قومي سوال ۽ مارڪسزم
جيئن ته موجوده دور ۾ قومي آزاديءَ جون تحريڪون سوشلسٽ انقلاب جو اهم مورچو آهن، ان ڪري بورجوازي قومي آزادي جي تحريڪن کي عالمي سوشلسٽ تحريڪ کان ڇني ڌار ڪرڻ ۽ ٻنهي تحريڪن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ لاءِ وڏي پيماني تي منظم نموني ڪم ڪري رهيا آهن. جيئن محڪوم ملڪن جو عوام منفي ردعمل ۾ اچي مارڪسزم خلاف ٿي وڃي ۽ مظلوم قومون، عالمي انقلابي ڌارا کان ڪٽجي بي يارو مددگار ٿي وڃن. اهڙي طرح مظلوم قومون آزادي بعد وري به اچي سرمائيدارن جي پنجوڙن ۾ جڪڙجن.
جڏهن ته قومي سوال، نه مارڪسزم خلاف آهي ۽ نه وري مارڪسزم ۾ قومي سوال لاءِ گنجائش نه آهي. اهي سڀ سامراجي چالون آهن. مارڪسزم، قومي آزادي جي تحريڪن جي سچي دوست آهي. ان وٽ قومي سوال کي حل ڪرڻ لاءِ نه صرف جامع پروگرام موجود آهي، پر خود قومي سوال مارڪسزم جو هڪ اهم حصو آهي. مارڪسزم قومي سوال جي حل لاءِ جيڪو جامع ۽ ٺوس نظريو ڏنو آهي، ان تحت ڪيترن ئي سوشلسٽ ملڪن ۾ ان مسئلي کي بهتر نموني حل ڪيو ويو آهي ۽ گهڻ قومي يا وفاقي سوشلسٽ ملڪن ۾ مختلف ننڍيون وڏيون قومون ۽ قوميتون گڏجي هڪ ٻئي سان ڀائپي ۽ برادري وڌائي امن ۽ سڪون سان پنهنجي علائقن ۾ پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي کي آزادانه نموني ترقي وٺرائي رهيون آهن. سوشلسٽ ملڪن ۾ مارڪسي- لينني قومي پروگرام تي عمل ڪندي اڄ ڪيتريون ئي قومون خوشحالي ۽ آسودگيءَ جا ڏاڪا جلدي جلدي طئه ڪري رهيون آهن ۽ سندن وچ ۾ پراڻيون دشمنيون ۽ رنجشون، محبتن ۾ تبديل ٿي ويون آهن. يعني مارڪسزم هميشه لاءِ قومي مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ قومي نفرتن ۽ عداوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ جامع پروگرام ڏيندڙ نظريو آهي. ڪميونزم جي بانين ۽ رهبرن ڪارل مارڪس، اينگلس، لينن ۽ اسٽالن هميشه دنيا جي قومي آزادي جي تحريڪن جي حمايت ڪئي ۽ قومي مسئلي کي وڏي اهميت ڏيندي، ان کي وقت جو اهم سوال ڪوٺيو ۽ ان وقت جي اهم سوال جو سائنسي حل به ٻڌايو.
ڪامريڊ لينن، مارڪسي اصولن موجب هيٺيون قومي پروگرام تشڪيل ڏنو: “ڪنهن به قوم لاءِ، ڪنهن به زبان جي لاءِ ڪوبه خصوصي حق نه هجي، قومن جي سياسي حق خوداختياريت جي سوال جو فيصلو يعني بلڪل آزاد ۽ جمهوري طريقي سان آزاد رياست جي حيثيت سان علحدگي جو حق. هڪ اهڙو قانون منظور ڪيو وڃي، جيڪو پوري ملڪ تي لاڳو ٿئي ۽ جنهن جي مطابق هر ان قدم کي ناجائز ۽ منسوخ قرار ڏنو وڃي، جيڪو ڪنهن هڪ قوم کي امتيازي رعايتون ڏيندو آهي، جيڪو قومن جي برابري کي يا قومي اقليت جي حقن کي مجروح ڪندو آهي.”
مارڪسي نظرئي حق خوداراديت ۾ قومن ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي ننڍ وڏائي جو ڪوبه وجود نه هوندو آهي. مارڪس ۽ لينن مڙني قسمن جي قومي بدترين کي سخت ننديو آهي ۽ علحدگي چاهيندڙ قوم جو ريفرنڊم جي ذريعي علحدگي جي سوال کي نبيرڻ تي زور ڀريو آهي. اهڙن قومن جي قومي سوال جي پڻ حمايت ڪئي آهي، جيڪي ڪن وفاقن اندر “زميني خودمختياري” چاهين ٿيون. زميني خودمختياري جو مطلب آهي ته، ڪا قوم پنهنجي قومي وطن اندر جيڪو ڪجهه ڪمائي ٿي سا ڪمائي صرف پنهنجو پاڻ تي خرچ ڪرڻ لاءِ آزاد هجي. مطلب ته مارڪسزم جهڙو جاندار، جٽادار ۽ مڙني قومن کي قابل قبول قومي سوال جو حل ٻي ڪنهن به ڌر وٽ موجود ڪونه آهي.
