ناول

ائنيمل فارم

هن ناول جو ليکڪ نامور صحافي ۽ ناول نگار جارج آرويل آهي جڏهن ته سنڌيڪار حبيب سنائي آهي.
جارج آرويل جو هي توڙي ٻيو ناول 1984 ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا. هن ناول ۾ هن اسٽالن جي دور حڪومت جو قصو جانورن جي ڪردار ۾ بيان ڪيو آهي. ناول 1984 ۾ وري مستقبل ۾ ايندڙ آپيشاهي نظام واري جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان ناول ۾ ڪم آيل انوکا اصطلاح اڳتي هلي ڪري ضرب المثال بنجي ويا آهن. تازو ٽرمپ جي اليڪشن توڙي ان جي ابتدائي حڪمن ڪري انهيءَ ناول جي وڪري ۾ اضافو به ٿيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2488
  • 1080
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ائنيمل فارم

باب پنجون

جيئن سياري جي مند شروع ٿي، تيئن موليءَ وڌيڪ جنجال بنجڻ شروع ڪيو. هوءَ روزدير سان ڪم تي ايندي هئي ۽ عُذر اهو ڏيندي هئي ته هن کي ننڊ اچي ويئي ۽ شڪايت ڪندي ته باوجود هن جي بک سٺي هجڻ جي، کيس ڪنهن پراسرار سور اچي ورايو هو. ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڪم کان ڀڄي ويندي هئي ۽ وڃي پاڻي واري حوض وٽ بيهندي هئي، جتي پاڻي ۾ ٺهيل پنهنجي پاڇولي کي پئي وائڙن وانگيان تڪيندي هئي. وڌيڪ ته هن جي حوالي سان ڪافي خطرناڪ افواهه به ڦهليا هئا. هڪڙي ڏينهن جڏهن هوءَ ڪانُو کائيندي، پڇ لوڏيندي خوش خوش آڳنڌ اندر آئي ته ڪلوور کيس پاسي ڏي وٺي ويئي.
”مولي،“ هن چيو، ”مونکي توکي هڪ اهم اطلاع ڏيڻو آهي. اڄ صبح مون ڏٺو ته تون اسانجي فارم ۽ فاڪسوڊ جي وچ ۾ لڳل واڙ مٿان نهاري رهي هئينءَ. ڪو پلڪنگٽن جو ماڻهو ٻي پاسي بيٺل هو. جيتوڻيڪ آئون ڪافي پري هيس پر مون چٽو ٿي ڏٺو ته هو توسان ڪجھه ڳالهائي رهيو هو، ۽ تنهنجي نڪ تي ٿپڪيون به هڻي رهيو هو. مُولي انهيءَ جو مطلب ڇا وٺجي؟“
”هن ائين نه ڪيو، آئون اتي نه هئس. اهو ڪوڙ آهي؟“ مولي رڙ ڪندي چيو ۽ وٺي لڳي ٽپا ڏيڻ ۽ دڙها هڻڻ.
”مولي منهنجي منهن ۾ ڏس ۽ ساک سان چئهُ ته هو توکي ٿپڪيون نه ڏيئي رهيو هو.“
”اهو ڪوڙ آهي.“ مولي ورجايو، پر هُوءَ ڪلوور جي منهن ۾ ڏسي نه سگھي ۽ ٻي گھڙيءَ هو ٻنين ڏانهن وٺي ڀڳي.
ڪلوور کي اوچتو ڪو خيال اچي ويو. هوءَ ٻين کي ڪجھ ٻڌائڻ بنان، موليءَ جي ڪڙهه اندر آئي. پنهنجي کرن سان ڪکن کي هٽايو. انهن جي هيٺان مصري جا ڳنڍا ۽ مختلف رنگن جي ربنن جا ٽڪر لڪا پيا هئا.
