ناول

ائنيمل فارم

هن ناول جو ليکڪ نامور صحافي ۽ ناول نگار جارج آرويل آهي جڏهن ته سنڌيڪار حبيب سنائي آهي.
جارج آرويل جو هي توڙي ٻيو ناول 1984 ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا. هن ناول ۾ هن اسٽالن جي دور حڪومت جو قصو جانورن جي ڪردار ۾ بيان ڪيو آهي. ناول 1984 ۾ وري مستقبل ۾ ايندڙ آپيشاهي نظام واري جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان ناول ۾ ڪم آيل انوکا اصطلاح اڳتي هلي ڪري ضرب المثال بنجي ويا آهن. تازو ٽرمپ جي اليڪشن توڙي ان جي ابتدائي حڪمن ڪري انهيءَ ناول جي وڪري ۾ اضافو به ٿيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2488
  • 1080
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ائنيمل فارم

باب ٻيو

ٽي راتيون پوءِ، پوڙهو ميجر ننڊ ۾ ستي ئي ڌڻيِءَ کي وڃي پرتو. سندس جسم کي باغ جي مهڙ ۾ پوريو ويو.
اهو موت مارچ جي شروع ۾ ٿيو. ان کان پوءِ ايندڙ ٽن مهينن دوران انتهائي خفيه سرگرميون به ٿينديون رهيون. ميجر جي تقرير سمجھدار جانورن کي زندگيءَ جو هڪ نئون نقطي نظر ڏنو هو. انهن کي اها خبر نه هئي ته ڪڏهن بغاوت ٿيندي، انهن وٽ اهو وسهڻ لاءِ ڪوبه سبب نه هو ته اها سندن حياتي ۾ ئي ٿيندي، پر هنن انهيءَ جي برپا ڪرڻ لاءِ تياري وٺڻ کي فرض پئي سمجھيو. ٻين کي سيکارڻ ۽ منظم ڪرڻ جي ذميواري سوئرن تي عائد ڪئي ويئي، جيڪي عام طرح مڙني جانورن ۾ زيرڪ سمجھيا ٿي ويا. سوئرن ۾ وڌيڪ ڄاتل سڃاتل سنوبال ۽ نيپولن هئا، جن کي مسٽر جونز کپائڻ لاءِ تاتي رهيو هو. برڪشائير نسل سان تعلق رکندڙ نيپولن دهشت زده ڪندڙ ڊول جو مالڪ هو. هوگھٽ ڳالهائو ۽ پنهنجي طريقي هلندڙ جانور هو. هن جي ڀيٽ ۾ سنوبال خوشدل، تيز ڳالهائيندڙ ۽ جدت پسند هو، پر ڪردار جي لحاظ کان ايتري گھرائي جو مالڪ نه هو. ٻيا نر سوئر ڪسجڻ واسطي تيار ٿي رهيا هئا. انهن ۾ وري ڄاتل سڃاتل هو ڍينڍڙو ۽ ڦيڦو اسڪئيلر. سندس مِٽون گول، اکيون ڇنڀندڙ، ڇڙڪ چرپر ۽ آواز تکو هو. هيءُ ڏاڍو سٺو مقرر هو. جڏهن ڪنهن ڏکئي نڪتي تي دليل بازي پيو ڪندو هو ته ان سمي هن جي عادت هوندي هئي ته هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پيو ٽپا ڏيندو ۽ پنهنجي پڇ کي به ڦيرا ڏيندو. اهو سندس ڍنگ سامعين کي قائل ڪري سگھڻ جهڙو هو. هن لاءِ اهو چيو ويندو هو ته هو ڪاري کي اڇو ڪري ثابت ڪري سگھجي ٿو.