ظالم ۽ مظلوم قومن جي کاٻي ڌر جا اهي انقلابي جيڪي قومي سوال کان نٽائين ٿا، ان کي بي مهل سڏن ٿا، ان جي حل ڪرڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ٿا وٺن ۽ صرف سوشلزم جي حصول لاءِ طبقاتي جدوجهد جو راڳ آلاپين ٿا ۽ قومي سوال کي سوشلزم جي اچڻ تائين ترسائي رکن ٿا، سي دراصل ڪميونزم جا دشمن آهن، ۽ هو ڪنهن به طرح طبقاتي جدوجهد يا سماجي انقلاب سان سچا ۽ مخلص نه آهن. ظالم توڙي مظلوم قومن جا انتهاپسند انقلابي، جيڪي قومي مسئلي جي اهميت کان انڪار ڪندي، ان کي رجعت پسندي سمجهن ٿا ۽ ان لاءِ جدوجهد کي ترقي پسندي خلاف تصور ڪن ٿا، سي ڪڏهن به ڪارل مارڪس، لينن ۽ اسٽالن جا سچا ۽ صحيح پوئلڳ نه آهن. هو صرف وات جا انقلابي پر اندر جا رجعت پسند آهن. ڇو جو ڪامريڊ لينن، قومي مسئلي کي وڏي اهميت ڏني آهي ۽ پاڻ قومي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ مزدور طبقي جي جدوجهد کي انقلابي ۽ ترقي پسند سڏيو آهي. جيئن پاڻ چيو اٿن ته: “ جاگيردارانه خواب غفلت مان جنتا جي بيداري، هر قسم جي قومي جبر ۽ ظلم خلاف جنتا جي جدوجهد، عوام جي خودمختياري لاءِ، قومن جي خودمختياري جي لاءِ جنتا جي جدوجهد ترقي پسند آهن. ان لاءِ هر مارڪسي جو بنيادي فرض آهي ته قومي سوال جي مڙني پهلوئن جي سلسلي ۾ انتهائي ثابت قدم ۽ با اصول جمهوريت جو جهنڊو بلند ڪري.” يا ٻئي هنڌ چيو اٿن ته: “هڪ جمهوري قوت جي حيثيت سان پرولتاري طبقي جو اٽل فرض آهي ته هر قسم جي جاگيردارانه جبر ۽ ظلم جي مڙني قسمن جي قومي ظلم ۽ زبردستي جي، ڪنهن هڪ قوم يا زبان جي امتيازي حقن ۽ رعايتن جي بيخ ڪني ڪئي وڃي ۽ هي يقيني پرولتاري طبقاتي جدوجهد جي حق ۾ مفيد آهي، جنهن جي ڌار قومي جهڙپ سان ڪند ٿئي ٿي، جنهن کي قومي جهڳڙن سان ڌڪو لڳي ٿو.” يا ٻئي هنڌ چوي ٿو ته؛ “سامراجيت جي ڪري قومي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ واڌارو ۽ تيزي، هڪ سوشل جمهوريت پسند جي لاءِ اڃا به وڌيڪ لازمي ڪري ڇڏي ٿي ته هو نه رڳو قومن جي آزادي ۽ علحدگي لاءِ ئي جدوجهد کي تيز ڪري، جنهن کي بورجوازي “خيالي جنت” واري جدوجهد جو نالو ڏيندا آهن. بلڪ انهي جي ابتڙ انهيءَ ڏس ۾ پڻ اڀرندڙ جهيڙن ۽ ٽڪرائن کي بورجوازي جي خلاف انقلابي رخ ۽ واڌاري لاءِ استعمال ڪري.”
