَّھَا“ سڀني شين جا نالا سيکاريا ويا آهن، انهيءَ ڪري تخليق جي صلاحيت سندس امتيازي خوبي بڻجي پئي آهي. هو هن ڪائنات ۾ خالق جي قدرت ۽ تخليق جو مظهر آهي. هاڻي تعليم يافته ۽ باشعور انسان سڏبو ئي اهو جيڪو انسان نئين شيءِ دريافت ڪري سگهي. بظاهر ”اڻهوند“ جي حالتن کي” هوند“ جو واقعو بڻائي ڏيکاري.
هن خصوصيت جو تعلق زندگيءَ جي هر ميدان سان آهي. اهو علم جو ميدان هجي توڻي تجارت جو، سماجي معاملن جي ڳالهه هجي توڻي قومي معاملن جي، مطلب ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اُهوئي شخص وڏي ترقي حاصل ڪري سگهندو، جيڪو انهيءَ انساني صلاحيت جو ثبوت ڏئي سگهي.
شين ۽ معاملن جو بنيادي شعور انسان جي تخليقي سرشت ۾ داخل آهي. هاڻي انهيءَ بنيادي شعور جي بنياد تي انسان جيئن پنهنجي تمدني زندگيءَ ۾ شين کي وجود ۾ آڻي ٿو تيئن معاملن ۾ به کيس اعليٰ معرفت جي دريافت تائين پهچڻو آهي. کيس ناموافق حالتن ۾ موافق پهلو دريافت ڪرڻا آهن. هن کي دشمنن جي ڀيڙ ۾ پنهنجي دوستن جو پتو لڳائڻو آهي ۽ ناڪاميءَ جي طوفانن ۾ ڪاميابيءَ جو سفر طئه ڪرڻو آهي.
جيڪي ماڻهو انهيءَ تخليقي صلاحيت جو ثبوت ڏين اهي ئي صحيح معنيٰ ۾ انسان سڏائڻ جا مستحق آهن ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ تخليقي صلاحيت جو ثبوت نه ڏئي سگهن اهي توڻي جو ظاهر ۾ انساني لباس پهريل هجن، پر حقيقت جي اعتبار سان حيوانن ۾ ڳڻيا ويندا.
اهي ٽي ئي صفتون ۽ خاصيتون آهن جيڪي انسانيت کي ماپڻ جو پيمانو آهن، جنهن شخص ۾ جيڏي خود آگاهي هوندي جنهن حدتائين چونڊ جي صلاحيت هوندي ۽ جنهن حدتائين تخليقي صلاحيت جو مالڪ هوندو، ان حدتائين پنهنجو پاڻ کي مثالي انسان بڻائي سگهي ٿو.