ناول

ائنيمل فارم

هن ناول جو ليکڪ نامور صحافي ۽ ناول نگار جارج آرويل آهي جڏهن ته سنڌيڪار حبيب سنائي آهي.
جارج آرويل جو هي توڙي ٻيو ناول 1984 ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا. هن ناول ۾ هن اسٽالن جي دور حڪومت جو قصو جانورن جي ڪردار ۾ بيان ڪيو آهي. ناول 1984 ۾ وري مستقبل ۾ ايندڙ آپيشاهي نظام واري جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان ناول ۾ ڪم آيل انوکا اصطلاح اڳتي هلي ڪري ضرب المثال بنجي ويا آهن. تازو ٽرمپ جي اليڪشن توڙي ان جي ابتدائي حڪمن ڪري انهيءَ ناول جي وڪري ۾ اضافو به ٿيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2488
  • 1080
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ائنيمل فارم

باب ڇهون

سڄو سال جانور غلامن وانگي ڳهندا رهيا، پر هو پنهنجي ڪشالي مان ورچيل ڪونه هُئا. انهن ڪنهن به ڪوشش توڙي قربانيءَ کان نٿي ڪيٻايو. کين اهو يقين هو ته هُو جيڪي ڪجھه به ڪري رهيا آهن، سو سندن يا هنن جي پونئيرن جي فاعدي ۾ هو، نڪي ڪاهل ۽ ڪم چور انسانن جي ڀلي واسطي هو.
سڄي بهار ۽ اونهاري دوران هُو هفتي ۾ 60 ڪلاڪ ڪم ڪندا هُئا ۽ آگسٽ مهيني ۾ نيپولن پڌرايو ته هاڻي آچر جي شام جو به ڪم ڪيو ويندو ۽ اهو ڪم رضاڪارانه نوع جو هوندو، پر ان ۾ ڪو شريڪ نه ٿيو ته ان جو راشن اڌ گھٽايو ويندو. ايتري حد تائين جو ٻيا ضروري ڪم ترڪ ڪرڻا پئجي ويا. اڳوڻي سال جي ڀيٽ ۾ هيلوڪو فصل ايڏو ڪامياب نه لٿو هو. ٻن ٻنين ۾ اونهاري هلندي ئي گوگڙو، گجرون وغيره پوکي ڇڏڻا هُئا، پر اڃا توڻي پوکجي نه سگھيا هُئا. ڇو ته هر کيڙي جلديءَ ۾ مڪمل نه ٿي. اهو به وائکو ٿي ويو هو ته ورندڙ سيارو به سخت ٿيڻو هو.
پن بجليءَ واري ڪم ۾ غير متوقع ڏکيائون به پيش اچي رهيون هُيون. فارم ۾ چن پٿر جي سٺي کاڻ هئي ۽ وڌيڪ ته ٻاهرين ڪوٺين ۾ واري ۽ سيمنٽ به گھڻي مقدار ۾ پيل هو. ائين چئجي ته اڏاوت لاءِ گھربل سامان ميسر هو. پر جيڪو مسئلو، پهرئين سٽ ۾ جانور سلجھائي نه سگھيا هُئا، سو اهو هو ته پٿرن کي مناسب سائيزن ۾ ڪيئن ٽوڙيو وڃي. پٿرن ٽوڙڻ وارو اوزار ٽيڪم وغيره هلائڻ لاءِ پوين ٽنگن تي بيهڻو ٿي پيو، سو ائين هو نه پئي ڪري سگھيا. چند هفتن جي بيسود ڪوشش کان پوءِ ڪنهن کي اهو سُجھي آيو ته ڇو نه ڪشش ثقل جي قانون کي آزمائجي. وڏا وڏا لسا پٿر، جيڪي کاڻ جي تري ۾ پيل هُئا، تن جي چوڌاري رسا ٻڌا ويا. پوءِ سڀ جانور ۽ پکي گڏجي (ڪڏهن ڪڏهن سوئر به انهيءَ ڪار خير ۾ ڀائيوار ٿيندا هُئا) انهن کي مٿي ڇڪيندا هُئا ۽ مٿي چاڙهڻ کان پوءِ کين ڪناري تي رکي وري هيٺ اڇلايو ويندو هو. انهيءَ کانپوءِ هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ٿيندا هُئا. انهن ڀڳل ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل پٿرن کي آڻڻ نيڻ آسان هو. گھوڙا بار گاڏين ۾ پٿر ڍوئيندا هُئا. رڍون اڪيلا ٽڪر کڻي اينديون هيون. ايتري تائين جو مُريل ۽ بينجمن به پاڻ کي هڪ پراڻي گاڏي سان ٻڌو ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو. اونهاري جي آخر تائين پٿرن جو چڱو تعداد گڏ ڪيو ويو هو ۽ پوءِ سوئرن جي نگرانيءَ ۾ اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو. اهو پڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ آهستي آهستي هلندڙ مرحلو هو. اڪثر هڪڙي وڏي لسي پٿر کي کاڻ مان مٿي گھلي ڪڍڻ ۾ پورو ڏينهن لڳي ويندو هو ۽ ڪڏهن وري ڪو پٿر ڪافي سخت هوندو هو ته ڀڃڻ جو نالو نه وٺندو هو. جيڪڏهن باڪسر نه هجي ها ته هي جانور ڪجھه به نه ڪري سگھن ها. هن جو ٻل ٻين مڙني جانورن جي برابر هو. جڏهن وڏو پٿر مٿي گھليندي وري هيٺ ترڪڻ لڳندو هو ته جانور به پيا پوئتي ڌڪبا هُئا ۽ مايوسيءَ ۾ وٺي رڙيون ڪندا هُئا. انهيءَ سمي باڪسر ئي رسين کي پوري سگھه سان ڇڪيندو هو ۽ پٿر کي واپس هيٺ ڪِرڻَ کان بچائي وٺندو هو. جڏهن هو مٿي ويندڙ لاهي آهستي آهستي چڙهندو هو، ۽ سندس ساهه کڻڻ جا آواز پيا ٻڌبا هُئا ۽ سندس کرن جا چنبا ميدان ۾ کپيل هوندا هُئا، ۽ هُو پگھر ۾ شل ٿيل هوندو، تڏهن هر هڪ کيس تحسيني نگاهن سان پيو تڪيندو هو. ڪلوور ته کيس چتايو به هو ته هُو پاڻ کي ايترو هلاڪ نه ڪري. پر باڪسر هن جي ڳالهه ڏي ڌيان نه ڌريندو هو. هن جا ٻه نعرا يا مقولا “آئون اڃان به وڌيڪ پورهيو ڪندس” ۽ “نيپولن هر وقت سچو آهي” مڙني مسئلن جو ڄڻ توڙ هُئا. هاڻي هن هڪ ٻانگائي ڪڪڙ کي اڌ ڪلاڪ اڳ جي جاءِ تي منو ڪلاڪ اڳ بيدار ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو هو. پنهنجي واندڪائي وارين گھڙين ۾ جيڪي اڄ ڪلهه هونئن ئي تمام گھٽ هيون، هو اڪيلو اڪيلو کاڻ ڏي ويندو هو ۽ ٽٽل پٿرن کي گڏ ڪري، اڪيلي سر پن بجليءَ واري جاءِ ڏانهن کڻي ويندو هو.