جيڪي ظالم ۽ مظلوم قومن جا انتهاپسند انقلابي مارڪسزم کي قومي سوال کان ڌار ڪري پيش ڪن ٿا، سي دراصل ٽين دنيا جي ملڪن ۾ مارڪسزم سان دشمني ڪري رهيا آهن. هو اهڙي طرح ننڍين قومن جي عوام ۾ ڪميونزم دشمني جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. جيڪڏهن هو سچ پچ ۾ پورهيت دوست آهن ته کين قومي تحريڪ کي نه صرف طبقاتي تحريڪ جو اهم حصو تصور ڪرڻو پوندو، پر انهن ٻنهي جدوجهدن کي هڪ ٻئي سان ملائي کڻڻو پوندو ۽ پنهنجي قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اڄ جي دور ۾ مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن لاءِ واحد نجات جي راهه سوشلزم ۽ ڪميونزم ئي ته آهي ۽ ان رستي ئي مظلوم قومون صحيح معنى ۾ پنهنجي قومي آزادي حاصل ڪري سگهن ٿيون. پر جيڪي انتهاپسند انقلابي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ قومي تحريڪن سان مهاڏو اٽڪايو بيٺا آهن، سي ڌارين سامراجين، مقامي جاگيردارن ۽ بورجوازين جا دلال آهن ۽ هو انقلاب دشمن آهن. اهڙن ڪوڙن انقلابين جي ڪميونزم جي هادين ۽ رهبرن چڱي نموني مٽي پليت ڪئي آهي ۽ انهن کي ظالم ۽ مظلوم قومن جي پورهيت عوام جا بدخواهه ڪوٺيو آهي. سندن سوشلزم سان غداري کي پڌري پٽ اگهاڙو ڪيو آهي، ۽ اهو ثابت ڪيو آهي ته اهڙا انقلابي ڪنهن به طرح ڪميونزم سان سچا نه آهن. هو پنهنجي ان ڪردار رستي ظالم توڙي مظلوم قومن جي مٿئين طبقي کي فائدو پهچائي رهيا آهن ۽ سڌي طرح انهن جو ڪم آسان بنائي رهيا آهن. اهڙن موقعي پرست ترقي پسندن لاءِ لينن واضح لفظن ۾ چيو آهي ته: “جيڪي ماڻهو محڪوم قومن جي قوم پرست تحريڪ جي حمايت نه ٿا ڪن، سي درحقيقت حاڪم قوم جي بورجوازي جي حمايت ڪري رهيا آهن.” يا جيئن اڳتي چيو اٿن ته: “مارڪس جي انقلابي تعليم جا پوئلڳ جيڪڏهن جمهوريت ۽ پورهيت طبقي سان غداري ڪرڻ نه ٿا چاهين ته پوءِ سندن لازمي فرض آهي ته هو قومي سوال جي ان هڪ خاص گهر جي ضرور حمايت ڪن. اها گهر آهي قومن طرفان پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جي گهر يعني سياسي علحدگي جي گهر.” يا ٻئي هنڌ چيو اٿن ته: “جيڪو شخص قومن ۽ زبانن جي برابري تسليم نه ٿو ڪري ۽ اهڙو جهنڊو بلند نه ٿو ڪري، جيڪو شخص سموري قومي ظلام ۽ تشدد يا نابرابري جي خلاف نه ٿو لڙي، اهو مارڪسي ته ڇا پر سکڻو جمهوريت پسند به نه آهي.”
ظالم قوم جا ڪميونسٽ، جيڪڏهن پنهنجي وطن ۾ سماجوادي انقلاب آڻڻ ۾ سچا آهن ته پوءِ هنن کي ان انقلاب جي راهه ۾ پيل رڪاوٽون دور ڪرڻيون پونديون، جيئن اتي انقلاب لاءِ سازگار ماحول تيار ٿي سگهي. اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سندن هم قوم بورجوازي جون بيٺڪي ملڪن مان پاڙون اکڙن ۽ سندس ٻاهرين ڦرلٽ جا دروازا بند ٿين. جنهن ڦرلٽ ڪري خود حاڪم قوم جو پورهيت طبقو ڀاڙي ۽ غير انقلابي ٿي پيو آهي. ان ڪري ظالم قوم جي ترقي پسندن جو فرض آهي ته هو نه صرف مظلوم قوم تي احسان ڪرڻ لاءِ پر خود پاڻ تي احسان ڪرڻ لاءِ قومي آزادي جي تحريڪ جي حمايت ڪن، ڇو ته مظلوم قوم سندن لاءِ پڻ جدوجهد ڪري رهي آهي. ان ڪري ڪامريڊ لينن ظالم قوم جي پرولتاريه کي قومي سوال تي مستحڪم ٿيڻ ۽ ان رستي پنهنجي نجات لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته: “پرولتاريه جو فرض آهي ته انهن بيٺڪي ۽ انهن قومن جي سياسي علحدگي جي آزادي جو مطالبو ڪري، جن کي پرولتاريه جي “پنهنجي” قوم ظلم ۽ محڪومي جو شڪار بنائي رکيو آهي. جيستائين پرولتاريه ايئن نه ٿو ڪري، پرولتاري بين الاقواميت ٺلهو بي معنى نعرو ئي رهندو. انهيءَ کان سواءِ ظالم، مظلوم ۽ محڪوم قومن جي مزدورن جي وچ ۾ نه باهمي اعتماد پيدا ٿي سگهندو ۽ نه ئي طبقاتي هڪجهڙائي پيدا ٿي سگهندي.” يا اڃا به ڪارل مارڪس زبردست لفظن ۾ حاڪم قوم جي پرولتاريه کي خبردار ڪندي چيو آهي ته: “جيڪا قوم ٻي قوم کي غلام بڻائي ٿي، سا پاڻ ڪڏهن به آزاد ٿي نه ٿي سگهي.” ان ڪري ظالم قومن جي انقلابين کي پنهنجي نجات لاءِ بنا ڪنهن ٿوري ۽ احسان جي مظلوم قومن جي تحريڪ آزاديءَ جي نه صرف حمايت ڪرڻ گهرجي پر خود ان مسئلي تي پنهنجي بورجوازي خلاف ويڙهه ڪرڻ گهرجي. اها ئي سندن صحيح ترقي پسندي ۽ انقلابيت آهي ۽ پوءِ هو صحيح معنى ۾ مارڪسزم جا سچا دعويدار مڃجي سگهن ٿا. ان خيال کي لينن هنن لفظن ۾ هٿي ڏني آهي ته: “ سوشلسٽن کي گهرجي ته هو نوآبادين جي نه رڳو سواءِ ڪنهن معاوضي ۽ بنا ڪنهن شرط شروط جي ترت آزاديءَ جو مطالبو ڪن، پر کين گهرجي ته انهن ملڪن ۾ قومي آزاديءَ جي لاءِ بورجوا جمهوري تحريڪن ۾ وڌيڪ انقلابي عنصرن جي ڄمي حمايت ڪن ۽ انهن کي ظلم ۽ محڪومي جو کاڄ بڻائيندڙ سامراجي طاقتن جي خلاف سندن بغاوت ۾ جيڪڏهن ضرورت پوي ته انهن جي انقلابي جنگ ۾ مدد ڏين.”
نه صرف ڪامريڊ لينن ظالم قوم جي پرولتاريه کي ان مسئلي تي ثابت قدم رهڻ لاءِ زور ڀريو آهي پر ان سان گڏ مظلوم قوم جي پرولتاريه کي پڻ قومي مسئلي تي چٽو ٿيڻ ۽ ان جدوجهد ۾ حد کان وڌيڪ متحرڪ ٿيڻ ۽ فعال رول ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاڻ مظلوم قوم جي انهن سوشلسٽن کي سخت لفظن ۾ ننديو اٿن، جيڪي چون ٿا ته قومي آزاديءَ جي تحريڪ پرولتاريه کي سوشلسٽ انقلاب جي راهه تان هٽائي يا ٿيڙي ڇڏي ٿي. انهن کي ڪامريڊ لينن هنن لفظن ۾ جواب ڏنو آهي ته: “اهو سمجهڻ بنيادي غلطي ٿيندي ته ڪو آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد پرولتاريه کي سوشلسٽ انقلاب جي رستي تان ڀٽڪائي سگهي ٿي يا انهيءَ کي جهڪو ڪري سگهي ٿي يا انهيءَ تي ڍڪ وجهي سگهي ٿي.” ان ڪري کين ان جدوجهد ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي، پوءِ ڇو نه ان تحريڪ جي ڪامياب ٿيڻ جو هڪ هزار مان هڪ موقعو ئي هجي. جيئن لينن چيو آهي ته: “ڪنهن قومي جدوجهد جي سوشلسٽ انقلاب کان اڳ ڪاميابيءَ جي کڻي هڪ هزار مان هڪڙي چانس هجي، ته به ان جدوجهد جي حمايت ڪرڻ کپي.”
ان ڪري مظلوم قومن جا ترقي پسند، جيڪي حقيقي معنى ۾ پنهنجي عوام ۽ دنيا جي پورهيت برادري سان سچا آهن ته هنن کي قومي آزاديءَ جي جنگ ۾ اڳين صفن ۾ هجڻ گهرجي. هنن کي قومي تحريڪن جي اڳواڻي پاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ ان رستي هو سماجي انقلاب ڏانهن پيشقدمي جاري رکن ته نه صرف فتح سندن ٿيندي پر سندن اهو عمل عالمي پرولتاري تحريڪ کي پڻ سگهه بخشيندو ۽ انقلابي قوتن کي سگهارو ڪندو، بيٺڪي ۽ سامراجي ملڪن ۾ سوشلسٽ انقلاب جي آمد جا دروازا کوليندو.