ٽن ڏينهن کان پوءِ مولي گم ٿي ويئي. ڪافي هفتن تائين ته هن لاءِ ڪجھه به نه معلوم ٿيو. پر پوءِ ڪبوترن ٻڌايو ته هُنن هِن کي ولنگڊن فارم جي ٻئي ڇيڙي تي ڏٺو آهي. هُوءَ ڪنهن ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ واري گاڏيءَ ۾ سنجيل هئي، جيڪا هڪ هوٽل جي اڳيان بيٺل هُئي. هڪ ٿلهو شخص، جنهن کي پٽين واري شلوار ٻڌل هئي، موزا بند پهريل هو ۽ ڪو سرڪاري عملدار ٿي لڳو، کيس کنڊ کارائي رهيو هو. هن جي ڳچيءَ جا وار تازو ڪتريل هُئا ۽ کيس ڳاڙهي رنگ جي ربن پهريل هئي ۽ ڏاڍي خوش پئي لڳي. ان کان پوءِ ٻيهر موليءَ جو ذڪر ڪنهن ٻئي جانور نه ڪيو.
جنوريءَ جي موسم ڏاڍي اگري بنجي ويئي. زمين لوهه جھڙي سخت ٿي پئي هئي، سو اتي ڪم ڪرڻ محال هو. وڏي ڀانڊي ۾ ڪافي گڏجاڻيون ڪرايون ويون ۽ سوئرن پاڻ کي ايندڙ موسم ۾ ڪم ڪار جي رٿا ٺاهڻ ۾ رنڀائي ڇڏيو. هاڻي تسليم ٿي چڪو هو ته سوئرن، جيڪي پڌري پٽ ٻين جانورن کان وڌيڪ چتر هئا، کي ئي فارم جي پاليسي متعلق فيصلا ڪرڻا هئا، جن کي پوءِ گھڻائي وٽان تصديق ڪرايو ويندو هو. اهو انتظام سٺي نموني پيو هلي ها، جيڪر سنوبال ۽ نيپولن ۾ جھيڙا نه هجن ها. هو هر ڳالهه ۾ پاڻ ۾ اٽڪيا پيا هوندا هئا. اگر هڪڙو صلاح ڏيندو هو ته وڏي تعداد ۾ ٻاجھريءَ جي پوک ڪجي ته ٻيو چوندو هو ته گھڻي تعداد ۾ جئي پوکجي. ٻنهي مان هڪڙو اهو چوندو هو ته فلاڻي ٻني بند گوبي پوکڻ لاءِ موزون آهي ته ٻيو اها ڳالهه رد ڪندي چوندو هو ته سواءِ گجرن، شلغم وغيره جي، ان ٻني ۾ ٻي ڪا شيءِ نه ٿي پوکي سگھجي. هرهڪ جا پنهنجا پنهنجا حامي ۽ حواري هئا. ڪڏهن بحثا بحثي ۾ تشدد جو عنصر شامل ٿي ويندو هو. گڏجاڻين ۾ ته سنوبال پنهنجي شاندار تقريرن جي مدد سان اڪثريت کي پنهنجي پاسي ڪري وٺندو هو، پر نيپولن انهيءَ وچ ۾ فردن فردن جانورن کي مڃائي، حمايت حاصل ڪري ويندو هو. هو رڍن کان حمايت وٺڻ جو ته ڀڙ هو. ويجھڙ ۾ اهو مشاهدي ۾ آيو هو ته هو وقت بي وقت اهو ٻاڪاريندو رهن ٿيون: ”چار ٽنگون ڀليون، ٻه ٽنگون بريون.“ ۽ اُهي گھڻو تڻو، گڏجاڻين ۾ آوازي، ڪاروائيءَ ۾ رخنو وجھنديون هيون. اهو به نوٽ ڪيو ويو ته جڏهن سنوبال تقرير ڪندي ڪنهن اهم مرحلي تي پهچندو هو ته هُو وٺي اهو آواز واڪڻ لڳنديون هيون. سنو بال ويجھڙائي ۾ ”فارمر ۽ اسٽاڪ بريڊر“ رسالي جي ڪجھه پراڻن شمارن جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو هو، سو هن وٽ سڌاري ۽ نين تبديلن لاءِ وڏيون رٿائون هُيون. هُو عالماڻي نموني ٻٺين جي پاڻيءَ اَڏِنِ، سياري ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ اڻ سڪايل محفوظ گاهه، تيل نيڪالي بعد بچيل صافي مواد، متعلق پيو ڳالهائيندو هو. هن هڪ ڏکي رٿا جوڙي هئي، جنهن موجب ڍوئڻ ۾ پورهيو ۽ وقت بچائڻ لاءِ، هر جانور کي مخصوص جاءِ تي بوسو لاهڻو