باب نائون
شروع ۾ جڏهن فارم جا قانون جڙي رهيا هُئا ته ريٽائر ٿيڻ جي عمر گھوڙن ۽ سوئرن لاءِ 12 سال، ڳئن لاءِ 14 سال، ڪتن لاءِ 9 سال، رڍن لاءِ 7 سال ۽ ڪڪڙين ۽ بدڪن لاءِ هڪ سال مقرر ڪئي ويئي هُئي. پوڙهن لاءِ مناسب پينشن به مقرر ڪئي ويئي هُئي. حقيقت ۾ اڃان ڪوبه جانور ريٽائر نه ٿيو هو، پر ويجھي عرصي ۾ اهو موضوع بار بار بحث هيٺ آيو هو. هاڻي جڏهن باغ جي پويان واري ٻني کي جَوَن جي پوک لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو، تڏهن اهو افواهه به هُليو هو ته وڏي چراگاهه جي هڪ ڪنڊ کي علحده ڪري ريٽائر جانورن جو چراگاهه بنايو ويندو. چيو ٿي ويو ته گھوڙن لاءِ روزانه پنج پائونڊ اناج ۽ سياري ۾ سڪل گاهه جا 15 پائونڊ ۽ موڪل واري ڏينهن گجر يا ممڪن هو ته هڪ صوف بطور پينشن ڏنو ويندو. باڪسر جو ٻارهون جنم ڏينهن ايندڙ سال جي اونهاري جي پوئين حصي ۾ ٿيڻ وارو هو.
زندگي دشوار بنيل هُئي. اڳوڻي سياري جيان هيلوڪو سيارو به سخت ڪٺن هو ۽ کاڌي جي به کوٽ هُئي. هڪ ڀيرو وري سواءِ سوئرن ۽ ڪتن جي، ٻين جو راشن گھٽايو ويو هو. اسڪئيلر وضاحت ڪئي ته راشن برابري ۾ سختي جانورازم جي اصولن جي بر خلاف آهي. بهرحال هن لاءِ ٻين جانورن آڏو اهو ثابت ڪرڻ مشڪل نه هو ته جانور حقيقت ۾ گھٽ خوراڪيت جو شڪار نه هُئا، پوءِ ظاهري نمونو ڇا به کڻي هجي. ٿوري وقت لاءِ اهو ضروري بنجي پيو آهي ته کاڌي جي راشن ۾ نئين سر ردوبدل ڪئي وڃي (اسڪئيلر گھٽتائي بدران ردوبدل جو لفظ استعمال ڪندو هو.) پر جونز واري وقت جي ڀيٽ ۾ هينئر وڌيڪ سڌارو هو. تکي ۽ تڪڙي آواز ۾ انگ اکر پڙهندي هن ثابت ڪيو ته هنن کي جونز واري وقت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جَوَ، وڌيڪ سڪل گاهه، وڌيڪ گوگڙو ميسر آهن. هنن جا ٻچڙا صغيرپڻو اُڪاريو وڃن، هنن کي وٿاڻن ۾ وڌيڪ ڪک مليل آهن، ۽ مکين ۽ جيتن کان گھٽ آزاريل آهن. جانور هن جي هر ڳالهه تي اعتبار ڪيو ٿي. سچ اهو هو ته کين جونز جي وقت وارو حالتون ياد نه هيون. هنن کي معلوم هو ته سندس هاڻوڪي زندگي دشوار ۽ ڪٺن آهي ۽ هو اڪثر بکيو سمهيو رهن ٿا، ٿڌ جو شڪار رهن ٿا. جڏهن ننڊ ۾ نه هوندا آهن ته پورهئي ۾ مشغول هوندا آهن. پر لاشڪ پراڻي وقت ۾ حالتون اڃان به ابتر هيون. هو اُهو اعتبار ڪري خوش ٿي ويندا هُئا. وڌيڪ ته پراڻي وقت ۾ هو غلام هُئا ۽ هاڻي هو آزاد آهن ۽ اهو مکيه تفاوت آهي، جنهن تي زور ڀرڻ اسڪئيلر کي نه وسرندو هو.
هاڻي آبادي به وڌي آهي. سرءُ جي موسم ۾ چئن مادي سوئرن 31 ٻچن کي ڄڻيو آهي، ننڍا سوئر چٽڪمرا آهن ۽ جيئن ته رڳو نيپولن ئي سانُ آهي، سو انهن جي پيءُ جي شناخت مشڪل نه هُئي. پوءِ وري سرون ۽ ڪاٺ خريد ڪيو ويو ته اهو اعلانيو ويو ته هاڻي فارم هائوس جي باغ ۾ اسڪول ٺاهيو ويندو. ڪجھه وقت لاءِ نوجوان سوئرن کي نيپولن پنهنجي سر فارم هائوس جي رڌڻي ۾ سکيا ڏيندو. انهيءَ وقت هڪ ٻيو قانون ٺاهيو ويو ته جڏهن ڪو سوئر ۽ ٻيو جانور وچ ۾ رستي ۾ گڏجن ته ٻيو جانور پاسيرو ٿي بيهي ۽ وڌيڪ ته سڀ سوئر بلا لحاظ مرتبي جي آچر جي ڏهاڙي پُڇن تي سايون ربنون پهريندا.
هيءُ سال فارم جي لاءِ سڻائو سال هو، پر روڪڙ جي وري به کوٽ درپيش هُئي، اسڪول لاءِ سرون، واري ۽ سيمنٽ وٺڻو هو ۽ وڌيڪ ونڊمل جي مشين لاءِ به بچت ڪرڻي هُئي. ان کان علاوه گھرن لاءِ بتين جو تيل ۽ شمعون، نيپولن لاءِ کنڊ (هن ٻين سوئرن کي کنڊ کائڻ کان منع ڪئي هُئي ته جيئن هو ٿلها نه ٿين) ۽ وڌيڪ اوزارن، رسين، ڪوئلي، ڪوڪن، تارن، لوهه ۽ ڪتن جي خوراڪ جي کوٽ به پوري ڪرڻي هُئي. سڪل گاهه جو ڪجھه حصو ۽ پٽاٽن جي فصل جو ڪجھه حصو وڪرو ڪيو ويو هو. بيضا پهچائڻ جو معاهدو هفتي ۾ ڇهه سو بيضن جي انگ تائين وڌايو ويو هو. انهيءَ ڪري ڪڪڙين هن سال رڳو ايترن بيضن تي آرو ڪيو، جيترا ممڪن هُئا. راشن جيڪو ڊسمبر ۾ گھٽايو ويو هو، سو فيبروري ۾ ٻيهر گھٽايو ويو ۽ تيل جي کپت گھٽائڻ لاءِ وٿاڻن ۾ بتي ٻارڻ کان روڪيو ويو. پر سوئر وڌيڪ خوش باش ٿي لڳا. حقيقت ۾ هو مچي رهيا هئا. فيبروري جي آخري هفتي ۾ هڪ شام جو، هڪ گرم ۽ خوشبودار ۽ بک ڏياريندڙ خوشبو محسوس ڪئي ويئي، جنهن جھڙي خوشبو اڳي نه سونگھي ويئي هُئي. اها جونز جي ننڍي ڪلال خاني مان اچي رهي هُئي. اهو ڪلال خانو جونز جي وقت استعمال هيٺ نه هو. ڪنهن چيو ته جَوَ رڌجڻ جي خوشبو آهي. جانورن بکايل نوع ۾ هوا کي سونگھيو ۽ اندازو هنيو ته هنن جي رات جي ماني لاءِ مليندو پيو تيار ٿئي. پر گرم مليندو ظاهر نه ٿيو ۽ ٻي آچر تي اعلان ڪيو ويو ته اڄ کانپوءِ جَوَ رڳو سوئر کائيندا. باغ پويان واري ٻنيءَ ۾ جَوَ پوکيا ويا هُئا. جلد اهو به پڌرو ٿيو ته هر سوئر کي روزانه بيئر جي هڪ پنٽ بوتل ملي ٿي ۽ نيپولن کي اڌ گيلن ڏنو وڃي ٿو. اهو اڌ گيلن کيس شاهي ٿانون ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.
