سڀئي شريعتون اخلاق کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هيون
قرآن مجيد ٻڌايو آهي ته سڀني انسانن کي انهن جي خلقڻهار الله ﷻ وڏي احترام وارو ڪري پيدا ڪيو آهي، انهيءَ ڪري سڀئي ماڻهو اهو احترام لهڻن ٿا.
وَ لَقَدۡ کَرَّمۡنَا بَنِیۡۤ اٰدَمَ (سورت بني اسرائيل- 70)
اسان آدم جي اولاد کي هڪ جيترو عزت لائق پيدا ڪيو آهي.
انسان جي انهيءَ احترام کي پڌرو ڪرائڻ لاءِ الله ﷻ ملائڪن ۽ ٻي مخلوق کان انسان کي تعظيم جو سجدو ڪرايو. الله ﷻ چاهيو ته هتي غائب ۾ جيڪو انسان کي احترام ۽ عظمت جو سجدو ٿيو آهي، اهو ڌرتيءَ تي حاضر ۾ انسان کي ثابت ڪرڻو آهي. احترام جي ذريعي ۽ حقن جي ادائگيءَ جي ذريعي انسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته هو خدا جو فرمانبردار آهي، شيطان وانگر انڪار ڪندڙ ناهي ۽ ملائڪن وانگر چيو مڃيندڙ آهي. انهيءَ ڪري انسان جو احترام ماڻهوءَ جو پهريون بنيادي اخلاق آهي
حضرت شاه ولي الله فرمايو آهي ته چار اخلاق ماڻهوءَ جي ماڻهپي کي سگهارو ڪندا ۽ ان کي سرفراز ۽ ڪامياب بڻائيندا انسان جي فطري صلاحيتن کي اجاگر ڪندا ۽ ان جي ذهني ۽ عملي صلاحيتن جو سهارو بڻبا، انهيءَ ڪري ماڻهوءَ کي جيڪڏهن سماج ۾ ڪي به موثر ڪاميابيون حاصل ڪرڻيون آهن ته انهن بنيادي چئن اخلاقن کي هٿئون وڃڻ نه ڏئي. اهي انسانيت جا بنيادي اخلاق هي آهن.
هڪ طهارت: يعني ماڻهوءَ ۾ پاڪيزگي هجي جسماني به ۽ ذهني به.
ٻيو نوڙت: يعني ماڻهوءَ ۾ آڪڙ نه هجي پر عاجزي ۽ نوڙت هجي.
ٽيون سخاوت: يعني ماڻهوءَ وٽ جيتري به هوند آهي، اها الله ﷻ جي مخلوق انسانن سان ورهائي کائي.
چوٿون عدالت: يعني ماڻهو توازن، انصاف ۽ عدل جي زندگي گذاري.
قرآن حڪيم مومنن جون اخلاقي خوبين جو ٻين هنڌن تي به ورائي ورائي تذڪرو ڪيو آهي، ان مان ڪجهه آيتون هيٺين ريت آهن:
”مومن اهي آهن جيڪي الله ﷻ کان ڊڄن ٿا ۽ پاڻ ۾ معاملا درست رکن ٿا. الله ﷻ جي ڪا ڳالهه نڪري ته انهن جون دليون ڏڪي وڃن ٿيون. الله ﷻ جو ڪلام ٻڌايو وڃي ته انهن جو ايمان ۽ يقين اڃان به وڌي ويندو آهي. اهي هرحال ۾ الله ﷻ تي ڀروسو رکندڙ هوندا آهن، نماز پڙهندا آهن ۽ جيڪي خدا انهن کي ڏنو آهي، انهيءَ مان خدا جي راهه ۾ خرچ ڪندا آهن. اهي ئي سچا مومن آهن.“ (سورت انفال: 1-4)
”بيشڪ ايمان وارا ڪامياب ٿيا. (انهن جون خاصيتون هي آهن جو) اهي پنهنجون نمازون نماڻائي ۽ خود حوالگيءَ جي جذبي سان پڙهندا آهن اجاين ۽ بيهوده ڳالهين کان پاسيرا هوندا آهن. زڪوات ادا ڪرڻ ۾ سرگرم هوندا آهن. پنهنجي پاڪدامنيءَ کان ڪڏهن به غافل نه هوندا آهن. امانتن موٽائڻ ۽ واعدن نڀائڻ جو کين هميشه اونو هوندو آهي ۽ نمازن جي حفاظت ۾ به ڪوتاهي نه ڪندا آهن. (مومنون: 1-10)
