ناول

ائنيمل فارم

هن ناول جو ليکڪ نامور صحافي ۽ ناول نگار جارج آرويل آهي جڏهن ته سنڌيڪار حبيب سنائي آهي.
جارج آرويل جو هي توڙي ٻيو ناول 1984 ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيا. هن ناول ۾ هن اسٽالن جي دور حڪومت جو قصو جانورن جي ڪردار ۾ بيان ڪيو آهي. ناول 1984 ۾ وري مستقبل ۾ ايندڙ آپيشاهي نظام واري جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان ناول ۾ ڪم آيل انوکا اصطلاح اڳتي هلي ڪري ضرب المثال بنجي ويا آهن. تازو ٽرمپ جي اليڪشن توڙي ان جي ابتدائي حڪمن ڪري انهيءَ ناول جي وڪري ۾ اضافو به ٿيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2488
  • 1080
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حبيب سنائي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ائنيمل فارم

باب ستون

سيارو ڪافي سخت هو. طوفاني موسم کان پوءِ وري برفباري ٿي ۽ ڳڙن جو مينهن وسيو. پوءِ وري سخت پارو پيو، جيڪو فيبروري تائين هلندو رهيو. جانور پن بجلي جي نئين سر اڏاوت ۾ مگن رهيا ۽ هو انهيءَ حقيقت کان با خبر هُئا ته ٻاهرين دنيا کين ڏسي رهي هُئي ۽ ٻيو ته ڪم کي وقت اندر پورو نه ڪرڻ باعث حاسد انسان ذات خوش ٿيندي ۽ جشن ملهائيندي.
ڪيني مان، انسانذات اهو ڏيکاءُ ٿي ڏٺو ته کين اهو ويساهه ۾ نٿو اچي ته ونڊمل کي سنوبال اکوڙيو آهي. انهن جي راءِ ۾ اها انهيءَ لاءِ ڊهي پيئي هُئي جو ان جون ڀتيون سنهيون هيون. سو هن ڀيري فيصلو ڪيو ويو ته 18 انچن جي جاءِ تي، ڀتين جي ويڪر ٽي فوٽ رکي ويندي. انهيءَ حساب سان هن ڀيري وڌيڪ پٿرن جي گھرج پيدا ٿي. گھڻي وقت تائين ته کاڻ برف سان ڀريل هُئي. ان ڪري ڪم بند هو. جڏهن خشڪ ٿڌ شروع ٿي ته پوءِ ئي ڪجھه پيش رفت ٿي. پر اهو ڪم ڏاڍو اڙانگو هو ۽ ان حوالي سان جانور ايڏو پراميد ڪونه هئا، جيترو اڳي رهندا هُئا. کين نه رڳو سيءَ جڪڙي ورتو هو، پر هُو هاڻي بکايل به رهندا هُئا. رڳو باڪسر ۽ ڪلوور نراس نه ٿيا. اسڪئيلر پورهئي جي عظمت، خدمت جي مزي تي ڏاڍيون عاليشان تقريرون ڪيون، پر جانور وڌيڪ اتساهه باڪسر جي ٻل ۽ هن جي اڻ کُٽِ نعري ته “آئون اڃان به وڌيڪ پورهيو ڪندس” مان ٿي ماڻي.
جنوريءَ ۾ خوراڪ گھٽجي ويئي. اناج جي راشن ۾ گھٽتائي آندي ويئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته اناج جي کوٽ جو پورائو پٽاٽن جي وڌيڪ راشن سان ڪيو ويندو. پوءِ اهو ڄاتو ويو ته پٽاٽي جي فصل جو وڏو حصو صحيح طرح نه ڍڪجڻ جي ڪري پاري جي نظر ٿي ويو هو. پٽاٽي جو نه صرف رنگ خراب هو، پر اهي وڌيڪ نرم ٿي ويا هُئا ۽ ڪي ٿورڙا کائڻ جوڳا هُئا. ڪڏهن ڪڏهن ته جانورن کي گھڻا ڏينهن ٺلهي بهه يا گوگڙوئن جي چاري تي گذارن ٿي ڪرڻو پيو. بک ۽ بدحالي کين گھوري رهي هُئي.
