باب ڏهون
مُريل مري ويئي، بلوبيل، جيسي ۽ پنچر به راهه رباني اختياري ويا هُئا. جونز به هن دنيا ۾ نه رهيو هو. هو ڪنهن ملڪ جي شرابي خاني ۾ موت سان ملاقاتي ٿيو هو. سنوبال به وسري چڪو هو. باڪسر سواءِ چند جي ڪنهن کي به ياد نه هو. ڪلوور هاڻي ڦيڦي گھوڙي هُئي، هن جا سنڌ سيٽيل ۽ اکيون ڳاڙهيون بنيل هيون. هوءَ ريٽائر ٿيڻ جي عمر کان ٻه سال وڏي ٿي چڪي هُئي، پر حقيقت ۾ ڪوبه جانور اڃان ريٽائر به نه ٿيو هو. ريٽائر ڪيلن جي رهائش واسطي چراگاهه جي ڪناري کي مخصوص ڪرڻ جو ارادو ترڪ ٿي چڪو هو. نيپولن جو وزن 154 ڪلوگرام تائين پهتو هو. اسڪئيلر ايترو ته سڄي ويو هو جو هُو تڪليف سان اکيون ٿي کولي سگھيو. رڳو پوڙهو بينجمن ساڳئي نموني جو هو، سواءِ اُن جي ته هن جا وار اڇا ٿي ويا هيا ۽ باڪسر جي موت کان پوءِ وڌيڪ غمگين، اداس ۽ ماٺيڻو بنجي ويو هو.
هونئن فارم تي ڀانت ڀانت جو مخلوقون هيون، جيتوڻيڪ انهن ۾ ايتري واڌ نه آئي هُئي، جيتري جي شروع ۾ اميد پئي رکي ويئي. ڪيترا جانور نوان ڄاول هُئا. جن لاءِ بغاوت رڳو ڌنڌلي روايت هُئي، جيڪا زباني طرح وڏڙن کين منتقل ڪئي هئي. ڪجھه ٻيا جانور، جيڪي خريد ڪيا ويا هُئا، تن هتي اچڻ کان اڳ ان جو ذڪر نه سُئو هو. فارم ۾ ڪلوور سان گڏ ٽي ٻيا به گھوڙا هُئا. اُهي ڪافي سگهارا جانور هُئا، ۽ سٺا ساٿي به. هر وقت پورهئي لاءِ تيار پر ذهني طرح مورک هُئا. انهن مان ڪوبه الفابيٽ جي ٻئي اکر کان اڳتي نه وڌي سگھيو. هنن کي بغاوت متعلق يا جانورازم جي اصولن جي حوالي سان جيڪو ڪجھه ٻڌايو ٿي ويو، سو هنن قبولي ٿي ورتو. خاص ڪري ڪلوور جي ڳالهين کي ته جھٽ ۾ مڃي ٿي ورتو، جنهن لاءِ هنن جي دلين ۾ مادرانه عزت هُئي. پر اهو يقيني نه هو ته کين جيڪو به ٻڌايو ٿي ويو، سو کين سمجھه ۾ آيو ٿي يا نه.
فارم هاڻي نه رڳو خوشحال هو، پر وڌيڪ منظم به هو. اهو وڌيڪ ڦهلجي ويو هو، ڇاڪاڻ ته مسٽر پلڪنگٽن کان ٻه ٻنيون خريديون ويون هيون. آخر ڪار ونڊمل جڙي راس ٿي هُئي ۽ فارم ۾ ٿريشنگ مشين به اچي ويئي هُئي. گاهه کي چاڙهڻ ۽ ڇڪڻ واري مشين به ورتي ويئي. ان کان علاوه هن فارم ۾ وڌيڪ جڳهيون به جوڙيون ويون هُيون. ومپر پاڻ لاءِ ٽانگو خريديو هو. بهرحال ونڊمل کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ نه پئي استعمال ڪيو ويو. ان کي اَنَ پيهڻ لاءِ پئي ڪم ۾ آندو ويو. جنهن جي ڪري رقم جي صورت ۾ منافعو ڪمايو پئي ويو. جانور وري ٻي مل جوڙڻ لاءِ سخت پورهئي ۾ جنبيل هُئا. جڏهن اها ٺهي ته اهو چيو ويو ته هاڻي جنريٽر لڳايو ويندو. پر جن عشرتن جا خواب سنوبال ڏيکاريا هُئا - وٿاڻن ۾ بجلي، ٿڌو ۽ گرم پاڻي، ڪم لاءِ ٽي ڏينهن - تن جو هاڻي ذڪر ئي نٿي ڪيو ويو. نيپولن انهن تصورن کي جانورازم جي روح جي منافي قرار ڏنو هو. هن جو چوڻ هو ته حقيقي ۽ سچي خوشي پورهيو ڪرڻ ۽ سادگيءَ سان رهڻ ۾ آهي.
لڳو ائين ٿي ته فارم ۾ خوشحالي ته آئي هُئي، پر سواءِ ڪتن ۽ سوئرن جي، ٻين جانورن جي حالتن ۾ سڌارو نه آيو هو ۽ هو اڳي وانگر غريب ئي رهيا. شايد ان جو هڪڙو سبب اهو هو ته هتي سوئرن ۽ ڪتن جي گھڻائي هُئي. ائين به نه هو ته اهي صاحبان ڪو ڪم ڪار نه ڪندا هُئا. جيئن اسڪئيلر وضاحت ڪندي ٿڪبو ئي نه هو ته فارم جي نگھباني ۽ انتظام وارو ڪم اڻ کٽ آهي. گھڻو ڪم ته اهڙي نوع جو آهي، جيڪو ٻيا جانور سمجھي نه سگھندا. مثال طور اسڪئيلر کين ٻڌايو هو ته سوئر صاحبان هر روز فائيلن رپورٽن، منٽن، ميموئن جھڙن پراسرار شين تي وڏو وقت کپائين ٿا. اُهي پنن جا ٿها جيڪي ڀرڻا هوندا هُئا ۽ وري کين ڀرڻ کان پوءِ کوري ۾ ساڙڻو هو. اسڪئيلر جي چواڻي فارم جي ڀلائي واسطي اهو تمام ضروري هو. پوءِ به نڪي ڪتن، نڪي سوئرن پنهنجو کاڌو ٿي پيدا ڪيو. اُهي نه رڳو تعداد ۾ گھڻا هُئا، پر انهن جي بک به شاندار هُئي.
ٻين جانورن جي لاءِ زندگي اهڙي هُئي، جيڪا اڳ ۾ ساڳي رهي هُئي. اهي اڪثر بکايل رهندا هُئا ۽ ڪکن تي سمهندا هُئا. حوض مان پاڻي پيئندا هُئا. ٻنين ۾ گھمندا هُئا. سياري ۾ سيءُ کين تنگ ڪندو هو ته اونهاري ۾ وري مکيون کين هلاڪ ڪنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪي پوڙها پنهنجي ڌنڌلين يادگيرين وسيلي اهو تعين ڪرڻ گھرندا هُئا ته اڄوڪيون حالتون، بغاوت جي شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن جونز کي تازو ڀڄايو ويو هو، جي ڀيٽ ۾ بهتر آهن يا بريون آهن. پر کين ڪا چٽي يادگيري نه سجھندي هُئي، جنهن جي آڌار هو ڀيٽ ڪري سگھن. انهن وٽ اسڪئيلر جي فهرستن کان سواءِ پڙهڻ لاءِ ٻيو ڪجھه نه هو ۽ انهن فهرستن ۾ ثابت ڪيل هو ته شيون وڃن ٿيون بهتر کان بهتر بنبيون. جانورن کي اهو احساس هو ته مسئلا حل ٿيڻ جوڳا نه آهن. پر مکيه ڳالهه اها هُئي ته وٽن ايترو وقت ئي نه هو ته انهن مامرن تي ويهي مٿاڪٽ ڪن. رڳو پوڙهي بينجمن جي دعويٰ هُئي ته کيس هر وڏي ننڍي واقعي جي چٽي يادگيري آهي. سندس خيال هو ته حالتون نه صفا خراب نه صفا سٺيون ٿيون آهن ۽ نه ڪڏهن ائين ٿيندو. هو چوندو هو ته بکون، بدحاليون، مايوسيون وغيره زندگيءَ جو اَبدل قانون آهن.