هنن ٽنهي ميجر جي سکيا کي تفصيل سان نئين سوچ سرشتي ۾ منظم ڪيو، جنهن کي هنن نالو ڏنو ائنيملزم (جانورازم). جونز جي سمهڻ کان پوءِ هفتي جون ڪيتريون راتيون، هو ڀانڊي ۾ اچي گڏجاڻيون ڪندا هئا، جن ۾ هو جانورازم جا اصول ٻين کي سيکارڻ لڳا. شروع شروع ۾ ته کين ٻين جي بي ڌياني، بيوقوفائي ۽ لا پرواهي کي منهن ڏيڻو پيو. ڪن جانورن اهو ٿي چيو ته اهو انهن جو فرض آهي ته هو پنهنجي آقا جونز سان وفا ڪندا رهن. يا ڪن ائين ٿي چيو ته آقا جونز ئي آهي، جيڪو کين کارائي پياري ٿو، سو جي مري پيو ته هو رلي ويندا ۽ بکن ۾ پاهه ٿيندا. ٻين وري اهي سوال پڇيا ته ”آخر اسان جي مرڻ پڄاڻان ٿيندڙ ڪنهن واقعي متعلق هينئر اسان ڇو ويهي هلاک ٿيون؟“ يا ”جيڪڏهن بغاوت ڪنهن به نموني ٿيڻي آهي، ته پوءِ ڪهڙو ٿو فرق پوي، جيڪر ان لاءِ ڪم ڪجي يا نه ڪجي.“ سوئرن لاءِ ٻين جانورن کي اهو سمجھائڻ ته اهي ڳالهيون، جيڪي هو ڪن پيا، جانورازم جي خلاف آهن، ڏاڍو ڪٺن ڪم هو. سڀ کان ڇسا سوال اڇي گھوڙيءَ مولي ڪيا. پهريون پهريون سوال جيڪو هن سنوبال کان ڪيو، اهو هو ته ”بغاوت برپا ڪرڻ بعد ڇا کين مصري پئي ملندي.“ ”نه“ سنوبال پختگيءَ سان وراڻيو، ”اسان وٽ هن فارم تي مصري ٺاهڻ جو ڪو وسيلو ڪونهي. وڌيڪ ته اوهان کي مصري جي ڪاڻ ڪانه رهندي ڇو ته اوهان کي سڪل گاهه جام ملندو.“
”ڀلا ڇا مون کي پنهنجي ڳچيءَ جي وارن ۾ ربن هڻڻ جي اجازت هوندي؟“ مولي پڇيو.
”ڪامريڊ!“ سنوبال چيو، ”اهي ربنون، جن لاءِ تون مريو ٿو وڃين، غلاميءَ جون نشانيون آهن. ڇا تون نٿي سمجھين ته آزادي ۽ آجپو انهن ربنن کان وڌيڪ آهي؟“
مولي ته انهن سان ته کڻي هاڪار ڪئي، پر هوءَ انهن سان سهمت نٿي نظر آئي.
پاليل جھنگلي ڪانءَ موزز پاران جيڪي افواهه ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙيون ٿي ويون، تن کي رد ڪرڻ ۾ هنن سوئرن کي وڌيڪ جاکوڙ ٿي ڪرڻي پئي. موزز مسٽر جونز جو خاص پاليل پکي هو ۽ هو ان جو جاسوس ۽ چغل خور هو. هيءُ ڳالهين جو ڳهير هو. هو دعويٰ ڪندو هو ته هن کي هڪ پراسرار ملڪ ”شگرڪينڊي مائونٽين“ جي ڄاڻ آهي، جنهن ڏانهن، سڀ جانور مرڻ بعد نيا ويندا آهن. انهيءَ ملڪ ۾ هفتي جا ست ڏينهن آچر ئي هوندو آهي ۽ هر موسم ۾ اتي برسيم گاهه ملندو آهي ۽ اتي لوڙهن تي نازبو ۽ ڳڙ اسرندو آهي. جانور موزز کان نفرت ڪندا هئا، ڇو ته هو ڪم جو ٽوٽي هو، پر قصا گھڙڻ ۽ ٻڌڻ جو ماهر هو. البت ڪجھه جانور شگرڪينبدي مائونٽين واري قصي تي اعتبار ڪندا هئا. انهيءَ ڪري سوئرن کي وڏي دليل بازي ڪري ثابت ڪرڻو پوندو هو ته اهڙي ڪنهن ملڪ يا جاءِ جو ڪو وجود ڪونهي.
