باب پهريون
جيئن ئي بيڊ روم جي روشني ٻاهر پکڙي، تيئن فارم جي جاءِ ۾ هلچل ۽ ڦڙڦوٽ پيدا ٿي. ڏينهن جو اها ڳالهه هُـلندي رهي هئي ته ميجر نالي واري هڪ ڪراڙي سوئر، جيڪو مڊل وائيٽ سوئر جو انعام ماڻي چڪو هو، اڳوڻي رات هڪ عجيب خواب لڌو هو، ۽ هاڻي هو آس وند هو ته ٻين کي انهيءَ خواب جو احوال ڏي. انهيءَ ڪري اهو سٽيو ويو ته جيئن ئي مسٽر جونز آخري چڪر لڳائي پنهنجي گھر وڃي آرامي ٿيندو، تيئن هي سڀ جانور وڏي ڀانڊي وٽ اچي مڙندا. ڪراڙي ميجر (جيئن هيءُ سڃاتو ٿي ويو، پر هن جي رڪارڊ ۾ شناخت ولنگڊن بيوٽي طور ٿيل هئي) کي فارم ۾ وڏي عزت حاصل هئي. هر جانور ڪلاڪ کن جي ننڍ وڃائي به هن جا گفتا ٻڌڻ ٿي گھريا.
ڀانڊي جي ڇيڙي تي ٺهيل ٿلهي تي ميجر اڳ ۾ ئي آرامده ڪکائين بستري تي ويٺو هو. سندس مٿان، ٿنڀي ۾ لڳل بتي ٻري رهي هئي. هن جي عمر ٻارهن ورهيه هئي. ويجھي ڇڪ ۾ هو مچي ويو هو، پر پوءِ به هو عاليشان ڏيک وارو سوئر هو. پنهنجي شڪل ۽ شبيهه مان هو داناءُ ۽ سخي لڳندو هو، جيتوڻيڪ هن جا نيش ڪڏهن به ڪٽيا نه ويا هئا. ڪافي وقت کان جانور اچي رهيا هئا ۽ پنهنجي ڍنگ سارو ويهڪ جي جاءِ ولاريندا ويا. پهريائين بلو بيل، جيسيِ ۽ پنچر نامي ڪتا پهتا ۽ پوءِ سوئر آيا، جيڪي پليٽفارم جي مهاڙ ۾ ڪکن تي اچي ويٺا. ڪڪڙن درين جي سلن تي ديرو ڄمايو، ته پاريل ۽ ڪبوتر ڇت جي ڪاٺي تي وڃي ويٺا. رڍون ۽ ڳئون سوئرن کان پويان ٿي ويٺيون ۽ اوڳارڻ ۾ لڳي ويون. بار ڍوئڻ واري گاڏي وارا گھوڙا باڪسر ۽ ڪلوور گڏجي آيا. هو آهستي آهستي ۽ سنڀالي ويٺا ته متان ڪو پِسون سندن سنبن هيٺيان چيڀاٽجي نه وڃي. ڪلوور ٿلهي متاري مادي گھوڙي هئي ۽ عمر جي وچين وهيءَ ۾ اچي پهتي هئي. چوٿين ويم کان پوءِ سندس هاٺي اصلي صورت نه وٺي سگھي هئي. باڪسر به هڪ متارو وهٽ هو. ارڙهن گرانٽن وارو هيءُ گھوڙو سگھ جي لحاظ کان ٻن عام رواجي گھوڙن برابر هو. نڪ هيٺان اڇي پٽي جي ڪري سندس منهن مان موڳي هئڻ جو تاثر ٿي مليو ۽ حقيقت ۾ هو اول درجي جو ذهين به نه هو، پر عالمي سطح تي هو پنهنجي ڪردار جي پختگيءَ، ثابت قدمي ۽ اورچائي جي ڪري مشهور هو. گھوڙن کان پوءِ مُيرئل نامي اڇي ٻڪري، بينجمن نامي گڏهه پهتا. بينجمن هن فارم جو پوڙهو ترين جانور هو، پر پنهنجي خشڪ مزاجيءَ ڪري وڌيڪ مشهور هو. هو تمام گھٽ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن کڻي ڪا ڳالهه ڪندو به هو ته اها به رکي ۽ ترش هوندي هئي. مثال طور هو چوندو هو ته الله تعاليٰ کيس پڇ ان ڪري عطا فرمايو آهي ته هو مکيون هڪلي، ۽ جلدي اهڙو ڏينهن ڏيندو، جڏهن نڪي پڇ رهندو ۽ نڪي هونديون مکيون. هن کي کلندي ڪڏهن به نه ڏٺو ويو هو. ان لاءِ جيڪر پڇبو هوس ته هو وراڻيءَ ۾ چوندو هو ته کيس ڪا کلڻ هاب ڳالهه نظر نٿي اچي. بهرحال، باوجود کلي عام اهو تسليم نه ڪرڻ جي، هُو باڪسر ڏانهن رغبت رکندو هو. ٻئي آچر ڏهاڙي باغ جي پويان قائم گھوڙن جي ميدان ۾ اچي گڏبا هئا ۽ پيا گاهه چرندا هئا، پر پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه نه ڪندا هئا.
ٻيئي گھوڙا اڃان ويٺا ئي مس هئا ته بدڪ جي ٻچن جو ولر، جن جي ماءُ گم ٿي ويئي هئي، هيڻائي ۾ آوازيندا، قطار ٻڌي اندر داخل ٿيا ۽ اهڙي جاءِ لاءِ، جتي هو ڪنهن وڏي مرون جي لتاڙ کان بچي سگھن، هيڏانهن هوڏانهن گھمندا رهيا. ڪلوور پنهنجي ٽنگ جو اڳ ڏيئي، هنن لاءِ پڻ ديوار اڀي ڪئي. هاڻ هي اتي ڀيڙا ٿيا، ۽ جھٽ پٽ ۾ الوٽن ۾ پئجي ويا. آخري مرحلي ۾ مولي نالي واري هڪ مورک پر وڻندڙ گھوڙي، جنهن جونز جي هنيل ڪوڙڪي کولي هئي، مزي مزي سان مصري جي ڳنڊ چٻاڙيندي اندر آئي. هن مهڙ ۾ ئي جاءِ والاري. هوءَ پنهنجي اڇي بشڪ سان کيڏيندي رهي، انهيءِ اميد سان ته هر هڪ کي ڳاڙهيون ربنون نظر اچن، جن سان سندس چوٽيون ٻڌل هيون. سڀني کان آخر ۾ ٻلي پهتي، جنهن هميشه وانگر گرم ترين جاءِ جي ڳولا ۾ چوڌاري چڪر هنيو، نيٺ سڪڙجي ڪلوور ۽ باڪسر وچ ۾ وڃي ويٺي. هوءَ رڳو ميائون ميائون ڪندي رهي ۽ تقرير جو هڪ اکر به ٻڌڻ گوارا نه ڪيائين.
سواءِ پاليل جھنگلي ڪانءَ موزز جي، جيڪو پوئين در جي پٺيان ٺهيل پيهي تي ستو پيو هو، سڀ جانور اچي مڙيا هئا. جڏهن ميجر ڏٺو ته سڀ جانور اچي گڏ ٿيا آهن ۽ تقريرلاءِ آسائتا آهن، تڏهن هن پنهنجو گلو صاف ڪيو ۽ شروع ٿيو:
”دوستو! اوهان کي ته اڳ ۾ معلوم ٿي ويو آهي ته مون گذريل رات هڪ عجيب خواب ڏٺو آهي، پر آئون ان خواب متعلق پوءِ ڳالهائيندس. پهريائين مون کي ٻيو ڪجھه چوڻو آهي. ڪامريڊو! آئون سمجھان ٿو ته آئون هاڻي اوهان ساڻ گھڻو وقت رهي نه سگھندس، ان ڪري مرڻ کان پهريائين آئون آسروند آهيان ته مون جيڪا ڏاهپ حاصل ڪئي آهي، سا اوهان ڏي منتقل ڪري وڃان. هڪڙو ته مونکي وڏي ڄمار ملي آهي، ۽ ٻيو ته اڪيلو هجڻ باعث مون کي ڳڻ ڳوت جو موقعو ميسر ٿيو آهي. انهيءَ ڪري آئون چوان ٿو ته آئون نه صرف هن ڌرتي جي زندگي، بلڪ هر ٻي جوءِ جي زندگي، جتي جتي جانور وسن ٿا، کي چڱيءَ پر سمجھان ٿو. اڄ آئون انهيءَ موضوع متعلق ويچار ونڊڻ گھران ٿو.