”الله جا پيارا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي دٻيل پيرن يعني نماڻائيءَ سان هلندا آهن. جڏهن جاهل، آڪڙيل ۽ بي ادب ماڻهو انهن سان ڳالهائيندا آهن ته انهن سان نرم ڳالهائي روانا ٿي ويندا آهن.... اهي جڏهن خرچ ڪندا آهن ته اجايو اسراف نه ڪندا آهن ۽ نه وري ضروري خرچن تي بخيلي ڪندا آهن. اهي ڪنهن بي گناهه جو خون نه وهائيندا آهن، جنهن کان الله انهن کي منع ڪري ڇڏيو آهي. بدڪارين کان پري رهندا آهن ۽ ڪوڙن ڪمن ۾ شامل نه ٿيندا آهن، ڪنهن اجائي ڳالهه وٽان گذرندا آهن ته اتان سنجيدگي ۽ وقار سان لنگهي ويندا آهن.“ (فرقان: 63-74)
”اهي (ايمان وارا) پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکندا آهن. وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان پري رهندا آهن. جڏهن غصو ايندو اٿن ته معاف ڪري ڇڏيندا آهن. خدا جيڪو ڪجهه کين عطا ڪيو آهي، ان مان خرچ ڪندا آهن. جڏهن انهن تي ڪا زيادتي ٿيندي آهي ته (اوترو ئي) بدلو وٺندا آهن. برائي جو بدلو اوتري ئي برائي آهي. پر جيڪو معاف ڪري ته اها وڏي نيڪيءَ جي ڳالهه آهي جنهن تي الله پاران ثواب آهي. الله ظالمن کي پسند نٿو ڪري. جيڪڏهن ڪو پنهنجي مظلوميت جي ڪري بدلو وٺي ته ان تي ڪا ملامت ڪونهي. ملامت ته انهن تي آهي جيڪي پاڻ اڳرائي ڪري ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد ڦهلائن ٿا. انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. جيڪو ظلم سهي وڃي ۽ معاف ڪري ڇڏي ته اها وڏي وڙائي جي ڪمن مان آهي.“ (شوريٰ: 36-43)
اخلاقي تعليم بابت قرآن حڪيم جا ڪجهه وڌيڪ هيٺ نوٽ ڪجن ٿا:
• الله ﷻ اوهان کي ٻين سان احسان ۽ عدل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو.
• ماڻهن سان اڍنگو ورتاءُ نه ڪيو (سورت لقمان – 18)
• جڏهن توهان واعدو ڪري ان کي پورو ڪرڻ جي ذميواري کنئي هجي ته هميشه ان کي نڀايو. (سورت بني اسرائيل- 34)
• پنهنجي ڪيل معاهدن ۽ وهنوار کي نڀايو. (سورت مائده- 1)
• الله اوهان کي حڪم ٿو ڏئي ته جنهن جي امانت هجيوَ ته کيس واپس موٽائي ڏيو. (سورت نساء-58)
• هڪ ٻئي جا مال ناجائز طريقي سان نه کائو. (سورت بقره: 188)
• اي ايمان وارؤ! پنهنجي گهر کان علاوه جيڪڏهن ڪنهن ٻئي وٽ هلي وڃيو ته اجازت وٺڻ بنا اندر داخل نه ٿيو ۽ (جي اجازت ملي وڃي ته) اندر وڃي گهروارن کي سلام ڪيو. (سورت نور-27)
• هڪ ٻئي جي گلا نه ڪريو. ڇا توهان مان ڪير اهو چاهيندو ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ ان عمل کي اوهين سڀ سخت ناپسند ڪندؤ، ته پوءِ پر پٺ ڪنهن جي گلا ڇو ٿا ڪريو. (سورت نساء-12)
• هڪ ٻئي تي ٺٺوليون ۽ چٿرون نه ڪيو. (سورت نساء-11)
• (مومنن جو شان اهو آهي جو) هو ڪاوڙ کي ٽاري ڇڏيندا آهن ۽ ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيندا آهن. (سورت آل عمران -34)
