تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي

هن ڪتاب ۾ مارڪسي – لينني نقطي نگاهه کان قومي سوال جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي. ان سان گڏ، قومن جي تاريخي ارتقا جي قانون کي پڻ بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ قوم لفظ جي ٿيندڙ مڙني غلط تشريحن ۽ تاويلن کي رد ڪندي، قوم جي جديد ۽ اصلي سائنسي وصف دليلن سان پيش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4250
  • 1759
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي

قومي تعلقاتن جي ترقي ۾ ٻه رجحان

اسان کي قومن جي تعلقاتن جي ترقي ۽ نشونما ۾ سرمائيداري سماج اندر ٻه رجحان ملن ٿا:
(الف) واجب قوميت (ب) بين الاقواميت.
هي ٻئي رجحان سماجي نشونما جي ضرورتن مان جنم وٺندا آهن ۽ تاريخي لحاظ کان ترقي پسند هوندا آهن، هي ٻئي رجحان سرمائيداري سرشتي جا عالمگير قانون آهن.

(الف) [b]واجب قوميت:[/b] جنهن ۾ پنهنجي آزاد قومي رياست جي تشڪيل، پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقي ۽ ڦهلاءُ، قومي زندگي جي بيداري ۽ قومي شعور جي نشونما شامل هوندي آهي.
هن رجحان هيٺ هڪ قوم جا ماڻهو، پنهنجي قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندا آهن، پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي آزاديءَ ۽ هر قسم جي قومي ظلم ۽ جبر خلاف جنگ ڪندا آهن. ان ڪري پنهنجي ماهيت جي لحاظ کان هي رجحان ترقي پسند هوندو آهي ۽ مارڪسي نه صرف هن رجحان جي حمايت ڪندا آهن، پر مطالبو ڪندا آهن ته قومن ۽ زبانن جي وچ ۾ اڻ برابري ختم ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ هر قسم جون رعايتون ۽ خصوصي حق منسوخ قرار ڏنا وڃن. قومن جو خوداختياري حق، علحدگيءَ جي حد تائين تسليم ڪيو وڃي.

(ب) [b]بين الاقواميت[/b]: هن رجحان تحت قومن جي وچ ۾ ڀائپي، برابري ۽ ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ مقصد هوندو آهي. هن رجحان تحت قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ، قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ، قومي نفرتن کي ختم ڪرڻ، قومن کي هڪ ٻئي جي سياسي، اقتصادي حاصلاتن ۽ تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سماجي زندگيءَ کي بين الاقواميت عطا ڪرڻ مقصد هوندو آهي. اهڙي رجحان سرمائيداري سماج جي اوائلي دور ۾ ترقي پسند ڪردار ادا ڪيو هو.
پر جڏهن سرمائيداري سماج پنهنجا ارتقائي مرحلا طئه ڪري اجارادارانه سرمائيداري يعني سامراج ۾ داخل ٿيو ته هي رجحان پنهنجي ترقي پسند حيثيت وڃائي ويٺو ۽ پنهنجي اصل مقصد جي مخالف ۽ ابتڙ ٿي پيو، قومن جي ويجهي اچڻ وارو هي عمل غلط صورت اختيار ڪري ويو.
سرمائيدار قومون، ننڍين ۽ غير ترقي يافته قومن سان ڳانڍاپا ۽ لاڳاپا برابري ۽ ڀائپي وارن بنيادن تي رکڻ بجاءِ، پنهنجي طاقت جي بنياد تي ڦرلٽ ۽ استحصال تي رکنديون آهن ۽ اهڙي طرح قومن جي ڳانڍاپي وارو عمل وڏين قومن جو ننڍين قومن مٿان ناجائز قبضي جي صورت ۾ ظهور پذير ٿيندو آهي. جنهن ڪري قومن جي وچ ۾ بين الاقواميت فروغ پائڻ بدران ٽڪراءُ جي صورت اختيار ڪندي آهي. سامراجي ملڪ، ننڍين قومن کي پاڻ سان زوري ملائي، بين الاقواميت جو نعرو هڻندا آهن ۽ اهڙي طرح مظلوم قومن جي طرف کان آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ هر ڪوشش کي نهايت بي رحمي سان چٿي ۽ چيڀاٽي ڇڏيندا آهن. ان ڪري هڪ قوم تي ٻي قوم جو تشدد، نوآبادياتي ڦرلٽ ۽ قومي اڻ برابري، قومن ۾ نفاق جو ٻج ڇٽيندي آهي. قومن جو ههڙي طرح هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ وارو عمل سرمائيداري سماج ۾ ٺلهو خواب رهجي ويندو آهي.