اهو هاڻي ضروري ٿي پيو هو ته اها حقيقت دنيا وارن کان لڪائي وڃي. پن بجلي جي ڊهي پوڻ کان پوءِ انسان هن فارم متعلق تمام گھڻا نوان ڪوڙ گھڙي رهيا هُئا. هڪ دفعو وري اهو هُلايو ويو ته جانور ڏڪار ۽ بيمارين وگھي مري رهيا آهن ۽ پاڻ ۾ مسلسل جھيڙيندا رهن ٿا. آدم خوري توڙي صغير خوري به ڪندا رهن ٿا. نيپولن انهيءَ حقيقت کان باخبر هو ته جيڪر حقيقي صورت جي ٻاهرين دنيا کي خبر پيئي ته ان جا برا نتيجا نڪرندا، ان ڪري هن مسٽر ومپر جي وسيلي ان جي ابتڙ اهڙو تاثر ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هيستائين ومپر سان جانورن جو رابطو نه هئڻ برابر هو، پر هاڻي ڪجھه چونڊ جانورن، خاص ڪري رڍن کي سيکاريو ويو ته هُو ومپر جي موجودگيءَ ۾ اهو چون ته هاڻي ته پاڻ راشن به وڌايو ويو آهي. نيپولن اهو حڪم ڏنو ته اسٽور ۾ رکيل گُندين ۾ پهرئين واري ڀري، پوءِ اُنَ مٿان اَنُ ۽ ماني رکي وڃي. پوءِ ڪنهن مناسب بهاني سان کيس اتي آندو وڃي ته جيئن هو ڀريل گُندين جو نظارو ڪري ۽ اها ڳالهه ٻاهرين دنيا کي وڃي ٻڌائي. هو دوکي ۾ اچي ويو ۽ اهو سڀ ڪجھه جو هو مٿان مٿان ڏسندو ۽ ٻڌنڌو هو، سو وڃي ٻاهر ٻڌائيندو هو ته هن فارم ۾ غذا جي کوٽ بلڪل ڪانهي.
ان هوندي به جنوريءَ جي آخر تائين اهو وائکو ٿي ويو ته ڪٿان نه ڪٿان اناج وٺڻو پئجي ويندو. انهن ڏينهن ۾ نيپولن ورلي ڪو عام جاين تي ظاهر ٿيندو هو، هو گھڻو وقت فارم هائوس ۾ گھاريندو هو، جنهن جي هر دروازي تي خونخوار ڪتا چوڪيدار ٿي بيٺل هُئا. هُو جڏهن به ٻاهر نڪرندو هو ته جلوس جي شڪل ۾ ڇهن ڪتن جي گھيري ۾ نڪرندو هو. جيڪڏهن ڪو کيس ڪم چوڻ چاهيندو هو ته اهي ڪتا گرڻ شروع ڪندا هُئا. اڪثر هو آچر جي صبح جو به ظاهر نه ٿيندو هو، پر ٻين سوئرن خاص ڪري اسڪئيلر جي وسيلي پنهنجا حڪم صادر ڪندو هو.
هڪڙي آچر جي ڏينهن اسڪئيلر اچي اعلانيو ته ڪڪڙيون، جن بيضا لاهڻ شروع ڪيا هُئا، سي پنهنجي بيضن تان هٿ کڻن. نيپولن ومپر جي ذريعي هر هفتي چار سو بيضا وڪڻڻ جو معاهدو ڪيو آهي. انهيءَ وڪري مان ٿيندڙ آمدني مان ڪافي اناج ۽ ماني ملي پوندي، جنهن سان گرمين تائين يا سٺين حالتن پيدا ٿيڻ تائين گذارو ٿي ويندو.
جڏهن ڪڪڙين جو اهو ٻڌو ته هنن وٺي هاءِ گھوڙا مچائي. کين چتايو ويو ته اها قرباني بيحد ضروري آهي، پر انهن کي اعتبار ئي نٿي آيو ته ائين به ٿيندو. اُهي ته بهار جي آري لاءِ پر ساهي رهيون هيون ۽ انهن جي خيال ۾ هاڻي بيضا ڏئي ڇڏڻ قتل ڪرڻ برابر ٿيندو. جونز جي ڀاڄ بعد پهريون ڀيرو بغاوت جا آثار ٿي نظر آيا. ٽن ڪارين پهريات ڪڪڙين جي اڳواڻي ۾ انهيءَ حڪم کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن طريقو اهو اختياريو هُئو ته اهي مٿي اڏامي ڪاين تي ويهي بيضا لاهينديون هيون، جيڪي پٽ تي ڪري ڀڄي پوندا هئا. نيپولن جو جوابي قدم به تڪڙو ۽ قهري هو. هن حڪم ڏنو ته ڪڪڙين جو راشن بند ڪيو وڃي. ڪوبه جانور جيڪر ڪڪڙين کي اناج جو داڻو ڏيندو ته انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي. ڪتن انهيءَ حڪم جي پوئيواري جي نگراني ڪئي. پنج ڏينهن ته ڪڪڙيون باغي رهيون، پر پوءِ پيش پيون ۽ اصلي خانن ڏي ويون. انهيءَ دوران نَوَ ڪڪڙيون ته مري کپي ويون. انهن کي باغ ۾ پوريو ويو ۽ چيو ويو ته اُهي آنڊن ۾ خرابيءَ واري بيماري وگھي مُيون آهن.
