باب ٽيون
ڪڏهن ڪڏهن ڪم ڪار ڏکيو بنجي ويندو هو، ڇو ته اوزار انساني استعمال جي حساب سان ئي ٺهيل هئا، نڪي جانورن جي استعمال واسطي جڙيل هئا. ٻي وڏي خامي اها هئي ته جانور اهي اوزار استعمال نٿي ڪري سگھيا، جن کي ڪم آڻڻ ضروري هو ته جانور رڳو پوين ٽنگن تي بيهي ڪم ڪن. پر سوئر ڪافي کڙپيل هئا، سو هنن انهي تڪليف ۽ مشڪل جو حل ڳولي ڪڍيو. گھوڙن کي ٻنيءَ جي ذري پرزي جي پروڙ هئي ۽ کين ته جونز ۽ سندس ڪمين کان به وڌيڪ گاهه ڳولهڻ ڦولڻ ۽ لڻڻ جي خبر هئي. حقيقت ۾ سوئرن ڪم ڪار ۾ هٿ نٿي ونڊايو. بلڪ هنن ڪم ڪار لاءِ هدايتون ٿي ڏنيون ۽ ان جي نگراني ٿي ڪئي. اهو بلڪل فطري هو ته، هُـو پنهنجي اعليٰ ڄاڻپ جي نتيجي ۾ اڳواڻپ جو ڪردار ادا ڪن. باڪسر ۽ ڪلوور پنهنجو پاڻ کي پاڻ ئي سنجيو ٿي، پوءِ سوئرن جي نگراني ۾ زمين جي چوڦير ثابت قدميءَ سان چڪر ٿي هنيا. سندن پويان هلندڙ سوئر کين موقعي ۽ مهل سارو تيز ڊوڙڻ يا آهستي رفتار وٺڻ جا آواز ڏنا ٿي. ننڍي کان ننڍي جانور به گاهه پئي لڻيو ۽ ان کي سٿيون پئي ڪيو. ايتري تائين جو بدڪون ۽ ڪڪڙيون به سڄو ڏينهن ڪاڙهي ۾ گاهه جي ڇڳن کي چهنبن ۾ پڪڙي کڻي رهيون هيون. انهيءَ هڻ وٺ جي نتيجي جونز ۽ سندس ڪمين جي ڀيٽ ۾ هنن جانور ٻه ڏينهن اڳ لابارو پورو ڪيو. وڏي ڳالهه ته اها ٿي ته هن ڀيري فصل به گھڻو ٿيو هو ۽ زيان به گھٽ ٿيو هو. بدڪن ۽ ڪڪڙين پنهنجي تيز اکين سان ڪوبه ڳانو يا ڏانڊي رهڻ نه ٿي ڏني، ۽ ان کي کڻي جائيتو ٿي ڪيو. هڪ ٻن گرهن کان وڌيڪ ڪنهن به جانور چوري به نه ڪئي.
سڄو اونهارو فارم جو ڪم، بنا روڪ ٽوڪ، لڳاتار هلندو رهيو. جانور بيحد سرها هئا. هنن ائين ٿي وڃڻ جو تصور به نه ڪيو هو. کاڌي جو هر گراه سندن لاءِ مسرت ڀريو هو. اهو هاڻي هنن جو پنهنجو هو، پنهنجي هٿن سان پيدا ڪيل هو، ۽ نه ڪرڪندڙ مالڪ کان مليل خيرات هئي. ٽـُڪريل ۽ مفت خور انسانن جي وڃڻ کان پوءِ سندن واسطي کائڻ پيئڻ جو سامان ڪافي هو. فرحت وٺڻ لاءِ به ڪافي ڪجھه هو، پر هي ان حوالي سان اڻڄاڻ هئا. بهرحال هنن کي ڪافي دشواريون به در پيش آيون. مثال طور سال جي پوئين حصي ۾ جڏهن انهن ان جو لابارو ڪيو ۽ ان کي ڳهڻ لاءِ، ٿريشر نه هئڻ ڪري، قديم طريقو اختياريو ۽ بهه کي عليحده ڪرڻ لاءِ ڦوڪون ڏيڻون پيون. پر سوئرن پنهنجي چترائپ ۽ باڪسر پنهنجي سگھائپ سان کين ڪامياب ڪيو. باڪسر جي هر هڪ ساراهه ٿي ڪئي. هيءُ جونز جي وقت ۾ به محنتي هو، پر هاڻي ته هو ٽن گھوڙن جيترو ڪم ڪري رهيو هو. ڪڏهن اهڙو وقت به ايندو هو جو فارم جو سڄو ڪم هن جي ڪلهن تي اچي ويندو هو. هو ڀنڀرڪي کان وٺي آڌي رات تائين ڇڪ ڇڪان ۾ مشغول هوندو هو. مطلب ته جتي به سخت پورهيو ڪرڻو هوندو، اتي ته هيءُ موجود هوندو هو. هن ڪنهن ڪڪڙ کي چئي ڇڏيو هو ته کيس صبح جو سوير ٻين کان اڌ ڪلاڪ اڳ اٿاري ته جيئن هو پهريائين رضاڪارانه ڪم ڪري ۽ پوءِ روزمره جو رواجي ڪم ڪري. هر مسئلي يا ناڪامي وقت هو جوابيندو هو ته ”آئون اڃان به وڌيڪ پورهيو ڪندس.“ اهو جواب اڳتي هلي سندس ذاتي متو ۽ نعرو بنجي ويو.