ان هوندي به جانورن اميد جو دامن هٿان نه ڇڏيو هو ۽ وڌيڪ ته هنن هڪ گھڙي لاءِ به نه، انهيءَ مرتبي ۽ فخر جو احساس وڃايو هو، جيڪو کين ائنيمل فارم جي رهواسيءَ جي حيثيت ۾ حاصل ٿيو هو. اڃان توڻي پوري انگلنڊ ۾ انهن جو فارم ئي اڪيلو هو، جنهن جا مالڪ ۽ سنڀاليندڙ سڀ جانور هُئا. نڪو انهن، نڪي نوجوانن ۽ نڪي نون آيل جانورن انهيءَ حقيقت تي اچرج ڏيکارڻ ڇڏي ڏنو هو. جڏهن بندوقن جي ٺڪائن هلندي ۽ سائي جھنڊي کي ڦڙڪندي ڏسندا هُئا، تڏهن سندن دليون فخر وچان ڦنڊي وينديون هيون، ۽ هنن جي ڳالهين جو رخ نيٺ وڃي پراڻن سورهيائي وارن ڏينهن، جونز جي ڀاڄ ۽ نيڪالي، ستن حڪمنامن (فرمانن) جي لکائي، ڪاهي ايندڙ انسانن کي شڪست ڏني ويندڙ جنگين ڏانهن مڙي ويندو هو. ڪوبه پراڻو خواب ترڪ نه ڪيو ويو هو. ميجر جنهن جانور ريپبلڪ، جيڪا انگلنڊ جي ساين ٻنين تي مبني هوندي ۽ ان ۾ انسانن جو نالو نشان به نه هوندو، جو خيال اڃان زنده هو. ڪڏهن نه ڪڏهن ان جو قيام عمل ۾ ايندو، کڻي هينئر نه، پر اهو اوس ٿيڻو آهي. ايتري تائين جو “انگلنڊ جا جانور” واري گيت جي ڌن به لڪي ڇپي جھونگاري ٿي ويئي. اها حقيقت هُئي ته هر جانور ان کي ڄاڻندو هو، پر وڏي آواز ان کي ڳائڻ کان لهرائيندو هو. ائين کڻي هجي ته هنن جي زندگي دشوار هُئي ۽ سندن سڀ آسون ۽ اميدون پوريون نه ٿيون هيون، پر هنن کي پتو هو ته هو ٻين جانورن جھڙا نه آهن. ڇو ته ٻن ٽنگن واري ڪابه خلقت منجھن رهائش پذيرنه هئي. ڪنهن مخلوق ٻي خلق کي آقا نٿي سڏيو. سڀ جانور برابر هُئا.
گرميءَ جي شروعاتي مرحلي ۾ هڪڙي ڏهاڙي اسڪئيلر رڍن کي پنهنجي ڪڍ اچڻ جو حڪم ڏئي کين فارم جي ٻئي ڇيڙي ڏي وٺي ويو، جتي لَڪُڻِ جا ننڍا ٻوٽا تمام گھڻا ڦٽل هُئا. اسڪئيلر جي نگھبانيءَ ۾ رڍن سڄو ڏينهن انهن کي چرڻ ۾ لڳايو ۽ جيئن ته موسم گرم هُئي، سو اسڪئيلر کين اتي رهڻ جو چيو ۽ پاڻ واپس موٽي آيو. اُهي پورو هفتي اُتي ئي رهيون. اسڪئيلر هنن سان ڏينهن جو چڱو حصو گڏ رهندو هو. هن چيو ته هُو هنن کي هڪ نئون راڳ سيکاري رهيو آهي، جنهن لاءِ نويڪلائي جي ضرورت آهي.
جڏهن رڍون واپس وري آيون، تڏهن هڪ خوشگوار شام جو، جنهن مهل جانورن پنهنجو ڪم پورو ڪيو هو ۽ گھرن لاءِ واپس ٿي وريا، تنهن مهل آڳنڌ مان گھوڙي جي ڊيڄاريندڙ هڻڪار ٻڌڻ ۾ آئي. حيران بنجي جانور جتي هئا، اتي ئي بيهي رهيا. اهو آواز ڪلوور جو هو. هُن وري هڻڪاريو، سو جانور وٺي آڳنڌ ڏي ڀڳا. اُتي کين اِهو نظر آيو، جيڪو ڪلوور ڏٺو هو: سوئر پنهنجي پوين ٽنگن تي هلي رهيو هو.
ها اهو اسڪئيلر هو. ٿورڙو اڍنگي نموني، ڄڻ هو پنهنجي پوري وزن يا ڊول کي انهي نموني ۾ سنڀالي سنگھڻ تي هريل نه هو، پر ڪافي تناسب سان آڳنڌ ۾ گھمي ڦري رهيو هو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ فارم هائوس جي دروازي مان سوئرن جي ڊگھي قطار نڪتي، جيڪي به پوين ٽنگن تي هلي رهيا هُئا. ڪجھه صحيح طرح هلي رهيا هُئا، ته ڪي وري اهڙي نوع ۾ پئي هليا، ڄڻ کين ڪنهن ٽيڪ جي ضرورت هجي. بهرحال هرهڪ آڳنڌ جو چڪر ڪاميابيءَ سان لڳايو ۽ آخر ۾ ڪتن جي باهوڙ ٻڌي ويئي ۽ ڪارڙي ڪڪڙ تيز ۽ تکي آواز ۾ ٻانگ ڏني، جنهن کانپوءِ نيپولن بنفس خود، هيڏي هوڏي شوخ نظرون ڦهلائيندو آيو. سندس ڪتا هن جي چوڌاري ٽينگ ٺپا ڏيندا رهيا.
هن جي اڳئين ٽنگ ۾ چهبڪ پڪڙيل هو.
موتمار خاموشي ڇانئجي ويئي. حيران، ڊنل ۽ لطف اندوز ٿيندڙ جانور هڪ جاءِ مڙي اهو نظارو ڪندا رهيا. ائين ٿي لڳو ته ڄڻ دنيا اونڌي ابتي ٿي ويئي هجي. ان بعد اُها گھڙي آئي جڏهن اهو پهريون صدمو ختم ٿيو ۽ جڏهن هر ڳالهه جي باوجود - ڪتن جي ڊپ هوندي ۽ ڇا به کڻي ٿي پوي شڪايت ۽ تنقيد نه ڪرڻ جي واري سالن کان سکيل عادت جي باوجود - شايد هنن مان ڪنهن احتجاج جو اظهار ڪيو هجي. پر ٺيڪ ان مهل، ڄڻ اشاري ملڻ سان، سڀ رڍون ٻاڪارڻ لڳيون ته: “چار ٽنگون چڱيون، پر ٻه ٽنگون سٺيون” “چار ٽنگون چڱيون، پر ٻه ٽنگون سٺيون”.
اها ٻاڪار بي روڪ پنج منٽ کن هلي. جنهن وقت رڍون خاموش ٿيون تڏهن ڪنهن احتجاج جو ڪو امڪان به ختم ٿي ويو هو، ڇو ته سوئر به فارم هائوس اندر هليا ويا هُئا. بينجمن کي ڪو نڪ هن جي ڪلهي کي نوسيدو محسوس ٿيو. هن پوئتي ورائي ڏٺو. اها ڪلوور هُئي. هن جون اکيون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڌنڌليون ٿي لڳيون. بغير ڪجھه چوڻ جي هوءَ هن کي ڳچيءَ جي وارن کان نرميءَ سان پڪڙي، ڀانڊي جي ڇيڙي ڏي وٺي آئي. جتي ست فرمان لکيل هُئا. ٻه ٽي منٽ اُهي بيهي ڀت تي لکيل اکرن کي تڪيندا رهيا. “منهنجي نظر خراب ٿي رهي آهي.” هن نيٺ ڪڇيو، “پر جڏهن آئون جوان هيس تڏهن به اهو لکيل پڙهڻ جي قابل نه هيس، پر مون کي لڳي ٿو ته هن ڀيري ڀت جي لکت جو نمونو ڪجھه ٻيو آهي. ڇا اهي ست حڪمناما ساڳيا آهن، جيئن اڳ ۾ هُئا، بينجمن!” هڪ ڀيرو بينجمن پنهنجو نيم ٽوڙيو ۽ هن ڪلوور کي ڀت تي لکيل پڙهي ٻڌايو. اُتي ٻيو ڪجهه به نه هو، سواءِ هڪ فرمان جي ته:
“سڀ جانور برابر آهن، پر ڪجھه جانور ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ برابر آهن.”
انهيءَ کان پوءِ اهو اچرج جوڳو نظارو نه هو، جڏهن ٻئي ڏهاڙي فارم جي ڪمن جي نگھباني ڪندڙ سوئرن جي اڳئين ٽنگن ۾ چهبڪ هوا. اهو ڄاڻڻ به حيرانگيءَ جو باعث نه بنيو ته سوئرن پنهنجي لاءِ وائرليس جو سيٽ ورتو آهي ۽ ٽيليفون هڻائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن ۽ رسالن جان بُل، ٽٽبٽس ۽ روزاني اخبار مرر جا ساليانه خريدار بنيا آهن. اهو به حيرت انگيز نه هو ته نيپولن فارم هائوس جي باغ ۾ چڪر هڻندي پائيپ پي رهيو هو. نڪي ڪنهن کي حيرانيءَ ورتو جڏهن سوئرن جونز جي ڪپڙن جا الماريءَ مان ڪپڙا ڪڍي پاڻ پهريا هُئا. نيپولن پاڻ ڪارو ڪوٽ، وڏو ڪڇو ۽ چمڙي جا وڏا جوراب پاتا هُئا، سندس دلدار سوئرڻ اها ريشمي ڊريس پاتي هُئي، جيڪا بيگم جونز هر آچر تي پهريندي هُئي.
هڪ هفتي کان پوءِ ٽپهري سمي ڪافي ٽانگا فارم اندر آيا. ڀر پاسي جي فارم واسين جو وفد هن فارم جي دوري تي آيو هو. هنن کي سڄو فارم گھمايو ويو. هنن جيڪا به شي ٿي ڏٺي، تنهن جي ٿي ساراهه ڪئي. خاص ڪري ونڊمل جي گھڻي تعريف پئي ڪيائون. جانور گوگڙن واري ٻني جو گندگاهه صاف ڪري رهيا هُئا. اهي سخت پورهئي ۾ رنڀيل هئا ۽ ورلي ٿي منهن مٿي ڪيائون. پتو نه هُئن ته سوئر وڌيڪ ڊيچاريندڙ ٿي ڀاسيا، يا جھجھي تعداد ۾ آيل انسان .
انهيءَ رات فارم هائوس مان کاڌ پيت ۽ ڳائڻ وڃائڻ جا آواز ايندا رهيا ۽ اوچتو جڏهن گڏ وچڙ ۽ نوان آواز جانورن جي ڪنين پيا ته منجھن تجسس جاڳيو. جڏهن انسان ۽ جانور برابري واري نموني اچي گڏيا هُئا، تڏهن اُتي ڇا وهي واپري رهيو هو. هو سڀ يڪراءُ ٿي، خاموشيءَ سان رڙهندا، فارم هائوس جي باغ ۾ پهتا.
دروازي وٽ اُهي رڪجي ويا، ڇو ته اهي ڊنا پئي. پر ڪلوور انهن کي اڳيان وٺي ويئي. اهي آهستي آهستي بي آواز فارم هائوس تائين پهتا ۽ جيڪي ڊگھا هُئا، سي درين مان اندر تڪڻ لڳا. اندر ڪمري ۾ گول ميز تي چوڌاري اڌ ڊزن انسان هُئا ته اڌ ڊزن اهم ۽ ناليوارا سوئر ويٺل هُئا. نيپولن وڏي ڪرسي تي ويٺل هو. ٻيا سوئر به ڪرسين تي آرام ده ٿيو ويٺا هُئا. هي سڀ تاس راند کيڏڻ ۾ مصروف هُئا، گڏوگڏ هو هڪ ٻئي جي زندگيءَ ۽ صحت جو جام به نوش ڪري رهيا هُئا. هڪ ڊگھو جڳ ڦري رهيو هو ۽ بيئر سان مگ ڀرجي رهيا هُئا. ڪنهن به اندر تڪيندڙ جانورن کي نه ڏٺو.
فاڪسوڊ جو مسٽر پلڪنگٽن اُٿي بيٺو. هن جي هٿ ۾ پيالو هو. هن چيو ته هو ڪجھه گھڙين ۾ ويٺل صاحبان کي چوندو ته اچي صحت ۽ زندگي جو جام نوش ڪن پر ان کان اڳ هو ضروري سمجھي ٿو ته ڪجھه ڳالهائي: “اهو هن توڙي ٻين هت ويٺلن ماڻهن لاءِ اطمنيان جو سبب آهي ته بدگمانيءَ ۽ غلط فهميءَ جو ڊگھو دور پڄاڻي پهتو آهي. اهو به وقت هو جڏهن هن فارم جي مالڪن کي انساني پاڙيسري دشمني واري نموني نه پر شڪي طرح ڏسندا هُئا. هُو ۽ هتي موجود سندس ٻيا ساٿي اهڙي سوچ ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه رهيا آهن. ڪي اگرا واقعا به ٿيا ۽ ڪجھه غلط نظريا به مروج رهيا. اهو سمجھيو ٿي ويو ته سوئرن جي انتظام هيٺ ڪم ڪندڙ هي فارم هڪ غيرفطري عمل آهي، جنهن جا ٻين فارمن تي خراب اثر پوندا. بغير جانچ جونچ جي ڪيترن ئي فارمن جي جاگيردارن اهو پئي سمجھيو ته هن ۾ بد انتظامي ۽ بي حيائي جو چالامان آهي. اُهي پنهنجي جانورن ۽ انساني ملازمن تي هن جي اثرات متعلق مُنجھيل هُئا. پر هاڻي سڀ انديشا ۽ شڪ ختم ٿي ويا آهن. اڄ هن ۽ سندس دوستن فارم گھمي ڏٺو آهي ۽ هر شيءِ کي تپاسيو ۽ اکيان ڏٺو آهي ۽ هن ڇا ڏٺو؟ نه فقط وقتائتا اقدام، بلڪ جنهن ڊسيپلين ۽ منظم پڻي جو مظاهرو پئي ٿيو، تنهن کي ٻيا فارم نموني طور اختيار ڪري سگھن ٿا. هن جو ايمان هو ته هو انهيءَ چوڻ ۾ غلط نه آهي ته ٻين فارمن جي ڀيٽ ۾ هتي جا ننڍي حيثيت وارا جانور ٿورڙي کاڌي جي عيوض تمام گھڻو ڪم ڪري رهيا آهن. بيشڪ هن ۽ هن جي دوستن هتي جي ڪجھه خصوصيتن کي ڏٺو آهي ۽ انهن کي هو وڃي پنهنجي فارمن ۾ لاڳو ڪرائيندا.”