جيڪي صعوبتون برداشت ڪيون پئي ويون، تن جو هلڪو ازالو انهيءَ حقيقت ٿي ڪيو ته هنن جي زندگيءَ ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ عظمت وڌيڪ هُئي. هينئر گھڻا ڳيچ، تقريرون ۽ جلسا هُئا. نيپولن حڪم ڏنو هو ته هفتي ۾ هڪ ڀيرو پاڻمرادو مظاهرو ڪيو وڃي، جنهنجو مقصد جانورن جي فارم جي ڪاميابين ۽ جدوجهد کي ملهائڻ هجي. مقرر وقت تي جانور ڪم ڪار ڇڏي فوجي نموني جي صف بندي ڪري فارم جي حدن جي چوڌاري چڪر هڻندا هُئا. انهيءَ چڪر ۾ اڳيان سوئر هوندا هُئا، پوءِ گھوڙا، پوءِ ڳئون، پوءِ رڍون ۽ پوءِ ڪڪڙيون ۽ بدڪون وغيره. ڪتا جٿي جي ٻنهي پاسن کان هلندا هُئا. سڀني کان اڳ نيپولن وارو ڪارو ڪڪڙ هوندو هو. باڪسر ۽ ڪلوور هڪ سائو بينر جھلي هلندا هُئا، جنهن تي کُرَ ۽ سنڱ جو نشان اڪريل هوندو هو ۽ نعرو لکيل هوندو هو ته ڪامريڊ نيپولن زنده باد. ان کان پوءِ نيپولن جي شان ۾ لکيل نظم پڙهيا ويندا هُئا. آخر ۾ اسڪئيلر تقرير ڪندو هو، جنهن ۾ پيدائش ۾ آيل واڌ جا تفصيل ٻڌايا ويندا هُئا. ڪڏهن ڪڏهن ان موقعي تي بندوق مان به فائر ڪيو ويندو هو. رڍون انهن پاڻ هرتو مظاهرن جون پرجوش حمايتي هيون ۽ اگر ڪو جانور (ڪجھه جانور ڪتن ۽ سوئرن کان پر ڀرو ٿي شڪايتون ڪندا هُئا) شڪايت ڪندو هو ته هڪ ته انهن جي ڪري وقت ضايع ٿئي ٿو ۽ ٻيو کين سيءَ ۾ تمام گھڻو بيهڻو ٿو پوي، تڏهن رڍون اهو ٻاڪارينديون هيون ته “چار ٽنگون چڱيون ۽ ٻه ٽنگون بريون” ۽ شڪايت ڪندڙ مجبورن چپ ٿي ويندو هو. پر ٿلهي ليکي جانور انهن جلوسن مان لطف اندوز ٿيندا هُئا. اها ياد ڌياني ته هو هاڻي پنهنجي زندگيءَ جا پاڻ مالڪ آهن ۽ سندن پورهيو سندن فائدي لاءِ آهي، کين فرحت ڏيندي هُئي. ائين گيت ڳائيندي، جلوس ۾ شريڪ رهندي، اسڪئيلر جي انگ اکرن واري تقرير ٻڌندي، بندوق جي ٺڪاءُ مهل، ڪڪڙن جي ٻانگ سان ۽ جھنڊي جي ڦڙ ڦڙ سان ڪجھه وقت لاءِ اهو وساري ويهندا هُئا ته سندن پيٽ خالي آهي.
