باب اٺون
انهيءَ سڄي سال جانورن اڃان به وڌيڪ سخت پورهيو ڪيو. اڳي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻن ۽ ٿلهين ڀتين واري ونڊمل کي وقت اندر ۽ ٻئي عام رواجي ڪم ڪندي، نئين سر اڏڻ وارو ڪم واقعي به تمام وڏو ۽ دشوار هو. ڪڏهن ڪڏهن جانورن کي لڳندو هو ته اهي جونز واري وقت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت پورهئي ۾ لڳائين ٿا ۽ گھٽ خوراڪ تي گذارو ڪن ٿا. آچر جي صبح جو اسڪئيلر پنن جا ٿها کڻي ايندو هو ۽ کين ٻڌائيندو هو ته فلاڻن فلاڻن کاڌي وارن فصلن ۾ 200 سيڪڙو، 300 يا 500 سيڪڙو واڌ آئي آهي. جانورن وٽ هن جي ڳالهين کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻي واهه نه هئي، ڇو ته هنن کي بغاوت کان اڳ واري وقت جي حالتن جي يادگيري نه هئي. ساڳئي وقت، اهي ڪڏهن ڪڏهن چاهيندا هئا ته اهڙا ڏينهن جلد اچن ته هو گھٽ انگ اکر ٻڌن ۽ وڌيڪ کاڌو حاصل ڪن.
هاڻي سڀ حڪم اسڪئيلر يا ڪنهن ٻئي سوئر جي ذريعي اعلانيا ويا ٿي. نيپولن پاڻ تمام گھٽ ٻاهر ٿي نڪتو. ٻن هفتن ۾ هڪ ڀيرو هو ٻاهر ٿي ڏٺو ويو.
جڏهن هُو ٻاهر وارد ٿيندو هو، ته نه رڳو ڪتن جي گھيري ۾ رهندو هو، پر هن جي جٿي اڳيان اڳيان ڪارڙو ڪڪڙ هلندو هو، جيڪو هن جي ڳالهائڻ کان اڳ ڪڪڙو ڪو آوازي منادي ڏيندو هو. ايتري تائين جو نيپولن فارم هائوس ۾ به علحده جاءِ ۾ وڃي رهيو هو. هوُ ڪتن جي حاضري ۾ اڪيلي سر ماني کائيندو هو، جيڪا کيس شهنشاهي ٿانون ۾ پيش ڪئي ويندي هُئي. اهو پڻ اعلانيو ويو ته هاڻي ٻين ٻن ڏڻن ساڻ نيپولن جي جنم ڏينهن تي به بندوق جا فائر ڪيا ويندا. نيپولن جو ذڪر هاڻي ٺلهو نيپولن طور نٿي ڪيو ويو. هن جو ذڪر عام طرح “اسان جو اڳواڻ ڪامريڊ نيپولن” جي نالي سان ڪيو ٿي ويو. سوئر هن جي لاءِ “باباءِ جانور”، “انسانذات جو موت”، “رڍن جو نگھبان”، “بدڪن جو سنگي” جھڙا لقب ۽ خطاب پيا ٺاهيندا هُئا. پنهنجي تقريرن ۾ اسڪيئلر جڏهن نيپولن جي ڏاهپ، نيڪ دلي، سچائي ۽ جانور ذات سان سندس اڻ مئي پيار، ۽ غلامي ۽ جهالت ۾ وڪوڙيل ٻين جانورن لاءِ سندس تڙپ ۽ اون جو ذڪر ڪندو هو ته هن جا نيڻ برسي پوندا هُئا. هاڻي اهو معمول ٿي ويو هو ته هر ڪاميابيءَ ۽ سٺائي جو ڪريڊٽ يا سهرو نيپولن جي سر تي سجايو ٿي ويو. اوهان کي اڪثر اهو ٻڌڻ ۾ ايندو ته هڪ ڪڪڙ ٻئي کي ٻڌائيندي هئي ته اسان جي سرواڻ ڪامريڊ نيپولن جي رهنمائي ۾ ڇهن ڏينهن ۾ پنج بيضا لاٿا آهن، يا ٻه ڳئون تلاءُ تي پاڻي پيئندي هڪ ٻئي کي آگاهه ڪنديون هُيون ته “ڪامريڊ نيپولن جي اڳواڻيءَ جي مهربانين سان هي پاڻي ڪيترو نه وڻندڙ آهي.” فارم جي عام سوچ جي نمائيندگي شاعر منيمس جي لکيل طويل نظم بعنوان “ڪامريڊ نيپولن” ٿي ڪئي. اُن نظم ۾ هو ته :
يتيمن جو دوست
خوشين جو آبشار
شراب - باڙديءَ جو مالڪ
منهنجي روح ۾ ولولو اچي ٿو،
جڏهن آئون تنهنجي پر سڪون ۽ حڪم ڏيندڙ اکين کي تڪيان ٿو.