صحيح معنى ۾ قومن جي وچ ۾ ڳانڍاپا ۽ لاڳاپا سوشلسٽ سماج جي تعمير ٿيڻ سان پيدا ٿيندا آهن. جيڪي بنا ڪنهن ڏاڍ ڏمر، اڻ برابري جي قومن جي وچ ۾ حقيقي برابري ۽ خودمختياري جي بنياد تي دوستي ۽ بين الاقواميت کي فروغ ڏيندا آهن. ڪميونسٽ معاشري ۾ ئي قومن جي بين الاقواميت مستحڪم ٿيندي آهي ۽ قومي يڪجهتي فروغ حاصل ڪندي آهي. قومون هڪ ٻئي جي ويجهو اچي، هڪ ٻئي مان پرائينديون آهن، هڪ ٻئي جي سهائتا ڪنديون آهن. قومي بغض ۽ قومي نفرت، بين الاقوامي محبت ۽ پنهنجائپ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.

[b]بورجوا قومپرستي
[/b]سرمائيداري نظام جي اوسر سان گڏ قومون تشڪيل وٺـنديون آهن، جيڪي بورجوا قومون سڏبيون آهن. ان بورجوا قوم جي اڪثريت ته هيٺين طبقي تي ٻڌل هوندي آهي، پر اهم رول قومي بورجوازي ئي ادا ڪندو آهي. بورجوازي شروعات کان ئي قومي شعور ۽ قومي جذبي کي پنهنجي طبقاتي مفادن خاطر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سرمائيدار هر ان شيءَ کي قومي ڪوٺي، ان جي پرچار ۽ حمايت ڪندو آهي، جيڪا هن جي طبقاتي مفادن جي آئيني دار هوندي آهي ۽ سندس ڦرلٽ واري نظام کي تحفظ فراهم ڪندي آهي. هو پنهنجي طبقاتي مفادن کي سڄي قوم جا مجموعي مفاد ڪوٺي، انهن جي حاصلات کي عين قومي فرض ڪوٺيندو آهي. پنهنجي طبقاتي تهذيب ۽ ثقافت، ريتن ۽ رسمن، سوچن ۽ خيالن کي سڄي قوم مٿان قومپرستي جي نالي ۾ مڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهڙي طرح هو عوام اندر بورجوا قومپرستي جا رجعت پسند خيال ڦهلائيندو آهي.
سرمائيدار، پورهيت طبقي کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۽ سندن عالمي اتحاد ۽ گڏيل گهڻ قومي شعور جي ڪوشش کي ڇيهو رسائڻ ڪاڻ، قومپرستي کي هٿئي طور استعمال ڪندو آهي. هو پنهنجي قوم کي ٻين قومن کان اعلى ڪوٺي، قومي برتري جي پرچار ڪندو آهي ۽ جارحانه قومپرستي جي فضا پيدا ڪري، قومي تعصب کي ڦهلائيندو آهي. سرمائيدار طبقو، پورهيت عوام جو اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ ڪاڻ “مادر وطن جي حفاظت” جو نعرو هڻندي، قومي يڪجهتي ۽ ملڪي سالميت جي مهابي “مختلف طبقن جي وچ ۾ اتحاد” جو ڍونگ رچائيندو آهي. هو جارحانه قومپرستي کي هوا ڏيندي، ڪمزور ۽ غير ترقي يافته قومن تي حملا ۽ هلائون شروع ڪندو آهي. آزاد ملڪن تي چڙهايون ڪري، انهن کي غلام بنائيندو آهي، اهڙي طرح بورجوازي جي “محب وطني” جارحيت جو روپ وٺندي آهي. اهڙيءَ طرح سرمائيدار طبقو مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪندي، پرولتاري طبقي جي عالمي اتحاد ۽ گڏيل بين الاقومي شعور جي نشو و نما ۾ اٽڪاءُ پيدا ڪري، پورهيت عوام ۾ عالمي ليول تي نفاق ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪامريڊ لينن بورجوا قومپرستي بابت لکي ٿو ته: “ جنگجو بورجوا قومپرستي، مزدورن کي ٿڦڪي ڏئي سمهاريندي آهي، انهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهندي آهي ۽ انهن ۾ ڦوٽ پيدا ڪندي آهي ته جيئن بورجوا جيڏانهن چاهي، ان کي نڪ مان پڪڙي وٺي وڃي.”