ومپر کي انهيءَ صورتحال جي کڙڪ به ڪانه پئي، هن کي بيضا وقت تي پهچايا ويا. دڪاندارن جو گاڏو هر هفتي اچي بيضا کڻي ويندو هو.
انهيءَ عرصي ۾ سنوبال بابت وڌيڪ ڪجھه به نه ڏٺو يا ٻڌو ويو. افواهه هُئا ته هو ٻنهي مان ڪنهن هڪ فارم ۾ لڪل هو. نيپولن ان وقت تائين ٻنهي فارمن سان ناتا سڌاري چڪو هو. فارم ۾ عمارتي ڪاٺ جو چڱو خاصو ڍڳ پيو هو. جيڪو ڏهاڪو سال اڳ ڪناري واري هُڙي ختم ڪندي سٿيو ويو هو. اڃان به اهو استعمال لائق هو. ان ڪري ومپر نيپولن کي صلاحيو ته ان کي کپائي ڇڏي. ٻئي جاگيردار مسٽر پلڪنگٽن ۽ مسٽر فريڊرڪ ان کي خريدڻ لاءِ آتا هُئا. نيپولن دل من هڻي رهيو ته هو ڪنهن کي اهو ڪاٺ وڪڻي ڏئي. ڏٺو ويو ته هُو جڏهن فريڊرڪ کي کپائڻ جو ذري گھٽ فيصلو ڪرڻ وارو هو ته پڌرو ٿيو ته سنوبال فريڊرڪ جي فارم فاڪسوڊ ۾ لڪل هو. يا وري هُن پلڪنگٽن کي کپائڻ جو ارادو ٿي ڪيو ته هُلايو ٿي ويو ته سنوبال پنچفيلڊ ۾ لڪل آهي.
اوچتوئي اوچتو بهار جي شروع ۾ هڪ خطرناڪ ڳالهه ڄاتي ويئي: سنوبال لڪي ڇپي رات وڳڙي ۾ فارم تي ايندو ويندو رهيو آهي. اهو ٻڌي فارم جا جانور ايترا ته پريشان ٿيا، جو اُهي پنهنجي وٿاڻن ۾ سمهي نه سگھيا. اهو چيو ويو هو ته هُو هر رات جو اونداهيءَ ۾ فارم ۾ اچي ٿو ۽ هر طرح جون شيطان گيريون جھڙوڪ ان چورائڻ، کير جون باڙديون الٽائڻ، بيضا ڀڃڻ، ٻيجي وارن ٻارن کي وڃائڻ، ۽ ميون جي وڻن جا ڇوڏا لاهڻ وغيره هن جو معمول آهن. جڏهن به ڪا گڙ ٻڙ ٿي ٿِي ته عام طرح ان جو الزام سنوبال تي ٿي مڙهيو ويو. جڏهن ڪا دري ٿي ٽٽي يا نالي ٿي بند ٿي ته لازمن ڪنهن آوازيو ٿي ته سنوبال رات وچ ۾ آيو هوندو ۽ اها ڪارستاني سر انجام ڏني هوندائين. جڏهن ڀانڊي جي چاٻي گم ٿي ويئي ته سڄي فارم کي پڪ هُئي ته سنوبال ان کي کوه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. عجيب ڳالهه اها ٿي ته وڃايل ڪنجي ملڻ کان پوءِ به جانور انهيءَ کوه ۾ اڇلائڻ واري ڳالهه تي اعتبار رکندا آيا. ڳئن يڪمشت ٿي دعويٰ ڪئي، ته سنوبال سندن وٿاڻن ۾ اچي ٿو ۽ کين ڏهي ٿو. ڪوئا، جيڪي هن سياري ۾ آزار بنيا رهيا، تن لاءِ چيو ويو ته اُهي سنوبال جا ساٿاري آهن. نيپولن حڪم ڏنو ته سنوبال جي سرگرمين جي مختلف نمونن سان جانچ ورتي وڃي. ڪتن جي سايي ۾ هُو سنڀري نڪتو ۽ فارم جي مڙني جاين جي چڪاس ڪئي، ٻيا جانور هن کان مرعوب ٿي ڪجھه فاصلي تي رهيا. هر قدم تي هو رڪيو ٿي ۽ پٽ کي ٿي سونگھيائين، ڇو ته هو سنوبال جي پيرن جي نشانن کي سونگھي سمجھي ٿي ويو. هن ڀانڊي، ڪڪڙين جي کڏين ۽ ڀاڄين واري ٻني جي هر ڪنڊ ۾ سونگھي ڏٺو ۽ هر جاءِ ان کي سنوبال جا پيرا نظر آيا. هو پنهنجو ٻوٿ پٽ تي هڻي سونگھيندو رهيو، پوءِ اوچتو ڊيڄاريندڙ نموني رڙ ڪندي چيو ته “سنوبال هتي آيو آهي. آئون هن جا پيرا سونگھي سڃاڻان ٿو.” ڪتن سنوبال جو لفظ ٻڌنڌي ئي رت سڪائيندڙ ڀونڪ شروع ڪئي ۽ پنهنجا پاسيرا ڊگھا ڏند ٿي ڏيکاريائون.