هن چيو ته پنهنجي خيال آرائيءَ جي پڄاڻيءَ تي هُو پر زور نموني چوي ٿو ته هن فارم ۽ ٻين فارمن وچ ۾ جيڪي دوستاڻا تعلقات آهن، سي اڳتي به رهڻ گھرجن. سوئرن ۽ انسانن وچ ۾ مفادن جو ڪوبه ٽڪراءُ ڪونهي ۽ نڪي اهو ضروري آهي. انهن جون ڪوششون ۽ مشڪلاتون ساڳيون رهيون آهن. هونئن به ڇا هر جاءِ تي پورهئي جو مسئلو ساڳيو نه آهي! هتي لڳو پئي ته مسٽر پلڪنگٽن اڳواٽ سوچيل ڪنهن لطيفي سان سامعين کي وندرائيندو. پر ڪنهن سبب هو واتان ڪڍي نه سگھيو. ساهه گھٽجڻ مهل سندس کاڏي ڳاڙهي ٿي پئي، آخر هن چئي وڌو ته جيئن اوهان کي پنهنجي ننڍي حيثيت وارن جانورن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، تيئن اسان کي پنهنجي لوئر ڪلاس کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهيءَ دلچسپ فقري تي ٽهڪڙو مچي ويو. آخر ۾ وري به مسٽر پلڪنگٽن سوئرن کي گھٽ راشن جي عيوضي ۾ وڏي ڪم وٺڻ ۽ جانورن کي نه کارڻ واري ڳالهه تي مبارڪباد ڏني.
پوءِ هن چيو ته هو مڙني ويٺلن کي اٿڻ لاءِ چوي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هر هڪ پنهنجو گلاس پورو ڀري. “دوستو، آئون اوهان کي هن فارم جي شاهوڪاريءَ جو جام آڇيان ٿو.”
ان کان پوءِ سڀني گرم جوشيءَ سان آوازيو ۽ پير زمين تي لڳايا. نيپولن ايترو ته مشڪور ٿيو جو پنهنجي جاءِ ڇڏي، ميز جي ٻئي ڇيڙي ڏانهن آيو ۽ مسٽر پلڪنگٽن جي جام سان پنهنجو جام ٽڪرايائين ۽ پوءِ نوش ڪيائين. جڏهن اهو عمل ختم ٿيو ته نيپولن جيڪو پيرن تي کڙو هو، تنهن اشارو ڏنو ته هو به ڪجھه چوڻ چاهي ٿو.
ٻين تقريرن وانگيان هي تقرير به مختصر هُئي. هُن پڻ اهو چيو ته هو به خوش آهي ته غلط فهمي جو دور ختم ٿيو آهي، ڇو ته ڪافي وقت تائين ڪجھه افواهه جيڪي هن جي خيال ۾ هن جي دشمنن ڦهلايا هُئا ته هيءُ ۽ هن جا ساٿي انقلابي ۽ ٽوڙ ڦوڙ جا حامي آهن. اها ڳالهه بلڪل غلط آهي. هن جي هڪ ئي آرزو اڳي به هُئي، ۽ هاڻي به اها آهي ته هو پنهنجي پاڙيسرين سان پر امن ۽ ڪاروباري لين دين ۾ رڌل رهن. هيءُ فارم، جنهن جي انتظام هلائڻ جو اعزاز هن کي حاصل ٿيو آهي، سو هڪ سهڪاري ادارو آهي. اداري جا مالڪي وارا ڪاڳر هن وٽ آهن، پر مالڪ سوئر آهن.