پورهيو سخت هوندي به، اونهاري دوران، جانور ايڏي ابتر حالت ۾ ڪونه هُئا. جيڪڏهن وٽن جونز واري وقت کان وڌيڪ کاڌو نه هو، ته وري ان کان گھٽ به نه هو. عياش ۽ خرچائو پنجن ماڻهن جي پالنا ڪرڻ بجاءِ رڳو پنهنجي لاءِ ڪمائڻ وارو احساس اهڙو هو، جيڪو ٻين ناڪامين تي ڀاري ٿي پيو. ڪن ڳالهين ۾ ڪم جو جانورن وارو طريقو وڌيڪ سڦل ۽ محنت بچائيندڙ هو. مثال طور گُڏ ڪڍڻ جھڙا ڪم جنهن ڪاملتا سان ٿيا ٿي، سا انساني هٿن وس نه هُئي ۽ وڌيڪ ته هاڻي جانورن چوري نٿي ڪئي، سو زرعي زمين ۽ چراگاهن وچ ۾ لوڙهو وغيره رکڻ ضروري نه رهيا هُئا. انهيءَ ڪري واڙ ٺاهڻ، لوڙهن يا دروازن جي سنڀال سڙي تي کپندڙ پورهيو بچي پيو. پوءِ به جڏهن اونهارو اڳتي رڙهيو ته ڪافي اڻ ڏٺيون ڪميون پيشيون سامهون آيون. ٻارڻ جو تيل، ڪوڪا، رسا، ڪتن لاءِ بسڪوٽ، گھوڙن جي نالن لاءِ لوهه وغيره کٽي ويا هُئا. اهي هن فارم ۾ نٿي پيدا ٿيا. اڳتي وري مصنوعي ڀاڻ ۽ ٻج، ٻين ڪيترن اوزارن ۽ ونڊ مل (پن بجلي) لاءِ مشنري جي ضرورت پيدا ٿي. اُهي شيون ڪيئن وٺڻيون هُيون، ڪنهن کي به پتو نه هو.
هڪ آچر جي صبح جو جڏهن جانور حڪم وصولڻ لاءِ اچي مڙيا هُئا، نيپولن اعلان ڪيو هو ته هن نئين پاليسي ٺاهي آهي. جنهن تحت هينئر کان جانورن جو فارم ٻين پاڙيسري فارمن سان واپار وڙو ڪندو. تجارتي مقصدن لاءِ نه پر محض انهيءَ لاءِ ته گھربل ۽ ضروري سامان حاصل ڪري سگھجي. هن چيو ته پن بجليءَ جون ضرورتون، ٻين سڀني معاملن کان وڌيڪ اهم آهن. تنهنڪري هُو رکيل ڪڻڪ جو ڪجھه حصو ۽ سڪل گاهه وڪڻڻ جو انتظام ڪري رهيو آهي. اڳتي هلي جيڪر اڃان به وڌيڪ روڪڙي جي طلب ٿي ته ان جو پورائو بيضن جي وڪري مان ڪيو ويندو، جن جي ولنگڊن ۾ طلب آهي. نيپولن جو چوڻ هو ته ڪڪڙيون انهيءَ قربانيءَ کي پن بجلي جي اڏاوت ۾ پنهن جي خاص حصيداري سمجھي ان کي ڀليڪار ڪنديون.
هڪ ڀيرو وري جانورن کي اڻ چٽي بي چينيءَ جو احساس ٿيو. “انسانن سان ڪابه ڏي وٺ نه ڪئي ويندي، انهن سان واپار وڙ نه ڪبو، پئسي جو استعمال نه ڪيو ويندو” - جونز کي ڀڄائڻ کان پوءِ ٿيل فاتحانه گڏجاڻيءَ ۾ اهڙا ٺهراءَ نه پاس ڪيا ويا هُئا؟ مڙني کي ياد هو ته اهي قرارداد منظور ڪيا ويا هُئا. يا سندن خيال هو ته کين اهو سڀ ڪجھه ياد هو. چئن نوجوان سوئرن، جن جڏهن نيپولن آچر گڏجاڻيون ختم ڪرڻ وارو حڪم صادر ڪيو هو، تڏهن احتجاج ڪيو، تن هينئر به ڊڄي ڊڄي آواز اٿاريو، پر ڪتن جي خوفائتي گر کين چپ ڪرائي وڌو. ان کان پوءِ جيئن متوقع هو، رڍن ٻاڪارڻ شروع ڪيو: “چار ٽنگون سٺيون، ٻه ٽنگون بريون.” ائين وقتي ڪُڍنگائي ختم ٿي ويئي. آخر ۾ نيپولن پنهنجي اڳين ٽنگ جو پهريون اڌ مٿي کنيو ۽ اعلان ڪيو ته هن اڳواٽ ئي سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن به ٻئي جانور کي انسانن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ضرورت نه آهي، ۽ اها ڳالهه هونئن به مناسب ڪانهي. هن صاحب سڄو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو هو. ولنگڊن ۾ رهندڙ هڪ وڪيل مسٽر ومپر ان لاءِ راضي ٿيو آهي ته هو هن فارم ۽ ٻي دنيا وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري. هو هر سومر جو فارم ۾ اچي ان حوالي سان ضروري هدايتون حاصل ڪندو. نيپولن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي معمول واري رڙ “جانور فارم زنده باد” سان ڪئي. گيت ڳائي جانور پوءِ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