سرمائيدار طبقو ظاهري طرح ته قومي مفادن جي حفاظت جو نعرو استعمال ڪندو آهي، پر اندروني طور تي هو عالمي ليول تي پنهنجي طبقاتي مفادن جي تحفظ لاءِ قومي مفادن کي قربان ڪرڻ کان هرگز ڪين گسندو آهي. هو پنهنجي هم قوم طبقاتي دشمن يعني پورهيت عوام سان منهن ڏيڻ لاءِ هر قومي مفاد کي داءَ تي لڳائي، پنهنجي ملڪ کي ڌارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيندو آهي.
تاريخ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته سرمائيدارن پنهنجا طبقاتي مفاد سلامت رکڻ ۽ عالمي ليول تي انهن جي تحفظ ۽ سلامتي لاءِ دنيا کي جنگين جو آکاڙو بنائي ڇڏيو آهي. سرمائيدارن جي جارحانه قومپرستي ئي دنيا کي ٻن عالمي جنگين ۾ ڌڪي ڇڏيو. جنهن ڪري انسانذات سخت تڪليف هيٺ آئي.
هاڻ سوال ٿو اٿي ته ڇا هر وقت، هر قسم جي قومپرستي نقصانڪار هوندي آهي؟ يا ڪن وقتن تي، ڪن حالتن ۾ قومپرستي ترقي پسند به ٿيندي آهي؟ ڪنهن به ملڪ ۾، ڪن تاريخي حالتن ۾ قومپرستي نقصانڪار نه به هوندي آهي. ان ڪري جنهن وقت اسان ان قسم جو جائزو وٺون ته اسان کي نهايت خبرداريءَ سان قومپرستي کي مختلف تاريخي حالتن ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ۽ قومپرستي جي تاريخي ڪردار جو اندازو نهايت سنجيدگيءَ سان لڳائڻ گهرجي. مظلوم قومن جي قومپرستي ۽ ظالم قومن جي جارحانه قومپرستي ۾ واضح فرق ڪرڻ کپي. مظلوم قومون، جيڪي نوآبادياتي استحصال ۽ ڦرلٽ خلاف پنهنجي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيون آهن، انهن جي قومپرستي ترقي پسند هوندي آهي. ڇو جو هو عالمي سطح تي سامراجي استحصال خلاف لڙندي، پنهنجو ترقي پسند ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ سندن اهڙي قسم جي قومپرستي جو عمل جمهوريت پسند هوندو آهي. ان بابت لينن چيو آهي ته: “ڪنهن به مظلوم قوم جي بورجوا قومپرستي هڪ عام جمهوري ماهيت جي حامل هوندي آهي. جنهن جو رخ ظلم جي خلاف هوندو آهي ۽ هيءَ ئي اها ماهيت آهي، جنهن جي اسان غير مشروط طور تي حمايت ڪيون ٿا.” ان ڪري ئي اڄ جي دور ۾ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي غلام قومن جي قومپرستي پنهنجي ماهيت جي لحاظ سان ترقي پسند آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته يورپي ۽ آمريڪي قومن جي قومپرستي جارحانه ۽ شاونسٽ آهي.
اسان کي مظلوم قومن جي قومپرستي جو جائزو وٺڻ وقت هڪ ڳالهه اها به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته مظلوم قومن جي قومپرستي ۾ مثبت پهلوئن سان گڏ ڪي منفي پهلو به هوندا آهن، جن کي پڻ وسارڻ نه گهرجي. ڇو ته اسرندڙ غير ترقي يافته نوآبادياتي ملڪن ۾ قومي تحريڪن جي اڳواڻي گهڻو ڪري بورجوازي ئي ڪندا آهن. ڇو ته نوآبادياتي ملڪن ۾ صحيح معنى ۾ مقداري توڙي معياري پرولتاري طبقو پيدا ٿي نه سگهيو آهي. قوم جي وڏي آبادي هارين ۽ وچولي طبقي تي ٻڌل هوندي آهي. ان ڪري قومي تحريڪن جي اڳواڻي بورجوازي طبقي جي هٿ ۾ ايندي آهي. جيستائين ٻاهرين ڦورو سان آزادي جي جنگ هلندڙ هوندي آهي، ايستائين ته قومي بورجوازي، مزدور، هاري، وچولو طبقو سڀ گڏ جدوجهد ڪندا آهن. ڇو جو ان وقت تائين سڀني طبقن جو دشمن گڏيل هوندو آهي. پر جيئن ئي قومي آزاديءَ جي تحريڪ ڪامياب ويندي آهي ته هي طبقاتي اتحاد پڻ ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيندو آهي ۽ طبقاتي اختلاف ظاهر ٿي پوندا آهن. پورهيت طبقي ۽ قومي بورجوازي ۾ ماٺا ٿيل طبقاتي اختلاف نه فقط ظاهر ٿيندا آهن پر ٻنهي ڌرين ۾ ٽڪراءُ جي صورتحال اختيار ڪندا آهن.