اپريل ۾ جانورن جي فارم کي لوڪراڄ قرار ڏنو ويو ۽ ضروري ٿيو ته ان جو صدر چونڊيو وڃي. ان آساميءَ لاءِ هڪ ئي اميدوار هو: ڪامريڊ نيپولن، جنهن کي ئي يڪراءُ سان چونڊيو ويو. انهيءَ ڏينهن اهو به پڌرو ٿيو ته نوان ڊاڪيومينٽ ظاهر ٿيا آهن، جن جي مدد سان سنوبال جي جونز سان ساز باز هئڻ واري ڳالهه وڌيڪ وائکي ٿي آهي. هاڻي ظاهر ٿيو آهي ته اڳ جيڪو جانورن سمجھيو ته هن کيڏ ڪري جنگ ۾ شڪست ٿي ڏياري، سو تاثر غلط هو ڇو ته هو ظاهر ظهور جونز پاران وڙهيو هو. حقيقت ۾ هن انساني ڌر جي اڳواڻي ڪئي هُئي ۽ “انسانيت زنده باد” جا نعرا هڻي جنگ ۾ شامل ٿيو هو. سنوبال جي پوئين حصي تي رهڙون، جيڪي ڪجھه جانورن کي ياد هُيون، سي نيپولن جي ڏندن جون هيون.
اونهاري جي وچ ۾ اوچتوئي اوچتو موزز ڪانگ سالن جي غير حاضريءَ کان پوءِ فارم تي ظاهر ٿيو هو، هن ۾ ڪابه تبديلي نه آئي هُئي. اهو اڃان به ٽوٽي هو ۽ ساڳئي طرز ۾ مٺين شين واري پهاڙيءَ جو ذڪر ٿي ڪيو. هو وڻ جي ٿڙ تي ويهي ڪارا پر ڦڙڪائي، جيڪو کيس ٻڌندو هو، تنهن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو ڳالهائيندو هو. “ڪامريڊو،” هو پنهنجي چهنب کي آسمان ڏانهن ڪري چوندو هو ته “ڪاري ڪڪر جي بلڪل پويان شگرڪنيڊي پهاڙي آهي. جتي اسان غريب جانور مرڻ پڄاڻان آرام جي زندگي گذارينداسون.” هو دعويٰ ڪندو هو ته هن پاڻ اکين سان برسيم ۽ گاهن واريون ٻنيون ڏٺيون آهن ۽ اتي ڳڙ ۽ مصري جي پئدائش به ڏٺي آهي. ڪافي جانور هن جي ڳالهين تي ويساهه رکندا هُئا. هنن جون زندگيون، هو دليل ۾ چوندا هُئا ته، سخت پورهئي واريون، ڪٺن ۽ بکايل آهن. انڪري اهو حقي واجبي آهي ته ڪا شانائتي دنيا ٻئي پاسي هجي. موزز ڏانهن سوئرن جو رويو ڪافي منجھائيندڙ هو. هڪ طرف ته هو هن جي قصن کي ڪوڙو پيا ڪوٺيندا هُئا. ته ٻئي پاسي نه صرف هن کي واندو ڇڏي ڏيندا هُئا، پر هن کي روزانو سوا پاءُ بيئر ڏيئي فارم تي رهڻ ڏيندا هُئا.
جڏهن باڪسر جو کر ڀرجي ويو ۽ تڏهن وري باڪسر اڳي کان وڌيڪ پورهئي ۾ لڳي ويو. حقيقت ڪري انهيءَ سال مڙني جانورن غلامن وانگي پورهيو ڪيو هو. رواجي ڪم ڪار ۽ ونڊمل جي نئين سر اڏاوت سان گڏوگڏ ننڍن سوئرن جي پڙهائي لاءِ اسڪول به اڏڻو هو. جنهن جي اڏاوت مارچ ۾ شروع ٿي هُئي. ڪڏهن ڪڏهن اڻپوري کاڌي تي پورهئي جا ڊگھا ڪلاڪ سهپ کان ٻاهر هوندا هُئا. پر باڪسر ڪڏهن به نه رڪيو. هن پنهنجي ڪنهن ڳالهه يا ڪم مان اهو تاثر نه ڏنو ته هاڻي ان ۾ اها شڪتي نه رهي آهي. رڳو هن جي ڊول ۾ تبديلي نظر ٿي آئي. اڳي جي ڀيٽ ۾ هن جي کل ۾ اها چمڪ نه رهي هُئي. هن جون دُڏيون سُسِي ويون هُيون. ٻيا چوندا هُئا ته بهار جو گاهه باڪسر کي وري مچائي وجھندو. بهار آيو، پر باڪسر مچي نه سگھيو. ڪڏهن ائين لڳندو هو ته کاهي ڏانهن ويندڙ چاڙهي تي وڏي ڪنهن پٿر جو وزن جھليو هلندڙ باڪسر جا پير رڳو پنهنجي ارادي جي سگھه سببان کپيل لڳندا هُئا. اهڙي سمي ڏسبو هو ته هن جا چپ “آئون اڃان به سخت پورهيو ڪندس” جھڙو ڪو جملو پيا ٺاهيندا هُئا. ڇو ته آواز هن جو ساٿ ڇڏي چڪو هو. هڪ ڀيرو وري ڪلوور ۽ بينجمن باڪسر تي زور وڌو ته هو پنهنجي صحت جي سڌاري لاءِ ڪجھه ڪري، پر باڪسر ان ڳالهه کي ليکيو ئي ڪونه. هن جو ٻارهون جنم ڏينهن ويجھو هو. تنهنڪري هن کي رڳو اها تانگھه هُئي ته هن جي پينشن تي لهڻ کان اڳ ئي پٿرن جو سٺو ذخيرو ٿي وڃي.