بهرحال ٻيا جانور به پنهنجي صلاحيتن آهر ڪم ڪار ڪندا هئا. مثال طور بدڪن ۽ ڪڪڙين لاباري هلندي، هِتي هُتي پيل اناج جي ڪڻن کي ڪٺو ڪري پنج مڻ ان بچايو هو. ڪوبه راشن جي چوريءَ ۾ ملوث ڪين هو ۽ نه ڪنهن راشن جي گھٽ وڌائي جي شڪايت ٿي آوازي. پراڻي وقت وارو حسد، جھيڙو جھٽو، ڇڪ ڇڪان ذري گھٽ کانئن وسري ويا هئا. تقريبن ڪنهن به پورهئي ڪرڻ کان نه ٿي ڪيٻايو. اهو سچ هو ته مولي صبح جو اٿڻ ۾ دير ڪندي هئي ۽ کرن ۾ پٿر ڦاسڻ جي بهاني جلدي ڪم ڇڏيندي هئي ۽ ٻليءَ جي روش به نرالي هئي. اهو محسوس ڪيو ٿي ويو ته جڏهن ڪم جي مهل هوندي هئي ته ٻلي لڀندي ڪانه هئي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم رهندي هئي، پر کاڌي جي وقت اچي پڌري ٿيندي هئي. يا شام ويل ڪم ختم ٿيڻ پڄاڻان اتي موجود هوندي هئي ۽ تاثر اهڙو پئي ڏيندي هئي ته ڄڻ ڪجھه نه ٿيو هجي. هن جا عذر انوکا ۽ ڏاڍا دلچسپ هوندا هئا ۽ اهڙي ته پياري نوع ۾ ميائون ميائون ڪندي هئي، جو هر هڪ ان تي اعتبار ڪري وجھندو هو. پوڙهو گڏهه بينجمن به ساڳيو ئي رهيو. هو نڪو گھٽ، نڪي وڌ، پر پورو پنو پورهيو ڪندو هو. بغاوت يا ان جي نتيجي متعلق هو پنهنجي راءِ نه ڏيندو هو. جڏهن ڪو کانئس پڇي وٺندو هو ته ڇا هو جونز واري وقت جي ڀيٽ ۾ هينئر وڌيڪ خوش نه آهي، ته هو وراڻيندو هو ته گڏهه تمام گھڻو وقت جيئندا آهن. اوهان مان ڪنهن مرده گڏهه ڏٺو آهي. ٻڌنڌڙن کي انهيءَ عجيب و غريب جواب تي مطئمن ٿيڻو ئي پوندو هو.