هو. نيپولن پنهنجي طرفان ڪي به رٿائون پيش نه ڪندو هو پر خاموش نموني چوندو ته سنوبال جي رٿائن مان ڪجھه ڪونه ورندو، هو رڳو وقت پيو وڃائي. پر مڙني تڪرارن ۽ تنازعن ۾ وڌيڪ سخت ۽ اگرو تنازعو پن بجلي واري منصوبي تي پيدا ٿيو. ڊگھي چراهگاه ۾، فارم جي عمارتن جي ويجھو ئي هڪ ننڍي ٽَڪِري هئي، جيڪا سڀ کان مٿاهين جاءِ هئي. ميدان جي سروي ڪرڻ کان پوءِ سنوبال واضح ڪيو ته پن بجلي ڪارخاني لاءِ اها موزون ترين جاءِ هئي. هتي بجلي جو سانچو هلائي، فارم جي ضرورت لاءِ بجلي پئدا ڪئي ويندي. انهيءَ جي ڪري سياري ۾ وٿاڻ روشن ۽ گرم رهندا. ساڳئي وقت بجليءَ جي مدد سان، ڪُــتِر مشينون، چقندر ڪٽڻ جا اوزار ۽ گول ڪارائي به هلائي سگھبي ۽ اڳتي هلي بجليءَ جي مدد سان کير ڏهڻ واري مشين به استعمال ٿي سگھندي.
فارم جي جانورن اڳي اهڙين مشينن جو احوال نه ٻڌو هو، سو جڏهن سنوبال انهن جو ذڪر ڪندو هو ته هي حيرانيءَ ۾ پئجي ويندا هئا. اصل ۾ هنن جو فارم پراڻي طرز جو هو سو هتي مشينري به پراڻي نوع جي هئي. سنوبال انهن مشينن جي ڏاڍي دلڪش تصوير ڪشي ڪندو هو، جيڪي سندن جاءِ تي اڳتي هلي ڪم ڪنديون ۽ هو آرام سان گاهه چرندا ۽ پنهنجي ذهنن کي پڙهائيءَ ۽ عملي گفتگو سان روشن ڪندا رهندا.
چند هفتن اندر سنوبال پن بجلي منصوبي جي رٿا ٺاهي ورتي. رٿا جا ميڪانيڪي تفصيل مسٽر جونز جي ٽن ڪتابن ”ون ٿائوزنڊ ٿنگز ٽُ ڊو ابائوٽ هوم“ (گھر واسطي ڪرڻ لاءِ هزار ڪارائتا ڪم)، ”ايوري مئن هز اون برڪ ليئر“ (هرماڻهو رازو آهي)، ۽ ”اليڪٽرسٽي فار بگنرز“ (سيکڙاٽن لاءِ بجلي) تان ورتل هئا. سنوبال پنهنجو اڀياس گھر ان ڇانوري کي بنايو جيڪو اڳي آري لاءِ ڪم ايندو هو. هن جو فرش سڌو سنواٽو ۽ ڪاٺ مان ٺهيل هو. ان مٿان ڊرائنگ ٺاهڻ آسان هئي. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي ويٺو رهندو هو ۽ ڪتاب کولي ان ۾ آيل نقشي کي پنهنجي کرن ۾ قابو ڪيل چاڪ سان فرش تي اُتاريندو هو ۽ ڪنهن ڪنهن وقت خوشي مان آواز پيو ڪڍندو هو. آهستي آهستي هي رٿائون ڳتيل بنجي ويون ۽ انهن ورن وڪڙن جي شڪل اختياري ورتي. هي نقشا ٻين جانورن جي سمجھه کان بالا تر هئا. پر هو اهي ڏسي انهن کان متاثر ضرور ٿيندا هئا. سڀ روزانو هڪ ڀيرو انهن کي ڏسڻ ضرور ايندا هُئا. ايتري تائين جو ڪڪڙيون ۽ بدڪون به انهن جي زيارت لاءِ آيون، ۽ ڪوشش اها ٿي ڪيائون ته هو چاڪ جي نشانن مٿان نه چڙهن. رڳو نيپولن انهيءَ رٿا کان پري رهيو. هن شروع کان ئي انهيءَ رٿا جي مخالفت پئي ڪئي. پر هڪڙي ڏينهن هو به غير متوقع طور اچي پهتو. هن چڱي نموني رٿا کي هر رخ کان جانچي ڏٺو ۽ ان کي ٻه ڀيرا پڻ سونگھيو. ان کان پوءِ هو ڪجھه گھڙيون ترسي ان کي غور سان تڪيندو رهيو ۽ اوچتو ڇا ڪيائين جو ٽنگ کڻي رٿا جي نقشي مٿان مٽي وڌو ۽ بنان ڪجھه چوڻ جي ٻاهر هليو ويو.