گرميءَ جي هڪ نما شام اوچتو هُل هليو ته باڪسر کي ڪجھه ٿي ويو آهي. هو اڪيلي سر ويو هو پٿرن کي هيٺ ڍوئڻ لاءِ. اهو افواهه سچ ثابت ٿيو. چند منٽن کان پوءِ ٻه ڪبوتر خبر کڻي پهتا ته باڪسر ڪري پيو آهي. هو هڪ پاسي ڪريو پيو آهي ۽ اٿڻ کان لاچار بنيل آهي.
فارم جا اڌواڌ جانور وٺي اوڏانهن ڀڳا. اُتي باڪسر گاڏيءَ جي بمن وچ ۾ پيل هو. هن جو ڪنڌ به لڙڪيل هو ۽ ان کي مٿي کڻي نه پئي سگھيو. هن جون اکيون چمڪي رهيون ۽ پاسا پگھريل هُئا. هن جي وات مان رت جي هلڪي لار نڪري رهي هُئي. ڪلوور سندس ڀر ۾ گوڏا کوڙي ويهي رهي.
“باڪسر!” هن دانهن ڪندي چيو، “تون ڪيئن آهين؟”
“منهنجو ڦڦڙ گھائجي پيو آهي.” هن نٻل آواز ۾ جوابيو، “پر ڪا ڳالهه ڪونهي. آئون سمجھان ٿو ته اوهان مون کان سواءِ به اها ونڊمل مڪمل ڪري وٺندائو. پٿرن جو ذخيرو سٺو ٿيل آهي. آئون هونئن به مهيني بعد وڃان ها. سچي ڳالهه ته اها آهي ته آئون پاڻ به هاڻي ريٽائرمينٽ جو انتظار ڪري رهيو هوس ۽ شايد بينجمن پوڙهو ٿي ويو آهي، سو هن کي ساڳي وقت ريٽائر ڪندا ته جيئن هو منهنجو ساٿي بنجي.”
“اسان کي مدد لاءِ پڪارڻ گھرجي.” ڪلوور چيو. “ڪو ڊوڙي وڃي اسڪئيلر کي هي واردات ٻڌائي.”
سڀ ئي جانور وٺي فارم هائوس ڏي ڀڳا ته جيئن اها خبر اسڪئيلر کي ٻڌائين. رڳو بينجمن ۽ ڪلوور پوئتي رهيا. بينجمن پنهنجي پڇ سان مکيون هڪليندو رهيو. 15 منٽن کانپوءِ اسڪئيلر پهتو. سندس چهرو همدردي ۽ ڳڻتي وارو ڏيک ڏئي رهيو هو. هن ٻڌايو ته ڪامريڊ نيپولن کي فارم هائوس جي انتهائي وفادار ساٿي جي درگھٽنا جو احوال مليو آهي ۽ انهيءَ تي غمگين ٿيو آهي. هو ولنگڊن جي اسپتال ۾ هن جي علاج جو بندوبست ڪري رهيو آهي. اهو ٻڌي جانور ۾ بي چيني ڦهلجي ويئي. سواءِ مُولي ۽ سنوبال جي، ٻئي ڪنهن جانور به هن فارم کي نه ڇڏيو آهي. هنن نٿي چاهيو ته هنن جو سنگتي ظالم انسانن جي ور چڙهي. پر اسڪئيلر کين جھٽ ۾ راضي ڪري ورتو. ڇو ته هتي جي ڀيٽ ۾ ولنگڊن ۾ موجود جانورن جو ڊاڪٽر هن جو علاج سٺي نموني ڪري سگھندو. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ باڪسر ڪنهن حال ۾ آيو ته وڏن ڪشالن کان پوءِ پيرن تي کڙو ٿيو ۽ منڊڪائيندو پنهنجي ڪڙه ڏي ويو. اتي ڪلوور ۽ بينجمن هن لاءِ ڪکن جو بسترو ٺاهي ورتو.