ان کان پوءِ اسڪئيلر فارم جو چڪر هنيو ۽ جانورن جون غلط فهميون دور ڪيون. هن انهن کي پڪ ڏياري ته واپار نه ڪرڻ توڙي پئسو نه استعمالڻ ڪرڻ وارو ٺهراءُ ڪڏهن به پاس نه ٿيو هو ۽ نه ئي ڪنهن ائين صلاحيو هو. اهو محض ڪنهن جو خام خيال آهي. ممڪن آهي اهو به سنوبال جي ڦهلايل ڪوڙن مان ڪو هڪڙو ڪوڙ هجي. ڪي جانور اڃا به ٿورو ٻڏتر ۾ هُئا، سو اسڪئيلر کين ڏاڍي چترائيءَ سان چيو ته ”اوهان کي پوري پڪ آهي ته اوهان اهو خواب ۾ نه ڏٺو آهي؟ ته پوءِ توهان وٽ انهن ٺهرائن جو ڪو رڪارڊ آهي، ۽ اهو ڪٿي لکيل آهي. سچ ته اهو آهي ته اهڙي ڳالهه ڪنهن به لکت ۾ نه آهي.“ اهو ٻڌي جانور مطمئن ٿي ويا. هنن کي پڪ ٿي ته هو غلطيءَ تي هُئا.
هر سومر تي مسٽر ومپر فارم جو دورو ڪندو هو. هو ننڍي قد وارو ۽ ڏسڻ ۾ عيار شخص ٿي لڳو. هن جي ڪياڙي جي پاسن کان وڏا وار هُئا. هو بظاهر ته ننڍو وڪيل هو، پر ايترو زيرڪ هو جو کيس احساس هو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن جانور فارم وارن کي ٽياڪڙ جي گھرج پوندي ۽ انهيءَ ڪم ۾ ڪميشن به مناسب حاصل ٿيندي. جانور هن جي اچ وڃ کي دهشت وچان ڏسندا هُئا ۽ هن کان هر طرح پاسو پيا ڪندا هُئا. البت چئن ٽنگن واري جيو نيپولن پاران ٻن ٽنگن واري جيو مسٽر ومپر کي حڪم ڏيڻ وارو نظارو منجھن فخر جا جذبا جاڳائيندو هو ۽ نئين بندوبست سان سهمت ٿيڻ ۾ کين مدد ڏيندو هو. انساني نسل ساڻ سندن ناتا اڳوڻي نوع جھڙا نه هُئا. انسانذات اڳ کان وڌيڪ هن فارم سان نفرت ڪندڙ هُئي. هر انسان پاران اهو وسهڻ ڄڻ ان جي ايمان جو جزو هو ته دير سوير هن فارم جو ڏيوالو نڪرڻو هو. ٻيو ته پن بجليءَ جو منصوبو ناڪام ٿيڻو هو. اُهي مئخانن ۾ جڏهن گڏبا هُئا ته نقشن جي مدد سان هڪ ٻئي کي ثابت ڪري ڏيکاريندا هُئا ته پن بجليءَ جو ڍانچو ڊهي پٽ ٿيڻو آهي، پر جيڪر بيهي به رهيو ته ڪم ڪرڻ جوڳو نه هوندو. پر پوءِ به، نه چاهيندي به، منجھن جانورن پاران پنهنجا مامرا اڪلائڻ واري خاصيت لاءِ عزت ڀريا جذبا ڪرکڻڻ ٿي لڳا. ان جي پهرئين نشاني اُها هُئي ته هاڻي هنن مئنر فارم کي جانور فارم ئي ڪوٺڻ شروع ڪيو هو. هنن هاڻ مسٽر جونز جي حمايت به گھٽائي ڇڏي هُئي. ان صاحب به فارم واپس ورڻ جي آس ترڪ ڪري ملڪ جي ٻئي ڇيڙي ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي هُئي. ومپر کان سواءِ هن فارم ۽ ٻي دنيا وچ ۾ ڪو به رابطو نه ٿيو هو. پر هاڻي اهي افواهه به برابر پکڙيل هُئا ته نيپولن جلد از جلد فاڪسوڊ جي مسٽر پلڪنگٽن يا پنجفيلڊ جي مسٽر فريڊرڪ سان واپاري معاهدو ڪرڻ وارو هو - البت اهو محسوس ڪيو ويو ته هڪ ئي وقت ٻنهي سان اهڙو معاهدو نه ڪيو ويندو.