• ۽ والدين سان سهڻو سلو ڪيو.... پاڙيسرين سان به، پوءِ اهي مٽ مائٽ هجن يا ڌاريا هجن. (سورت نساء-36)
• ضرورتمندن کي حقير سمجهي ڇڙٻون نه ڏيو. (سورت ضحيٰ-10)
• مومن ئي مومنن جا دوست ٿي سگهن ٿا. اهي غير مومنن سان سنگت نه رکندا آهن. (آل عمران-28)
• پاڻ بابت ڪڏهن به ايئن نه سمجهي ڇڏيو ته مون ۾ جيتري قدر سڌاري جي ضرورت هئي اها مڪمل ٿي وئي. (سورت نجم- 32)
• خدائي بهتر ڄاڻي ٿو ته اوهين سندس قانون تي ڪيتري قدر عمل ڪريو ٿا. (۽ اڃان ڪيتري کوٽ رهيل آهي)
(سورت نجم-32)
• انسان کي مال (دولت) واقعي پيارو هوندو آهي، ان جي باوجود رشتيدارن جي مالي مدد ضرور ڪرڻ گهرجي. (سورت بقره-177)
• هي (غير مسلم) الله کي ڇڏي جن ڳالهين جي پوڄا ڪندا آهن، اوهين انهن کي گار نه ڏيو. متان هي ماڻهو ضد ۽ جهالت جي ڪري الله کي گهٽ وڌنه ڳالهائين. (سورت انعام-108)
• دين جي معاملي ۾ ڪابه زبردستي ناهي، ان ڪري جو گمراهي ۽ هدايت واضح ٿي چڪيون آهن. (سورت بقره-256)
قرآن حڪيم چيو آهي اِعْدِلُوْا ھُوَ اَقْرَبُ لِلتَقْوْیٰ ته وڏي ۾ وڏي تقويٰ اها آهي ته ماڻهو عدل ۽ توازن واري زندگي گذاري.
قرآن ٻڌايو آهي ته: وَ اِنَّکَ لَعَلٰی خُلُقٍ عَظِیۡمٍ (سورت قلم- 4) ”(اي پيغمبر) تون ڀلن اخلاقن وارو پيدا ٿيو آهين.“ معنيٰ ته خلق عظيم الله ﷻ کي بيحد پسند آهي ۽ الله ﷻ پنهنجي ٻانهن ۾ ان جو رواج پسند ڪري ٿو. انهيءَ ڪري فرمايو اٿائين ته اوهان جيڪڏهن مون سان محبت ڪيو ٿا ته پوءِ رسول جي خلق عظيم واري طريقي تي هلو.
پيغمبر اسلام جن فرمايو ته مان سٺن اخلاقن جي تڪميل ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهيان. جڏهن پيغمبر ئي چئي ٿو ته ڀلن اخلاق کي رواج ۾ آڻڻ ۽ انهن اخلاقن کي مٿاهين درجي تي پهچائڻ منهنجو مقصد آهي ته پوءِ اسان مسلمانن کي پنهنجي پيغمبر جي ان مقصد کي پوري ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي. جيڪي انساني چڱايون ۽ فضيلتون آهن سي اختيار ڪرڻ گهرجن ۽ جيڪي به بدفضيلتون ۽ بداخلاقيون آهن تن کان ڪوهين پري رهڻ گهرجي.
رسول الله ﷺ جن جيڪا اخلاقي تعليم ڏني آهي انهيءَ مان ڪجهه ڳالهيون هتي بيان ڪجن ٿيون.
پاڻ فرمايائون:
(1) توهان مان سڀني کان بهتر ماڻهو اهو آهي جنهن جا اخلاق سڀني کان بهتر هجن.
(2) ڪامل ايمان انهيءَ مومن جو آهي جيڪو اخلاق ۾ سڀني کان بهتر هجي.
(3) قيامت ڏينهن عملن جي تارازيءَ ۾ سهڻن اخلاقن کان وڌيڪ ڳري ڪا شيءِ نه هوندي.
(4) ماڻهن مان الله ﷻ کي سڀ کان وڌيڪ پيارو اهو آهي جنهن جا اخلاق بهتر هجن.
(5) آخرت جي زندگيءَ ۾ منهنجي لاءِ سڀني کان پسنديده شخص اهو هوندو جنهن جا اخلاق ڀلا هجن ۽ اهو ئي مون کي سڀني کان ويجهو هوندو.