هنن جا انتهائي اعتبار ڪندڙ پيروڪار هئا: گاڏي گھليندڙ ٻه گھوڙا باڪسر ۽ ڪلوور. اهي پنهنجي سر ڪا ڳالهه سوچڻ ۽ ان تي ويچار ڪرڻ ۾ وهلور پيا ويندا هئا، پر هڪ ڀيرو سوئرن کي استاد مڃي، ۽ انهن پاران ٻڌايل ۽ سيکاريل هر ڳالهه کي، پنهنجي ذهن ۾ سمائي، ٻين جانورن ڏانهن دليلن سان منتقل ٿي ڪيو. ڀانڊي ۾ ٿيندڙ خفيه گڏجاڻين ۾ هو پابنديءَ سان شريڪ ٿيندا هئا ۽ انهن ۾ گيت ڳائڻ ۾ اڳواڻي ڪندا هئا، جيڪو پڄاڻي مهل ڳايو ويندو هو.
هيڏانهن بغاوت توقع کان اڳ ۽ ڪافي آسانيءَ سان برپا ٿي. پوين سالن ۾ مسٽر جونز جيڪو کڻي سخت گير آقا هو، پر لائق زميندار پڻ هو. مگر ويجھي ڇڪ ۾ ڪنهن ڪيس ۾ رقم ٻڏائي وجھڻ کان پوءِ اچاٽ ٿي پيو هو ۽ شراب نوشي ڏانهن وڌيڪ وڌي ويو هو. اها مي نوشي هن جي صحت لاءِ انتهائي خراب هئي. هو سڄا سڄا ڏينهن بورچيخاني ۾ ونڊسر Windsor ڪرسيءَ تي آهليو پيو هوندو، ۽ اخبارون پيو پڙهندو يا مڌ پيئندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مانيءَ جا ٽڪرا بيئر ۾ ٻوڙي موزز کي اڇلائي ڏيندو هو. هن جا ڪمي ڪم چور ۽ بي ايمان هئا. ٻنين ۾ گند گاهه وڌي ويو هو، جاين جو ڇتيون مرمت جون گھرجائون هيون. وٿاڻ به ابتر حالتن ۾ هئا. جانورن کي تمام گھٽ ٿي کارايو ويو.
جون جو مهينو آيو ته گاهه به ڪٽجڻ لاءِ تيار هو. وچ اونهاري جي هڪ ڇنڇر تي مسٽر جونز ولنگڊن ويو هو، اتي ريڊ لائين نالي واري گتي ۾ ايترو ته پيتو هئائين، جو آچر جي منجھند تائين هو واپس نه وريو. سندس نوڪر چاڪر جانورن کي کاڌو کارائڻ کان سواءِ ئي، صبح جو سويل ڳئون ڏهي، سها پڪڙڻ لاءِ ٻيلي ۾ نڪري ويا. جڏهن جونز آيو ته سڌو وڃي ڊرائنگ روم جي صوفا تي ليٽيو ۽ ”نيوز آف ورلڊ“ کي پڙهڻ ۾ لڳي ويو. ائين شام تائين جانور بکيا رهيا. نيٺ به اهو سڀ ڪجھه هنن جي سهپ کان ٻاهر هو. هڪڙي ڍڳيءَ گاهه واري ڀانڊي جي در کي پنهنجي سڱن سان ڀڳو. ان بعد هر هڪ جانور اندر آيو ۽ گندين ۾ پيل کاڌو کائڻ لڳو. انهيءَ وقت مسٽر جونز ننڊ مان جاڳيو. ٻي گھڙي هو ۽ سندس ڪمي ڀانڊي ۾ چهبڪن ۽ لٺين ساڻ وارد ٿيا، ۽ هر هڪ جانور کي ڪٽڻ لڳا. بکايل جانورن لاءِ اهو عمل سهپ جوڳو نه رهيو، سو يڪراءِ ٿي، جيتوڻيڪ ان لاءِ ڪا اڳواٽ رٿابندي به نه ٿيل هئي، هو پنهنجي آزاريندڙن ڏانهن ڪاهي آيا. اوچتو مسٽر جونز ۽ سندس نوڪرن ڏٺو ته هو جانورن جي ٿونن ۽ لتن جو نشانو بنجي رهيا هئا ۽ صورتحال سندن ظابطي ۾ نه رهي هئي. هنن ته ڪڏهن به جانورن جو اهڙو ورتاءُ ڏٺو ئي ڪونه هو. هو جنهن جانور کي جهڙي نموني ڪٽڻ چاهيندا هئا، تيئن پيا ڪٽيندا هئا. جانورن جي هن رد عمل کين ڊيڄاري وڌو، سو هنن وٺي پويان پير ڪيا ۽ جانور سرخرو ٿي هنن جي پويان لڳا آيا.