”هاڻي دوستو! اسان جي زندگيءَ جي نوعيت ڇا آهي؟ اچو ته ان سان منهن مقابل ٿيون! اسان جون زندگيون ننڍيون پر ڪٺن ۽ ڏکن ڏولاون سان ڀريل آهن. اسان جڏهن ڄمون ٿا ته اسان کي صرف اوترو کاڌو ڏنو وڃي ٿو، جيترو اسان جي جسم ۾ ساهه سنڀالي سگھي، ۽ اسان مان جيڪي قابل ڪار آهن، تن کان سندن سگھه جي آخري اڻي تائين پورهيو ورتو وڃي ٿو. جنهن ويل اسان جو ڪمائتو هئڻ ختم ٿئي ٿو، ته انهيءَ مهل ئي اسان کي ڀيانڪ ڪٺورتا سان ڪٺو وڃي ٿو. انگلنڊ جو ڪوبه جانور جڏهن هڪ سال جو ٿئي ٿو ته انکي خوشي ۽ فراغت جي خبر نه هوندي آهي. انگلنڊ جو ڪوبه جانور آزاد نه آهي. هر جانور جي زندگي غلامي ۽ ڪمبختي ۾ وڪوڙيل آهي. اهوئي ڪڙو سچ آهي.
”پر ڇا اهو رڳو فطرت جي دستور جو حصو آهي؟ ڇا اهو انڪري آهي ته اسان جي ڌرتي غريب آهي ۽ مٿس وسندڙن کي شانائتي زندگي گھارڻ جا وسيلا ميسر ڪري ڏيڻ کان قاصر آهي؟ نه ڪامريدو نه - هزار دفعا نه. انگلنڊ جي مٽي زرخير آهي، ان جي آبهوا به دلڪش آهي ۽ اها ان لائق آهي ته هن وقت هتي رهندڙن مڙني جانورن کان به وڌيڪ جيوَن کي جياپي لاءِ کاڌ خوراڪ مهيا ڪري سگھي. اسان جو فارم درجن گھوڙن، ويهارو ڳئن ۽ سوين رڍن کي ايترو کاڌو فراهم ڪري سگھي ٿو، جو اهي آرام ۽ عزت سان باقي زندگي بسر ڪري سگھن ٿيون. پر اها ڳالهه اسان جي تصور کان ڪوهين ڏور آهي. پوءِ به آخر ڇو اسان اهو جاڙ جيئون پيا؟ ڇاڪاڻ ته اسان جي محنت جو اپراسو انسان ذات چورايو وڃي. انهيءِ ۾ ئي اسان جي سڀني سوالن جو جواب لڪل آهي. انهيءَ جواب کي جيڪر هڪ لفظ ۾ سموهجي ته اهو لفظ آهي ”ماڻهو“ - ماڻهو اسان جو حقيقي دشمن آهي. ماڻهو کي منظر تان هٽايو ۽ انهي ساڻ اسانجي بک ۽ ڳـهَڻ جو بنيادي سبب هميشه لاءِ مٽجي ويندو.