ڪامريڊ نيپولن آسمان ۾ سج سمان آهي.
تون اهو سڀ ڏئين ٿو،
جيڪي هي جيو طلبين ٿا،
ٻه ڀيرا ڀيٽ ڀري کائڻ ۽ رات جو سمهڻ لاءِ ڪکائون بسترو،
هر ننڍو وڏو مرون امان ۽ سڪون سان پنهنجي وٿاڻ ۾ سمهي ٿو.
ڪامريڊ نيپولن تون هر جاءِ ڏسين ٿو.
جيڪر مونکي کير پياڪ سوئر هجي ها،
ته هو وڏڙو ٿئي ها،
تنهن جو وفادار بنجي ها،
هن جي پهرئين دانهن هجي ها:
“ڪامريڊ نيپولن”.
نيپولن هن نظم کي منظور ڪري حڪم ڏنو هو ته هن کي گودام جي وڏي ڀت تي ستن حڪمن جي مخالف ڪنڊ تي لکيو وڃي. هن جي مٿان نيپولن جو پورٽريٽ ٺاهيو وڃي، جنهن کي اسڪئيلر پينٽ ڪيو.
انهيءَ عرصي ۾ نيپولن ومپر جي ٽياڪڙيءَ ۾ فريڊرڪ توڙي پلڪنگٽن سان ڳالهه ٻولهه ۾ رڌل رهيو. ڪاٺ جو ڍڳ اڃا تائين وڪرو نه ڪيو ويو هو. ٻنهيءَ مان فريڊرڪ ڪاٺ حاصل ڪرڻ جو وڌيڪ خواهشمند هو، پر ان پاران آڇيل قيمت معقول نه هُئي. ساڳئي وقت وري اهي به افواهه ٿي هليا ته فريڊرڪ ۽ ان جا حواري خفيه نموني سٽائون سٽي رهيا آهن ته ائنيمل فارم تي حملو ڪري ونڊمل کي تباهه ڪيو وڃي. مل جي نئين سر اڏاوت انهن ۾ حسد جي باهه دُکائي ڇڏي هُئي. سنوبال لاءِ مشهور هو ته هُو پنچفيلڊ فارم ۾ ٺُنڀي هڻي ويٺو آهي. اونهاري جي وچ ڌاري جانور اهو ٻڌي ڊڄي ويا ته ٽن ڪڪڙين اعتراف ڪيو آهي ته انهن سنوبال جي چُرچُ تي نيپولن جي قتل واري خفيه سازش ۾ حصو ورتو آهي. انهن کي فوري طور ڦاهيون ڏنيون ويون ۽ نيپولن جي حفاظت واسطي تازا اپاءَ اختيار ڪيا ويا. رات جو چار ڪتا هن جي کٽ جي چوڪسي ڪندا هُئا. نوجوان سوئر پنڪي کي اهو فرض سونپيو ويو ته هُو پهرئين نيپولن جو کاڌو چڪاسي ۽ چکي ته جيئن زهر جو اڳواٽ پتو پوي.
ساڳئي وقت اهو به ٻڌايو ويو ته نيپولن مسٽر پلڪنگٽن کي ڪاٺ وڪڻي ڏيڻ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو فاڪسوڊ ۽ ائنيمل فارم وچ ۾ ڪن شين جي تبادلي واسطي به معاهدو ڪرڻ وارو آهي. نيپولن ۽ پلڪنگٽن وچ ۾ ومپر جي ذريعي هلندڙ ناتا دوستاڻا هُئا. جانور پلڪنگٽن تي اعتبار نه ڪندا هُئا، ۽ هن کان سخت ڊنل هُئا ۽ کائنس نفرت ڪندا هُئا. جيئن اونهارو گذرندو رهيو، تيئن ونڊمل جو منصوبو به مڪمل ٿيڻ لڳو. ساڳئي وقت متوقع حملي جا افواهه به زور پڪڙندا رهيا. اُهو هليل هو ته هُو پاڻ ساڻ ويهارو ماڻهو آڻيندو، جيڪي سڀئي بندوقن سان ليس هوندا ۽ اهو به ته هن پوليس ميجسٽريٽ کي رشوت ڏيئي اهو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي ته قبضي جي صورت ۾ فارم جي مالڪيءَ جي منتقليءَ تي هو به سوال نه ڪندو. وڌيڪ ته فريڊرڪ پاران پنچفيلڊ ۾ جانورن تي ڪيا ويندڙ ظلمن جا دل ڏاريندڙ داستان به پڌرا ٿي رهيا هُئا: هن هڪ پوڙهي گھوڙي کي ڦٽڪا هڻي ماري وڌو آهي، هو ڳئن کي بکن ۾ پاهه ڪري رهيو آهي، هُن ڪتي کي کوري ۾ اڇلي ساڙي ماريو ۽ هر شام جو هُو ڪڪڙين جو ميل ڪري لطف اندوز ٿيندو رهي ٿو. انهيءَ ميل ۾ حصو وٺندڙ ڪڪڙين جي کڙهن ۾ تيز بليڊ ٻڌا ويندا آهن. جڏهن جانور پنهنجي ساٿين سان ٿيندڙ اهي ظلم ٻڌندا هُئا ته هو ڪاوڙ ۾ تپي باهه بنبا هئا ۽ ڪڏهن اهو چوندا هُئا ته کين اجازت ملي ته هُو گڏجي پنچفيلڊ تي حملو ڪن ۽ انسانن کي اُتان ڀڄائي ڪڍن ۽ جانورن کي آزادي ڏيارين. پر اسڪئيلر کين سمجھائيندو هو ته اٻهرا قدم کڻڻ کان پاسو ڪن ۽ هُو ڪامريڊ نيپولن جي حڪمت عملي تي ڀروسو رکندا اچن.