پن بجليءَ جي مامري تي سڄو فارم ورهايل هو. سنوبال انهيءَ کان انڪار نٿي ڪيو ته هن کي ٺاهڻ انتهائي مشڪل هو. پٿرن کي کاڻين مان ڪڍي ڀتيون اڏڻيون هيون. ان کان پوءِ پَرَ به ٺاهڻا هُئا. ان بعد وري ڊائنيمو Dynamo يعني جنريٽر ۽ تارن وغيره جي گھرج هئي. (اُهي ڪيئن حاصل ڪرڻا هئا، تن لاءِ سنوبال ڪجھه به نٿي ٻڌايو.) پر هن جو چوڻ هو ته هيءُ منصوبو سال اندر مڪمل ٿي ويندو. پوءِ ان جي ٺهڻ کان پوءِ پورهيو گھٽجي ويندو ۽ جانور رڳو ٽي ڏينهن ڪم ڪندا. ٻئي طرف نيپولن جا دليل هي هُئا ته هن وقت ضرورت ان امر جي آهي ته کاڌي جي پيداوار وڌائجي. سو اسان جيڪڏهن انهيءَ پن بجليءَ واري منصوبي تي وقت وڃايو ته بکن ۾ پاهه ٿي مري وينداسين. فارم جا جانور ٻن ڌڙن ۾ ورهايل هُئا. هڪڙن جو نعرو هو ته ”ٽن ڏينهن واري هفتي ۽ سنو بال لاءِ ووٽ ڏيو.“ ۽ ٻين جو نعرو هو ته ”ڀريل آهري ۽ نيپولن لاءِ ووٽ ڏيو.“ رڳو هڪ بينجمن هو، جيڪو ڪنهن به ڌر سان لاڳاپيل نه هو. هن کي اهو ويساهه ۾ نه ٿي آيو ته ڪو خوراڪ وافر مقدار ۾ ٿيندي يا پن بجلي ڪم ڪار ۾ گھٽتائي آڻيندي. هن جو چوڻ هو ته پن بجلي هجي يا نه هجي، زندگي ائين گذرندي جيئن گذري پئي - ڏکن ڏاکڙن ۾.
پن بجلي واري مُدي کان سواءِ ٻيو سوال اڀريل هو فارم جي دفاع جو. اهو ته چڱيءَ پر سمجھيو پئي ويو ته جيتوڻيڪ انسانن کي جنگ ۾ شڪست ڏني ويئي هُئي، پر اهو لازم هو ته هُو ٻئي لڱان چڱي نموني ڀرپور حملو ڪندا ۽ فارم کي قبضي ۾ آڻي مسٽر جونز کي بحال ڪندا. هُو اهو سڀ ڪجھه ان لاءِ به ڪندا، جو هنن جي اڳوڻي ناڪاميءَ جي نتيجي ۾ ٻين فارمن وارا جانور سرڪشي اختيار ڪري رهيا هُئا.