ٻه ڏينهن باڪسر پنهنجي ڪڙه ۾ پيو رهيو. سوئرن هڪ گلابي رنگ جي دوا جي وڏي بوتل ڏياري موڪلي هُئي. ڪلوور ڏينهن ۾ ٻه لڱا اُها دوا کاڌي کان پوءِ هُن کي پياريندي هُئي. لڙي شام جو هوءَ هن جي ڪڙه ۾ اچي ويهندي هُئي. جڏهن ته بينجمن مکيون پيو هڪليندو هو. باڪسر کين چيو ته جيڪي ٿيو، ان تي افسوس نه ڪيو وڃي. جيڪر هو ٻيهر تازو توانو ٿيو ته پوءِ هن کي اميد آهي ته هو اڃان به ٽي سال کن وڌيڪ جيئرو رهندو ۽ هو هاڻي چراگاهه جي ڪنڊ ۾ پويان ڏينهن گھارڻ جو انتظاري آهي. جتي هو واندڪائي ۾ پڙهندو ۽ ذهن کي سڌاريندو. هن جو ارادو هو ته هو حياتيءَ جا باقي ڏينهن الفابيٽ جا باقي رهيل 22 اکر سکڻ ۾ گھاريندو.
پر ڪلوور ۽ بينجمن رڳو ڪم واري وقت کان پوءِ وٽس موجود هوندا هُئا. سو وچ ڏينهن ۾ هڪ گاڏو آيو ۽ کيس کڻي واپس وريو. ٻيا جانور سوئرن جي نگراني ۾ گوگڙو ڪڍي رهيا هُئا ته بينجمن هينگندو ۽ ڊوڙندو وٽن پهتو. “تڪڙا ٿيو.” هن رڙ ڪندي چيو، “جلدي ۾ اچو! هو باڪسر کي الائي ڪٿي کڻيو پيا وڃن.” سوئرن جو حڪم ٻڌڻ کان سواءِ ئي هو فارم هائوس ڏي ڀڳا. آڳند ۾ هڪ گاڏو جنهن کي ٻه گھوڙا ڇڪي رهيا هُئا، بيٺو هو. گاڏي جي هڪ پاسي ڪجھه لکيل هو. ڪوچوان هڪ پر اسرار شخص ٿي لڳو. باڪسر جي ڪڙه خالي هُئي جانور گاڏي جي چوڌاري ٿي بيٺا. “خدا حافظ” هنن هڪ آواز ۾ چيو، “خدا حافظ”.
“بيوقوفو! بيوقوفو!” بينجمن هنن جي چوڌاري زمين تي پير هڻندو گھميو ۽ کر سان زمين کوٽيندو رهيو. “بيوقوفو! اوهان کي گاڏي جي پاسي ۾ لکيل نٿو نظر اچي.” اهو ٻڌي هو خاموش ٿي ويا. مُريل لفظن کي اچارڻ شروع ڪيو. پر بينجمن هن کي پوئتي ڪري، ڀوائتي خاموشي کي ٽوڙيندي پڙهڻ شروع ڪيو “الفريد سمنڊر گھوڙن جو ڪاسائي ۽ گلو ٺاهيندڙ، ولنگڊن، کلن ۽ هڏن جو ڊيلر ۽ ڪتا مهيا ڪندڙ” اوهان کي ڪجھه سمجھه ۾ اچي ٿو. هي باڪسر کي ڪاسائين وٽ کڻي پيا وڃن.