پوءِ به فريڊرڪ خلاف نفرت وئي وڌنڌي. هڪ آچر جي صبح جو نيپولن ڀانڊي ۾ آيو ۽ وضاحت ڪيائين ته هن ڪڏهن به فريڊرڪ کي ڪاٺ وڪڻڻ جو نه سوچيو هو. هن چيو ته هن کي اهو عمل پنهنجي وقار کان گھٽ ٿي لڳو ته هو ظالمن سان سودا ڪري. ڪبوترن کي، جن کي ٻاهر بغاوت جون خبرون پهچائڻ لاءِ موڪليو ويندو هو. تن کي منع ڪئي ويئي ته فاڪسوڊ ۾ نه گھڙن ۽ کين حڪم ڏنو ويو هو ته هر پراڻي نعري “انسانيت مرده باد” بجاءِ “فريڊرڪ مرده باد” جا نعرا هڻن. اونهاري جي آخر ۾ سنوبال جي هڪ ٻي هٿناٽ کي وائکو ڪيو ويو. ڪڻڪ جو فصل گند گاهه سان ڏٽيو پيو هو ۽ اهو ڄاتو ويو ته پنهنجي ڪنهن رات واري ياترا ۾ هن ڪڻڪ جي ٻج سان گڏ گند گاهه وارو ٻج به ملائي ڇڏيو آهي. هڪ هنج جنهن انهيءَ منصوبي ۾ شرڪت ڪرڻ جي تسليمي ڏني هُئي، تنهن زهريلا ڪائنل پيرو کائي خودڪشي ڪئي. جانورن کي اهو به معلوم ٿيو ته سنوبال کي ڪڏهن به “ائنيمل هيرو فرسٽ ڪلاس” جو تمغو نه ڏنو ويو هو. اها محض ڏند ڪٿا هئي، جيڪا سنوبال پاڻ ڳئن جي واڙي واري جنگ کان پوءِ مشهور ڪئي هُئي. تغمو ڏيڻ ته پري رهيو هو، هن کي ته جنگ ۾ بزدلي ڏيکارڻ تي ڇنڊ پٽي وئي هُئي. هڪ ڀيرو وري ڪن جانورن ان خبر کي بي چينيءَ ۽ بي آرامي سان ورتايو، پر اسڪئيلر جلدي ۾ انهن کي مڃرايو ته هنن جي سمڪ ۾ ڪا غلطي آهي.
سرءُ ۾ وڏي ٿڪائيندڙ ۽ جھوري وجھندڙ ڪوششن سان - جڏهن لاباري ۽ فصلن کي گڏ ڪرڻ جو وارو به هوندو آهي - پن بجلي ڪارخانو جڙي راس ٿيو. اڃان ان ۾ گھربل مشينون هڻڻيون هُيون، جن جي خريداريءَ واسطي ومپر ڳالهه ٻولهه ۾ مگن هو. بهرحال ڍانچو مڪمل ٿي ويو هو. تجربو نه هوندي به ڪٺن تڪليفون سهندي، سنوبال جي دغابازين جو مقابلو ڪندي، نيٺ پراڻن اوزارن جي مدد سان هيءُ منصوبو وقت اندر پورو ٿيو. ٿڪل، پر پنهنجي ڪاوش تي نازان هي جانور پنهنجي شاهڪار جي چوڌاري ڦرندا رهيا. هن ڀيري ونڊمل کين وڌيڪ لڀائيندڙ ٿي لڳو. وڏي ڳالهه ته ان جون ڀتيون اڳوڻي ڀتين جي ڀيٽ ۾ ٻيڻيون ٿلهيون هيون. بارود کان سواءِ ٻي شيءِ هن کي اڏائي نه سگھندي. هنن ويهي اها ڳڻ ڪئي ته ڪيئن نه کين هن جي اڏاوت دوران ولوڙ ڪرڻي پئي آهي ۽ ڪيترين ناڪامين کي منهن ڏيڻو پيو آهي، پر جڏهن هن جا پر چرڻ لڳندا ۽ بجلي پئدا ٿيندي ۽ ان جي ڪري سندن زندگي ۾ پڻ تبديلون اينديون، تڏهن هنن جو اهو ٿڪ لحظي ۾ لهي ويندو. اُهو سوچي هُو ونڊمل جي چوڦير ٽينگ ٺپا پائڻ ۽ خوشيءَ ۾ آواز ڪڍڻ لڳا. نيپولن بنفس نفيس ڪتن جي اٽالي ساڻ آيو ۽ مڪمل ٿيل ڊانچي جي جانچنا ۾ لڳي ويو. هن ذاتي طرح هن حاصلات تي جانورن کي مبارڪون ڏنيون ۽ انهيءَ مل جو نالو ”نيپولن مل“ رکڻ جو اعلان ڪيو.
