خاندان کان قوميت تائين سفر
[b]1. خاندان
[/b]اڄ کان هزارين سال اڳ ابتدائي وحشي دور ۾ انسان اڪيلو زندگي گذاريندو هو. هن کي خانداني رشتن جي ساڃاهه ڪانه هوندي هئي ۽ هو اجتماعي زندگي جي فائدن کان نا آشنا هو. پر جڏهن حالتون بدلجڻ لڳيون، سماج ترقي ڪرڻ لڳو ته هو انهيءَ سان اڪيلي سر ٽڪر کائڻ ۽ منهن ڏيڻ جي اهل ٿي نه سگهيو. هو اڪيلي سر نه صرف غذا حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ لڳو پر دشمن جي حملي کان به پاڻ بچائي نه سگهيو ته هن اڪيلي سر جيون گهارڻ کان گروهن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. گروهن ۾ رهڻ ڪري هن کي شڪار ڪرڻ، غذا حاصل ڪرڻ ۽ دشمن جي حملي کان پاڻ بچائڻ جي سهولت ملي. ان ڪري اوائلي انسان ۾ ٻين سان گڏ رهڻ ۽ گڏجي محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو. جڏهن انسان ابتدائي وحشي سماج ۾ گروهن جي شڪل ۾ رهڻ شروع ڪيو ته اوائل ۾ هو خوني رشتيداري جي جذبي تحت متحد ٿيو ۽ ان ئي رشتي تحت خاندان جو بنياد پيو.
خاندان، انسان جو هڪ اهڙو گروهه هوندو آهي، جنهن جا فرد هڪ ٻئي سان خوني رشتن تحت ڳنڍيل هوندا آهن ۽ اهي هڪ ئي نسل يا بڻ بڻياد مان هوندا آهن. تاريخ ۾ انهن خاندانن جو بنياد قديم راڄوڻي سماج (اوائلي اشتراڪي سماج) ۾ پيو. ان سماج ۾ خاندان جا سڀئي فرد گڏجي محنت ڪندا هئا ۽ ان جي ورهاست پڻ برابري جي بنياد تي ڪندا هئا. هنن جي هر حاصلات گڏيل ملڪيت هوندي هئي. پئداواري وسيلن جي گڏيل حاصلات ۽ گڏيل استعمال هڪ وڏي خاندان جي بنياد جو ڪم ڏيندو هو. خاندان نه صرف خوني رشتن تي ٻڌل هوندو هو، پر اهو معاشي ناتن ۾ پڻ جڪڙيل هوندو هو. خاندان جي تعمير ۾ اقتصادي حالتن جو وڏو هٿ هوندو هو. ڇو جو هڪ خاندان جي ماڻهن جو گڏجي رهڻ ڪو اتفاق يا حادثو نه هو ۽ نه ئي صرف رشتيداري جذبي تحت اها برادري ٺهي هئي، پر معيشت کي گڏيل نموني هلائڻ، گڏجي محنت ڪرڻ، هڪ ٻئي جو بچاءُ ڪرڻ ۽ پنهنجو نسل قائم رکڻ جو جذبو ان جي پٺيان ڪم ڪندڙ هو.
[b]2. قبيلا
[/b]اوائل ۾ اڃا پيداواري ذريعن ايتري ترقي ڪانه ڪئي هئي. جنهن ڪري خاندان کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ ۽ هڪ ٻئي جي مدد ۽ سهڪار جي ضرورت ڪانه پئي هئي. ان ڪري هو پنهنجي بچاءُ جو بندوبست پاڻ ڪندا هئا ۽ ٻين خاندانن سان ڪوبه ناتو رشتو ڪونه رکندا هئا ۽ انهن کي پاڻ لاءِ ڌاريو سمجهندا هئا.
جڏهن خاندان جي آبادي وڌڻ لڳي ۽ انهن جي گذر سفر جا وسيلا تنگ ٿيڻ لڳا ته خاندان جو هڪ حصو ٽٽي، نئين هنڌ ڏانهن رهڻ لاءِ روانو ٿي ويو. انهن ٻنهي برادرين ۾ پوءِ به رشتيدارانه ۽ معاشي رابطا قائم رهيا. انهن ئي بنيادن تي خاندانن جي وسيع اتحاد، قبيلي جي تشڪيل ڪئي. ڇو جو وڌندڙ آبادي رشتيدار خاندان کي مجبور ڪيو ته هو اندروني طور تي ارد گرد جي دنيا سان ڪاروبار ۾ متحد ٿين. اهڙيءَ طرح انساني سماج جي قديم راڄوڻي نظام ۽ خاندان کان پوءِ قبيلا وجود ۾ آيا. جيڪي آبادي جي لحاظ کان هزارين ماڻهن تي مشتمل هئا. اهي هڪ مخصوص علائقي ۾ رهڻ لڳا ۽ اتي جي شڪار، ٻنين ٻارن ۽ ٻين غذائي وسيلن تي قابض بنجي ويا. اهڙيءَ طرح تاريخ ۾ پهريون ڀيرو علائقائي اشتراڪ جو تصور قدرتي طور تي قائم ٿيو. خاندان جي وچ ۾ انهن ناتن ۽ رشتن هڪ مخصوص ٻوليءَ کي جنم ڏنو ۽ هو پاڻ ۾ هڪ مخصوص ٻولي ڳالهائڻ لڳا. قبيلا جا ماڻهو گڏيل مذهبي عقيدن رکڻ سان گڏ، گڏيل رسم رواج جا مالڪ پڻ هئا. جنهن ڪري منجهن ثقافتي هڪ جهڙائي جو عمل اڀريو.
قبيلن جي ساري سماجي تعمير جمهوري اصولن تي ٿيڻ لڳي. هو پاڻ ۾ گڏجي هڪ سربراهه جي ماتحت نظام زندگيءَ جا طور طريقا اختيار ڪرڻ لڳا. قبيلي جو انتظام هڪ مجلس ڪرڻ لڳي، جيڪا قبيلي جا ماڻهو متفق طور تي چونڊيندا هئا. ان مان ئي هڪ بزرگ قبيلي جو سربراهه مقرر ٿيندو هو.
[b]3. قوميت
[/b]پئداواري ذريعن جي اوسر سان گڏ سماجي رشتا پڻ ترقي ڪندا ۽ بدلجندا رهيا. جڏهن پيداواري قوتن گهڻي ترقي ڪئي ۽ دهات جا اوزار ٺهڻ ڪري انسان جون پئداواري صلاحيتون وڌي ويون ته انسان پنهنجي ضرورتن کان وڌيڪ شيون پئدا ڪرڻ لڳو. ان جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو کپت کان حاصلات وڌيڪ ٿيڻ لڳي ۽ ڪن قبيلن جي اڳواڻن وٽ اها واڌو حاصلات جمع ٿيڻ لڳي. جنهن ڪري وڌيل پئداوار جي ذخيره اندوزي ٿيڻ لڳي. اهڙي طرح سماج ۾ ذاتي ملڪيت جو بنياد پيو، گڏيل محنت ۽ گڏيل استعمال جو طريقو ختم ٿي ويو. ان جي جڳهه انفرادي محنت ۽ انفرادي معاوضي ورتي ۽ انسان جو انسان هٿان استحصال ٿيڻ شروع ٿيو. اهڙيءَ طرح قديم راڄوڻي نظام غلام داري سماج ۾ تبديل ٿي ويو. پئداوار ٻن شاخن زراعت ۽ حرفت ۾ ورهائجي وئي ۽ شيون واپار لاءِ تيار ٿيڻ لڳيون.
طبقاتي معاشري پنهنجا اثر قبيلن ۽ قبيلائي اتحاد تي ڇڏڻ شروع ڪيا. قبيلن کي پنهنجي پيداوار وڌائڻي پئي ۽ هنن کي ڪم جي باقاعدي ورهاست ڪرڻي پئي. قبيلن جا ماڻهو شيون نه صرف ذاتي استعمال لاءِ تيار ڪرڻ لڳا پر هاڻ هو شيون واپار ۽ ٻين قبيلن سان مٽاسٽا لاءِ به تيار ڪرڻ لڳا. واپار هڪ قبيلي کان نڪري مختلف قبيلن تائين ڦهليو. جنهن ڪري هڪ مخصوص جاگرافيائي خطي جي قبيلن جي وچ ۾ رشتا ۽ ناتا وڌڻ لڳا ۽ ميل جول ٿيڻ ڪري هو هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچڻ لڳا. ملڪيت جي واڌ ۽ ضرورتن قبيلن کي پنهنجو ڌار وجود قائم رکڻ نه ڏنو. ڇو جو هرهڪ قبيلو ڪنهن نه ڪنهن اقتصاديات، معاشيات، هنر ۽ ڪاريگري ۾ خود ڪفيل هو. ان ڪري ٻئي قبيلي کي ان جي مدد جي اشد ضرورت پئي. قبيلا پري پري رهڻ بجاءِ زمين جي هڪ مخصوص ٽڪر تي هڪ ٻئي جي ويجهو رهائش اختيار ڪرڻ لڳا، جيئن هو ٻاهرين حملي آورن کي گڏجي منهن ڏئي سگهن ۽ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ حاصلاتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن. ان ڪري قبيلن جو اتحاد وسيع ٿي ويو. قبيلن جي وچ ۾ پيدا ٿيل معاشي رابطن ۽ هڪ علائقي جي اشتراڪ ڪري قبيلا پاڻ ۾ گهڻي وقت تائين فقط خانداني بنياد تي رابطا قائم رکي نه سگهيا ۽ خوني رشتيداري جي رابطي جي جڳهه علائقائي رابطي ۽ ويجهڙائي ورتي. علائقائي اشتراڪ اهڙن ماڻهن کي ڳنڍڻ شروع ڪيو، جيڪي پاڻ ۾ فقط خون جي بنياد تي رشتيدار نه هئا. اهڙيءَ طرح وطن جي تصور جنم ورتو ۽ علائقائي مفاد قبيلائي مفادن مٿان غالب پوڻ لڳا. انساني سماج ۾ رياست جو ظهور ٿيو، علائقائي حڪومتون يا بادشاهتون، قبيلائي سردارين جي جاءِ والارڻ لڳيون. علائقائي اشتراڪ، معاشي ترقي جي عمل ۾ سڀ کان گهڻو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو.