آچر جي ڏينهن ڪم ڪار کان موڪل هوندي هئي. ان ڏهاڙي نيرڻ عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ هڪ ڪلاڪ دير سان ڏني ويندي هئي. ان کان پوءِ بنا ناغي جي هڪڙو ڪاڄ برپا ٿيندو هو. پهريائين هڪ جھنڊو چاڙهيو ويندو هو. سنوبال سنج خاني اندر پيل مسز جونز جي پراڻي سائي رنگ وارو ميز پوش ڳولي لڌو هو ۽ ان تي اڇي رنگ سان کر ۽ سنڱ جا نشان چٽيا هئاسين. هاڻي اهو جھنڊو هر آچر جو صبح سمي باغ سان لڳ ٺهيل فارم هائوس مٿان لٺ ۾ ٻڌي چاڙهيو ويندو هو. سنوبال جھنڊي جي رنگ ۽ نشانين جي وضاحت اها ٿي ڪئي ته سائو رنگ انگلنڊ جي ٻنين جي علامت طور آهي، جڏهن ته کر ۽ سنڱ مستقبل جي جانورن جي جھموري راڄ جي علامت آهن. اهو راڄ تڏهن ئي قائم ٿيندو، جڏهن هن ڌرتي تان انسان جو نالو نشان مٽجي ويندو. جھنڊي جھولائڻ کان پوءِ جانور وڏي گودام ۾ اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا. جتي عام اجلاس منعقد ڪيو ويندو هو. هن اجلاس ۾ ورندڙ هفتي لاءِ ڪمن جي رٿابندي ٿيندي هئي ۽ قرارداد پيش ڪيا ويندا هئا. انهن قراردادن کي وڏي بحث مباحثي کان پوءِ قبول ڪيو ويندو هو. سوئر ئي اهي قراردادون پيش ڪندا هئا. ٻيا جانور رڳو ووٽ ڏيڻ وارو عمل سمجھي سگھندا، باقي قراردادن تي ويچاريندا نه هئا. سنوبال ۽ نيپولن انهي بحثن مباحثن ۾ اڳيان اڳيان هوندا هئا. اهو محسوس ڪيو ويو ته هو پاڻ ڪنهن هڪ ڳالهه تي سهمت نٿا ٿين. هڪ جي پاران ڏنل راءِ جي لازمن ٻيو مخالفت ڪندو هو. ايتري تائين جو جڏهن اهو فيصلو ٿيو ته باغ جي پويان واري ٻني ۾ ڪو ٽڪرو مخصوص ڪيو وڃي، جتي جھور بنيل جانور آخري ڏهاڙا گذارين، تڏهن رٽائر ٿيڻ جي عمر جي حد تي وڏو طوفاني بحث ٿيو هو. قصو ڪوتاهه، انهيءَ اجلاس جي پڄاڻي انگلنڊ جي جانورن واري گيت ڳائڻ سان ڪئي ويندي هئي. ٽپهري تفريح لاءِ مخصوص ڪئي ويئي هئي.
سوئرن سنج خاني کي پنهنجي هيڊ ڪوارٽر طور استعمالڻ شروع ڪيو. هي هتي شام جو، لوهارڪي، واڍڪي ۽ ٻين اهڙن هنرن سيکارڻ وارن ڪتابن کي پڙهي ٻڌائيندا هئا. اهي ڪتاب فارم هائوس مان هٿ ڪيا ويا هئا. سنوبال هميشه پاڻ کي جانور ڪاميٽيون ٺاهي، جانورن کي منظم ڪرڻ ۾ مشغول رکندو هو. هيءُ ان معاملي ۾ اورچ هو. هن ڪڪڙين لاءِ بيضا پيدائش ڪاميٽي، ڳئن لاءِ صاف پڇن واري ليگ، ڪوئن ۽ سهن کي گھريچو ڪرڻ لاءِ جھنگلي ڪامريڊن جي ٻيهر تعليم واري ڪميٽي، رڍن لاءِ اڇي پشم واري تحريڪ ۽ ٻيون اهڙيون ڪافي ڪاميٽيون جوڙي ورتيون. ان کان علاوه شام جي وقت جانورن کي لکڻ پڙهڻ سيکارڻ لاءِ ڪلاس شروع ڪيا ويا. ٿلهي ليکي اهي مڙيئي منصوبا ناڪام بنيا. جھنگلي جانورن کي گھريچو بنائڻ واري ڪوشش ته اٿندي ئي ناڪام ٿي. ڇو ته انهن پنهنجي پراڻي روش برقرار رکي، الٽو انهن ساڻن ٿيندڙ نرمائي جو غلط فائدو ورتو. ٻلي کي نئين سر تعليم ڏئي سڌارڻ واري پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ هن ٻه ٽي ڏينهن سرگرميءَ سان حصو ورتو. هڪ ڏهاڙي ڏٺو ويو ته هو ڇت تي ويهي، پنهنجي پهچ کان ٻاهر ويٺل جھرڪين سان ڳالهائي رهي ۽ کين چئي رهي هئي ته هاڻي سڀ جانور پاڻ ۾ ڪامريڊ ۽ برابر آهن. انهيءَ ڪري ڪا به جھرڪي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، اچي منهنجي چنبي تي آرام ڪري سگھي ٿي. پر جھرڪين دوريءَ کي قائم رکيو.
البت لک پڙهه سکيا جا ڪلاس ڪافي نموني فائديمند رهيا. سرءُ جي مند تائين تقريبا مڙئي جانور ڪنهن نه ڪنهن حد تائين خوانده بنجي ويا.
سوئرن ته اڳ ۾ ئي لکڻ پڙهڻ سکي ورتو هو. ڪتن به پڙهڻ چڱي پر سکي ورتو، پر هو ستن حڪمانن کان وڌيڪ ٻي شيءِ کي پڙهڻ ۾ دلچسپي نه رکندا هئا. ٻڪري مُريل ڪتن کان وڌيڪ سٺو پڙهي سگھندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن شام جو ڪچري جي ڍڳ مٿان پيل اخباري ٽڪرن کي کڻي، اهو ٻين کي پڙهي ٻڌائيندي هئي. بينجمن به سوئرن جيترو پڙهي ٿي سگھيو، پر انهيءَ اهليت ۽ قابليت کي استعمال نه ڪيو. هن جو چوڻ هوندو ته جيتري قدر مونکي پروڙ هئي، پڙهڻ لائق ڪجھه به ڪينهي. ڪلوور سڀ اکر سکي ورتا، پر هو لفظ جوڙڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي. باڪسر اکر ڊي (D) کان اڳتي نه وڌي سگھيو. هو کر سان مٽيءَ ۾ ABCD ٺاهي لکندو هو. پوءِ پنهنجا ڊگھا ڪن پوئتي ڪري پيو انهن کي تڪيندو هو. ڪڏهن هو وارن جي اڳين چڳ کي ڌونڌاڙي، انهيءَ کان پوءِ وارن اکرن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو. پر ڪامياب نه ٿيو. ڪن موقعن تي لاشڪ هو EFGH جا اکر سکيو، پر وري پهريان اکر کانئس وسري ويا. نيٺ هن فيصلو ڪيو ته کيس شروعاتي اکرن تي ئي اڪتفا ڪرڻ گھرجي. پوءِ روزانو هو هڪ ٻه ڀيرا اهي اکر لکي، کين پيو دهرائيندو هو. موليءَ صرف اهي اکر سکيا، جيڪي سندس نالي ۾ شامل ٿيل هئا. هوءَ انهن اکرن کي ڪاٺيءَ جو ٽڪرن سان پئي ٺاهيندي هئي. پوءِ انهن ۾ هڪ ٻه گل سجائي، تحسين آفرين نگاهن سان انهن جي چوءِ ڦير پئي ڦيرا پائيندي هئي.
فارم جا ٻيا جانور اکر E کان اڳتي نه وڌيا ۽ اهو پڻ محسوس ڪيو ويو ته سادڙي ذهنن وارا جانور جھڙوڪ رڍون، ڪڪڙيون، بدڪون ته ستن حڪمنامن کي به ياد ڪرڻ کان قاصر هيون. گھڻي ڳڻ ڳوت ۽ سوچ ويچار کان پوءِ سنوبال پڌرايو ته ستن حڪمن کي هڪ ئي متي ۾ سمايو وڃي: ”چار ٽنگون چڱيون، ٻه ٽنگون بريون.“ هن جي خيال ۾ انهيءَ ۾ جانورازم جا ضروري اصول شامل آهن. سو جنهن به انهيءَ متي کي گھرائي سان پروڙيو، سو انساني اثراتن کان محفوظ رهندو. پکين پهريائين انهيءَ تي اعتراض واريو، ڇو ته انهن جي خيال ۾، کين ٻه ٽنگون هُيون، پر سنوبال اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ائين ڪونه آهي.
”ڪامريڊو! پکين جا پر“ هن چيو، ”ڪڻ ۽ ٿيلهڻ لاءِ آهن، نڪي اجائي حرفت باري لاءِ. تنهن ڪري انهن کي ٻه ٽنگون ڪري سمجھيو ويندو. ماڻهن جو امتيازي نشان هٿ آهن، جن جي وسيلي ئي هُو سڄو خلم مچائي ٿو.“
پکين کي سنوبال جا ڊگھا لفظ ته پلئه نه پيا، پر انهن هن جي وضاحت کي قبولي ورتو. سڀني نماڻن جانورن انهيءَ متي کي ذهن نشين ڪرڻ شروع ڪيو. ”چار ٽنگون چڱيون، ٻه بريون“ کي وڏن اکرن ۾ ستن حڪمن مٿان لکيو ويو. جڏهن اهو رڍن کي ياد ٿي ويو ته اهو مقولوسندن پسنديده نعرو بنجي ويو. هُو ٻنين ۾ ويٺي ويٺي پيون اهو نعرو ٻاڪارينديون هُيون: ”چار ٽنگون چڱيون؛ ٻه ٽنگون بريون.“ اها ٻاڪار ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي هلندي هُئي ۽ ڪڏهن به ٿڪبيون نه هُيون.