ٻه ڏينهن پوءِ جانورن کي خاص گڏجاڻي لاءِ ڀانڊي ۾ ڪوٺيو ويو. جڏهن نيپولن کين آگاهه ڪيو ته هن ڪاٺ فريڊرڪ کي وڪرو ڪيو آهي ته هو ماٺ ۾ پئجي ويا. سڀاڻي فريڊرڪ جا گاڏا ايندا ۽ ڪاٺ کي ڍوئڻ شروع ڪندا. پلڪنگٽن سان پنهنجي ظاهري سنگت واري سمي ۾ هو مخفي نموني فريڊرڪ سان معاهدو طيءِ ڪرڻ ۾ مصروف رهيو. هاڻي فاڪسوڊ سان سڀ ناتا ٽوڙيا ويا ۽ بي عزت ڪندڙ پيغام پلڪنگٽن ڏانهن موڪليا ويا. ٻئي طرف ڪبوترن کي چيو ويو ته هُو پنچفيلڊ فارم کان پاسيرا رهن ۽ پنهنجو نعرو “فريڊرڪ مرده باد” بجاءِ “پلڪنگٽن مرده باد” طور بدلائين. ساڳئي وقت نيپولن جانورن کي پڪ ڏياري ته جانورن جي فارم تي متوقع حملي جون خبرون ڪوڙيون آهن ۽ فريڊرڪ پاران جانورن سان روا رکيل ظلمن جا قصا پڻ اجايا وڌايا ويا آهن. اُهي سڀ افواهه سنوبال ۽ انهن جي ساٿين ڦهلايا آهن. هاڻي پڌرو ٿيو ته سنوبال پنچفيلڊ فارم ۾ لڪل نه هو، ۽ حقيقت ۾ ڪڏهن به اوڏانهن نه ويو. هُو ته فاڪسوڊ ۾ عياشي واري زندگي گھاري رهيو هو ۽ سالن کان پلڪنگٽن جو مشير هو.
سوئر نيپولن جي حرفت بازي تي بيحد سُرها بنيل هُئا. جنهن پلڪنگٽن سان دوستيءَ جو ڏيکاءُ ڏئي، فريڊرڪ کي مجبور ڪيو ته هُو ڪاٺ جي قيمت 12 پائونڊ ڪري. پر اسڪئيلر چواڻي ته نيپولن جي ذهن جي اعليٰ خاصيت اها هُئي ته هن ڪنهن به ڌر تي اعتبار نٿي ڪيو - فريڊرڪ تي به نه. فريڊرڪ ڪاٺ جي قيمت جي ادائگي چيڪ جي صورت ۾ ڪرڻ ٿي چاهي. چيڪ هڪ طرح جو واعدو هو ته ڪاڳر تي لکيل پئسا ادا ڪيا ويندا. مگر نيپولن ته هن کان وڌيڪ ذهين هو. هن قيمت جي ادائگي روڪڙ ۾، سو به پنجن پائونڊن وارن نوٽن ۾ طلبي، جيڪا به ڪاٺ کڻڻ کا اڳ ڪرڻي هُئي. انهيءَ حساب سان ڪاٺ جا پئسا ملي چُڪا هُئا ۽ انهيءَ رقم مان مشينري خريدڻ جو ارادو هو.
انهيءَ وچ ۾ ڪاٺ جلدي جلدي ۾ نيو ويو. جڏهن اهو سڀ کڄي چڪو ته هڪ ٻي خاص گڏجاڻي ڀانڊي ۾ ڪوٺائي ويئي ته جيئن جانور فريڊرڪ وارا نوٽ چڪاسي سگھن. نيپولن ٻه ئي تمغا سجايو ۽ خوشيءَ ۾ مسڪرائيندو، ڪکائين بستري تي براجمان هو. سندس ڀر ۾ نوٽن کي چيني رڪاب ۾ سجائي رکيو ويو هو. سڀ جانور قطار ٺاهي، نوٽن کي دل تي ڏسندا رهيا. باڪسر پنهنجو نڪ وڌائي نوٽن کي سونگھيو. سندس نڪ واري هوا جي ڪري نوٽن ۾ ڦڙ ڦڙ پيدا ٿي.
ٽن ڏينهن کان پوءِ وري هڪ خوفناڪ هنگامو ٿيو. ومپر جنهن جو چهرو ڄڻ مُردو بنيل هو، سائيڪل تي تڪڙو تڪڙو اندر آيو ۽ ميدان ۾ پهچي پاڻ کي سائيڪل تان ڦٽو ڪيائين ۽ وٺي فارم هائوس ڏانهن لُوهه پاتائين. ٻيءَ گھڙي نيپولن جي گھر مان ڪاوڙ وارا ۽ قهري آواز اچڻ لڳا. اصلي قصي جي خبر باهه وانگر ڦهلجي ويئي. بينڪ نوٽ ڪوڙا هُئا. فريڊرڪ مفت ۾ ڪاٺ کڻي ويو.
نيپولن فوري طور جانورن کي گھرايو ۽ خوفناڪ لهجي ۾ فريڊرڪ لاءِ ڦاهيءَ جو اعلان ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪر هن کي زنده پڪڙيو ويو ته پوءِ هن کي ٽهڪايو ويندو. ساڳئي وقت هن چتاءُ واريو ته جانورن کي اڃان به وڌيڪ اگرن نتيجن جي توقع رکڻ گھرجي. فريڊرڪ ۽ ان جا ماڻهو ڪيڏي مهل به فارم تي حملي جي ديرينه خواهش کي عملي جامو پهرائيندا. فارم جي هر چؤڪ تي پهريدار مقرر ڪيا ويا. وڌيڪ ته چار ڪبوتر فاڪسوڊ ۾ مصالحتي پيغام کڻي روانا ٿيا ته جيئن پلڪنگٽن سان نئين سر تعلقات جوڙي سگھجن.
ٻي صبح جو ئي حملو ڪيو ويو. جانور اڃان نيرڻ ڪرڻ ۾ رڌل هُئا، ته پهريدار ڊوڙندا آيا ۽ خبر ڪيائون ته فريڊرڪ ۽ هن جا ساٿي فارم جي مکيه دروازي اندر داخل ٿي چڪا آهن. جانور همت ڪندي اوڏانهن ڊوڙ پاتي ۽ مقابلي لاءِ آڏو آيا. هن ڀيري فتح ايتري آسان نه هُئي. هُو پندرنهن ماڻهو هُئا ۽ اڌ ڊزن ماڻهن وٽ بندوقون هُيون ۽ اهي جيئن ئي اندر آيا ته وٺي فائرنگ شروع ڪيائون. جانور انهيءَ بارود ۽ گولين جو مقابلو نه ڪري سگھيا. باوجود نيپولن ۽ باڪسر جي همٿائڻ جي، هو وٺي پوئتي ڀڳا. هنن مان ڪيترا گھايل هُئا. انهن وڃي فارم جي عمارت ۾ پناه ورتي ۽ عمارتن جي ڀتين جي ڦوٽن ۽ چيرن مان ٻاهر تڪڻ لڳا. سڄو چراگاهه ۽ ونڊمل دشمن جي قبضي ۾ هو. ان مرحلي تي نيپولن کي ڪجھه به سمجھه ۾ نٿي آيو. هُو هيڏي هوڏي آيو ويو پئي ۽ سندس پڇ سخت ۽ سيٽيل هو. آسائتين نيڻن سان هن فاڪسوڊ جي پاسي ٿي نهاريو. جيڪر پلڪنگٽن ۽ ان جا ماڻهو هن جي مدد ڪندا ته پوءِ هي ضرور کٽي وٺندا. انهيءَ ساعت ۾ چار ڪبوتر، جيڪي اڳوڻي ڏينهن هتان روانا ٿيا هُئا، سي واپس پهتا. هنن وٽ ڪاڳر جو ٽڪرو هو. جنهن تي لکيل هو، اوهان جي صحيح خدمت ڪبي.
انهيءَ وچ ۾ فريڊرڪ ۽ ان جا ماڻهو ونڊمل وٽ اچي رڪيا. جانورن هنن کي تڪي رهيا هُئا. هنن ۾ مايوسي جي لهر ڇانيل هُئي. ٻن ماڻهن هڪ ٽيڪم ۽ هڪ لوهي لٺ (پارائي يا ٻاري) ڪڍي ۽ هو ونڊمل کي ڊاهڻ وارا هُئا.