قومي بورجوازي پنهنجي طاقت ۽ اٽڪل بازي سان عوام جي حاصل ڪيل خودمختياري تي پاڻ قابض ٿي ويندو آهي ۽ ملڪ مٿان پنهنجو تسلط ڄمائي، پنهنجا طبقاتي مفاد بچائڻ لاءِ ننگو ٿي نروار ٿيندو آهي. پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ هو آزاديءَ جي مقصدن سان غداري ڪندي، نوآبادياتي سرمائيدار سان ٺاهه ڪندو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي سخت رجعت پسند ڌرين جهڙوڪ: جاگيردارن، ملن ۽ پيرن کي پاڻ سان ملائي، پورهيت عوام جي سگهه کي ڪمزور ڪندو آهي. هو سرمائيداري نظام کي پڪو پختو بنائي، پنهنجي استحصالي ادارن جهڙوڪ: پوليس ۽ فوج کي مضبوط ڪندو آهي. ملڪ اندر پورهيت تنظيمن ۽ پارٽين تي بندش وجهي، ترقي پسند ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بنائيندو آهي. ملڪي پورهيت عوام جي عالمي سطح تي مزدورن سان اتحاد ڪرڻ جي ڪوششن کي سختي سان روڪيندو آهي ۽ کين عالمي مزدور تحريڪ کان الڳ ڪرڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪندو آهي. پر اڃا به جڏهن ڏسندو آهي ته مزدور طبقو سگهارو ٿيندو پيو وڃي ۽ سندس طبقاتي مفاد ۽ طبقاتي نظام خطري ۾ آهي ته هو عالمي سامراج سان ناتا جوڙي، سامراجي ملڪن جي عهدنامن ۾ پاڻ کي ڦاسائي، پنهنجي ملڪ کي سامراجين جي نيم بيٺڪيت بنائڻ کان به نه هٻڪندو آهي. هو پنهنجا مفاد عالمي سامراج سان وري ڳنڍي ڇڏيندو آهي.
سامراجي ملڪ، موجوده دور ۾ بيٺڪي ملڪن جي کسجي وڃڻ واري عمل کان پوءِ به ماٺ ميٺ ڪري ڪونه وهندا آهن. هو پنهنجي ڦرلٽ واري نظام کي چالو رکڻ لاءِ نوان گهاٽ گهڙيندا آهن. جيئن هو پنهنجي سابق نوآبادين تي وري پنهنجو قبضو برقرار رکن. ان لاءِ پهريان ته هو نون آزاد ٿيل ملڪن ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۽ اتي پنهنجا طبقاتي ۽ سامراجي مفاد سلامت رکڻ لاءِ قومي بورجوازين کي استعمال ڪندا آهن، نون آزاد ٿيل ملڪن ۾ پنهنجن دلالن کي اقتدار تي پهچائڻ جون ڪوششون ڪندا آهن، جيڪي سندن مفادن جي رکوالي ڪن ۽ هو نون آزاد ٿيل ملڪن کي قرض ڏئي پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي بالادستي قائم ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح نوان آزاد ٿيل ملڪ، سامراجي ملڪن جي نيم بيٺڪيتن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ئي ٿيندو آهي جو قومي تحريڪن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار قومي بورجوازي ادا ڪندا آهن ۽ آزادي بعد پورهيت طبقي جي سگهاري نه هجڻ ڪري، هو پنهنجي مفادن جي سلامتي لاءِ بورجوا قومپرستي جو پٽڪو پٽيندا آهن. اهڙي قسم جي قومپرستي کي ڪامريڊ لينن ننديندي چيو آهي ته: “هر قسم جي لبرل بورجوا قومپرستي، مزدورن ۾ انتهائي بگاڙ ۽ خرابي پيدا ڪندي آهي. آزادي ۽ پرولتاري طبقاتي جدوجهد جي مقصدن کي زبردست نقصان پهچائيندي آهي.”