”ماڻهو ئي اهڙو جيو آهي، جيڪو پيدا ته ڪجھه به نٿو ڪري، پر الٽو کاپي پويان آهي. هو کير نٿو ڏئي، هو بيضا نٿو لاهي، هو هر هلائڻ کان لاچار آهي، هو تکو ڊڪي سهن کي پڪڙڻ لائق به نه آهي. پر پوءِ به هو اسان جو آقا بنيو پيو ڦري. هو اسان کي ڪم ۾ لڳائي ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ رڳو ايترو ڏئي ٿو جو اسان بک وگھي مرڻ کان بچيا رهون. باقي سڀ ڪجھه هو پاڻ هڙپ ڪريو وڃي. اسان جي پورهئي سان پوکي راهي ٿئي ٿي، اسان جو ڀاڻ ٻنيءَ کي زرخير ڪري ٿو، پر پوءِ به اسان مان اهڙو ڪونهي، جنهن وٽ پنهنجي چمڙيءَ کان وڌيڪ هجي. مونکي آڏو نظر ايندڙ اوهان ڳئون ٻڌايو ته سهي ته گذريل وقت ۾ ڪيترا هزارسير کير اوهان مان ڏڌو ويو آهي ۽ ان کير جو ڇا ٿيو؟ اهو هوند وڇين ۽ وڇڙن جي تات ۾ ڪم اچي ها. پر ان جو هر ڦڙو اسان جي ويريءَ جي نڙين ۾ لهي ويو. اي ڪڪڙيون! هن سال اوهان ڪيترا بيضا لاٿا ۽ ڪيترا ان مان ٻچن ڦوڙڻ لاءِ رکيا ويا؟ مسٽر جونز ۽ انهن جي ڪمين گھڻن کي منڊيءَ ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمايو. مائي ڪلوور! تون ئي ٻڌاءِ ته تو وارا چار ڦر ڪيڏانهن ويا؟ جيڪي هوند توکي وڏي وهيءَ ۾ ڪم اچن ها؟ هر هڪ کي سال جو ٿي وڃڻ کان پوءِ کپايو ويو، ۽ انهن مان ڪنهن کي به وري تون يا عمر نه ڏسي سگھندينءَ؟ ٻنين ۾ ڪيل پورهئي ۽ پيٽائتي هئڻ واري ڪٺن وقت جو سلو توکي ڇا مليو آهي؟ رڳو مخصوص ۽ مقرر کاڌو ۽ ننڍي ڪڙهه؟
”ايتري تائين اسان جيڪا هي ذلت ڀري زندگي گھاريون ٿا، تنهن کي به فطري نموني پڄاڻيءَ تي پهچڻ نٿو ڏنو وڃي. آئون پنهنجي سر لاءِ نٿو ڪُرِڪان، ڇو ته آئون وڏي نصيب وارو آهيان. آئون ٻارنهن ورهين جو اچي ٿيو آهيان. ان دوران چار سؤ کن ٻار ڄڻيا اٿم. ائين سوئرن واري فطري زندگي گذاري اٿم. پر ڪوبه جانور آخري وقت ۾ ڪٺور ڇري کان نٿو بچي سگھي. اي ڪچڙا سوئرو! اوهان جڏهن سال کن جا ٿيندائو ته اڏيءَ تي نيا ويندائو ۽ زندگي لاءِ رڙندائو! انهيءَ دهشت سان ملاقاتي اسان سڀ - سوئر، ڪڪڙيون، ڪڪڙ، رڍون ۽ ٻيا - ٿينداسون. ايتري تائين جو گھوڙن ۽ ڪتن جي پوياڙي به چڱي ڪانهي. او باڪسر! جنهن ڏهاڙي تنهنجيون اهي سگھاريون مشڪون نٻل بنبيون، جونز توکي ڪمزور ۽ لاغر گھوڙا ڪُهندڙن جي حوالي ڪندو ۽ پئسا ڪمائيندو. اهو ڪاسائي وري تنهنجو گلو ڪٽي، توکي ٽهڪائي، لومڙيءَ جو شڪار ڪندڙ ڪتن جي لاءِ خوراڪ بنائيندو. ڪتا جڏهن جھُور ٿيندا آهن ته جونز انهن جي ڳچيءَ ۾ پٿر ٻڌي، کين ڪنهن کائي ۾ ٻوڙي ڇڏيندو آهي.