جانور تمام گھڻو ڊنل هُئا. انهن کي لڳو ٿي ته ڄڻ سنوبال وٽ ڪا غيبي قوت آهي، ۽ هو هوا ۾ ڦهليو، هنن لاءِ هر طرح جا خطرا ٺاهي رهيو هو. شام جو اسڪئيلر سڀني کي سڏيو ۽ چهري کي ڊيڄاريندڙ نموني ۾ ٺاهي ٻڌايو ته هن کي اڪيلائي ۾ هڪ سنجيده خبر ٻڌائڻي آهي.
“ڪامريڊو،” هن رڙ ڪندي ۽ ٽپا ڏيندي چيو، “انتهائي خراب ڳالهه معلوم ٿي آهي. سنوبال پاڻ کي پنچفيلڊ جي مسٽر فريڊرڪ وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي، جيڪو هاڻي اسان تي حملو ڪرڻ ۽ فارم کي واپس وٺڻ لاءِ سٽون پيو سٽي. ان حملي ۾ سنوبال هن جو سونهون بنجي ڪم ڪندو. پر اڃان به بري خبر ٻي آهي. اسان سمجھيو پئي ته سنوبال جي بغاوت ۾ شرڪت هن جون وڏيون خواهشات ۽ توقعات هيون، پر اسين غلط هُئاسون. ڪامريڊو! اوهان کي اصلي سبب جي خبر آهي؟ سنوبال ته شروع کان ئي جونز جو ٻيلي هو. هُو هن جو جاسوس هو. هن جيڪي ڊاڪيومينٽ پوئتي ڇڏيا آهن. تن مان اهو ثابت ٿيو آهي ۽ ڄاتوويو آهي. ڪامريڊو، انهيءَ مان ڪافي ڳالهيون سمجھه ۾ اچن ٿيون. اسان نه ڏٺو هو ته هن ڪيئن ڪوشش ڪئي هُئي اسان کي ڳئن جي واڙي واري جنگ ۾ شڪست ڏيارڻ جي، پر اسان ان ۾ سوڀارا ٿياسون.”
اهو ٻڌي جانورن جا هوش حواس خطا ٿي ويا. اهو عمل ته ونڊمل کي تباهه ڪرڻ کان وڌيڪ ڪريل هو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ هو سامت ۾ آيا. هنن کي ياد آيو، يا هنن سمجھيو ته کين ياد آيو آهي، ته ڪيئن هر موڙ تي سنوبال جنگ ۾ سڀني کي همٿايو ٿي ۽ يڪجا ڪيو ٿي. جونز جي بندوق جي ڇرن سندس پُٺِ کي گھائي وڌو هو، پر هو هڪ گھڙي به نه رڪيو هو. پهرئين ته اها سار سنوبال جي جونز جو ساٿي هئڻ واري ڳالهه سان نٿي ٺهڪي آئي. ايتري تائين جو باڪسر جيڪو سوال نه ڪندو هو، سو به منجھيل هو. هُو ويهي رهيو ۽ اڳيان کر هيٺ رکيا ۽ اکيون بند ڪري پنهنجي ويچارن کي ترتيب ڏيڻ لڳو.
“مونکي ويساهه ۾ نٿو اچي. سنوبال انهيءَ جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهيو. مون کيس پاڻ جھيڙيندي ڏٺو هو. اسان کيس ائنيمل هيرو فرسٽ ڪلاس جو تمغو به ڏنو هو.”
“اها اسان جي غلطي هُئي ڪامريڊو! ڇو ته هاڻي اسان کي خبر پئي آهي. اهو سڀ هن جي دستاويزن ۾ لکيل هو. حقيقت ۾ هُو اسان جي خاتمي ڏانهن جنگ کي ڇڪي رهيو هو.”
“پر هو ته زخمي به ٿيو هو. اسان سڀني هن کي خون ۾ لت پت ڏٺو هو.”