جڏهن مختلف قبيلا هڪ مخصوص جاگرافيائي خطي اندر رهڻ لڳا ته هو هڪ ئي خطي اندر پنهنجون ڌار ڌار زبانون ۽ رسمون رواج جاري رکي نه ٿي سگهيا. ان ڪري اڳتي هلي سندن وچ مان مختلف قبيلائي ٻولين ۽ رسم رواجن جا سنڌا ختم ٿيڻ لڳا ۽ منجهن هڪ اجتماعي ٻولي ۽ ثقافت اڀرڻ لڳي.
اهڙيءَ طرح مختلف قبيلن جي هڪ گڏيل جاگرافيائي وطن، ٻولي ۽ گڏيل ثقافت جي بنياد تي غلام داري ۽ جاگيرادري سماج ۾ انسانن جي هڪ نئين قسم جي برادري قوميت جنم ورتو. جيڪا خاندان ۽ قبيلي جي برخلاف خوني رشتن بدران گڏيل علائقي ۽ ثقافت تي ٻڌل هئي.
هر انساني برادريءَ کي سماجي بنياد تي پنهنجو هڪ خاص طبقاتي ڍانچو هوندو آهي. ان ڪري غلام داري سماج جي قوميت جا بنيادي طبقا غلام ۽ آقا هئا. جڏهن ته جاگيردارانه قوميت ڏسڻ ۾ ته گهڻن طبقن ۾ ورهايل پئي نظر آئي، پر پوءِ به ان جي اندر بنيادي طبقاتي تضاد هاري ۽ جاگيردار جي وچ ۾ هئا.
قوميت، قوم جي ڀيٽ ۾ ماڻهن جي گهڻي مستحڪم برادري ڪانه هئي. ڇو جو غلام داري ۽ جاگيرداري سماج تحت هڪ اهڙي معاشي برادري تشڪيل وٺي نه پئي سگهي، جيڪا سڄي ملڪ تي ڇائنيل هجي. ان ڪري ئي قوميت انسانن جي وچ ۾ ايترا ويجها ۽ گهرا لاڳاپا پيدا نه ڪري سگهي. جنهن تحت پراڻا خانداني ۽ قبيلائي اثر ۽ نشان ختم ڪري سگهجن. غلام داري ۽ جاگيرداري سماج ۾ واپاري مرڪزن ۽ جنسن جي مٽا سٽا محدود ۽ مقامي نوعيت جي هئي، اها سڄي ملڪ تي ڪنٽرول ڪري نه پئي سگهي. جنهن ڪري سياسي ۽ معاشي اتحاد گهرو ۽ مضبوط نه پئي ٿي سگهيو.
سماج ۾ قوميت جو معاشي اتحاد سڄي ملڪ تي ٻڌل نه هجڻ ڪري مڪمل طرح قبائلي اثر ختم نه ڪري سگهيو. ان دور ۾ قبائلي ٻولين جي جڳهه هڪ گڏيل زبان ورتي، جنهن جي رسم الخط شرع ٿيڻ سان ان جو ادبي معيار قائم ٿيو ۽ ان چڱي خاص ترقي ڪئي. پوءِ به ان گڏيل زبان تان قبيلائي ٻولين جا اثر مڪمل طرح ختم ٿي نه سگهيا. ملڪ جي مختلف خطن ۾ ان جو لهجو ۽ روپ بدليل رهيو.
قبيلائي ريتن رسمن گڏجي هڪ گڏيل ثقافت کي جنم ڏنو. جيڪا سماجي حالتن جي اثر هيٺ طبقاتي ثقافت هئي ۽ اها سماج جي مٿين طبقن جي حالات زندگي جو عڪس هئي. ان گڏيل ثقافت تي به قديم دور جي خاندانن ۽ قبيلن جي ريتن رسمن ۽ رواجن جو عڪس چٽيءَ طرح نقش ٿيل هو. ان کان سواءِ ان ثقافت تي خاص علائقائي اثر به پيا، جنهن جو خاص سبب قبيلن وچ ۾ معاشي رابطن وڌڻ ڪري علائقي جي مختلف حصن ۾ تعلقات وڌڻ ۽ اتان جي رهواسين جو هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ هو.