انهيءَ زماني ۾ اوچتو سوئرن فارم هائوس جي عمارتن اندر رهائش ڪئي. تڏهن ٻين جانورن کي ياد پيو ته انهيءَ فارم هائوس کي رهڻ واسطي استعمال نه ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ٿيل هو. پر وري اسڪئيلر کين اهو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته اهو قصو ائين نه هو. هن جانورن کي ٻڌايو ته اهو اشهد ضروري آهي ته سوئر صاحبان، جيڪي فارم جو دماغ آهن، ڪم ڪار پر سڪون ماحول ۾ ڪن. ٻيو ته ليڊر (ويجھڙ ۾ هُو نيپولن جو ذڪر انهي لقب تحت ڪندو هو) جي عظمت جي خيال کان ضروري هو ته هو سوئرن جي واڙي ۾ رهڻ بدران ڪنهن گھر ۾ اچي رهي. جانور پريشان ٿيا، جڏهن کين خبر پئي ته نه رڳو سوئر بورچيخاني ۾ ويهي کاڌو کائين ٿا، ۽ ڊرائنگ روم ۾ ڊاٻو ڪن ٿا، پر ساڳئي وقت رات جو بسترن ۾ سمهن ٿا. باڪسر ته انهيءَ خبر تي ڪو ڌيان نه ڌريو ۽ “نيپولن هر وقت سچو آهي” جو نعرو هنيو، پر ڪلوورجو خيال هو ته کيس ياد آهي ته بسترا نه استعمالڻ جو قرارداد منظور ڪيو ويو هو. هوءَ ڀانڊي جي ڇيڙي ڏي ويئي ۽ لکيل ستن حڪمنامن کي جانچڻ لڳي، پر کيس انفرادي اکرن کان سواءِ ٻيو ڪجھ پڙهڻ ۾ نٿي آيو، سو هو مريل کي وٺي آئي.
“مُريل،” هن چيو، “چوٿون حڪم ته پڙهه. ڇا ان ۾ ان ۾ اهو نه آهي چيل ته بسترا ڪڏهن به استعمال نه ڪيا ويندا؟
ڪجھه تڪليفن سان مُريل اهو پڙهي چوڻ لڳي ته “اهو چوي ٿو ته ڪوبه جانور چادر سان بستري ۾ نه سمهندو.”
ڪلوور کي عجب لڳو ته اڳ انهيءَ حڪم ۾ چادر جو ذڪر نه هو پر جيئن ته اهو ديوار تي لکيو پيو آهي، سو ائين ئي هوندو ۽ اسڪئيلر جيڪو اتفاق سان اُتان اچي لنگھيو، تنهن معاملي کي صحيح تناظر ۾ سمجھائڻ جو جتن ڪيو.