هن چيو ته هن کي پڪ آهي ته اڳوڻا شبها ختم ٿيا آهن ۽ تازو فارم جي روزمرهه واري عمل ۾ ڪجھه تبديلون ڪيون ويون آهن، جن جي ڪري اسان جو هڪ ٻئي ۾ اعتبار به وڌنڌو. هن وقت تائين جانور هڪ ٻئي کي بيوقوفانه نموني “ڪامريڊ” ڪري مخاطب ٿيندا رهيا آهن، تنهن کي هاڻي ختم ڪيو ويندو. هڪڙو ٻيو به عجيب رواج آهي. هر آچر تي هڪ سوئر جي کوپڙي وٽان مارچ ڪرڻ جو، سو به ختم ڪيو پيو وڃي. اها کوپڙي جيڪا باغ ۾ لڳل هُئي، تنهن کي دفن ڪيو ويو آهي. مانائتن مهمانن اسان جو سائو جھنڊو جھوليندو ڏٺو هوندو. اوهان ڏٺو هوندو ته اسان جي اڳوڻي جھنڊي وارا کر ۽ سنڱ وارا نشان به ختم ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي جھنڊو رڳو سائي رنگ وارو آهي.
هو مسٽر پلڪنگٽن جي شاندار تقرير تي هڪ تنقيد ڪندو ته مسٽر پلڪنگٽن تقرير ۾ هن فارم کي ائنيمل فارم ڪوٺيو هو, پر هن کي شايد خبر نه هُئي ته آئون هن فارم جو اهو نالو ختم ڪري رهيو آهيان ۽ اڄ کان پوءِ هن جو نالو مئنر فارم ٿي رهندو، جيڪو ئي هن جو درست ۽ اصلي نالو آهي.
نيپولن پڄاڻي ڪندي چيو ته آئون به ساڳيو ئي صحت جو جام آڇيان ٿو پر ٻي نموني. گلاسن کي ڀريو. ”مئنر پارڪ جي خوشحالي لاءِ هي جام نوش ڪجي ٿو.“
اڳي وانگيان ساڳي طرح مرحبا جا آواز ڪڏيا ويا. پر ٻاهر بيٺلن، جڏهن اهو منظر پئي ڏٺو ته کين لڳو ته ڪا عجيب ڳالهه ٿي رهي آهي. اهو ڇا جي ڪري پي ٿيو ته سوئرن جا چهرا بدلجي رهيا هُئا. ڪلوور جون ڌنڌيل اکيون هڪ سوئر کان ٻئي سوئر ڏي ڦرنديون رهيون. ڪن جون پنج کاڏيون ته ڪن جو چار ته وري ڪن جو ٽي کاڏيون هيون. پر اهو هو ڇا، جيڪو بدلجي رهيو هو. ان کان پوءِ هڪ ٻئي جي ساراهه جو عمل ختم ٿيو. اندر ويٺل وري راند ۾ لڳي ويا. اهو ڏسي جانور پوئتي رڙهيا.
پر اڃان هو ويهارو کن قدم پوئتي نه ويا هُئا ته اُتي بيهجي ويا، فارم هائوس مان گوڙ شور جو آواز آيو هو. هو وري واپس ويا ۽ درين مان اندر ڏسڻ لڳا. اندر جھيڙو متل هو. ڪي دانهون ڪري رهيا هئا ته ڪي وري ميز تي هٿ هڻي رهيا هُئا. ڪي شڪي نگاهن سان هڪ ٻئي کي تڪي رهيا هُئا ۽ ڪي انڪار ڪرڻ ۾ رڌل هُئا. انهيءَ هنگامي جو ظاهري سبب اهو هو ته هڪ ئي وقت مسٽر پلڪنگٽن ۽ نيپولن ڪاري جو يڪو هنيو هو.
ٻارنهن آواز ڪاوڙ ۾ دانهون ڪري رهيا هُئا ۽ سڀ هڪ جھڙا ٿي لڳا. هاڻي سوئرن جي چهرن کي ڇا ٿيڻ وارو سوال باقي نه رهيو. ٻاهرين خلقت انسان ۽ سوئرن جي چهرن کي پئي ڏٺو. ڪڏهن هڪ کي ته ڪڏهن ٻئي کي. انهن لاءِ ٻنهيءَ ۾ تفاوت ڪرڻ ڏکيو هو.