ڏاهپ / اخلاقيات

ماڻهوءَ جو اصل امتحان

ڪتاب ”ماڻهوءَ جو اصل امتحان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ نور احمد ميمڻ صاحب آهي.
هي ڪتاب چونڊ مضمونن تي مشتمل آهي جيڪي اعليٰ انساني ڳُڻن جي ذريعي زندگيءَ ۾ اطمينان ۽ سلامتي ۽ ڪاميابي جي حاصلات جو نفسياتي، سماجي ۽ خدائي طريقو آهن.
Title Cover of book ماڻهوءَ جو اصل امتحان

وڏي ڪتاب جي وڏي حاصلات کان محرومي ڇو؟

قرآن مجيد، انسانن لاءِ آسماني هدايت ۽ رهنمائي جو آخري ۽ هميشه رهڻ وارو دستور آهي. جيئن ته هي اڳين سمورن ڪتابن جي تعليم جو تتمو ۽ خلاصو آهي، تنهن ڪري هن جي حفاظت جو ذمو به الله ﷻ پاڻ کنيو:
إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَإِنَّا لَهُ لَحَافِظُونَ (الحجر:٩)
هن ڪتاب ۾ سمورين قومن لاءِ رهنما بنجڻ ۽ هر وقت هدايت جي سرچشمي بڻجڻ جي صلاحيت موجود آهي. (دنيا جي ڪهڙي به قوم ڪهڙي به وقت ۾ هن تي قانون سازي ڪري، پنهنجي سماج جي جوڙ جڪ ڪندي ته بي شڪ اها ضرور ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪندي). قرآن مجيد انساني قومن جي آزادي، عزت، عظمت، خوشحالي ۽ امن ۽ سلامتي جا جيڪي اعلى اصول ٻڌايا آهن، اهي پوري انسانذات جي ترقي، تعمير ۽ نجات ۽ سعادت جا ضامن ثابت ٿيا آهن.
تاريخ تي نظر وجھڻ کانپوءِ هيءَ دعوى پڪي پختي يقين سان ڪري سگھجي ٿي ته انسانذات جي ترقي ۽ تعمير لاءِ قرآن جيڪي اصول ۽ قانون سيکاريا آهن، اهڙا قانون انسانذات کي ڪنهن ٻئي قوم يا خطي مان حاصل نه ٿي سگھيا آهن.
زندگي جي مڙني شعبن جي باري ۾ قرآن جي ٻڌايل بنيادي ۽ اصولي قاعدن تي جڏهن به قومن پنهنجا تفصيلي قانون (By laws) مرتب ڪري انهن تي عملي تشڪيل ڪئي، انهن قومن عروج جي بلندين کي حاصل ڪيو ۽ سندن سماج لڳاتار اخلاقي ۽ تمدني ترقي ڪندا رهيا. تاريخ جي اهڃاڻن جي اڀياس مان معلوم ٿيندو ته جيستائين قرآن جي اصولن جي جيتري پوئواري ڪئي وئي، ان مطابق انسانذات جي ترقي ۽ خوشحالي به قائم رهندي رهي.
قرآن مجيد جي هن تعليم کي سڀ کان اڳ ۾ رسول ﷺ جن کان، جن عظيم انسانن حاصل ڪيو ۽ ان تي عمل ڪيو، انهن جي زندگيءَ ۾ انقلاب اچي ويو. نه رڳو اهي پاڻ بدلجي ويا پر انهن هر شيءِ جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو. پنهنجو ماحول تبديل ڪيو، پنهنجي چوڌاري رهندڙ انسانن کي تبديل ڪيو ۽ پوءِ ان انقلاب جي خوشبو سڄي دنيا ۾ پکيڙي، دنيا کي ان مان فائدي حاصل ڪرڻ جو اهل بنايو.
هي قرآن جي تعليم جو ئي رنگ هيو جو هڪ نئون فڪر، نئون نظام، نئون سماج ۽ نئون ڪلچر ڏسندي ئي ڏسندي دنيا جي سڀ کان وڏي قوت ۽ طاقت بڻجي ويو.
پر هتي سوال هي آهي ته اهي ڪهڙا عملي محرڪ ۽ سبب هئا جن جي ڪري هڪ ننڍڙي جماعت ٿورڙي ئي وقت ۾ دنيا جو ايڏو عظيم الشان انقلاب پيدا ڪيو ۽ الله ﷻ جي مشيت (دين جي تڪميل ۽ ان جي غلبي) کي پورو ڪري ڏيکاريو؟
اصل مسئلو هي آهي ته ان وقت مسلمانن وٽ قرآن ڪنهن هڪ گروھ يا ٽولي جي ڪتاب جي حيثيت سان نه هيو. پر اهو ڪتاب پوري انسانذات جي ڀلائي ۽ رهنمائي جي حيثيت ۾ هيو. (هدي للناس) ۽ قرآن واري جماعت به ڪا گروهي جماعت نه هئي، بلڪ پوري انسانيت جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ هڪ انقلابي جماعت هئي، جنهن کي پنهنجي منصب: اخرجت للناس جو پورو پورو شعور ۽ درڪ هيو. تنهن ڪري ان جماعت جو مقصد هڪ گروھ کي فائدو پهچائڻ نه هيو بلڪ پوري انسانذات جي ڀلائي سندس فڪر جو بنيادي جز هئي. سندس هر عمل، هر حرڪت، هر ڪوشش ۽ جدوجهد جي اٿندڙ هر وک ان مقصد لاءِ هئي.
ان جماعت جي دعوت، سندس معاشي پروگرام ۽ تمدني فياضي ۽ عطا جا دروازا سڀني لاءِ کليل هئا. اهوئي سبب آهي جو اهي جتي به ويا، تاريخ تي پنهنجا نقش ڇڏيندا ويا.
پر جڏهن کان قرآن مجيد مسلمانن ۾ هڪ گروهي ڪتاب جي صورت اختيار ڪئي آهي، ان جي تعليم، ان جي قانون ۽ ان جي حڪمت ۽ هدايت کي جيڪا عالمگير آهي، ٽولن ۽ گروهن جي خانن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ته مسلمانن جي اها فڪري ۽ عملي خصوصيت ۽ انقلابي صلاحيت ئي ختم ٿي وئي آهي جنهن جي ذريعي انهن رڻ پٽ ۽ صحرا، سمنڊ ۽ دريا ۽ جھنگ جھر مان گذري عظيم الشان معرڪا سر ڪيا ۽ هاڻي قرآن هڪ گروھ جو ڪتاب آهي جو هر هڪ ٽولو ان کي گروهي مفادن لاءِ دليلن جو ذريعو بنايو ويٺو آهي.
تاريخ جي هن چوڏهن سو سالن جي سفر ۾ اسان ڏسون ٿا ته اڄ جي دور ۾ قرآن مجيد جا هر سال لکن جي تعداد ۾ نسخا ڇپجن ٿا. گھرن، منبرن ۽ مسجدن ۾ ان جي تلاوت به وڏي پيماني تي ڪئي وڃي ٿي، ان جي مطلبن ۽ معنائن کي ڄاڻڻ لاءِ تفسير جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ان جي تعليم ٻڌائڻ لاءِ جلسن ۽ تقريرن جو نه کٽندڙ سلسلو هلندو پيو اچي، پر جيڪڏهن ڪا شيءِ نه آهي ته اها آهي اها توانائي ، روشني ۽ عملي گرمي جيڪا قرآن جي پڙهندڙن جي زندگيءَ ۾ جذبو ۽ تبديلي پيدا ڪندي آهي.
قرآن جي هوندي، مسلمانن جي ذلت ۽ رسوائي سمجھه کان ٻاهر ڳالهه آهي !
ان جو بنيادي سبب هي آهي ته قرآن جا لفظ اسان جي زبانن تي آهن پر ان جي حڪمت ۽ فلاسافي کان اسان جا ذهن ڪورا آهن. لفظن جون معنائون ته ڄاڻون ٿا پر پنهنجي دعوت ۽ عمل سان انهن جو پاڻ نمونو نٿا بڻجون. ان کي مقدس ۽ پاڪ سمجھي پنهنجن ذاتي ضرورتن لاءِ استعمال ته ڪيون ٿا پر ان جي سماجي شعور (Social Understanding) جو اسان کي پتوئي نه آهي.
جيڪڏهن قرآن جي باري ۾ عام طور شعور آهي ته رڳو ايترو ته ان ۾ گذريل قومن ۽ جماعتن جا ڪجھه قصا ٻڌايا ويا آهن ۽ بس. اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو هي آهي ته اسان قرآن جي خدائي منشور ۽ دستور جي حيثيت ۽ عظمت کان اڻ واقف آهيون ۽ ٻيو ته وري اسان جي سمجھڻ ۽ فائدي حاصل ڪرڻ جومعيار به هيٺانهون آهي. هڪ ته مسلڪن جي ڄار ۾ ڦاٿل هئڻ ڪري قرآن ڏانهن اسان جو رويو به اهڙي ئي نوعيت جو آهي، ٻيو ته جيترو قرآن ۾ غور ۽ فڪر ۽ عقل ۽ تدبر لاءِ چيو ويو آهي اوترو ئي وري اسان ۾ جموديت آهي. قرآن جي سمجھڻ ۾ اسان پنهنجن عقلن کي استعمال نٿا ڪيون ۽ جيڪڏهن سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون به ٿا ته وري اها عارضي مصلحتن ۽ ماحول جي قيد کان آزاد نه آهي.
حقيقت ۾ قرآن جي تعليم کي سمجھڻ جي باري ۾ اسان جو رويو ڪائنات جي مالڪ جي تخليقي مشيت (Creation Plant of God) جي مجموعي تقاضائن سان مطابقت نٿو رکي. خدا جي تخليقي مشيت ته انسان کي ”خليفه“ جي منصب سان نوازڻ آهي پر اسان ان تناظر ۾ قرآن ۾ غور ۽ فڪر ئي نٿا ڪريون.
اسلام جي باري ۾ اسان جو رويو، ان کي هڪ مڪمل زندگيءَ جو نظام ۽ دستور سمجھڻ وارو نه آهي، پر ڪجھه عبادتن ۾ محدود ڪري ٻڌمت، عيسائي مت ۽ هندومت وانگر هڪ مت وارو آهي. ۽ شايد قرآن وارو رستو قرباني ۽ ايثار وارو آهي، تڪليفن ۽ مشقتن وارو آهي، تنهن ڪري اسان جي بزدلي جو به قرآن جي سمجھڻ تي اثر نظر اچي ٿو. اسان اسلام جي حڪمت ۽ فلسفي کان اڻ واقف هوندي رڳو ڪجھه عبادتون ادا ڪري پاڻ کي ديندار سمجھون ٿا، پر افسوس ته هي آهي جو انهن عبادتن جي به حقيقي روح ۽ خدا کي مطلوب بندگيءَ جي شعور کان به وانجھيل آهيون. قرآن مجيد حق ۽ باطل کي چٽو ڪري ڇڏيو آهي. ان کانپوءِ پنهنجو مقصد حق جو غلبو ۽ باطل جو مٽجڻ بيان ڪري ٿو: لِيُحِقَّ الْحَقَّ وَيُبْطِلَ الْبَاطِلَ ط تنهن ڪري قرآن جي مڃيندڙن کي حق ۽ باطل جو شعور هئڻ گھرجي. پنهنجي دور جي مغضوب عليهم ۽ ضالين سان مقابلي جي هر وقت تانگھه ۽ تڙپ رهي. جيڪڏهن اها ذميواري سندن شعور ۾ نه آهي ته پوءِ اهي ڪيئن پنهنجي پالڻهار جي تخليقي مشيت (خليفه) جي منصب جي ادائگي ڪري سگھن ٿا انساني تاريخ جي هنن ويهن هزار سالن جي سفر ۾ ابتدا کان وٺي انبياء سڳورا (عليهم الصلوٰت والسلام) ۽ سندن پوئلڳ (Followers) وقت جي طاغوتي، فرعوني ۽ قاروني صفت جهڙن سان، عوام (Masses) جي آزادي (Freedom) ۽ معاشي ۽ معاشرتي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪندا رهيا. غلامي جي سڀني زنجيرن خلاف بغاوت ڪري انهن کي ختم ڪيو. وڏيون تڪليفون سهي ۽ قربانيون ڏئي ڪري انسانذات کي آزادي جي نعمت ڏني. آخر ۾ قرآن جي حاملين انسانيت کي ترقي ۽ عوام الناس (Masses) کي سماجي حق ۽ انصاف ڏئي ڪري هڪ يادگار خلافت جو تاريخ ۾ مثال قائم ڪري ڏيکاريو. اها خلافت حقيقت ۾ قرآن جي ٻڌايل اصولن ۽ ان جي تعليم جو نتيجو هئي. اڄ اسان جيڪڏهن ان نعمت کان محروم آهيون ته اهو اسان جي ڪوتاهين جو نتيجو آهي.
جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته مسلمانن کي اهو وڃايل منصب وري حاصل ٿئي، ته پوءِ اسان کي قرآن جي انقلابي پروگرام ۽ ان جي سماجي شعور(Social Understanding) کي سمجھڻو پوندو. اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته اڄ به قرآن چوڏهن سو سال اڳ وانگي اسان جي هدايت جو منبع ۽ سرچشمو آهي، پر رڳو اسان جو رويو ان لاءِ اهو هجي جنهن لاءِ اهو آيو آهي.
قرآن جا ٻڌايل اصول آفاقي ۽ دائمي آهن ۽ انسان جي فطرت به ساڳي آهي. ان ۾ ڪا تبديلي ممڪن ئي نه آهي. نيڪي ۽ بدي، ظالم ۽ مظلوم، مستڪبر ۽ مستضعف، مجبور ۽ طاغوت، منڪر ۽ مشڪور اڄ به ساڳيا آهن. رڳو شڪل ۽ صورت بدليل آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به خدا کي گھربل بندگيءَ واري زندگي گذارڻ جو عزم ڪيو ته اهي ڪردار اسان کي پنهنجي چوڌاري ضرور نظر ايندا.
قرآن جو ته بنيادي مقصد ئي هي آهي ته نيڪي ۽ بدي ۾ فرق کي چٽو ڪري. ظالم کي سزا ڏئي، مظلوم کي انصاف ڏياري، مستڪبرين کي پنهنجو انجام ڏيکاري ۽ مستضعفين کي سندن وڃايل تخت، مجبور کي آزادي ڏئي ۽ طاغوت کي ختم ڪري. منڪرين جي پڪڙ ڪري ۽ مومنن تي نعمت جي تڪميل. توهان تيستائين قرآن جي حڪمت ۽ ان جي روح کي سمجھي نٿا سگھو جيستائين توهان جي عملي زندگي قرآن جي مطلوب بندي واري نه هجي. توهان انهيءَ دعوت جي ڪم جو آغاز ڪيو، قرآن جي تعليم توهان لاءِ رهنمائي جي روشني فراهم ڪندي هلندي. توهان جي اڳيان اهي ئي تجربا ايندا ويندا جيڪي پهرئين دور ۾ قرآن جي مڃيندڙن کي پيش آيا. پر جيڪڏهن توهان جي ڪا عملي ڪارڪردگي آهي ئي ڪونه، توهان ڪو سماج جي ڀلائيءَ جو ڪم ڪيو ئي نٿا، ته پوءِ توهان پنهنجو ڳانڍاپو قرآن سان ڪيئن جوڙيندا. توهان جي ميز تي رکيل قرآن جي تلاوت ۽ ان جي تعليم توهان جي علم (Knowledge) ۾ اضافو ته ڪندي، پر توهان جي شخصيت جي تعمير (Development) خدا جي آئيڊيل انسان واري نه ٿيندي. قرآن مجيد ڪو محض فڪري ۽ نظرياتي ڪتاب نه آهي، بلڪ ان جي تعليم عملي (Practical) آهي. ان جا احڪام، سندس اخلاقي فلسفو، معاشي نظريو، عمراني اصول ۽ قانون تيستائين سمجھه ۾ نه ايندا جيستائين انهن مطابق عملي زندگي (Practical Life) اختيار نه ڪئي وڃي.
مطلب ته اهو فرد قرآن کي سمجھي نه سگھندو، جنهن پنهنجي فردي ۽ جماعتي زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ قرآن کان پاڻ کي پاسيرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ نه ئي وري اها قوم ڪڏهن ترقي ڪري سگھندي جنهن جا اجتماعي ادارا قرآن جي اخلاقي تعليم کان خالي آهن.