“ته ڪامريڊو توهان ٻڌو آهي اسان سوئر فارم هائوس جي بسترن ۾ سمهي رهيا آهيون. يقيني طور اوهان ڀانيو ٿا ته بسترن ۾ سمهڻ جي خلاف اڳ ۾ حڪم نامو ٺاهيل هو. بستري مان مُراد آهي سمهڻ جي جاءِ. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ڪکن جو ڍير به هڪ بسترو آهي. حڪم رڳو چادرن جي استعمال خلاف ڏنل هو، جيڪي انساني ايجادون آهن. اسان فارم هائوس جي بسترن مان چادرون ڪڍي ڇڏيون آهن ۽ رڳو اسان رلين يا کٿن ۾ سمهندا آهيون. اهي بيشڪ آرام ده بستر آهن، پر ڪامريڊو آئون اوهان کي عرض ڪندو هلان ته اڄ ڪلهه جيترو اسان ذهني پورهيو ڪريون ٿا، تنهنجي ڀيٽ ۾ هي آرامده ڪونه آهن. ڪامريڊو! ڇا اوهان اسان کان ٿوريون آسائشون کسڻ چاهيو ٿا. توهان چاهيو ٿا ته اسان ڪم ڪار ڪري ٿڪل رهون؟ اوهان مان ڪير گھرندو ته مسٽر جونز واپس وري؟”
اهو نڪتو هنن کي مطئمن ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. سو هنن سوئرن پاران بسترن ۾ سمهڻ واري عمل تي وڌيڪ ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو ۽ جڏهن ڪجھ ڏينهن بعد اهو اعلان ٿيو ته “سوئر ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ هڪ ڪلاڪ پوءِ ننڊ مان سجاڳ ٿيندا” ته ڪنهن به ان تي شڪايت نه آوازي.
سرءُ جي مند تائين جانور ٿڪجي پيا هُئا، پر پوءِ به خوش هُئا. سندن سال ڪافي ڏکيو گذريو هو ۽ گاهه ۽ اناج جي ڪجھه حصي جي وڪري کان پوءِ سياري لاءِ خوراڪ جو ذخيرو جھجھو نه هو، پر پن بجليءَ جو منصوبو هر ڪميءَ لاءِ توڙ هو. اهو ذري گھٽ اڌوگابرو جڙي راس ٿيو هو. لاباري کان پوءِ موسم خشڪ بنجي ويئي. جانورن کي وڌيڪ ڪشالو ڪرڻو ٿي پيو. انهن ائين ٿي سوچيو ته جيڪر سندن پٿر ڍوئڻ جي ڪشٽ سان هڪ فوٽ به اڏاوت مٿي ٿي ٿِي ته اهو پورهيو سندن لاءِ سجايو هو. باڪسر هاڻي ته رات جو ڪم تي ٿي چڙهيو ۽ چانڊوڪيءَ ۾ ٻه ڪلاڪ ڪم ٿي ڪيائين. فارغ وقت ۾ جانور اڌ ٺهيل ونڊمل جو چڪر هڻڻ ويندا هُئا. هُو ديوار جي سگھه ۽ اُڀائي کي ساراهيندا هُئا ۽ سندن پاران ديو قامت عمارت کڙي ڪرڻ تي اچرج ۾ پوندا هُئا. رڳو پوڙهو بينجمن ئي هو، جيڪو ان کان لا تعلق هو ۽ ڪنهن به جوش جو اظهار نه ڪندو هو. هو پنهنجو اهو پراسرار مقولو ورجائيندو هو ته “گڏهه وڏي ڄمار جيئندا آهن.”
