ڏاهپ / اخلاقيات

ماڻهوءَ جو اصل امتحان

ڪتاب ”ماڻهوءَ جو اصل امتحان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.
هي ڪتاب چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي جيڪي اعليٰ انساني ڳُڻن جي ذريعي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتي ۽ ڪاميابي جي حاصلات جو نفسياتي، سماجي ۽ خدائي طريقو آهن.
Title Cover of book ماڻهوءَ جو اصل امتحان

برو هو ڀنڀور آرياڻيءَ اجاريو

حضرت محمد ﷺ جڏهن وڏي تبديليءَ جو سوچيو ته سڀ کان پهريائين پنهنجي شخصيت کي ان ايندڙ تبديليءَ جو مثالي نمونو بڻايو. چاليهن سالن تائين مڪي ۾ گذاريل جوانيءَ واري زندگيءَ لاءِ اتان جي هر عرب کان اهو ٻڌو ويندوهو ته محمد بن عبدالله انهيءَ شان سان جوان ٿيو جو پنهنجي قوم ۾ سڀني کان وڌيڪ بااخلاق، پاڙيسرين جي خبر لهڻ وارو، حَليم ۽ بردبار، صادق ۽ امين، جهڳڙي ۽ اٻهرائيءَ کان پري رهڻ وارو هو. جوانيءَ جي عمر کي پهتو ته مڪي ۾ ايندڙ مسافرن جي سار سنڀال، مسڪينن جي مدد ۽ مظلومن جي دادرسيءَ کي پنهنجو شعار بڻائي ڇڏيائين. پنهنجي ٻن دوستن ابوبڪر صديق ۽ حڪيم بن حزام سان گڏجي سماجي ڀلائيءَ جي مشنري ڪمن ۾ هميشه جنبيل رهيو. پنهنجي وڏڙن جي تجارتي مشغلي ۾ شريڪ ٿيو ته اتي به صادق ۽ امين جي سڃاڻ حاصل ڪائين.
تجارت مان جيڪو به نفعو ڪمائيندو هو سو محروم ماڻهن جي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ خرچي ڇڏيندو هو. مڪي جي تاجر عورت خديجه سان سندس شادي ٿي ته پنهنجي موڙيءَ سان گڏ ان جي موڙي به مشنري سرگرمين، ۾ خرچي ڇڏيائين. ڪوبه سوالي وٽانئس خالي نه موٽندو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ حالت اها وڃي بيهندي هئي جو سندس گهر جي چلهه ۾ ٽي ٽي ڏينهن باهه ڪونه ٻرندي هئي.
هاڻي حضرت محمد اهو ڪردار ۽ اها شخصيت کڻي مڪي جي پهاڙيءَ تي اچي بيهي رهيو ۽ ماڻهن کي سڏي چيائين ته منهنجي چاليهه ساله ڪردار جي روشنيءَ ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن مان اوهان کي ايندڙ خطري کان آگاهه ڪريان ته مون تي اعتبار ڪندؤ. ان تي سڀني ماڻهن هڪ ئي آواز ۾ چيو ته تنهنجي شخصيت جي باري ۾ ڪي به ٻه رايا ڪونهن. تون سچار ۽ امين آهين. تون پنهنجي ڳالهه ڪر. حضرت محمد ﷺ ان وقت ڪنهن به معجزي جي حيرانگيءَ ذريعي پنهنجي سچائيءَ جو اعتبار قائم ڪرائڻ بجاءِ پنهنجي ڪردار جي مضبوطيءَ ذريعي هڪ وڏي انساني سماجي تبديليءَ جو آغاز ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته هو جنهن نئين انساني دور کي جنم ڏئي رهيو هو اهو دور علم، عقل ۽ استدلال جو دور هو اتي معجزن ۽ ڪرامتن سان ڪم هلڻو ئي ڪونه هو.
اهڙي طرح سان هن آئيندي جي سڄي انسانيت کي پيغام ڏئي ڇڏيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي به تبديليءَ جي ڪم ۾ هٿ وجهڻو آهي ته اهو سڀ کان پهريائين پنهنجي ڪردار کي اڳيان پيش ڪري ۽ جيڪڏهن ڪردار ۽ شخصيت جي تياري ڪرڻ ڪنهن لاءِ مشڪل ڪم آهي ته پوءِ اهو هروڀرو دل پشوري نه ڪري ۽ تبديلي ۽ انقلاب جي ڪم کان ڀڄي وڃي.
حضرت محمدﷺ کان سندس خدا جي پاران سپرد ڪيل پيغمبراڻي ذميدارين جي متعلق جڏهن ماڻهو معجزن جي صداقت گهرندا هئا تڏهن به هو کين چوندو هو ته پيارؤ! مان توهان جي وچ ۾ هڪ پوري عمر گذاري آهي. اوهان پنهنجي حافظي تي زور ڏيو ان زندگيءَ جي هرهڪ گهڙي ۽ واقعي مان ڪو اهڙو لمحو آهي، جنهن سان اوهان منهنجي سچائيءَ تي شبهو ڪري سگهو. هي چيلينج پوري قوم کي ڏنائون ۽ ان جي ترديد ۾ ڪنهن هڪ لفظ به نه ڪڇيو، ڪنهن به ماڻهوءَ جي آئيني صفت هئڻ جي انهيءَ کان وڌيڪ شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو دشمنن جي هجوم ۾ پنهنجي گذاريل زندگيءَ کي ثبوت طور پيش ڪيو وڃي ۽ ان جي سامهون سڀني جون اکيون هيٺ جهڪي وڃن.
پر هاءِ بدقسمتي ڏسو ته دنيا جي ايڏي وڏي عملي انسان جي پوئلڳن مان ڪيترن ئي ماڻهن هن جي عملي ڪردار کي پنهنجو نمونو بنائڻ بجاءِ وضع قطع جي ڪجهه طريقن کي پنهنجي اتباع جو دليل بڻائي ورتو. دنيا جي ان عظيم انسان جي شخصيت جي عظمت کي سندس روين ۽ جهد، سندس عظيم پيغام ۽ طريقن ۽ مٿير مڙس تي بيهڻ جي نمونن بجاءِ ساڻس منسوب معجزن ۾ تلاشڻ شروع ڪيو. انسانن ۽ سماج ۾ سڄڻائپ ۽ تبديليءَ جي ڪمن ۾ جنبي وڃڻ جي بجاءِ پنهنجي سمورين عقيدتن ۽ نسبتن کي سال جي هڪ مخصوص ڏينهن تي روشنيون ڪري روڊن تي جلوس ڪڍڻ ۾ صرف ڪري ڇڏيو. انهن پوئلڳن حضرت محمد ﷺ جي توحيد واري پيغام جي اصل نوعيت جاچڻ جي تڪليف ئي نه ورتي ته ڪيئن توحيد جو اهو پيغام انسانن کي سڀني غلامين مان نجات ڏئي هڪ الله ﷻ جي بندگيءَ ۾ آڻڻ جي هڪ وڏي صداقت هو. توڙي جو قرآن ۾ کين ٻڌايو ويو هو ته اسان حضرت محمد ﷺ کي انساني غلامين جي خاتمي لاءِ ائين ئي موڪليو آهي جيئن حضرت موسيٰ کي فرعون ڏانهن انساني غلامين جي خاتمي لاءِ موڪليو هيوسون. (المزمل-15) انساني آزادين جو اهو پروگرام ئي ته هو جنهن تي مڪي جا اهي سڀ حاڪم سردار چڙي پيا هئا، جن پنهنجي پنهنجي دائري ۾ حاڪماڻي الوهيت جا اختيار ورهائي رکي ڇڏيا هئا. انهن مڪي جي حاڪم سردارن ۽ دولتمندن کي انهيءَ ڳالهه تي ارهائي ڪونه هئي ته الله ﷻ جي پاران نبي ڇو آيو آهي؟ نبيءَ جو اچڻ ته انهن لاءِ سعادت ۽ معتبريءَ جي ڳالهه هئي جو حضرت ابراهيم جي اولاد مان هئڻ ناتي نبيءَ جو اچڻ وري نئين سر کين دنيا جو امام بڻائيندڙ خوشخبري هئي. پر ان جي باوجود هنن حضرت محمد ﷺ جو تيرهن سالن تائين جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو. مڪي جي بازارن ۾ کيس لوفرن کان تنگ ڪرايو، پٿر هڻايا، گند اڇلرايو، طائف جي واديءَ ۾ رتو ڇاڻ ڪرايو، سو سڀ انهيءَ ڪري ته حضرت محمد جي پاران توحيد جي دعوت هنن جي حاڪماڻي سرداري نظام جي غلاميءَ ۾ ڦاٿل انسانن واسطي آزاديءَ جو پيغام هو. سڀني الاهن جو انڪار هو ۽ اهي سردار ۽ دولتمند الاهه جي معنيٰ ۽ مطلب کان آگاهه هئا ته اها موجود مدي خارج نظام جي خاتمي ۽ ان جي جاءِ تي برابري، احترام آدميت ۽ غريب طبقن کي مٿي کڻي اچڻ جي ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري انهيءَ جو چٿي ڇڏڻ بيحد ضروري آهي. مڪي جا حاڪم سردار واضح لفظن ۾ چوندا هئا ته نبي اچي ڀلي اچي پر اها ڪهڙي اوندهه آهي ته جبرئيل کي خدا جو پيغام آڻڻ لاءِ صرف اهو ماڻهو سجهي پيو جيڪو يتيم آهي، هيٺين ڪلاس سان اٿي ويهي ٿو ۽ انهن جي لاءِ جيئي مري ٿو. جتي ڪٿي غريبن سان ٻٽ بيٺو آهي. ڏسو ته بازار ۽ ميلن ۾ به نظر ٿو اچي. نبي اسان سردار ڪلاس جي ماڻهن مان ٿيڻ گهرجي. وري جڏهن ڏٺئون ته هي ماڻهو صفا پنهنجي ڳالهه تان نٿو لهي ته پوءِ کيس پيشڪش ڪيائون ته توکي ٺاهوڪي مائي به ڪڍي ٿا ڏيون، دولت جا انبار به ڏيون ٿا ۽ حاڪماڻي سرداريءَ جي پڳ به ٻڌايون ٿا، تون رڳو اسان جي ڪلاس ۾ شامل ٿي وڃ. اهڙو پيغام سندس چاچي جي هٿان به موڪلرايائون پر ان تي حضرت محمد ﷺ جيڪو جواب ڏنو سو به عظمت ۽ استقلال جي دنيا ۾ انهن اصلي لفظن ۾ اڄ ڏينهن سوڌو محفوظ رهندو آيو آهي. وراڻيائون: ”چاچا هي مڪي وارا جيڪڏهن منهنجي ساڄي هٿ تي ٽهڪندڙ سج آڻي رکن ۽ کاٻي هٿ تي ٻرندڙ چنڊ آڻي رکن ته به مان محمد پنهنجي پروگرام تان تر جيترو به پوئتي نه هٽندس.“
حضرت محمد ﷺجيڪو خدائي پيغام ڏنو ان ۾ صاف صاف چيل هو ته ڪبريائي، تقديس ۽ شڪر صرف الله ﷻ جي ذات جي لاءِ آهي باقي ڌرتيءَ تي سڀ ان جا ٻانها آهيون. الله ﷻ پنهنجي ٻانهپ مڃرائڻ جي امتحان لاءِ هتي موڪليو آهي. سرڪش طاقتورن جو خدائي تسلط ان امتحان ۾ رڪاوٽ آهي. انهيءَ ڪري ڌرتيءَ مٿان ڪمزورن جي غلبي ۽ عدل انصاف جو قيام الله ﷻ جي مشيت آهي. (القصص_ 5) ۽ مستڪبرن يعني سرڪش سردارن ۽ دولتمندن جي نظام جو خاتمو به ساڳي طرح الله ﷻ مشيت ۽ تقاضا آهي.
حضرت محمد ﷺ الله ﷻ جي ان مشيت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نه صرف عرب جزيري مان سردارن جي حاڪماڻي نظام جو خاتمو ڪيو پر ان نظام جي اصل محافظ سپر طاقتن قيصر ۽ ڪسريٰ جي سرڪش ۽ سرمائيداراڻين سلطنتن جي خاتمي جو ٽاسڪ پنهنجي پولٽ بيورو خليفن کي ڏنو. ان سان گڏ توحيد جي عظيم فڪر تي هڪ نئين نظام جي تشڪيل ڏني جنهن ۾ سڀ انسان هڪ جهڙن حقن جا مالڪ هئا.
دنيا جي تمام مشڪل ڪمن مان هڪ ڪم هيءُ آهي جو ٽڙيل پکڙيل انساني دلين کي الفتن جي هڪ رشتي ۾ پوئي وٺجي. اهو ڪم ان وقت ويتر ناممڪن ٿي پوندو آهي جڏهن معاملو اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ هجي جيڪي صدين کان هڪ ٻئي سان جنگيون جوٽيندا آيا هجن ۽ انهن جي نفسياتي قالبن ۾ پنهنجائپ ۽ ويجهڙائپ جو ڪوبه ڍنگ باقي نه رهيو هجي. حضرت محمد بلڪل اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ پيدا ٿيو. ڏسندي ئي ڏسندي هن جي محنتن سان مڪي ۽ مديني ۾ ماڻهن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿي پيو جيڪي ڄڻ ته هڪ نئين قسم جي مخلوق هئا. حضرت محمد ﷺ هڪ دفعو مڪي ۾ جڏهن ڏٺو ته سندس تحريڪ جا ڪجهه ماڻهو انتهائي هيڻي حال ۾ آهن ته هن هوند وارن کي انهن اڻهوند وارن سان ڀائپي ڪرائي انهن جو مال ورهائي ورتو. کيس خدا جي پاران مال جي باري ۾ هي صاف حڪم پهچي چڪو هو ته ”الله مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي.“ (التوبة_ 111) انهيءَ حڪم تي ان جا ساٿي پاڻ کي مال جو مالڪ نه پر امين سمجهڻ لڳا هئا. تنهنڪري ضرورت پٽاندر انهن کي مال برابر ورهائي کڻڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي هئي. اهڙي ڀائپي وري ٻئي موقعي تي حضرت محمد مديني پهچڻ کان پوءِ پنهنجي پوئلڳن جي وچ ۾ ڪرائي، جڏهن مڪي مان عذابن کاڌل هيڻن حالن وارا صحابي مهاجر بڻجي مديني پهتا ته اتان جي هوند وارن انصارن انهن اڻهوند وارن مهاجرن کي ڀاءُ بڻائي پنهنجي مالن جو اڌو اڌ کين حوالي ڪيو هو. ايستائين جو هڪ انصاريءَ وٽ ٻه گهر واريون هيون ته هو ڀاءُ بڻايل صحابيءَ لاءِ هڪ گهرواريءَ کي طلاق ڏيڻ تي به تيار ٿي ويو هو.
حضرت محمد ﷺ جي آندل پيغام ۽ پروگرام جي عظمت سان گڏ سندس شخصيت جا اهي عملي پهلو هئا جنهن ڪري نه صرف سندس دور ۾ ماڻهن پنهنجي پاران ان تي پتنگن وانگر پهه ٿيڻ جي ديوانگي ڏيکاري، پر اڄ ڏينهن سوڌو فڪر ۽ دانش جي صاحبن کي حضرت محمد ﷺ جي انهيءَ اثرانگيزيءَ تي اچرج آهي.
مائيڪل ايڇ هارٽ جڏهن دنيا جي هڪ سؤ وڏن ماڻهن جي درجي بندي ڪئي ته هن وڏي اطمينان سان حضرت محمد جو نالو ان درجي بنديءَ ۾ سڀ کان پهرين نمبر تي رکيو. هُن لکيو ته، ”مان اهڙن هڪ سؤ ماڻهن جي فهرست ٺاهي، جن دنيا تي سڀ کان وڌيڪ اثر وڌو آهي. پر منهنجي اڳيان هي سوال ڪر کڻي بيهي رهيو ته انهن مان ڪنهن کي اول نمبر تي رکان. انهيءَ لاءِ مون ڪي اصول ٺاهيا جن جو تفصيلي ذڪر اڳتي هلي ايندو. انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ مون محمد ﷺ کي ان فهرست جي منڍ ۾ رکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي ماڻهو منهنجي چونڊ تي حيران ٿين ۽ ڪي ان تي اعتراض به ڪن. پر تاريخ ۾ مون کي اهائي هستي نظر آئي آهي جيڪا مذهبي توڙي دنياوي معاملن ۾ حد کان وڌيڪ ڪامياب ٿي ۽ مون کي جنهن جو ٻيو ڪو به مَٽ نه مليو.“
هن پوئين جملي کي مائيڪل ايڇ هارٽ انگريزيءَ جي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

“He was the only man in history who was supremely successful on both the religious and secular levels. (The 100, p33)

انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته حضرت محمد جي اختيار ڪيل انساني آزادين ۽ سماجوادي طريقن سان گڏ مذهبي روداري (Secular Levels) پڻ هُن جي ڪاميابين جو وڏو ڪارڻ بڻي. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي پيغام لاءِ واضح لفظن ۾ چيو ته ”مون کي جيڪو دين ڏنو ويو آهي اهو حضرت نوح کي به ڏنو ويو هو ۽ جنهن تي هلڻ لاءِ حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي حڪم ڏنو ويو. انهن سڀني جي تعليم اهائي هئي ته الله ﷻ جو هڪ ئي دين قائم رکو ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ ٽولا ٽولا نه ٿجو. (شوريٰ_ 13)
هن واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته انساني فطرت جي طبعي تقاضا ۽ سچائي ۽ نيڪيءَ جا تصور انسانيت جو گڏيل ورثو آهن. انهيءَ گڏيل ورثي مٿان ڪنهن به ڇاپ قبوليت جوڳي ڪونهي. ”جيڪي ماڻهو انساني سچاين جو انڪار ڪن ٿا، ائين به ڪونهي ته سڀ هڪ ئي طرح جا هجن. انهن اهل ڪتاب مان اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي اصل دين تي قائم آهن، اهي رات جو اٿي ڪري الله ﷻ جي ڪلام جي تلاوت ڪن ٿا ۽ سندن مٿا ان الله ﷻ جي سامهون جهڪيل هجن ٿا ۽ اهي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا، ماڻهن کي نيڪيءَ جي واٽ ڏسين ٿا ۽ مداين کان روڪين ٿا ۽ بنا شڪ جي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي نيڪ انسانن مان آهن ۽ ياد رکو ته اهي ماڻهو جيڪا به نيڪي ڪن ٿا، ائين هرگز نه ٿيندو ته انهن جو قدر نه ڪيو وڃي. الله ڄاڻي ٿو ته ڪهڙي گروهه ۾ ڪهڙو پرهيزگار آهي.“ (ال عمران. 113-115)
حضرت محمد پنهنجي خدا جي پاران انساني سچاين ۽ نيڪوڪاريءَ جو اهو معيار پيش ڪيو ته اها ڪنهن به گروهه ۾ قيد ٿيل ناهي. اهي سچايون انسانيت کي نج صورت ۾ دين جي نالي سان پنهنجي خدا کان مليون هيون. پر مذهبي پوئلڳن پنهنجن غرضن ۽ مفادن خاطر انهن جي مٿان پردا وجهي ڇڏيا. آءٌ اهي پردا هٽائي سچائيءَ جي غلبي جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ آيو آهيان. انهيءَ ڪري پيغمبر هميشه سڀني مذهبن جي ماڻهن کي چوندو رهيو ته اچو دنيا جي سڀ کان وڏي سچائي الله جي هيڪڙائي جي باري ۾ توهان وٽ ۽ جيڪو اسان وٽ مشترڪ آهي، انهيءَ سچائيءَ تي انسانيت جي قافلي کي اڳتي وٺي هلون. (آل عمران_ 64)
حضرت محمد جڏهن ڏٺو ته مڪي جا حاڪم سردار طبقا انسانن کي هر قسم جي غلامين مان ڇوٽڪارو ڏياري هڪ الله ﷻ جي عبديت ۾ آڻڻ واري توحيد جي پيغام کي پنهنجي طبقاتي مفادن جي خلاف سمجهن ٿا ۽ تيرهن سالن جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ جيترا به ماڻهو سندس ان پروگرام سان سلهاڙيا آهن تن کي سخت اذيتون ڏين ٿا ۽ آخرڪار سندس حياتيءَ جي پويان پئجي ويا آهن ته مڪي کان مديني اچي پهرين اسلامي رياست جو قيام عمل ۾ آندو. حيرت جي ڳالهه آهي ته حضرت محمد ﷺ ان رياست لاءِ مديني جي رهاڪن، مڪي جي آيل مهاجرن ۽ مديني ۽ آسپاس جي يهودي قبيلن سان جيڪو سماجي معاهدو ڪيو جنهن کي ”ميثاق مدينه“ سڏيو وڃي ٿو ان جا بنياد قومي، سماجوادي ۽ مذهبي رواداريءَ تي مشتمل هئا. ميثاق مدينه جون 52 شقون ۽ ڪن تاريخن مطابق 54 شقون هيون جن ۾ ٽي هيٺيون بنيادي شقون هيون ۽ باقي ان جو تفصيل آهن.

1_ مديني جا هوند وارا مسلمان پنهنجي اڻهوند وارن ڀائرن جي افلاس ۽ قرض کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار رهندا.
2_ يهودين مان جيڪو رياستي معاهدي جو پابند هوندو، ان کي امداد ۽ مساوات جا هڪ جهڙا حق حاصل هوندا. انهن سان ڪابه زيادتي نه ٿيندي ۽ نه انهن جي خلاف ڪنهن جي مدد ڪئي ويندي.
3_ يهودي ۽ مسلمان ۽ جيڪي هن معاهدي ۾ بعد ۾ شريڪ ٿيندا سي سڀ هڪ گڏيل ملت (سياسي وحدت) شمار ٿيندا ۽ يثرب جي ڌرتيءَ جو گڏيل دفاع ڪندا.

هن معاهدي جي مٿين ٽن نڪتن تي غور سان ويچاريو. انسان صدين جي جنگاڻ ۽ صلح ۽ سلامتيءَ جي هزارين تجربن مان گذرڻ کان پوءِ به انهن ٽنهي نڪتن جي چوڌاري ڦرندو رهيو آهي ته گڏيل قوميت، سماجواديت ۽ مذهبي رواداريءَ کان سواءِ انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ محال آهي. ليڪن مديني جي ان درويش رهبر انسانيت کي بين الاقواميت ۾ داخل ٿيڻ واري مرحلي تي ئي انساني سوسائٽيءَ کي ڪاميابي ۽ سلامتيءَ سان هلائڻ جي گُرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو.
مائيڪل ايڇ هارٽ انساني تاريخ جي موثر شخصيتن ۾ حضرت محمد کي پهرين نمبر تي رکڻ جا جيڪي سبب ٻڌايا انهن ۾ خاص هي هئا ته ”حضرت محمد ﷺ جي عملي شخصيت مختلف قبيلن ۾ ورهايل لڳاتار ويڙهيون ڪندڙ قبيلن کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کين متحد ڪيو ۽ کين هڪ سچي خدا تي ايمان رکڻ سيکاريو. انهيءَ ايمان سببان انهن ۾ اهڙو ته جوش ۽ ولولو پيدا ٿيو جنهن اڳيان وقت جون وڏيون وڏيون سلطنتون به بيهي نه سگهيون.“ هڪ صديءَ کان به گهٽ عرصي ۾ انهن عرب بدوين انسانن جي مٿان مسلط سرڪش قيصر ۽ ڪسرائي طاقتورن جي اقتدار کي ڊاهي انساني آزادين واري توحيدي سماج اڏڻ جي پيغمبر اسلام جي واعدي تحت هڪ اهڙي سلطنت حاصل ڪري ورتي هئي جيڪا هندستان جي سرحدن کان وٺي انٽلانٽڪ وڏي سمنڊ تائين پکڙيل هئي. ان جهڙي وسيع سلطنت دنيا اڳي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي، ۽ نه وري فتح ٿيل علائقن جي ايڏن ماڻهن هن کان اڳ پنهنجو مذهب مٽايو هو.
مائيڪل سوال ٿو اٿاري ته ”آخر انساني تاريخ تي پيل حضرت محمد ﷺ جي اثر جو ڪاٿو ڪيئن ڪجي؟ ڇڙو اسلام پنهنجي مڃيندڙن تي وڏو اثر نٿو رکي. ٻيا مذهب به پنهنجي مڃيندڙن تي اثر رکن ٿا. دنيا ۾ عيسائين جو انگ ته مسلمانن کان ٿلهي ليکي ٻيڻو آهي. پوءِ هن ڪتاب (The 100) ۾ محمد ﷺ کي عيسيٰ عه کان مٿاهون درجو ملڻ تي، ٿي سگهي ٿو ته پهريائين ڪجهه عجيب لڳي. ليڪن مون وٽ انهيءَ برتريءَ جا ٻه مکيه سبب آهن.هڪ ته عيسائيت جي بنيادي تعليم کي ڇڏي باقي سڄي تعليم جو نئون عهدنامو حضرت عيسيٰ جو نه پر سينٽ پال جو لکيل آهي ۽ اهو ئي عيسائيت جو مکيه پکيڙيندڙ ۽ مذهب جي ڏنل خدائي علم جو مکيه اڏيندڙ آهي. عيسيٰ جي ڀيٽ ۾ حضرت محمد پاڻ نه فقط اسلام جو عقيدو ڏنو پر انهيءَ مذهب جا شريعتي ۽ اخلاقي اصول (قرآن ۽ سنت جي ذريعي) پڻ سندس ئي ڏنل آهن.“ مائيڪل ايڇ هارٽ جي انهيءَ توجهه ڏياريل نڪتي تي ويچارجي ته حضرت محمد ﷺ جنهن نئين دور کي جنم ڏنو انهيءَ دور ۾ انساني آزادين (توحيد) کان وٺي اعليٰ انساني قدرن (شريعت جو اخلاقي نظام) تائين ڪوبه اهڙو نڪتو نه ملندو جيڪو حضرت محمد ﷺ قرآن ۽ سنت جي ذريعي پنهنجي پوئلڳن کي منتقل نه ڪيو هجي. انسانيت کي موڪليل سڀني اڳين پيغمبرن ۽ ڪتابن جي تصديق سان اهي ئي اعليٰ انساني قدر جڏهن خدائي حڪم سان انسانيت ڏانهن منتقل ٿيا ته انهن ڪٿي ديني تابعداريءَ ۾ انسانيت اندر پنهنجي نفاذ ڏيکاريو ۽ ڪٿي قوانين فطرت جي نالي سان وسيع انسانيت جي سلامتي، فلاح ۽ ڪامرانيءَ جو سرچشمو بڻيا.
مائيڪل ايڇ هارٽ ٻيو سبب ٻڌائي ٿو ته ”عيسيٰ فقط ديني رهبر هو پر محمد نه فقط ديني پر دنيائي اڳواڻ پڻ هو. حقيقت ۾ ته عربن جيڪي به فتحون ماڻيون تن جي پويان محمد ﷺ جي شخصيت ئي ڪم ڪيو. انهيءَ حساب سان ڏسجي ته محمد ﷺ جهڙو اثرائتو سياسي اڳواڻ اسان کي انساني تاريخ جي ڪنهن به زماني ۾ نه ملندو. ٻين اهم تاريخي واقعن جي باري ۾ چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن انهيءَ زماني ۾ فلاڻو سياسي اڳواڻ رهبري ڪرڻ لاءِ پيدا نه به ٿئي ها ته به اهي واقعا ضرور ٿين ها. ڇو ته انهن جو ٿيڻ اڻٽر ٿي چڪو هو. مثال طور سائمن بوليور کڻي پيدا نه به ٿئي ها ته به ڏکڻ آمريڪا جو بيٺڪون اسپين کان آزادي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها. پر عرب فتحن جي باري ۾ ائين چئي نٿو سگهجي.“
حضرت محمد ﷺ جي شخصي سڀاءَ ۽ عظمت تي سڄي دنيا جي انسانن کي حيرت آهي ته مڪي ۾ سخت اهنجن ۽ عذابن کي سهڻ وارو شخص جڏهن مڪي ۾ فاتح جي طور تي داخل ٿيو ته سڀني مڪي وارن کي گهرائي چيائين ته اڄوڪي ڏينهن ڪنهن تي به ڪا ميار ڪونهي. هُن ان وقت سڄي انسانيت کي هي پيغام ڏنو اوهان جو عزتون، اوهان جون جانيون، اوهان جا مال هڪ ٻئي تي ائين ئي حرام آهن جيئن منهنجي سامهون هن ڪعبي شريف جي حرمت آهي. هنن لفظن ۾ صاف پيغام هو ته جنهن شخص ڪنهن انسان جي عزت ۾ هٿ وڌو، ان ڄڻ ته ڪعبي جي عظمت کي پامال ڪيو. جنهن شخص ڪنهن جي ناحق جان ورتي، تنهن ڄڻ ڪعبي کي ڊاهي ورتو ۽ جنهن ناحق ڪنهن جو مال ڦٻايو تنهن ڄڻ ڪعبي جي بي حرمتي ڪئي.
شخصي سڀاءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون ڳڻي ڳڻجن. پاڻ خاتم النبيين ۽ خيرالبشر هئا پر جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ سڳورن کي گذريل نبين کان وڏو ڪري پيش ڪندو هو ته ان کي سختيءَ سان منع ڪندا هئا. هڪ صحابي ۽ هڪ يهوديءَ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. صحابيءَ غصي ۾ قسم کڻي چيو ته ”ان خدا جو قسم جنهن محمد ﷺ کي سڄي دنيا کان افضل بڻايو آهي.“ يهوديءَ به قسم کنيو ته ”انهيءَ خدا جو قسم جنهن موسيٰ کي سڄي دنيا تي ترجيح ڏني آهي.“ صحابيءَ انهيءَ تي غصي ۾ اچي يهوديءَ کي ڳٽي تي چماٽ وهائي ڪڍي. يهودي سڌو پاڻ سڳورن ﷺ وٽ هلي آيو ۽ شڪايت ڪيائين. حضرت محمد ان صحابيءَ کي تنبيهه ڪئي ۽ صحابين کي مخاطب ٿي چيو ته مونکي موسيٰ عليه السلام جي مٿان ترجيح نه ڏيندا ڪريو.“
هُن انساني سماج کي بدلائڻ لاءِ جن ماڻهن جي وچ ۾ گذاريو پئي، ڪڏهن به پاڻ کي مٿاهون رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هڪ ڀيري سفر ۾ کاڌي پچائڻ جي نوبت اچي وئي ته سندس ساٿي کاڌي جي تيارين ۾ لڳي ويا، حضرت محمد به اٿيو ۽ باهه مچائڻ لاءِ ڪاٺيون ميڙڻ لڳو. ساٿين چيو سائين اسان هيترا سارا ڪافي آهيون، اوهان ويهي رهو. فرمايائون ”مونکي پنهنجي ساٿين جي وچ ۾ امتياز سان رهڻ پسند ڪونهي، منهنجو خدا به انهيءَ ڳالهه کي پسند نٿو ڪري.“
مديني جي حڪمران جي طور تي دارالخلافه مسجد نبويءَ ۾ تڏي تي ويهي درويشيءَ جي ڪمال صفت سان حڪمراني هلائن پيا. اصحاب عشره مبشر سندن ڪابينه به هئي ۽ اها ئي سندن پولٽ بيورو به هئي ۽ مجلس شوريٰ به. جلال، عظمت ۽ اعتماد ايترو هو جو ان وقت جي ٻن سپر پاورز کي خط لکيا ته انسانيت لاءِ سلامتيءَ جي واٽ جا راهي بڻجو، اوهان کي به سلامتي ملي ويندي. کين ڪابه مسند، ويهاڻا ۽ ڏيکاءُ ڪونه هو. پنهنجي ڪامريڊ صحابين سان حلقو بڻائي ائين ويهندا هئا جو پرڏيهي سفير خليفة المسلمين جي حيثيت ۾ ساڻن مسجد نبويءَ ۾ ملاقات لاءِ ايندا هئا ته ويٺل ماڻهن کان مخاطب ٿي پڇندا هئا ته اوهان مان محمد ڪير آهي، جنهن کي سفارت ڪاريءَ جا ڪاغذ ڏيون.
بقول ٿامس ڪارلائل ”هي ڪهڙو بادشاهه آهي، جيڪو پورهيت به آهي ۽ پورهيت انسانن جو مرڪز، محور ۽ مقناطيس به! ٽيويهن سالن جي نبوت واري دور ۾ عربن جهڙي مٿي ڦريل قوم، رات ڏينهن سندس اک جي اشاري جي منتظر رهي پئي. جنگجو، مهم جو، ڀڙڪيلا، جهيڙيڪار ماڻهو جيترو هن هستيءَ کي ويجهو هئا، اوترائي اڃا وڌيڪ ويجهو ٿيندا پئي ويا، وري ايترا ئي عقيدتمند ۽ پتنگن وانگر ٻلهار ٿيندا پئي رهيا، ڪا ته مڻيا هئي ان هستيءَ ۾.“ (هيرو ۽ هيرو ورشپ)
جَوَن جي ماني، ڪتل، ستو ۽ پاڻيءَ تي گذر بسر ڪرڻ واري هيءَ عظيم هستي مديني جي تاجدار هئي. اهڙي تاجدار هستي، جنهن جي قدمن تان دنيا جا هڙئي تاج ۽ تخت قربان، زمين جو نه پر دلين جو بادشاهه، انسانن جي محبتن ۽ عقيدتن جي انتهائن جو حڪمران، اهو عظيم انسان پنهنجي ٽٽل جتيءَ کي ٽوپا به پاڻ ٿو ڏئي. هو ان سادگي ۽ درويشيءَ کي پنهنجو اعزاز ٿو سمجهي. ان تي فخر ٿو ڪري. ان درويشيءَ ۾ جيڪو نڪتو لڪل آهي، اهو ان پيغمبر اعظم ﷺ کي مڃيندڙ اڄ سوڌو ڪونه ٿا سمجهن!
ٿامس ڪارلائل پنهنجي ”هيرو ۽ هيرو ورشپ“ واري مشهور ليڪچر ۾ چيو هو ته ”هر ڏينهن هر گهڙي سندن مقدس شخصيت مان نيڪين، خوبين، خاصيتن ۽ پاڪاين جا ڪرڻا ڦٽن ٿا. شايد ان ڪري جو پاڻ ﷺ پنهنجي وجود جو ورق صاف رکندڙ هئا. عيسائيت جي مشهور تعليم اها آهي ته هڪڙي ڳٽي ته چماٽ کائي وري ٻيو ڳل پيش ڪريو. پر محمد ﷺ جي بارگاهه ۾ اوهان کي اهڙي ناممڪن تعليم ۽ فلسفو ڪونه ملندو. هتي ته ڳالهه ئي ٻي آهي. توهان بدلو وٺي سگهو ٿا، پر برابر ۽ انصاف جي دائري جي اندر. پر پوءِ به جيڪڏهن معاف ڪري ڇڏيو ته توهان جي عظمت آهي.“