اهو ٻڌي سڀني دهشت ۾ وٺجي رڙ ڪئي. انهيءَ گھڙيءَ ڪوچوان گھوڙن کي چهبڪ هنيو ۽ گاڏو اڳتي رڙهيو. سڀ جانور ان جي پويان هلندا رهيا ۽ رڙندا رهيا. ڪلوور زور ڀري اڳيان ويئي. گاڏو به تيز ٿيندو ويو. ڪلوور ڊڪڻ لاءِ پنهنجي ٽنگن تي زور وڌو، پر هو رڳو وچٿري رفتار حاصل ڪري سگھي.
“باڪسر!” هن دانهن ڪئي، “باڪسر! باڪسر! باڪسر!” ۽ انهيءَ گھڙي باڪسر ڄڻ ٻاهريون گوڙ شور ٻڌو هجي، پنهنجو منهن، جنهن کي هيٺين حصي تي اڇي پٽي ٻڌل هُئي، گاڏي جي پويان واري حصي جي ننڍڙي دري کان ظاهر ڪيو.
“باڪسر” ڪلوور دهشت ۾ رڙ ڪئي. “باڪسر! ٻاهر نڪري اچ جلدي ڪر! توکي هُو موت جي مُنهن ۾ وٺيو پيا وڃن.”
سڀني جانورن گڏجي رڙ ڪئي. “باڪسر ٻاهر لهي اچ!” پر گاڏو اڳ ۾ ئي رفتار پڪڙي چڪو هُئو ۽ دور ٿيندو ويو. اها پڪ نه آهي ته باڪسر ڪلوور جي ڳالهه کي ٻڌو يا نه ٻڌو. پر ڪجھه گھڙين کان پوءِ هن جو چهرو دري مان گم ٿي ويو ۽ گاڏي اندر کرن هڻڻ جو آواز ايندو رهيو. هو ٻاهراچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو. اهڙو به زمانو هو جڏهن باڪسر جي چند لتن سان هي گاڏو ٽٽي پرزا ٿي وڃي ها. پر افسوس ته هن جي سگھه هن کان موڪلائي ويئي هُئي. ڪجھه گھڙين بعد هن جي کڙين هڻڻ جو آواز گھٽجي ويو. پريشانيءَ ۾ جانورن گاڏو گھليندو جانورن کي چيو ته “ڪامريڊو! پنهنجي ڀاءُ کي موت ڏانهن نه گھلي وڃو.” پر هنن بيوقوف جانورن پنهنجي آسپاس کان غافل ٿي، ڪنن کي بند ڪري رفتار وڌائي ڇڏي. باڪسر جو منهن ٻيهر ظاهر نه ٿيو. ڪنهن کي تمام دير سان خيال آيو ته اڳتي وڌي وڏي ٻاهرئين در کي بند ڪجي، پر ان سمي، گاڏو ان مان نڪري ويو ۽ سامهون واري روڊ تي چڙهي گم ٿي ويو. باڪسر کي ٻيهر ڪڏهن به نه ڏٺو ويو.
ٽن ڏينهن کان پوءِ اعلان ڪيو ويو ته هُو ولنگڊن اسپتال ۾، علاج هلندي گذاري ويو. اسڪئيلر پاڻ اها خبر ٻڌائڻ آيو هو. هن پاڻ ٻڌايو ته هو پاڻ باڪسر جي آخري ساعتن ۾ اُتي موجود هو.
“اُهو ڏاڍو عجيب نظارو هو، جيڪو مون اڳتي نه ڏٺو هو.” اسڪئيلر پنهنجا ڳوڙها اگھندي چيو. “آئون آخري دم تائين هن جي بستري وٽ موجود رهيس. هن آهستگيءَ سان چيو ته “هن کي ڏک آهي ته هو ونڊمل جي ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي موڪلائي رهيو آهي.” “ڪامريڊو! اڳتي وڌو.” هن جا آخرين لفظ اهي هُئا. “بغاوت جي نالي ۾ اڳتي وڌو” “اينمل فارم زنده باد.” “ڪامريڊ نيپولن زنده باد” ۽ “ڪامريڊ نيپولن سدائين صحيح هوندو آهي.” هائو اهي هن جا آخري لفظ هُئا.”