بيگم جونز پنهنجي گھر مان اهو نظارو پئي ڏٺو، سو هن پنهنجي ٿيلهي ۾ ضرورت جون شيون وڌيون ۽ ٻئي در مان ٻاهر اچي فارم مان ٻاهر نڪري ويئي. موزز سندس پويان اڏامندو آيو ۽ روايتي آواز ڪڍندو آيو. انهيءَ وچ ۾ جانور مسٽر جونز ۽ ان جي نوڪرن پويان لڳا آيا ۽ کين فارم مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ مکيه وڏو در بندي ڇڏيو. ائين کين خبر پوڻ کان اڳ ئي بغاوت ٿي چڪي. جونز کي هڪالي ڪڍيو ويو ۽ مئنر فارم هاڻي هنن جي ملڪيت هو.
ڪجھه منٽن تائين ته جانورن کي پنهنجي ڀلي ڀاڳ تي يقين نٿي آيو. سندن پهريون عمل اهو ٿيو ته هو گڏجي سڏجي فارم جي چئني پاسي ڊڪندا رهيا، ڄڻ اهو يقين ڪرڻ پيا گھرن ته هاڻي فارم ۾ ڪو انسان لڪل ڪونه آهي. ان بعد هو فارم جي عمارتن ڏي وٺي ڀڳا، ته جيئن جونز جي حڪمرانيءَ جون آخري نشانيون به ٺڪاڻي لڳايون وڃن. طنبيلي جي ڇيڙي تي ٺهيل سنج گھر جو در ڀڳو ويو. لغام، واڳون، مهارون، نٿون ۽ ٻيو سامان جھڙوڪ اهي چاقون، جيڪي سوئرن ۽ گھيٽن وغيره کي خصي ڪرڻ ۾ ڪم ٿي آيا، تن کي کوهه ۾ اڇلايو ويو. واڳون، مهارون، توبرون، انڌاريون، چهبڪ وغيره باهه جي حوالي ڪيا ويا. انهن شين کي ڀسم ٿيندي ڏسي، جانور ٺينگ ٺپا ڏيڻ لڳا. سنوبال ته انهن ربنن کي به باهه حوالي ڪيو، جيڪي وڪري واري ڏينهن جانورن جي ڳچي وارن وارن ۽ پڇ ۾ ٻڌيون ٿي ويون.
”ربنن کي“ هن چيو، ”ڪپڙا ڪري سمجھيو وڃي، جيڪي انسانن جون نشانيون آهن، سو سڀ جانور ننگا رهن.“
جڏهن باڪسر اهو ٻڌو ته هو هڪ ڪکائين ٽوپي کڻي آيو، جيڪا هو ڪنن کي مکين کان بچائڻ لاءِ گرمين ۾ پهريندو هو. هن اها به باهه ۾ اڇلائي وڌي.
ٿوري وقت ۾ جانورن هر اها شيءِ تباهه ڪري ڇڏي، جنهن مسٽر جونز جي ياد ٿي ڏياري. نيپولن وري هنن کي اسٽور ڏي وٺي ويو ۽ کين ٻيڻو راشن ڏنائين ۽ ڪتن کي ٻه بسڪوٽ ڏنائين. ان بعد هنن انگلنڊ جي جانورن وارو گيت لڳاتار ست گھمرا ڳاتو. آخر ڪار هو سمهي پيا ۽ اهڙي گھري ننڊ، کين هن کان اڳ ڪڏهن به نصيب نه ٿي هئي.