”هاڻي اهو وائکو ٿي ويو آهي ته اسان جي مڙني ڪشٽن جي اوسر انسان ذات جي بيداد مان ٿئي ٿي. سو رڳو ماڻهو مان جند آجي ڪرايو ته پوءِ هر اپت اوهان جي پنهنجي هوندي ۽ اسان رات پيٽ ۾ امير ۽ آزاد بنجي وينداسين. ها ته پوءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اسان کي ڏينهن رات پوري تن من سان انسان ذات تي غلبو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي. ان لاءِ منهنجو پيغام اوهان ڪامريڊن لاءِ اهو آهي ته: بغاوت. مونکي پتو ڪونهي ته ڪڏهن بغاوت ٿيندي. اها هفتي اندر ٿي سگھي ٿي يا وري ان ۾ سؤ سال به لڳي سگھن ٿا. پر آئون ڄاڻان ٿو ته ڪڏهن نه ڪڏهن انصاف ضرور ٿيندو. اوهان کي اهو نڪتو ذهن ۾ اڪري ڇڏڻ گھرجي ۽ باقي زندگي انهيءَ تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن. ٻي ڳالهه اها ته اهو پيغام پنهنجي پونيرن کي ڏيندا رهجائو ته جيئن اها ٽهي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي.
”دوستو! ياد رکو ته پنهنجن ارادن ۾ ڪمزوري نه آڻجائو، ۽ ڪوبه مخالف دليل اوهان کي گمراهه نه ڪري. اوهان کي جيڪو اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته ماڻهن ۽ جانورن جا مفاد مشترڪ آهن ۽ هڪڙي جي خوشحالي ٻي جي ئي خوشحالي آهي، تنهن تي بلڪل اعتبار نه ڪريو. ماڻهو ٻي ڪنهن به جيو واسطي ڪم نٿو ڪري، پر هو رڳو پنهنجي لاءِ سڀ ڪجھه ڪري ٿو. اسان جانورن ۾ مڪمل ٻڌي هجي، مڪمل ڀائپي هجي. ياد رهي ته سڀ ماڻهو اسان جا دشمن آهن ۽ سڀ جانور پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ ڪامريڊ آهن.“
انهيءَ وقت ٿوري گڙ ٻڙ ٿي پئي. ڇا ٿيو جو ميجر جي تقرير هلندي چار ڪوئا به پنهنجي ٻرن مان ٻاهر اچي تقرير ٻڌي رهيا هئا، تڏهن اوچتو ڪتن جي مٿن نظر پئجي ويئي. ڪتا وٺي ڪوئن ڏي مڙيا ۽ ڪوئن ڀڄي جان بچائي. انهيءَ هُل دوران سوئر پنهنجو اڳيون پير اڳيان ڪري سڀني کي خاموش ٿيڻ لاءِ چيو.