(6) ڪنهن سوال ڪيو ته يارسول الله ﷺ مومنن ۾ سڀ کان فضيلت وارو ڪير آهي؟ فرمايائون احسنهم خلقا يعني جيڪو وڌيڪ خوش اخلاق هجي.
(7) انسان پنهنجن سٺن اخلاقن جي ذريعي اهو درجو حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪو مسلسل روزا رکڻ ۽ راتين جو مسلسل عبادتون ڪرڻ سان حاصل ٿيندو آهي.
(8) مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان محفوظ هجن.
(9) ڪوبه شخص ان وقت تائين مسلمان نٿو ٿي سگهي جيستائين پنهنجي مومن ڀاءُ لاءِ به اهو پسند ڪري جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو.
(10) مسلمان کي گار ڏيڻ فسق آهي ۽ ان سان جهڳڙو ڪرڻ ڪفر آهي.
(11) جنهن ماڻهوءَ ۾ چار ڳالهيون هجن اهو منافق آهي: (1) امانت رکي وڃيس ته خيانت ڪري. (2) ڳالهه ڪري ته ڪوڙ ڳالهائي (3) واعدو ڪري ته ان کي پورو نه ڪري. (4) جهڳڙو ڪري ته ناحق جي طرف سري وڃي.
(12) خدا جو قسم اهو ايمان وارو نه ٿي سگهيو آهي جنهن جو پاڙيسري ان جي ايذائن کان محفوظ ناهي.
(13) جيڪو الله ﷻ ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو، ان کي گهرجي ته فضيلت جو ڳالهائي يا وري چپ رهي.
(14) ڪنهن مسلمان لاءِ جائز ناهي ته پنهنجي ڀاءُ سان ٽن ڏينهن کان وڌيڪ قطع تعلق رکي.
(15) بهادري انهيءَ ۾ ناهي ته ڪنهن کي ملهه مارجي، پر بهادر اهو آهي جيڪو غصي جي وقت پنهنجو پاڻ کي قابو رکي.
(16) سچ جو پاسو وٺندا ڪريو، پاڻ ۾ محبتون وڌايو ۽ ماڻهن کي الله ﷻ جي طرفان خوشخبريون ٻڌايون، رڳو عبادتون توهان کي جنت ۾ ڪونه وٺي وينديون.
(17) خبردار بدگمانيءَ کي پنهنجو وطيرو نه بڻائجو، بدگماني نسورو ڪوڙ آهي. بي بنياد ڳالهين تي ڪن نه لڳايو ۽ ٻين جا عيب نه تلاش ڪريو ۽ نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن بغض رکو.
(18) قيدين کي آزادي ڏياريو، بکايلن کي کارايو ۽ بيمارن جي عيادت ڪريو.
(19) ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪريو، انهن کي تنگي ۽ سختيءَ ۾ نه وجهو.
(20) توهان مان ڪو به موت جي خواهش نه ڪري يعني موت گهري نه وٺي نيڪوڪار ماڻهو انهيءِ لاءِ اها خواهش نه ڪري ته جيئن هو وڌيڪ نيڪ ڪم ڪري وٺي ۽ خطاڪار ماڻهو انهيءَ لاءِ اها خواهش نه ڪري ته جيئن هو خطائن جون معافيون وٺي انهن جو ازالو ڪري سگهي.