“اهو ته اڳواٽ بندوبست جو نتيجو هو.” اسڪئيلر رڙ ڪندي چيو، “جونز جو ڌڪ ته رڳو هن کي چامائون لڳو هو. آئون اوهان کي هن جي پنهنجي لکت ۾ اهو ڏيکاريندس. رٿا اها ڪيل هُئي ته اهم مرحلي تي سنوبال ڀاڄ جو اشارو ڪري ها، ۽ پوءِ هي ٻنيون دشمنن حوالي ٿين ها. هو ذري گھٽ ان ۾ ڪامياب به ٿيو هو - آئون ته ائين چوندس ته هو ڪاميابي ماڻي وٺي ها، جيڪر اسان جو بهادر اڳواڻ ڪامريڊ نيپولن اُتي نه هجي ها. توهان کي ياد نه آهي ته جڏهن جونز ۽ ان جا ماڻهو ميدان ۾ گھڙيا ته سنوبال ۽ ڪجھه جانور پوئتي وري ڀڄڻ لڳا هُئا. اوهان کي ياد نه آهي ته انهيءَ گهڙي جڏهن افراتفري هُئي ۽ هر شيءِ هٿن مان وڃي رهي هُئي، تڏهن ڪامريڊ نيپولن “انسان مرده باد” جا نعرا هڻندو اڳتي وڌيو هو، ۽ جونز جي ٽنگن ۾ پنهنجا ڏند ٽنبيا هُئائين. يقينن اهو اوهان کي ياد هوندو.” اسڪئيلر ٽُپندي ڪُڏندي اهو سڀ ڪجھه جولان ۾ چيو.
هاڻي جڏهن اسڪئيلر انهيءَ تز نموني منظر ڪشي هُئي ته اهو لڳو ته جانورن کي اهو ياد اچي ويو هو. بهرحال کين ياد آيو ته انتهائي نازڪ مرحلي تي سنوبال ڀڄڻ لڳو هو. پر باڪسر اڃان به بي آرام هو.
“آئون نٿو اعتبار ڪريان ته شروع ۾ سنوبال ڪو غدار هو.” هن آخر چيو، “ان کان پوءَ هن جيڪو ڪيو سو ٻي ڳالهه آهي. پر آئون سمجھان ٿو ته هو انهيءَ جنگ ۾ سٺو ساٿي هو.”
“اسان جي اڳواڻ ڪامريڊ نيپولن،” اسڪئيلر آهستگيءَ ۽ پختگيءَ سان اعلانيو ته “صاف لفظن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنوبال اول ڏينهن کان جونز جو همراهه هو. هائو بغاوت جي سوچ ويچار کان به اڳ.”
“اها ٻي ڳالهه آهي.” باڪسر چيو، “جيڪر ڪامريڊ نيپولن ائين چوي ته اهو صحيح هوندو.”
“اها ئي صحيح سوچ آهي. ڪامريڊو!” اسڪئيلر وڏي واڪ چيو، پر اهو نوٽ ڪيو ويو ته هنن ننڍين چمڪندڙ اکين سان باڪسر کي حقارت سان ڏٺو. هو وڃڻ لاءِ مڙيو، ته وري رڪيو ۽ متاثر ڪندڙ نوع ۾ چيائين “آئون هر جانور کي چتايان ٿو ته اهي هوشيار رهن ڇو ته اسان سمجھون ٿا ته سنوبال جا ايجنٽ اسان جي وچ ۾ آهن.”
چار ڏهاڙا پوءِ، لڙيءَ شام جو، نيپولن حڪم ڪيو ته سڀ جانور ميدان ۾ اچي گڏ ٿين. جڏهن سڀ ڪٺا ٿيا ته نيپولن فارم هائوس مان ٻاهر آيو. کيس ٻئي تمغا (هن تازو پاڻ کي “جانور جو هيرو فرسٽ ڪلاس” ۽ “جانور جو هيرو سيڪنڊ ڪلاس” جا تمغا ڏنا هُئا) پهريل هُئا ۽ نَوَ ڪتا کيس چوڌاري ڦريل هُئا ۽ گِرِي جانورن ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪري رهيا هُئا. سڀ ئي جانور هراسيل هُئا. لڳو ٿي ته ڄڻ کين پرون پئجي ويا هئا ته ڪهڙي ويڌن ٿيڻ واري آهي.
نيپولن بيهي حاضرين جو جائزو ورتو ۽ هن وڏي آواز ۾ ڪنجھيو. جلديءَ ۾ ڪتا وڌيا ۽ چئن سوئرن کي ڪنن کان پڪڙي گھليندي، نيپولن جي پيرن ۾ ڦٽو ڪيو. انهي سوئرن جي ڪنن مان رت وهڻ لڳو هو ۽ ڪتن کي رت جي ڇڪ ٿي هئي، سو ڪجھه وقت لاءِ چريا ٿيل ٿي ڀاسيا. هر هڪ عجب ۾ وٺجي ويو جڏهن ٽي ڪتا باڪسر تي اچي ڪڙيا باڪسر کين پاڻ طرف ايندو ڏسي اڳين ٽنگن سان هڪ ڪتي کي مٿي کڻي پٽ ڏي اڇليو، ۽ ڪتي دل ڏاريندڙ رڙ ڪئي ۽ ٻه ڪتا پڇ لڪائي وٺي ڀڳا. باڪسر نيپولن ڏانهن ڏٺو ته جيئن هو ڄاڻي سگھي ته هو ان ڪتن کي ڦهي ڇڏي يا ڇڏي ڏي. نيپولن پنهنجي منهن ۾ تبديلي آندي ۽ تکي نوع ۾ ڪتن کي ڇڏڻ جو اشارو ڪيو. ان کان پوءِ باڪسر ڪتي کي ڇڏي ڏنو ۽ زخميل ڪتو وٺي ڀڳو.
هاڻي هُل ڪجھه ماٺو ٿيو. چار سوئر ڏڪي رهيا هُئا. سندن مهانڊن تي بي وسي عيان هُئي. نيپولن کين سڏيو ۽ چيو ته هو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪن. هي اُهي ساڳيا سوئر هُئا، جن جڏهن آچر واري گڏجاڻي ختم ڪرڻ وارو اعلان ٿيو هو، تڏهن ان تي اعتراض واريو هو. وڌيڪ ڪنهن زور ۽ بار جي هنن اعتراف ڪيو ته اُهي سنوبال جي ڀاڄ کان وٺي هن ساڻ رابطي ۾ رهيا آهن ۽ هنن سنوبال سان گڏجي ونڊمل کي تباهه ڪيو هو ۽ وڌيڪ اُهو ته هنن سنوبال سان معاهدو ڪيو آهي ته اُهي جانور فارم مسٽر فريڊرڪ کي ڏياريندا. هنن اهو به چيو ته سنوبال کين خانگي طرح ٻڌايو هو ته هو ماضيءَ ۾ مسٽر جونز جو ايجنٽ بنيل هو. هنن جيئن ئي پنهنجو اعتراف پورو ڪيو، ڪتن وڃي سندن ڳچيءَ ۾ چڪ پاتا ۽ انهيءَ مهل نيپولن هيبتناڪ نموني چيو ته “ڪنهن ٻئي جانور کي به اعتراف ڪرڻو آهي؟”
ٽي ڪڪڙيون جيڪي بيضن واري مامري ۾ سرواڻي ڪندڙ هيون، سي اڳتي آيون ۽ اعتراف ڪيائون ته سنوبال سندن خوابن ۾ آيو هو ۽ کين نيپولن جي حڪم عدوليءَ جي ترغيب ڏني هُئائين. انهن کي به اُتي جو اتي ڪٺو ويو. وري هنج اڳيان آيو ۽ اعتراف ۾ چيائين ته گذريل سال هن لاباري دوران ڇهه اناج جا سنگ لڪائي رات جو کاڌا هُئا. ان کان پوءِ هڪ رڍ به ٻڌايو ته هن سنوبال جي چوڻ سان پاڻي پيڻ واري ڍنڍ ۾ مُٽيو هو ۽ ٻن ٻين رڍن اهو تسليم ڪيو ته هن هڪ پوڙهي گھيٽي کي، جيڪو نيپولن جو جانثار هو، جڏهن هو کنگھه ۾ ورتل هو، هڪ آڙاهه جي چوگرد ڊوڙائي ماريو هو. اهي سڀ اعترافي جانور هڪ دم ڪٺا ويا. ائين اعترافن ۽ قتلن جو سلسلو هلندو رهيو ۽ نيپولن جي پيرن ۾ لاش جا ڍير ٿي ويا هُئا ۽ هر طرف رت جي بوءِ ڦهليل هئي، جيڪا جونز جي ڀاڄ کان پوءِ ڄڻ هتي ڪڏهن به ڪنهن کي محسوس نه ٿي هُئي.