”ڪامريڊو!“ هن چوڻ شروع ڪيو، ”هي نڪتو به سلجھائڻ گھرجي: هي جيڪي جھنگلي جيو ڪوئا ۽ سها آهن، سي ڇا اسان جا سڄڻ آهن ڪي ويري! اچو ته ان لاءِ ووٽنگ ڪريون. آئون هن ميڙ ۾ تجويز ٿو ڏيان ته ڇا ڪوئا ڪامريڊ آهن؟“ انهيءَ وقت سڀني کان ووٽ ورتو ويو ۽ وڏي اڪثريت سان طيءِ ٿيو ته ڪوئا اسان جا ساٿي ۽ ڪامريڊ آهن. رڳو چئن ڄڻن يعني ٽن ڪتن ۽ هڪ ٻليءَ انهيءَ جي مخالفت ۾ راءِ ڏني. بهرحال پوءِ معلوم ٿيو ته ٻلي ٻنهي پاسي ووٽ ڏنو آهي. ميجر وري شروع ٿي ويو: ”مونکي اڃان به ڪجھه چوڻو آهي. آئون هي ٻيهر ورجايان ٿو ته رڳو اهو ذهن نشين ڪري ڇڏيو ته ماڻهو ۽ ان جي پرڪارن خلاف دشمني رکڻ اوهان جو فرض آهي. تنهن ڪري جيڪو جيو به ٻن ٽنگن تي هلي سو ويري آهي ۽ جيڪو چئن ٽنگن تي هلي يا کنڀ هجنس، سو اسان جو سنگي ساٿي آهي ۽ اهو پڻ ياد رکو ته ماڻهوءَ خلاف ويڙهاند ۾ اسان کي هن جهڙو بڻجڻو نه آهي. جڏهن اوهان هن تي غالب پئجي وڃو، تڏهن هن جهڙيون برايون نه اختيار ڪجائو. ڪوبه جانور ڪنهن انساني گھر ۾ رهائش پذير نه ٿئي، نڪي بستري ۾ سمهي، ۽ نه ئي شراب ۽ تماڪ واپرائي، نه ڪپڙا پهري، نه پئسن کي هٿ لاهي ۽ نه ئي ڪاروبار ڪري. ماڻهوءَ جون مڙيئي عادتون برايون آهن ۽ وڏي ڳالهه ته ڪوبه جانور پنهنجي جاتيءَ تي ظلم نه ڪري. نٻل توڙي سگھو، هوشيار توڙي سادو، اسان مڙيئي پاڻ ۾ ڀائر آهيون. ڪوبه جانور ٻئي جانور کي نه ماري. جانور سڀ برابر آهن.
”ڪامريڊو! هاڻي آئون اوهان کي گذريل رات جي خواب متعلق ٻڌائيندس. اهو خواب اهڙي ڌرتيءَ واسطي آهي، جتي ماڻهو جو نالو نشان به نه هوندو. انهيءَ خواب مونکي هڪ وساريل ڳالهه ياد ڏياري آهي، جيڪا ورهيه ٿيا، مونکان وسري چڪي هئي. ڪي سال اڳ جي ڳالهه آهي. آئون جڏهن ننڍڙو سوئر هوس ۽ منهنجي ماءُ ۽ ان جون ساٿياڻيون گڏجي هڪ گيت ڳائينديون هيون، جنهن جي رڳو کين ڌن ۽ پهريان ٽي لفظ ياد هئا. ٻاروتڻ ۾ ته اها ڌن مونکي ياد هئي، پر پوءِ اها ذهن مان ميسارجي ويئي. پر گذريل رات خواب ۾ سنڀارجي آئي اٿم. وڏي ڳالهه اها ٿي آهي ته انهيءَ گيت جا لفظ به پلئه پيا اٿم، جيڪي مونکي پڪ آهي ته پراڻي وقت جا جانور ڳائيندا هئا، پر پوءِ جي نسلن کي ياد نه رهيا. آئون اهو گيت اوهان کي ڳائي ٻڌايان ٿو، پر آئون جُھور آهيان ۽ منهنجو آواز به گھگھو آهي، پر جڏهن آئون اوهان کي سيکاري بس ڪريان، ته پوءِ اوهان ان کي سهڻي طريقي سان ڳائجائو. انهيءَ جو گيت جو عنوان آهي ”انگلنڊ جا جانور“
پوڙهي ميجر پنهنجو گلو صاف ڪيو ۽ ڳائڻ لڳو. جيئن چيو هئائين، سندس آواز گھگھو هو، پر پوءِ به هن چڱي نموني ڳايو. هن گيت جي ڌن ڪافي جوشيلي هئي، ”ڪليمنٽائين“ ۽ ”لاڪروچا“ جي عين بين. گيت جا لفظ هئا:
”انگلنڊ جا حيوانو، آئرلنڊ جا حيوانو
هر ڌرتي ۽ ديس جا حيوانو!