اُهو چئي اسڪئيلر جي سڀاءَ ۾ تبديلي آئي. هو ڪجھه وقت لاءِ خاموش ٿيو ۽ ٻنهي پاسي شڪي نگاهن سان ڏٺو. هن چوڻ شروع ڪيو ته “هن کي معلوم ٿيو آهي ته ڪن جانورن اهو غلط افواهه ڦهلايو آهي ته جنهن گاڏي ۾ باڪسر کي نيو ٿي ويو. ان تي گھوڙن جو ڪاسائي لفظ لکيل هُئا. سو اهو نتيجو ڪڍيو ويو هو ته هن کي ناڪاره گھوڙا وٺي ذبح ڪندڙ ڏانهن وٺي پئي ويا.” اسڪئيلر چيو، “اها ڳالهه اعتبار جوڳي نه آهي. ڪو جانور ايترو وائڙو ٿي سگھي ٿو. يقيني طور نه.” هن پنهنجي پڇ کي لوڏيندي، ڪاوڙ مان چيو ته “ڇا اُهي اسان جي اڳواڻ کي هن کان وڌيڪ ڄاڻن ٿا. وضاحت تمام سادي هُئي. اُهو گاڏو پهرئين ڪنهن ڪاسائيءَ جي ملڪيت هو، جنهن کي پوءِ ڪنهن جانورن جي ڊاڪٽر خريد ڪيو هو، ۽ اڃان پراڻو نالو نه مٽايو ويو هو. انهيءَ ڪري اها غلط فهمي پيدا ٿي آهي.”
جانور اهو ٻڌي ڪافي حد تائين مطئمن ٿي ويا ۽ جڏهن اسڪئيلر باڪسر جي آخرين ساعتن جا نقش چٽڻ شروع ڪيا ته هن کي بهترين سنڀال حاصل ٿي ۽ مهانگيون دوائون به مليون، جن جي ادائيگي ڪامريڊ نيپولن جھٽ پٽ ٿي ڪئي، تڏهن هنن جا آخرين شبها به دور ٿي ويا. پنهنجي ڪامريڊ جي موت جو غم انهيءَ خيال ته سندس موت خوشيءَ جي حالت ۾ ٿيو، گھٽائي ڇڏيو.
نيپولن پاڻ آچر جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو ۽ باڪسر جي ياد ۾ تقرير ڪيائين هن ٻڌايو ته هن جو لاش آڻڻ ممڪن نه هو، پر هن حڪم ڏنو آهي ته فارم جي گلن مان چادر ٺاهي وڃي، جيڪا هن جي قبر تي چاڙهي ويندي. نيپولن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي باڪسر جي مشهور چوڻين جي ورجاءَ سان ختم ڪئي. “آئون اڃان به سخت پورهيو ڪندس” ۽ “ڪامريڊ نيپولن سدائين صحيح هوندو آهي.” “اُهي متا” هن چيو، “سڀني جانورن کي اپنائڻ گھرجن.”
کاني واري تقريب جي ڏينهن دڪاندار جي گاڏيءَ ۾ ڪاٺ جو وڏو ڪريٽ ولنگڊن مان آيو ۽ فارم هائوس ۾ وڃي لٿو. ان رات فارم هائوس ۾ گانا بجانا ٿيندا رهيا ۽ جهيڙن جا آواز ايندا رهيا ۽ يارهين بجي گلاس ٽوڙڻ کان پوءِ محفل ختم ٿي. ٻئي ڏينهن فارم هائوس جا واسي ٻنپهرن کان اڳ نه جاڳيا ۽ ڪٿان نه ڪٿان اها خبر پهتي ته سوئرن وسڪي وٺڻ لاءِ رقم ڪٿان حاصل ڪئي هُئي.