“ناممڪن” نيپولن رڙ ڪندي چيو، “اسانجون ڀتيون تمام ٿلهيون آهن ۽ اهي ڀتين کي انهن هٿيارن سان هفتي ۾ به ڊاهي نه سگھندا. ڪامريڊو، همت ڪريو.” پر بينجمن، جيڪو ماڻهن جي چرپر کي غور سان ڏسي رهيو هو، تنهن ڏٺو ته اهي ٻه ماڻهو ٽيڪم ۽ پارائي سان ونڊ جي بنيادن وٽ سوراخ ڪري رهيا هُئا. هن آهستگيءَ ۽ سڪون سان پنهنجو ڊگھو ٻوٿ ڌوڻيو.
“آئون سمجھان ٿو ته” هن چوڻ شروع ڪيو، “هو انهن سوراخن ۾ بارود رکندا.” هراسيل ۽ ڊنل جانور انتظار ۾ لڳي ويا. هاڻي هن عمارت جي حفاظت مان ٻاهر نڪرڻ نا ممڪن هو. ڪجھه منٽن کان پوءِ ماڻهو ونڊمل کان پري ڀڄندا رهيا ۽ چند ساعتن بعد وڏو ڪن ڦاڙي وجھندڙ ڌڌڪو ٿيو. پکي وٺي هوا ۾ اڏاميا. نيپولن کان سواءِ سڀ جانور زمين تي ليٽي پيا ۽ پنهنجا منهن ڇپائي ڇڏيا. جڏهن اهي واپس اٿيا ته ڏٺائون ته ونڊمل جي جاءِ تي ڪارو دونهون ڦهليل هو ۽ دونهون هوا جي دوش اڏامي رهيو هو. ونڊمل جو نانءُ نشان به نه هو.
اهو ڏسي جانورن جي همت وري جاڳي پئي. انهيءَ ڪُڌي ۽ نفرت جوڳي عمل کي ڏسي انهن ۾ اڳوڻي خوف ۽ مايوسي جي جاءِ تي ڪروڌ ڦهلجي ويو. منهن ۾ انتقام جي باهه ايتري ته ڀڙڪي جو بغير ڪنهن حڪم جي، پنهنجي دشمنن پويان وٺي لڳا. هن ڀيري هنن گولين جي ڇيرن جي پرواهه نه ڪئي ۽ جيڪي مٿائن ڦڙين وانگر وسي رهيا هُئا. هي ڏاڍي وحشتناڪ ۽ ڪڙي جنگ هُئي. ماڻهو فائر ڪندا رهيا. جڏهن جانور ويجھو ٿي پهتا ته هنن وري لٺين ۽ وڏن بوٽن سان ٿي حملو ڪيو. هڪ ڳئون، ٽي رڍون ۽ ٻه هنج پکي ماريا ويا. هر جانور سخت زخمي ٿيو هو. ايتري تائين جو نيپولن جيڪو پويان هدايتون ڏئي رهيو هو، تنهن جو پڇ به ڇيرن جي زد ۾ آيو. پر ماڻهو به ٺلها نه واپس ويا. باڪسر ٽن جا مٿا پنهنجي کرن سان ڦيهي وڌا ۽ هڪ جي پيٽ کي ڳئون ٿونا هڻي گھائي وڌو. هڪ جي سٿڻ کي جيسي ۽ بلو بيل ڦاڙي وڌو ۽ جڏهن نيپولن جا باڊي گارڊ ڪتا، جن کي هن پاڻ لوڙهي ۾ ڇپڻ جي هدايت ڪئي هئي، سي اوچتو اڳتي وڌيا ۽ ماڻهن تي اچي ڪڙڪيا ۽ خوفناڪ نموني ڀونڪڻ لڳا ته ماڻهن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. انهن کي لڳو ته هو گھيري ۾ اچي ويا آهن. فريڊرڪ ماڻهن کي حڪم ڏنو ته سڀڪو مناسب واهه ڏسي ٻاهر نڪري. ٻي گھڙيءَ ڊيڄو دشمن جان بچائي پوئتي پير ڪيا. جانور آخري ڇيڙي تائين انهن جي پويان ويا. جڏهن اُهي لوڙهن مان زوريان نڪري رهيا هُئا، تڏهن به جانور کين لتون هڻي رهيا هُئا. هنن جنگ ته کٽي هُئي، پر هو سخت ٿڪل هُئا. آهستي آهستي هو پوئتي فارم ڏي لڙيا. گاهه مٿان پيل پنهنجي مُئل ساٿين جا لاش ڏسي هو لڙڪ لاڙڻ لڳا. ونڊمل جي جاءِ تي هو ڏاڍي ڏکاري انداز ۾ ڪجھه وقت لاءِ بيهي رهيا. هائو اها ختم ٿي ويئي هُئي. ذري گھٽ سندن سخت پورهئي جو نشان الوپ هو. ايتري تائين جو بنياد به ڪنهن حد تائين تباهه ٿيا هُئا ۽ هن ڀيري هو نئين سر اڏاوت ۾ ڪريل پٿرن کي به ڪم ۾ نٿي آڻي سگھيا. ڇو ته هن ڀيري پٿر به گم ٿي ويا هُئا. ڌماڪو ايترو ته سگھارو هو جو پٿر سوين گزن جي مفاصلي تي وڃي ڪريا هُئا. ڄڻ ونڊمل جو ڪو وجود ئي ڪونه هو.
هو جيئن ئي فارم وٽ پهتا ته اسڪئيلر، جيڪو ويڙهه دوران گم هو، پڇ لٽڪايو مطمئن بنيو وٽن آيو. فارم جي عمارت مان فائر ٿيڻ جو آواز آيو.
“ڇا جو فائر ٿيو آهي” باڪسر چيو پڇيو.
“پنهنجي فتح ملهائڻ لاءِ ڪيو ويو.” اسڪئيلر رڙ ڪندي ٻڌايو.
“ڪهڙي فتح؟” باڪسر چيو. هن جا گوڏا رتو رت هئا. هن جي پير وارو نال ڪري پيو هو ۽ کر ٻه اڌ ٿي ويو ۽ پوئين ٽنگ ۾ به درجن کن ڇيرا ٽنبيل هُئا.
“ڪهڙي فتح ڪامريڊ؟ ڇا اسان دشمن کي پنهنجي مقدس زمين تان ڀڄائي نه ڪڍيو آهي.”
“پر انهن ته اسان جي ونڊمل تباه ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي اسان ٻه سال لڳاتار سخت پورهيو ڪيو آهي.”
“ڪو مسئلو نه آهي. اسان وري ٻي مل ٺاهينداسين. اسان چاهيون ته اسان ڇهه ملون جوڙي ٿا سگھون. ڪامريڊو، اوهان نٿا سمجھو ته اسان ڪيڏو وڏو ڪم سر انجام ڏنو آهي. دشمن هي ميدان پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو ۽ هاڻي ڪامريڊ نيپولن جي مهربانين سان اسان ان جو انچ انچ واپس ورايو آهي.”
“ته پوءِ اسان هر اڳوڻي شيءِ واپس کٽي ورتي آهي.” باڪسر چيو.
“اهائي اسان جي فتح آهي.” اسڪئيلر چيو.
هو ميدان ڏي وڌي ويا. باڪسر کي لڳل ڇيرا کيس ايذائي رهيا هُئا. هن ڇيد ڪيو ته ونڊمل کي نئين سر اڏڻ جو وڏو پورهيو پيو آهي ۽ تصور ۾ هن پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪيو. پهريون ڀيرو کيس احساس ٿيو ته هاڻي يارنهن سالن جو اچي ٿيو آهي ۽ منجھس پراڻو ٻل به نه رهيو آهي.
پر جڏهن جانورن پنهنجو سائو جھنڊو جھوليندو ڏٺو، ست فائر ٻڌا ۽ نيپولن جي تقرير سُئي، جنهن ۾ هن کين سندن ڪئي تي مبارڪباد ڏني، تڏهن کين لڳو ته هنن واقعي به وڏو ڪم ڪيو آهي. جنگ ۾ مري ويلن جانورن کي مانائتي نموني دفن ڪيو ويو. باڪسر ۽ ڪلوور مُرده گاڏين کي ڇڪيو ۽ نيپولن بنفس نفيس ماتمي جلوس جي مهنداري ڪئي. ان کان پوءِ پورا ٻه ڏينهن فتح جو جشن ملهايو ويو. گيت ڳاتا ويا، تقريرون ڪيون ويون ۽ بندوقن سان فائر به ڪيا ويا. هر جانور کي هڪ صوف جو خاص تحفو ڏنو ويو ۽ پکين کي ٻه آنا ان ۽ هر ڪتي کي ٽي بسڪيٽ ڏنا ويا. اعلان ڪيو ويو ته هن جنگ کي ونڊمل جنگ ڪوٺيو ويندو ۽ نيپولن هڪ نئون تمغو جوڙيو “سائي بينر وارو آرڊر”. جيڪو پاڻ کي ئي عطا ڪيائين. انهي عام خوشي واري ماحول ۾ ڪوڙن بينڪ نوٽن وارو قصو وسري ويو.
چند ڏينهن کان پوءِ ڪجھه سوئرن کي فارم هائوس جي ڪنهن بهري ۾ ان شراب جون بوتلون هٿ آيون، جنهن کي شروع ۾ ته هنن نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ رات فارم هائوس مان وڏي آواز ۾ ڳائڻ جا آواز آيا، جن ۾ بعضي انگلنڊ جا جانور واري ڌن به شامل هُئي. ساڍي نائين وڳي ڌاري نيپولن جونز واري ٽوپي پائي پوئين در مان ٻاهر ويو ۽ ميدان جي چوڌاري ڊوڙي وري واپس اندر ويو. پر پوءِ صبح تائين فارم هائوس ۾ وڏي خاموشيءَ جو راڄ هو. ڪوبه سوئر چري ڦري نه رهيو هو. نائين وڳي ڌاري صبح جو، اسڪئيلر ٻاهر آيو. هو آهستي آهستي ۽ مايوسي واري نموني ۾ هلي رهيو هو. هن جون اکيون سڄيل هيون ۽ سندس پڇ ڍري نوع ۾ لڏي رهيو هو. ڄڻ سخت عليل هجي. هن جانورن کي گڏ ڪري ٻڌايو ته وٽس انتهائي بري خبر آهي. “ڪامريڊ نيپولن مري رهيو آهي.”
سڀني کان ڏک وچان رڙ نڪري ويئي. فارم هائوس جي درن وٽ ڪک رکيا ويا ۽ سڀ ڪو جانور آهستي آهستي بي آواز هلندو آيو. اهي هڪ ٻئي کان روئي پڇندا رهيا ته جيڪر سندن اڳواڻ کانئن ڦرجي ويو ته هنن جو ڇا ٿيندو. اُهو افواهه زورن تي هو ته سنوبال نيپولن جي کاڌي ۾ زهر ملايو هو. يارهين وڳي اسڪئيلر آيو ۽ حڪم پڙهي ٻڌايائين ته الڪوهل پيئندڙن کي موت جي سزا ڏني ويندي.
شام تائين نيپولن ڪافي ٺيڪ ٿي ويو ۽ ٻي صبح جو اسڪئيلر ٻڌايو ته هاڻي هو نوبنو ٿي رهيو آهي. ان ڏينهن شام ڌاري نيپولن پنهنجي ڪم ڪار ۾ لڳي ويو. ٻي ڏهاڙي اهو معلوم ٿيو ته هن ومپر کي ولڪنگٽن مان مئي ڪشي جي حوالي سان لکيل ڪتاب خريدڻ جي هدايت ڪئي. هڪ هفتو پوءِ نيپولن حڪم ڏنو ته باغ جو پويون حصو، جيڪو جونز جي وقت ۾ گھوڙن جي سکيا لاءِ ڪم ۾ ايندو هو، ۽ پوءِ ان کي پوڙهن جانورن جي چرڻ ۽ رهڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو، سو پوکائيءَ لاءِ استعمال ڪبو. جواز ۾ ٻڌايو ويو ته چراگاهه ختم ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ نئين ٻج وجھڻ جي ضرورت آهي، پر جلدي ۾ اهو پڌرو ٿيو ته نيپولن اتي جَوَ پوکڻ چاهي ٿو.
انهيءَ وقت هڪ ٻيو انوکو واقعو ٿيو، جيڪو ڪنهن کي به سمجھه ۾ نه آيو. هڪ رات جو ٻارهين وڳي ڌاري ميدان ۾ ڪرڻ جو آواز آيو، سو جانور پنهنجي وٿاڻن مان ٻاهر نڪري آيا. اها چانڊوڪي واري رات هُئي. وڏي ڀانڊي جي ڇيڙي وٽ جتي ست حڪم لکيل هُئا، هڪ چاڙهي ٽٽي ٻه اڌ ٿي پئي هُئي، ۽ اسڪئيلر جيڪو ٿورو پريشان هو، سو ان ڀرسان ڪريو پيو هو. هن جي ڀر ۾ بتي، برش ۽ اونڌو ٿيل رنگ جو دٻو هُئا. ڪتا جلدي ۾ هن کي گھيري ويا ۽ حفاظت سان کيس واپس وٺي ويا. سواءِ بينجمن جي، جيڪو پنهنجو پڇ ائين لوڏي رهيو هو ڄڻ کيس سڀ ڪجھه معلوم هو، ٻي ڪنهن کي ڪجھه به سمجھه ۾ نه آيو.
ڪجھه ڏهاڙن کان پوءِ مُريل حڪم پڙهي محسوس ڪيو ته هڪ حڪم جانورن کي غلط نموني ياد هو. انهن جي خيال ۾ پنجون حڪم هو ته ڪوبه جانور الڪوهل نه پيئندو. پر انهن کي ٻه لفظ وسري ويا هُئا ۽ لکيل هو ته ڪوبه جانور اجايو ۽ بي انداز الڪوهل نه پيئندو.