منهنجي خوشخبري
ڪن لائي ٻڌو؛
دير سوير اهڙو ڏينهن به ايندو،
ڪٺور ماڻهن کي هتان ڀڄايو ويندو،
۽ انگلنڊ جون زرخيز ٻنيون،
رڳو اسانجي لتاڙ هيٺ هونديون،
نڪن مان ناڪوٽيا ڪڍيا ويندا،
اسان جي پٺن تي پيل سنج الوپ ٿيندا.
لغامون ۽ مهميزون زنگجي وينديون
ڦٽاڪا ۽ چهبڪ ٻيهر نه آوازيندا.
تصور کان ٻاهر خوشحالي ايندي،
ڪڻڪ، جو، جئي ۽ سڪل گاهه
برسيم، ڦرهيون ۽ چقندر
ان ڏينهن سڀ اسان جا هوندا.
انگلنڊ جي ٻنين ۾ روشني هوندي،
پاڻي به پوتر هوندو
مٺڙي هير پئي لڳندي،
ان ڏينهن جڏهن آزادي ملندي.
اهڙي سرهي وقت لاءِ اسان کي پورهيو ڪرڻو آهي،
ٿي سگھي ٿو ته ان جي آمد کان اڳ اسان جي زندگيءَ جو ڏيئو اجھامي وڃي،
ڳئون، گھوڙا، بدڪون ۽ ڪڪڙ
سڀني ساٿين کي آجپي لاءِ ڳهڻو آهي.
انگلنڊ جا حيوانو! آئرلنڊ جا حيوانو
هر ڌرتي ۽ ديس جا حيوانو!
منهنجي خوشخبري
ڪن لائي ٻڌو.
هن گيت کي ڳائيندي جانورن ۾ هڪ طرح جو ولولو پيدا ٿيو. اڃان ميجر گيت ڳائي پورو ئي نه ڪيو، ته ٻيا جانور پاڻ ئي اهو گيت ڳائڻ لڳا. ايتري تائين جو ڪند ذهن جانورن به ان جي ڌن ۽ ڪجھه لفظن کي سمجھي ورتو پر چالاڪ ۽ هوشيار جانورن جھڙوڪ ڪتن ۽ سوئرن ته پورو گيت ياد ڪري ورتو هو. ڪجھه ابتدائي ڪوشش کانپوءِ سڄو واڙو گڏجي اهو گيت ڳائي رهي هيو. ڍڳين پنهنجي رنڀ لڳائي، گھوڙن هڻڪار ڪئي، بدڪن ڪُئي ڪُئي ٿي ڪئي، ڪتن ڀونڪڻ ۽ اوناڙڻ شروع ڪيو، رڍن ٻاڪار پئي ڪئي. گيت انهن کي اهڙو مزو ڏنو، جو ان کي لڳاتار پنج ڀيرا ڳاتو ويو. هوند اڃان به پيا ڳائين ها، جيڪر کين روڪيو نه وڃي ها.
انهيءَ مهل هنگامي جي ڪري، مسٽر جونز جاڳي پيو هو. هن کي پڪ ٿي ته سندس فارم ۾ ڪو بگھڙ پهتل آهي. هو بستري تان اٿيو ۽ ڀر ۾ پيل بندوق کنئي ۽ ڪمري جي ڪنڊ وٽان بيهي فائر ڪيو. گوليءِ جا ڇيرا ڀانڊي جي ڀتين ۾ گم ٿي ويا ۽ ميڙ تڪڙ تڪڙ ۾ ختم ٿي ويو. هرهڪ پنهنجي سمهڻ واري جاءِ ڏي وٺي ڀڳو. پکي وڃي پنهنجي آکيرن ۾ ستا، جانور ڪکن تي وڃي آهليا. چند منٽن کان پوءِ سڄو فارم ننڍ ۾ گھيريل هو.