حضرت علي ؐ رسول ڪريم ﷺ جو سوٽ هو ۽ حضرت ابوبڪرصديق ؐ وانگر اڪثر وقت رسول ﷺ سان گڏ گذاريندو هو. ان جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ وڏي سيني ۽ ظرف وارا هئا جو ننڍين ننڍين ڳالهين کي ليکي ۾ ئي نه آڻيندا هئا. ڏاڍو نرميءَ سان او ابا او ٻچا ڪري ڳالهائيندا هئا ۽ ننڍي وڏي هر ڪنهن تي مهربان هئا. سخت مزاج ۽ تنگدل ته هرگز نه هئا. ڪڏهن به سندس زبان مان ڪو ڳورو يا اڻوڻندڙ لفظ نه نڪتو. ڪڏهن به ڪنهن جي عيب کي ٻڌائيندي کين ڪو نه ڏٺو ويو. ڪا ڳالهه نه وڻندي هين ته ان کان منهن موڙي ڇڏيندا هئا، ان تي ڪو تبصرو يا ٽوڪبازي پسند نه فرمائيندا هئا. ٽي ڳالهيون ته جهڙوڪر رسول ڪريم ﷺ پاڻ کان ڪوهين پري ڪري ڇڏيون هيون. هڪ بحث مباحثو ڪرڻ، ٻيو ضرورت کان وڌيڪ ڳالهائڻ ۽ ٽيون هي ته جيڪا ڳالهه اجائي هجي ۽ بنا مطلب جي هجي تنهن ۾ پوندا ئي نه هئا. ٻين ماڻهن سان واسطي پوڻ ۾ ٽن ڳالهين کان پري ڀڄندا هئا. هڪ هي ته ڪنهن کي به گهٽ وڌ يا برو نه چوندا هئا. ٻيو هي ته ڪنهن جو عيب ڪڍي هِن هُن کي ٻڌائڻ هرگز نه هو ۽ ٽيون هي ته ڪنهن جي ڳالهه جي پٺيان پئي ان جي پڇا ۽ پيڇو نه ڪندا هئا. پاڻ سڳورا اهي ئي ڳالهيون ڪندا هئا جن ۾ ڪا فائدي واري ڳالهه ۽ ڪنهن جو ڀلو هجي ۽ ان ڳالهه مان ڪو مفيد نتيجو نڪري.
پاڻ سڳورا ﷺ ڪا ڳالهه ڪندا هئا ته صحابه ڪرام اهڙي طرح ڪنڌ جهڪائي خاموشيءَ سان اها ڳالهه ٻڌندا هئا جو لڳندو ته ڄڻ پکي اچي انهن جي مٿي تي ويهي رهيا آهن. جڏهن پاڻ سڳورا ماٺ ڪري وٺندا هئا ته پوءِ صحابه پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري وٺندا هئا. جيڪڏهن ڪو ٻيو ڳالهائيندو هو ته سندس چپ ٿيڻ کان پوءِ ساڻس ڳالهائيندا هئا. ماڻهو جن ڳالهين تي کلندا ۽ ٽهڪ ڏيندا هئا، پاڻ سڳورا اهڙين ڳالهين تي صرف مُرڪندا هئا. ڪو اوپرو ماڻهو اچي وڏي واڪي يا اتبو سبتو ڳالهائيندو هو ته پاڻ تحمل ڪندا هيا. ٻين جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌڻ هرگز پسند نه فرمائيندا هئا. پر جيڪڏهن ڪو پاڻ سڳورن جي احسان جو شڪريو بجا آڻيندو هو ته اهو قبول فرمائيندا هئا. جيستائين ڳالهائڻ وارو پاڻ چپ نه ڪندو هو، پاڻ سڳورا ان جي ڳالهه کي ڪٽيندا نه هيا. بيحد سخي ۽ ڏيڻ وارا هيا. حق سچ چوڻ وارا، نرم طبع ۽ بيحد خوش صحبت هوندا هيا. جيڪڏهن پاڻ سڳورن کي ڪو هڪ دفعو ڏسي وٺندو هو ته هميشه سندن سڀاءُ کي ڳائيندو وتندو هو ۽ چوندو هو ته مان پاڻ سڳورن جهڙو کانئن اڳ يا کانئن پوءِ نه ڏٺو آهي.