جڏهن اهو معاملو ختم ٿيو ته سواءِ ڪتن ۽ سوئرن جي، ٻيا جانور گڏجي اڳتي رڙهيا. اهي دهلجي ويا هُئا ۽ پريشان ٿيل هُئا. انهن کي سمجھه ۾ نٿي آيو. ڪهڙي ڳالهه وڌيڪ آزاريندڙ آهي: جانورن جي سنوبال جي ساٿ ۾ دغابازي يا انهن کي بي رحمانه نموني ڏنل سزا. پراڻي زماني ۾ به خونريزي جا منظر ٿيندا هُئا، پر هاڻي پنهنجو پاڻ ۾ قتل گيري انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ اگري هُئي. جڏهن کان وٺي جونز فارم ڇڏي ڀڳو هو، تڏهن کان وٺي اڄ تائين، ڪنهن به جانور ٻئي کي قتل نه ڪيو هو. ايتري تائين جو ڪنهن کي به نه ماريو ويو هو. اُهي ننڍي ٽَڪِري ڏي آيا، جتي اڌو گابري ونڊمل کڙي هُئي. هو سڀ گڏجي پٽ تي ويهي رهيا، ڪلوور، مريل، بينجمن، ڍڳا، رڍون، ڪڪڙيون، هنج وغيره سواءِ ٻليءَ جي، جيڪا نيپولن جي جانورن جي ڪٺي ٿيڻ واري حڪم کان اڳ ئي ڪٿي غائب هُئي. ڪجھه وقت تائين ڪنهن به ڪجھه نه ڪڇيو. رڳو باڪسر بيٺو رهيو. هُو بي چين بنيو هيڏانهن هوڏانهن ايندو ويندو رهيو، ۽ پنهنجي پڇ کي پاسي ۾ هڻندو رهيو. ڪنهن مهل حيرانگي وارا آواز هڻڪاريندو رهيو. آخرڪار هن چيو: “نڪي مونکي سمجھه ۾ ڪجھه اچي ٿو ۽ نه ئي اعتبار ٿو اچيم ته اهڙيون ڳالهيون به اسانجي فارم تي ٿينديون. اهي لازمن اسانجي خامين جو ئي نتيجو آهن. منهنجي نظر ۾ ان جو حل اهو آهي ته اسان کي اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ گھرجي. اڄ کان پوءِ آئون هڪ ڪلاڪ اڳ ساجھر ئي ننڍ مان اٿندس ۽ ڪم تي چڙهندس.”
۽ هو پوءِ کاڻ ڏي هليو ويو. اتي پهچي هن پٿر ڪٺا ڪيا، تن کي هن ونڊمل تائين پهچايو ۽ پوءِ اچي ننڊ ڪيائين.
ٻيا جانور ڪلوور جي چوڌاري خاموش ٿيو ويٺل هُئا. جنهن ٽڪري تي هو ويٺل هُئا، اُتان هيٺ جو نظارو چڱي نموني ٿيو ٿي. فارم جو چڱو خاصو حصو هنن جي نگاهن جي گھيري ۾ هو. وڏي مکيه روڊ سان لڳندڙ ڊگھو چراگاهه، گاهه جون واڙيون، هُڙي، پاڻيءَ جو تلاءُ، ڪڻڪ واري ٻني، فارم جي عمارتن جو ڳاڙهيون ڇتيون، جن جي چمنين مان دونهون نڪري رهيو هو. اها بهار جي صاف شام هُئي. گاهه، واڙيون ۽ لوڙها سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هُئا. سندن واسطي ڪڏهن به فارم - جيڪو کين حيرانگيءَ سان ياد آيو سندن ملڪيت (هڪ هڪ انچ سندن ملڪيت) هو - اهڙي نموني گھربل جاءِ نه بنيو هو. ڪلوور جڏهين هيٺ ٽڪري ڏي نهاريو ته سندس اکيون ڀرجي آيون. اگر هن کي پنهنجا ويچار ٻڌائڻا پون ها ته هيئن هجن ها: چند سال اڳ جڏهن انسانن کي هتان ڀڄائڻ لاءِ جيڪا تحريڪ هلائي ويئي، ان ۾ ههڙو منظرنامو ڀلجي به ڪنهن نه سوچيو هوندو. جنهن رات ميجر بغاوت ڪرڻ جو سڏ ڏنو هو، تنهن رات به هنن اهڙا قتل عام ۽ دهشت گرديءَ جا منظر نه سوچيا هُئا. هنن وٽ مستقبل جي جيڪا تصوير جڙي هُئي سا اها هُئي ته اهو اهڙو جانورن جو سماج هوندو جيڪو بک، بدحالي ۽ چهبڪ جي آزار کان آجو هوندو ۽ هر جانور برابر هوندو ۽ پنهنجي اهليت آڌار ڪم ڪندڙ هوندو. سگھو، ڪمزور جي سهائتا ڪندو، جيئن هن بدڪن جي ٻچن کي بچايو هو، جڏهن ميجر تقرير ڪري رهيو هو. پر انهيءَ جي جاءِ تي - کين خبر نه هُئي ڇا جي ڪري - اهڙو ماحول جڙيو آهي، جو ڪوبه جانور پنهنجا حقيقي خيال ۽ ويچار ونڊڻ لاءِ تيار ڪونهي، خاص ڪري جڏهن گرندڙ ۽ ڀونڪندڙ ڪتا هر جاءِ نوسيندا وتن، يا جڏهن توهان جا پنهنجي ساٿي اعتراف ڪرڻ کان پوءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪيا پيا وڃن. هن جي من ۾ بغاوت ۽ نافرمانيءَ جو ڪو ويچار نه هو، هنن سمجھيو ٿي ته اهڙي ماحول هوندي به هُو جونز واري وقت کان وڌيڪ خوشحال هُئا ۽ وڌيڪ اهو پڻ ضروري هو ته انسانن جي واپسيءَ کي روڪيو وڃي. جيڪي ڪجھه به ٿيندو، هُوءَ وفادار رهندي ۽ جفا ڪشي ڪندي رهندي، نيپولن جي اڳواڻيءَ کي مڃيندي حڪمن جي بجا آوري ڪندي رهندي. پر پوءِ به انهيءَ ڪارستانيءَ لاءِ هن توڙي ٻين جانور هڻ هڻان ۽ محنت نه ٿي ڪئي. هنن اڄوڪي ڏينهن لاءِ نڪو ونڊمل ٺاهي هُئي ۽ نه جونز جي گولين جو مقابلو ڪيو هو. اهي هن جا ويچار هُئا پر هن وٽ لفظ نه هُئا، جن جي سهاري هو بيان ڪري سگھي.
نيٺ پنهنجي سوچن کي اظهار ڏيڻ لاءِ هن “انگلنڊ جا جانور” گيت آلاپڻ شروع ڪيو. هن جي چوڌاري ويٺل ٻين جانورن به هن ساڻ گڏجي گيت ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ٽي لڱان اهو گيت آهستگيءَ ۽ ڏک ڀرئي لهجي ۾ ڳاتو ويو ۽ ڳائڻ جو اهو ڍنگ ڪڏهن به نه اختياريو ويو هو.
هنن جڏهن ٽيون ڀيرو گيت ڳائي بس ڪيو ته اسڪئيلر ٻن ڪتن جي ساٿ ۾ وٽن اچي پهتو ۽ سندس تاثر مان لڳو ٿي ته هن وٽ ڪا اهم خبر آهي. هن اعلان ڪيو ته ڪامريڊ نيپولن جي خاص حڪم تحت اهو گيت ڳائڻ بند ڪيو وڃي. اڄ کان پوءِ ان کي ڪير به نه ڳائي. اهو ٻڌي جانور پريشان ٿي ويا.
“ڇو؟” مريل رڙ ڪندي پڇيو.
“ڪامريڊو! هاڻي ان جي ضرورت نه رهي آهي. اهو گيت بغاوت جو گيت هو. هاڻي بغاوت ختم ٿي چڪي آهي ۽ غدارن جو خاتمو آخري عمل هو. اندروني توڙي ٻاهرئين دشمن کي مڪمل شڪست ڏني ويئي آهي. ان گيت ۾ بهتر ڏهاڙن لاءِ اسان جي اڇائن جو اظهار هو. هاڻي اهڙو سماج جڙي چڪو آهي. بس پڌرو آهي ته هاڻي انهيءَ گيت جو ڪو ڪارج نه رهيو آهي.”
جيتوڻيڪ هُو هراسيل ۽ ڊنل هُئا، پر ڪجھه ضرور انهيءَ تي احتجاج وارين ها، پر عين انهيءَ مرحلي تي رڍن ٻاڪارڻ شروع ڪيو: “چار ٽنگون چڱيون، ٻه بريون.” اهو گوڙ ڪافي وقت هلندو رهيو ۽ انهيءَ ڪري بحث پڄاڻي پهتو.
ائين انگلنڊ جا مرون وارو گيت ٻيهر نه ٻڌو ويو. ان جي جاءِ تي شاعر منيبمس ٻيو گيت ٺاهيو هو. جنهن جا ٻول هُئا.
اي جانورن جا فارم.، اي جانورن جا فارم
شل توکي ڪڏهن به نقصان نه پهچي................
هاڻي هر آچر جو جھنڊو جھولائڻ کان پوءِ اهو گيت ڳارايو ٿي ويو. پر هن گيت جا لفظ توڙي ڌن اڳوڻي گيت سان برابري نٿي ڪري سگھيا.