نومبر جو مهينو آيو ته ان سان ڏکڻ-اولهه واريون هوائون به گھليون. اڏاوت جو ڪم رڪجي ويو. ڇو ته آلاڻ ۾ سيمنٽ گڏڻ ممڪن نه هو. آخرڪار هڪ رات اهڙي به آئي، جنهن ۾ آيل طوفان ايترو ته خطرناڪ هو، جو فارم جي جاين جا بنياد لٽي ويا ۽ ڀانڊي جي ڇت مان ڪيتريون سرون اڏامي ويون. ڪڪڙيون ننڍ مان ڇرڪ ڀري اٿيون ۽ ڊپ ۾ آوازڻ لڳيون، ڇو ته سڀ ئي ننڍ ۾ خواب ڏسي رهيون هيون ۽ هنن کي ڄڻ پري کان بندوق ڇٽڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. صبح جو جڏهن جانور ننڊ مان اٿيا ته ڇا ڏٺائون ته جھنڊي جي لٺ هيٺ ڪري پيئي آهي ۽ باغ ۾ لڳل جھنگلي وڻ پاڙئون اکڙيو پيو هو. اڃان انهن اهو ئي ڏٺو هو ته هر جانور جي وات مان دانهن نڪري ويئي. سندن اڳيان وارو نظارو ڏاڍو هيبت ناڪ هو. پن بجلي ڪارخانو تباهه ٿيل هو. سڀ وٺي اوڏانهن ڀڳا. نيپولن جيڪو ڪڏهن نه ڊوڙيو هو، تنهن وٺي لُوههَ پاتي. هائو سندن محنتن جو ثمر ۽ سخت ڪشالن سان ٽوڙي کنيل پٿر وکريا پيا هُئا ۽ ونڊمل جا بنياد ڊٺا پيا هُئا. ٽڙيل پکڙيل پٿرن کي ڏک سان ڏسندي جانور ڄڻ گونگا بنيل هُئا. نيپولن خاموش بنيو هيڏانهن هوڏانهن هلندو رهيو ۽ ويچاريندو رهيو. اوچتو هو هڪ هنڌ بيهي رهيو، ڄڻ هن پنهنجو ذهن ڪنهن نڪتي تي ٺاهي ڇڏيو هجي.
“ڪامريڊو،” هن ٿڌائي سان چيو، “اوهان کي خبر آهي ته هيءَ ڪارستاني ڪنهنجي آهي؟ توهان کي ان دشمن جي ڄاڻ آهي، جيڪو رات ۾ هتي اچي هن کي ڊاهي ويو آهي. اهو آهي سنوبال.” هن گجگوڙ ڪندي چيو، “سنوبال ئي هيءُ سڀ ڪجھه ڪيو آهي. غدار رات جي اونڌاهيءَ ۾ هتي آيو ۽ اسان جي سڄي سال جي پورهئي کي غارت ڪري ويو آهي. ڪامريڊو! آئون هتي جو هتي اعلانيان ٿو ته هُن کي موت جي سزا ڏني وڃي. هن کي جيڪو ٺڪاڻي لڳائيندو ان کي جانور هيرو سيڪنڊ ڪلاس جو ٻلو ۽ اڌ مڻ صوف تحفي ۾ ڏنا ويندا. جيڪو کيس زنده پڪڙي ايندو، سو هڪ مڻ صوف جو حقدار بنبو.”
جانور اهو ٻڌي صدمي ۾ وٺجي وييا ته اهڙي تباهيءَ جو آڻيندڙ سنوبال هو. سڀئي ڪروڌ ۾ وٺجي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته جڏهن هو ٻيهر اچي ته ڪيئن کيس پڪڙيو وڃي. ان کان پوءِ جھٽ ۾ ئي ٽڪريءَ جي ڀر ۾ گاه ۾ ڪنهن سوئر جي پيرن جا نشان لڌا ويا. اهي نشان چند والن تائين هلندڙ هُئا ۽ انهن جو رخ لوڙهي جي سوراخ ڏانهن هو. نيپولن انهن کي چڱي طرح سونگھي ڏٺو ۽ اعلان ڪيو ته هي نشان سنوبال جا آهن. هن وڌيڪ اهو به چيو ته امڪان آهي ته سنوبال فاڪسوڊ فارم جي پاسي کان آيو هجي.
”وڌيڪ دير ڪرڻ مناسب نه آهي.“ پيرن جي نشانن کي جانچڻ بعد نيپولن چيو، ”اسان کي ڪم ڪرڻو آهي. اڄ صبح کان ئي اسان ٻيهر اڏاوت جو ڪم شروع ڪريون ٿا. اسان سياري توڙي اونهاري، مينهن ۾ يا سج جي تپش ۾ اهو ڪم جاري رکنداسون. اسان انهيءَ غدار کي سبق سيکارينداسين ته اسان کي آسانيءَ سان مٽائي نٿو سگھجي. ڪامريڊو، ياد رکو ته اسان جي رٿا ۾ تبديلي نه ايندي، اها جيئن جو تيئن عمل ۾ آڻبي. ڪامريڊو! اڳتي وڌو! ونڊمل زنده باد. ائنيمل فارم زنده باد.“