بيبي عائشه صديقه ؒ پاڻ سڳورن جي گهرواري هئي. هن رسول الله ﷺ کي گهڻو ويجهڙائي کان ڏٺو. هن پنهنجي پيءُ حضرت ابوبڪر صديق ؐ جي ذريعي هجرت کان اڳ به پاڻ سڳورن جي زندگي جي اهم واقعن کي ڏٺو هو ۽ مديني جي زندگيءَ ۾ به هوءَ پاڻ سڳورن سان شادي ڪري مومنن جي ماءُ بڻجي چڪي هئي. رسول الله ﷺ جي زندگيءَ جو آخري هفتو هن بيبي سانئڻ جي حجري ۾ گذريو هو جنهن وقت پاڻ سڳورن ﷺ جو روح پرواز ٿيو ته انوقت به هن بيبي سانئڻ جي سهاري ليٽيل هئا. هن بيبي سانئڻ جي حجري کي الله ﷻ پاڻ سڳورن جي جسم مبارڪ جو آخري آرامگاه بڻايو. پاڻ سڳورن کي ويجهڙائي کان جيترو هن بيبي ڏٺو، اهڙا موقعا ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ نه آيا. پاڻ سڳورن جي باري ۾ بيبي سانئڻ جا ارشادات پڙهڻ جهڙا آهن. فرمائي ٿي ته:
(1) رسول الله ﷺ جن پنهنجي ذات جي لاءِ ڪڏهن به ڪنهن کي سزا نه ڏني ۽ نه ڪڏهن بدلو ورتو. ها ايئن هو ته پاڻ سڳورا ﷺ الله ﷻ جي ٻڌايل حدن جي لتاڙ ڪندڙن تي الله ڪارڻ سزا ڏيندا هيا.
(2) پاڻ سڳورن جي عادت هئي ته برائيءَ جي بدلي ۾ ڪڏهن به برائي کان ڪم نه ورتائون. ڪساين پڪاين تي هميشه درگذر ڪندا هيا ۽ معاف فرمائي ڇڏيندا هيا.
(3) رسول الله ﷺ ڪڏهن به اهڙي طرح نه کليا جو پاڻ سڳورن ﷺ جو تارون نظر آيو هجي. پاڻ رڳو مسڪرائي ڇڏيندا هيا.
(4) پاڻ سڳورن ڪڏهن به ڪنهن تي لعنت نه ڪئي ۽ نه ڪڏهن پنهنجي خدمتگذار کي يا ڪنهن جانور کي پنهنجي هٿن سان ماريو.
(5) پاڻ سڳورن ﷺ جن ڪڏهن به ڪنهن جي سوال کي واپس نه ڪيو، سواءِ ان جي ته اهو سوال ناجائز هجي.
(6) گهر ۾ تشريف فرما ٿيندا هيا ته مسڪرائيندا ايندا هيا. ڳالهيون اهڙي طرح ڍاري ڍاري ڪندا هيا جو جيڪڏهن ڪو ياد رکڻ چاهي ته آرام سان ياد ڪري ڇڏي.
(7) هڪ بدوي آيو ۽ چيائين ته سائين مان ڏٺو آهي ته توهان ٻارن کي کڻي چميون ڏيو ٿا، اسان ته چميون نه ڏيندا آهيون. کيس فرمايائون ته الله ﷻ جيڪڏهن تنهنجي دل مان رحم ڪڍي ڇڏيو آهي ته ان تي مان ڇا ٿو ڪري سگهان.
(8) رسول الله ﷺ جي گهروارن ڪڏهن به ٻه ويلا ساندهه ماني ڪري ڪونه کاڌي. جيڪڏهن هڪ ويلو مانيءَ جو هوندو هو ته ٻيو ويلو کارڪون کائي وقت ڪڍيو ويندو هو. (ڇو ته جيڪو حاصل هوندو هو اهو ٻين اڻهوند وارن ۽ سوالين کي ڏنو ويندو هو.)
حضرت انس ؐ هميشه خدمت ۾ حاضر رهندو هو. اهو فرمائي ٿو ته مان ڏهه سال رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ گذاريا. انهيءَ سڄي عرصي ۾ پاڻ سڳورن ﷺ ڪڏهن به مون کي ناپسند لفظ نه چيا. ڪڏهن به هي نه چيائون ته ”فلاڻو ڪم تو ڇو ڪيو؟“ ۽ نه وري ڪڏهن هي فرمايائون ته ”فلاڻو ڪم تو ڇو نه ڪيو؟“
_____
سيرت النبي جلد 6 ص 20-22
سيرت ابن هشام ص 361
صحيح بخاري ڪتاب الايمان
صحيح بخاري ڪتاب الايمان
سيرت النبي جلد اول ص 288-289 بحواله (شمائل ترمذي)
سيرت النبي جلد اول حصو ٻيو ص 287
سيرت النبي جلد اول حصو ٻيو ص 287
حوالو ساڳيو
حوالو مسلم ۽ ابودائود
بخاري ڪتاب الادب
حوالو ساڳيو
بخاري ڪتاب الدقاق
بخاري ڪتاب الادب