رواج موجب هو ڀنڀرڪي ويل سجاڳ ٿيا، ڪالهوڪي عظيم وارتا کي ياد ڪندي، اوچتو، هو ڊوڙندا، چرا گاهه پهتا. چراهه گاهه کان ڪجھه پوئتي هڪ ٽڪري هئي، جتان مڪمل فارم نظر جي گھيري ۾ ٿي آيو. هي ان ٽڪريءَ ڏي ڀڳا ۽ مٿي پهچي چوڦير تڪڻ لڳا. هاڻي اهو سڀ سندن ملڪيت هو - هر شيءِ، جيڪا کين نظر ٿي آئي، سندن بنجي چڪي هئي. انهيءَ احساس جي جولان ۾ هنن ٺينگ ٺپا پائڻ شروع ڪيا ۽ هوا ۾ بازوليون پائڻ لڳا. هن ماڪ ڀنل پٽ تي ليٿڙيون پاتيون ۽ پوءِ ڍؤ ڪري گاهه چريو. هنن مٽيءَ جي ڍيرن کي لتون هنيون ۽ انهيءَ جي وڻندڙ خوشبوءَ کي سونگھيو. پوءِ گڏجي سڄو فارم چڪاسيو. هنن کيڙيءَ واري توڙي گاهه پوکيل ٻني، ڍنڍ، باغ ۽ هڙي وغيره جو معائنو ڪيو. ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ هنن انهي شين کي اڳي نه ڏٺو هو. کين اڃان به مشڪل سان ويساهه ۾ ٿي آيو ته هيءُ سڀ ڪجھه هاڻي سندن آهي.
ان بعد هو وري فارم جي عمارتن ڏانهن قطارجي آيا ۽ فارم هائوس آڏو خاموش ٿي رڪجي بيٺا. اهو گھر به هاڻي هنن جي ملڪيت هو، پر اهي اندر وڃڻ کان ڊنا پئي. ٿوري ويرم کانپوءِ، نيپولن ۽ سنوبال پنهنجي سڱن ساڻ در کي کوليو ۽ سڀ جانور هڪ قطار ۾، ائين سنڀالي سنڀالي اندر گھڙيا، ڄڻ کين ڪنهن جي آرام ۾ مداخلت جو ڊپ هجي. هو پيرن جي پنجن تي بي آواز، هيڏانهن هوڏانهن گھمندا رهيا ۽ چپن ۾ ڳالهائيندا، ڪمرن ۾ موجود بسترن، آرسين، صوفن، غاليچن ۽ بخاريءَ جي جاري تي رکيل راڻي وڪٽوريه جي مجسمي کي ڏسندا رهيا. هو جڏهن هيٺ اچي رهيا هئا ته کين احساس ٿيو ته مولي سندن سٿ مان غائب هئي. سو هو پوئتي وري ويا. ڏٺائون ته مولي هڪ بيڊ روم ۾ بيٺل هئي. هن مسز جونز جي نيري ربن جو ڪو ٽڪرو کنيو هو ۽ آرسي آڏو بيهي، ربن کي ڪلهي تي سجائي، پاڻ کي جانچي رهي هئي. مٿس سڀ ڪاوڙجي پيا. بورچيخاني ۾ سوئرن جون لوڻيل رانون ٽنگيل هيون، تن کي پورڻ لاءِ کنيو ويو. ٿانون ڌوئڻ واري ڪمري ۾ پيل بيئر جي پيپ کي باڪسر ڦهي وڌو. ان کان علاوه ٻي ڪنهن به شيءِ کي هٿ نه لاٿو ويو. ٿڏي تي يڪمشت راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن گھر کي عجائب گھر بنايو ويندو ۽ ان ۾ ڪوبه رهائش اختيار نه ڪندو.