نيپولن سنوبال جي ڪميٽين ۾ دلچسپي نه وٺندو هو. هن جي خيال ۾ نئين نسل جي تعليم وڌيڪ اهم هُئي، بنسبت تعليم بالغان جي. لاباري کانپوءِ جيسي ۽ بلوبيل ڪتيون وياميون. انهن نَوَ ٿلها متارا پونگڙا ڄڻيا. جيئن هنن جي ٿڃ ڇڏائي ويئي، تيئن نيپولن اُهي مائرن کان اهو چئي پاڻ وٽ آندا ته هو انهن جي سکيا ڪندو. هُو انهن کي گودام جي ماڙي تي وٺي ويو، جنهن تي پهچڻ لاءِ سنج خاني وٽان چاڙهي هُئي. هن انهن کي اهڙي ته نموني علحده ڪري رکيو. جو ڪجھه وقت کان پوءِ، اُهي ڪنهن کي به ياد نه رهيا.
کير گم ٿيڻ جو ڀيد به جلد ئي پڌرو ٿيو. اهو سوئرن جي خوراڪ ۾ ملايو ٿي ويو. صوف پچي راس ٿيا ۽ باغ جا پٽ انهن جي ٽپڪي سان ڀريا پيا هُئا. جانورن اهو پئي خيال ڪيو ته اُهي برابر سڀني ۾ ورهايا ويندا. پر هڪ ڏينهن اهو حڪم وارد ٿيو ته انهيءَ ٽپڪي کي گڏ ڪري، سنج خاني آندو وڃي ته جيئن سوئر صاحبان انهن کي استعمالي سگھن. ڪجھه جانورن انهيءَ فيصلي تي ارهائي جو هلڪو اظهار ڪيو، پر ڪوبه اثر نه ٿيو. انهيءَ فيصلي تي سڀ جا سڀ سوئر ويندي نيپولن ۽ سنوبال به يڪراءِ هُئا. اسڪئيلر کي عام جانورن ڏي اماڻيو ويو ته هو وڃي کين وضاحتون ڪري مطمئن بنائي.
”ڪامريڊو!“ هن رڙ ڪندي چيو، ”اوهان اهو ڇوٿا سوچيو ته اسان اهو ڪم خود غرضي وچان ڪري رهيا آهيون. اسان مان گھڻا سوئر ته کير ۽ صوفن کي پسند ئي ڪونه ڪندا آهن. آئون پنهنجي سر انهن کي پسند به نه ڪندو آهيان. پر اسان لاءِ انهن شين جو استعمال ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته جيئن اسان جي صحت قائم رهي. سائنس ثابت ڪيو آهي ته صوفن ۽ کيرن ۾ اهڙا جزا آهن، جيڪي سوئرن جي چڱڀلائي لاءِ ضروري آهن. اسان سوئر سخت ذهني پورهيو ڪندا آهيون. سڄي فارم جي سنڀال سڙي اسان جي بلي آهي. اسان ڏينهن رات اوهان جي فلاح لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون. اهو اوهان جي ئي ڀلي لاءِ آهي ته اسان اهي ئي شيون واپرايون. اوهان کي ته پتو آهي ته جيڪر اسان پنهنجي فرضن جي ادائگي ۾ ناڪام ٿياسين ته ان جا ڪهڙا اگرا نتيجا نڪرندا! جونز واپس اچي ويندو. هائو! ڪامريڊو! هائو! جونز واپس ورندو.“ اسڪئيلر پنهنجي پڇ کي ڦيرائيندي ۽ ٽپا ڏيندي ذري گھٽ ليلائيندي چيو، ”يقيني طور اوهان مان ڪوبه نه چاهيندو ته جونز وري واپس اچي.“
سڀ جا سڀ جانور جنهن نڪتي تي متفق هُئا، سو هو ته جونز کي واپس نه اچڻ گھرجي. جڏهن اهو جواز ان نڪتي جي روشنيءَ ۾ پيش ڪيو ويو ته وٽن ڪڇڻ لاءِ وڌيڪ ڪجھه به نه رهيو. سوئرن کي سٺي حالت ۾ رکڻ جي اهميت واضح هئي. انهيءَ ڪري اهو طيءِ ڪيو ويو ته کير ۽ صوف ڀلي سوئرن جي واهپي ۽ کاپي لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.