حسب روايت سنوبال ۽ نيپولن صاحبان انهي نڪتي تي به پاڻ ۾ سهمت نٿي ٿيا. نيپولن جو رايو هو ته جانورن کي وڌيڪ هٿيار خريد ڪري، تن جي استعماليءَ ۾ کين وڌيڪ ڀڙ بڻجڻ گھرجي. جڏهن ته سنوبال جي سوچ اها هُئي ته انهن کي وڌ ۾ وڌ تيار ٿيل ڪبوتر اماڻي، ڀر پاسي جي فارمن ۾ بغاوت ۽ انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ جانورن کي تيار ڪيو وڃي. هڪڙي جي خيال ۾ جيڪر هُو پنهنجو دفاع نه ڪري سگھيا ته مغلوب بنجي ويندا ۽ ٻئي جي سمجھه موجب جيڪڏهن هر جاءِ انقلاب ۽ بغاوت اڀرندو ته کين پنهنجي دفاع جي ضرورت ئي نه پوندي. جانورن سڀ کان اول نيپولن جو موقف ٻڌو ۽ پوءِ وري سنوبال جي نقطي نظر سُئو. پر هو فيصلو نه ڪري سگھيا ته ڪير صحيح آهي. حقيقت ۾ هو انهيءَ سان سهمت ٿيندا هُئا، جيڪو ان وقت ڳالهائي رهيو هوندو هو.
نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن سنوبال جي رٿا مڪمل ٿي. ورندڙ آچر تي اها رٿا گڏجاڻي ۾ پيش ڪري اهو طيءِ ڪرڻو هو ته ان کي عملي جامو پهرائجي يا ترڪ ڪري ڇڏجي. تڏهن جانور وڏي ڀانڊي ۾ اچي ڪٺا ٿيا، تڏهن سنوبال اٿيو ۽ رٿا جي فائدي ۾ دليل ڏيڻ لڳو. وچ ۾ رڍن پنهنجي ٻاڪار سان ان تقرير ۾ رخنو ٿي پيدا ڪيو. ان کان پوءِ نيپولن اٿيو ۽ هن ڏاڍي ٿڌائي سان چيو ته پن بجليءَ جو منصوبو بيوقوفاڻي رٿا آهي ۽ هن ايوان کي صلاحيو ته ڪير به ان جي حمايت ۾ ووٽ نه ڏئي. اهو ٻڌائي هو ويهي رهيو. هن صرف ٽيهه سيڪنڊ مس ڳالهائڻ ۾ ورتا هُئا. هو پنهنجي تقرير مان ٿيل اثرات کي معلوم ڪرڻ کان بي پرواهه بنيو ويٺو هو. انهيءَ تي سنوبال وري اٿيو ۽ رڍن کي خاموش ڪرائڻ لڳو، جن ٻاڪارڻ شروع ڪيو هو ۽ پوءِ هن انتهائي جذباتي انداز ۾ پن بجليءَ جي منصوبي جي حمايت ڪرڻ جو عرض ڪيو. هيسيتائين جانور اڌواڌ پاڻ ۾ ورهايل هُئا، پر هاڻي هو سنوبال جي خوش بيانيءَ جي اثر ۾ هُئا، جنهن ڏاڍي پر اثر نموني اها تصوير ڪشي ڪئي ته ڪُڌي پورهئي کان فراغت کان پوءِ فارم جي صورت ڪهڙي هوندي. هن جي تصور واري اڏام ڪتر جي مشين ۽ گوگڙو ڪٽڻ وارن اوزار کان مٿانهين هُئي. هن جو چوڻ هو ته بجلي وسيلي ٿريشر، هر، ناڙي، ڪيڙ ۽ ٻيا اوزار هلائي سگھبا. ان کان پوءِ هر ڪُڙهه ۾ بجلي ساڻ گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جو بندوبست هوندو ۽ بجليءَ وارو هيٽر هوندو. هن جي تقرير جي پڄاڻي تائين لڳي رهيو هو ته ووٽ ڪهڙي پاسي وڃڻا هُئا. پر انهيءَ گھڙيءَ نيپولن اٿي بيٺو. سنوبال کي مخصوص ٽيڏي نهار سان ڏٺو ۽ هڪ اهڙو نرالو آواز ڪڍيو، جيڪو اڳ ۾ هن واتان نه ڪڍيو هو! اهو ٻڌي ٻاهر دل ڏاريندڙ ڪتن جي ڀونڪ شروع ٿي ۽ نَوَ ٿلها متارا ڪتا، ڳچين ۾ پتل پايو، ڀانڊي ۾ ڌوڪيندا آيا ۽ سڌو سنوبال ڏي رخ ڪيائون. هُو به وقت تي اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪتن جي حملي کان بچي ويو ۽ وٺي ڀڳو. سندس پويان ڪتا به ڪاهيندا ويا. حيران ۽ هراسيل جانور اچي در وٽ ڳاهٽ ٿيا ۽ سنوبال پويان ڊوڙندڙ ڪتن جو نظارو ڪرڻ لڳا. سنوبال چراگاهن وچان ڊوڙندو روڊ ڏانهن ڀڄي رهيو هو. اصل ڪتا به وٽس ڄاڻ ڪي پهتا. اوچتو هو ڪري پيو ۽ پڪ هُئي ته ڪتا کيس ورائي ويا هوندا، پر هو وري اٿيو ۽ وڌيڪ تيز ڊوڙيو. هڪڙي ڪتي ته سندس پڇ ۾ چڪ پاتو هو، پر اهو ڇڏائي، سنوبال وڌيڪ زور لڳائي ڊوڙيو ۽ واڙ مان نڪتل سوراخ مان ٻاهر نڪري ويو ۽ وري ڪڏهن به کيس نه ڏٺو ويو.
دهشت ۾ ورتل ۽ خاموش ٿيل جانور واپس رڙهي ڀانڊي ۾ آيا ۽ پوءِ ڪُتا به واپس وري آيا. اول ته جانورن کي انهيءَ مخلوق جي اصليت جي خبر نه هُئي، پر جلد ئي اهو معاملو به سلجھي ويو. هي اهي پونگڙا هُئا، جيڪي نيپولن مائرن کان وٺي پاڻ وٽ تاتيا هُئا. هاڻي اهي نه صرف وڌيل ويجھيل هُئا، پر ڊيڄاريندڙ بگھڙن وانگر ٿي لڳا. هُو هاڻي نيپولن جي ڀر ۾ ئي اچي بيهي رهيا ۽ اهڙي نموني پڇ لوڏي رهيا هُئا، جھڙي نموني اڳوڻا ڪتا مسٽر جونز جي موجودگيءَ ۾ لوڏيندا هُئا.
نيپولن ڪتن جي سايي ۾ فرش جي مٿانهين حصي تي چڙهيو، جتي پهريائين ميجر چڙهي تقرير ڪئي هُئي. هن اعلان ڪيو ته اڄ کان پوءِ آچر واريون گڏجاڻيون منعقد نه ڪيون وينديون، ڇو ته اهي غير ضروري آهن ۽ وقت جو زيان آهن. مستقبل ۾ فارم جي ڪم ڪار متعلق سڀ سوال، سندس سربراهيءَ هيٺ سوئرن جي هڪ مخصوص ڪاميٽي طيءِ ڪندي. جيڪي ٻي جاءِ تي اڪيلا گڏبا ۽ پنهنجا فيصلا پوءِ ٻين کي ٻڌايا ويندا. جانور وري به آچر ڏهاڙي هڪ جاءِ ڪٺا ٿيندا، جھنڊي کي سلامي ڏيئي گيت ڳائيندا ۽ هفتي جي ڪمن جا حڪم حاصل ڪندا. پر ڪو بحث مباحثو ڪونه ٿيندو.
سنوبال کي ڀڄائڻ واري صدمي جي باوجود جانور انهيءَ اعلان تي هراسيل هُئا. انهن مان ڪافي احتجاج به ڪن ها، جيڪڏهن انهن کي صحيح دليل سُجھن ها. ايتري تائين جو باڪسر به انهيءَ تي منجھيل ۽ پريشان هو. هن پنهنجي ڪنن کي اڳتي پوئتي ڪيو ۽ اڳين چڳ کي بار بار لوڏيو، پرکيس ڪجھ به سُجھي نه آيو.
سوئرن مان ڪجھه ڳالهه بيان ڪرڻ ۾ هوشيار هُئا. چار ننڍا سوئر پهرئين قطار مان اٿي بيٺا ۽ هڪدم ڳالهائڻ لڳا. پر نيپولن جي چوڌاري ويٺل ڪتن ڊيڄاريندڙ نموني گرڻ شروع ڪيو، سو هو خاموش ٿي ويهي رهيا. ان کان پوءِ 15 منٽن تائين لڳا تار رڍون پنهنجو محبوب نعرو: ”چار ٽنگون چڱيون، ٻه بريون“ ٻاڪارينديون رهيون. انهيءَ گوڙ بحث جي هلڪي به امڪان کي ختم ڪري ڇڏيو.
ڪجھه وقت کان پوءِ اسڪئيلر کي فارم ڏي اماڻيو ويو ته جيئن هو نئين بندوبست جي وضاحت ڪري سگھي.
”ڪامريڊو“ هن چوڻ شروع ڪيو، ”مون کي پڪ آهي ته مڙيئي جانور ڪامريڊ نيپولن پاران وڌيڪ پورهيو پاڻ تي لاڳو ڪري جيڪا قرباني ڏني آهي، تنهن کي ساراهي رهيا آهن. ڪامريڊو! اهو نه سمجھو ته اڳواڻپ ڪو مزي وارو ڪم آهي. ان جي ابتڙ اها تمام ڳري ۽ ڪٺن ذميواري آهي. نيپولن کان وڌيڪ ڪو ٻيو اهو نٿو مڃي ته سڀ جانور پاڻ ۾ برابر آهن. کيس اها اجازت ڏيندي ڏاڍي خوشي ٿيندي ته توهان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪريو. پر ان سان ڇا ٿيندو ته ڪڏهن اوهان غلط فيصلا به ڪري وجھندائو. ته پو ڇا ٿيندو؟ کڻي مڃيو ته توهان سنوبال کي ووٽ ڪريو ها ۽ هن جي بيڪار پن بجلي منصوبي کي عمل ۾ آڻايو ها ۽ سنوبال، اسان کي خبر آهي ڪنهن وڏي مجرم کان گھٽ ڪين هو!“
”هن جنگ ۾ بهادريءَ سان ويڙهه ڪئي.“ ڪنهن چيو.
”بهادري سڀ ڪجھه نه آهي.“ اسڪئيلر وراڻيو، ”راڄ ڀڳتي ۽ فرمانبرداري وڌيڪ اهم آهن ۽ جيتري قدر جنگ جو سوال آهي، اهو وقت پري نه آهي، جڏهن اسان کي ڄاڻ پوندي ته ان ۾ سنوبال جو حصو اجايو وڌائي ڏيکاريو ويو هو. ڊسيپلين، ڪامريڊو! ڊسيپلين. اهوئي اڄ جو مول آهي. اسان جو هڪڙو غلط قدم ۽ دشمن اسان جي ڪنڌ مٿان هوندو. يقيني طور اوهان جونز جي واپسيءَ جا طالب نه آهيو.“
هڪ ڀيرو وري اهو دليل بي جواب رهيو. لااشڪ جانورن جونز جي واپسي نٿي چاهي، سو جيڪڏهن آچر وارا بحث مباحثا ان جي واپسي ۾ مددگار ٿي بنيا ته اُهي ڀلي ختم ڪيا وڃن. باڪسر جنهن کي هاڻي سوچڻ جو موقعو مليو هو، تنهن عام جي نمائندگي ڪندي چيو ته ”اگر ڪامريڊ نيپولن ائين چوي ٿو ته اهو سچ ئي هوندو“ ۽ ان کانپوءِ هن جو متو ئي اهو مقولو ٿيو ته ”ڪامريڊ نيپولن هردم سچو آهي.“ ۽ ٻيو ته ”آئون اڃان وڌيڪ پورهيو ڪندس.“
جيئن موسم ۾ ڦيرو آيو ته بهار جا هر ڪاهيا ويا. اهو ڇانورو جتي سنوبال بجليءَ جو منصوبو جوڙيو هو، سو بند ڪيو ويو ۽ سمجھيو ويو ته رٿا جا نقشا فرش تان ڊاٺا ويا آهن. هر آچر جو ڏهين وڳي سڀ جانور وڏي ڀانڊي ۾ اچي گڏ ٿيندا هُئا ۽ هفتي لاءِ حڪم وصوليندا هُئا. پوڙهي ميجر جي کوپڙي، جيڪا هاڻي گوشت کان آزاد هُئي، باغ مان ڪڍي جھنڊي جي لٺ وٽ کوڙي ويئي. جھنڊو جھولائي، سڀ جانور ان کوپڙيءَ جي تعظيم بجا آڻيندا هُئا ۽ پوءِ ئي بانڊي اندر ايندا هُئا. اڳي وانگر هو هاڻي پاڻ ۾ گڏجي سڏجي نه وهندا هُئا. نيپولن اسڪئيلر ۽ هڪ ٻئي سوئر ”منيمس“ (جيڪو گيت جوڙڻ جو ماهر هو) ساڻ مٿڀري پليٽ فارم تي ويهندو هو. ڪتا اڌ گول جي شڪل ۾ هن جي چوڌاري ويهندا هُئا. ان کان پوءِ هڪ پاسي ۾ سوئر ويهندا هُئا. انهن کانپوءِ ٻيا جانور سندس سامهون ٿي ويهندا هُئا. نيپولن رُکي ۽ فوجي نموني حڪم ٻڌائيندو هو ۽ هڪ ڀيرو گيت ڳائي، سڀ جانور واپس ورندا هُئا.
سنوبال جي نيڪاليءَ کان پوءِ ٽئين آچر ڏينهن جانور اهو ٻڌي ڪجھه حيران ٿيا ته پن بجلي وارو ڪارخانو لڳايو ويندو. ان فيصلي جا سبب نه ٻڌايا ويا، پر کين چيو ويو ته انهيءَ لاءِ کين وڌيڪ ڪم يعني سخت پورهيو ڪرڻو پوندو ۽ ممڪن آهي ته سندن راشن به گھٽايو وڃي. رٿا بهرحال هر طرح مڪمل آهي. سوئرن واري خاص ڪاميٽي گذريل ٽن هفتن کان انهيءَ سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي هُئي. پن بجلي جو منصوبو ڪيترن سڌارن سميت اڏجڻ ۽ مڪمل ٿيڻ ۾ ٻه سال کن وٺندو.
ان شام جو اسڪئيلر خانگي نموني جانورن کي سمجھايو ته حقيقت ۾ نيپولن ان ڪارخاني جي قيام جو مخالف نه هو، پر حقيقت ته اها آهي ته هن ئي پهرئين اها رٿا رٿڻ شروع ڪئي، پر پوءِ جيڪا سنوبال رٿا پئي ٺاهي، سا به نيپولن جي ڪاڳرن مان چورايل هُئي. ائين پن بجليءَ جو منصوبو نيپولن جي ئي تخليق آهي. ڪنهن سوال ڪيو ته پوءِ آخر ڇو هُن سخت نموني ان جي مخالفت پئي ڪئي. اُتي اسڪئيلر حرفتي نمونو اختياريو. هن ٻڌايو ته اها ڪامريڊ جي هڪ چالاڪي هُئي. هن مخالفت جي آڌار سنوبال مان اوهان جي جند آزاد ڪرائڻ پئي چاهي، جيڪو انتهائي ڀوائتو ڪردار هو ۽ ڏاڍا خراب اثر وجھندڙ هو. هاڻي جڏهن سنوبال راهه ۾ موجود نه آهي ته پوءِ اهو رٿا، سڌي سنواٽي عمل ۾ ايندي. اسڪئيلر جي خيال ۾ اهو حڪمت عمليءَ ۽ تدبير جو هڪ نمونو هو. ”تدبير، ڪامريڊو تدبير.“ هن پڇ لوڏي ٽهڪڙا ڏيندي اهو لفظ ورجايو.
جانورن کي اهو لفظ سمجھه ۾ نه آيو. پر اسڪئيلر جون ڳالهيون مڃائي سگھندڙ هيون ۽ ساڻس گڏجي آيل ڪتن به ڌمڪي آميز گريو پئي، سو جانور اهو نقطي نظر بنان سوال و جواب جي قبولي ورتو.