جانورن جڏهن نيرڻ کائي پوري ڪئي ته کين سنوبال ۽ نيپولن گھرائي ورتو. ”ڪامريڊو!“ سنوبال چيو، ”ساڍا ڇهه ٿيا آهن ۽ اسان جي آڏو پورو ڏينهن پيو آهي. اڄ کان اسين گاهه جي پوکائي ڪنداسين. پر پهرئين هڪ ٻيو مامرو نبيرڻو آهي.“
سوئرن ان وقت ظاهر ڪيو ته اهي ٽن مهينن کان مسٽر جونز جي ٻارن جي هڪ پراڻي اسپيلنگ واري ڪتاب، جيڪو ڪچري مٿان پيل هو، مان لکڻ پڙهڻ سکندا رهيا آهن. نيپولن اڇو ۽ ڪارو رنگ گھرايو، ۽ مڙني جانورن کي فارم جي مکيه دروازي وٽ وٺي آيو. سنوبال لکڻ جو ڀڙ هو. هن پنهنجي اڳين ٽنگ جي ڏوڏيءَ وچ ۾ برش ڦاسائي، مئنر فارم کي ڊاهي ائنيمل فارم لکيو. هاڻي هن فارم جو اهو نالو سڏيو ويندو. ان کان پوءِ هو فارم جي عمارتن ڏي آيا. هتي سنوبال ۽ نيپولن، چاڙهي گھرائي ۽ ان کي ڀانڊي جي ڀت سان لڳايو ويو. هنن وضاحت ڪئي ته گذريل ٽن مهينن جي اڀياس بعد، اهي جانورازم جي اصولن کي ستن حڪمن ۾ سمائي سگھيا آهن ۽ اهي ست حڪم هن ڀت تي لکجي رهيا آهن ۽ اڄ کان پوءِ اهي هن فارم جو اَبدل قانون هوندا. ڪجھه تڪليف کان پوءِ (ڇو ته سوئرن لاءِ پاڻ کي چاڙهي تي متوازن رکڻ ڏکيو هوندو آهي) سنوبال چاڙهيءَ تي چڙهيو. اسڪئيلر رنگ جي باڙدي جھلي. ڪاري رنگ مٿان اڇي رنگ سان وڏن اکرن ۾، جيڪي پريان کان ئي نظر ٿي آيا، هي حڪم لکيا ويا.
ست حڪمناما:

1. جيڪو ٻن ٽنگن تي هلندڙ آهي، سو اسان جو ويري آهي.
2. جيڪو چئن ٽنگن تي هلندڙ آهي، يا ٻه ٽنگون ۽ پر آهنس، سو اسان جو ساٿي آهي.
3. ڪوبه جانور ڪپڙا نه پهريندو.
4. ڪوبه جانور بستري ۾ نه سمهندو.
5. ڪوبه جانور شراب نه واپرائيندو.
6. ڪوبه جانور ٻئي جانور کي قتل نه ڪندو.
7. سڀ جانور برابر آهن.

لکت صاف سٿري هئي، البت سنگي ساٿي جي هِجي غلط لکيل هئي. سنوبال وڏي آواز ۾ اهي حڪم پڙهي ٻڌايا. سڀني انهن سان سهمت هجڻ جو اشارو ڏنو. ذهين جانورن ته اتي جو اتي هنن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو.
”هاڻي ڪامريڊو!“ سنوبال رنگ اڇلائيندي چيو، ”هاڻي گاهه جي ٻنيءَ ڏي هلو ۽ اچو ته وچن واريون ته اسان جونز ۽ ان جي ڪمين کان به وڌيڪ تيزيءَ سان گاهه جي پوکائي ڪنداسين.“
انهيءَ مرحلي تي ٽن ڳئن رنڀڻ شروع ڪيو، جن کي چوويهن ڪلاڪن کان وٺي ڏڌو نه ويو هو، تنهن ڪري اهي تڪليف ۾ هيون ۽ سمجھيائون ٿي ته ڄاڻ سندن ٿڻ ڦاٽا. ٿوري ويچار کان پوءِ سوئرن باڙديون گھرايون ۽ پنهنجي کرن سان کين ڏهڻ شروع ڪيو. جھٽ کان پوءِ پنج باڙديون ڦيڻ واري کير سان ڏٽيل هيون، جن کي سڀ جانور شوق سان ڏسي رهيا هئا.
”هن کير جو ڇا ٿيندو؟“ ڪنهن پڇا ڪئي.
”جونز ڪڏهن ڪڏهن اسان جي کاڌي ۾ کير ملائيندو هو.“ ڪڪڙين چيو.
”ڪامريڊو! کير جو ڪو الڪو نه ڪريو.“ نيپولن باڙدين آڏو ٿي چيو، ”هن کي پوءِ ٿا ڏسون، پهرئين رونڀي کي اڪلايون. ڪامريڊ سنوبال اوهانجي مهنداري ڪندو، آئون چند منٽن ۾ اچان ٿو. ٻني اسان جو انتظار پئي ڪري.“
ائين جانور گاهه جي ٻنيءَ ڏي وڌي ويا. اهي جڏهن شام جو واپس وٿاڻن تي وريا ته هنن کي خبر پئي ته کير ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي.