تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي

هن ڪتاب ۾ مارڪسي – لينني نقطي نگاهه کان قومي سوال جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي. ان سان گڏ، قومن جي تاريخي ارتقا جي قانون کي پڻ بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ قوم لفظ جي ٿيندڙ مڙني غلط تشريحن ۽ تاويلن کي رد ڪندي، قوم جي جديد ۽ اصلي سائنسي وصف دليلن سان پيش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4250
  • 1759
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي

قوم جا غلط تصور

سامراجي قوتن، دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي استحصال ۽ ڦرلٽ ڪرڻ ۽ پنهنجا سامراجي مقصد پورا ڪرڻ لاءِ قوم جا غلط تصور گهڙي، پوئتي پيل ملڪن ۽ قومن ۾ ڦهلايا. جيئن عوام اصل حقيقت کان باخبر ٿيڻ بجاءِ اونداهي ۾ هٿوراڙيون هڻي، نيٺ سندن حاڪميت ۽ آقائيت قبول ڪري، رضا تي راضي رهي. هنن قومن جي مڃيل اصولن جي انحرافي ڪري، نهايت چالاڪي ۽ مڪاري سان ان کي بگاڙي اهڙن انساني گروهن کي قوم جو نالو ڏيڻ شروع ڪيو، جن جو قوم جي تصور سان ذري برابر به واسطو نه هو. جيئن: نسلن، قبيلن، ذاتين ۽ مذهبي گروپن جي گروهن کي قوم جو نالو ڏنو ويو. جيڪي رجحان اڄ به دنيا جي ڪن ملڪن ۾ رائج آهن ۽ ان جي بنياد تي رياستن ۽ قومن جي جوڙجڪ يا تشريح ڪئي پئي وڃي.
انهن مٿين تصورن اسان جي هن ننڍي کنڊ ۾ نهايت افسوس جوڳي شڪل اختيار ڪئي آهي ۽ اڳتي هلي ان جا نهايت خراب نتيجا نڪتا ۽ نڪرڻا آهن. هن وقت به هتي جنهن نموني قوم جي لفظ کي استعمال ڪيو پيو، سو نهايت هاڃيڪار آهي. هتي مذهبي گروپن کي قوم جو نالو ڏيڻ جو رواج ته گهڻي وقت کان چالو هو، پر افسوس جو هن وقت، ڪن مستقل مفاد قوتن، مظلوم قومن جي عوام ۾ انتشار پيدا ڪرڻ، انهن جي قومي تشخص کي ملياميٽ ڪرڻ، سندن قومي ٻڌي کي ٽوڙي، سندن قوت مزاحمت کي ختم ڪرڻ لاءِ کين قبيلن ۽ ذاتين جي بنياد تي ورهائڻ ۽ هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آڻڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. هتي قبيلن ۽ ذاتين کي پڻ قوم جو نالو ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته اهي قبيلا ۽ ذاتيون هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ، هڪ ئي خطي ۾ رهندڙ، هڪ ئي تهذيب ۽ قومي ڪردار جا مالڪ آهن. پر پوءِ به فسطائي رجعت پسند قوتن جي اشاري تي سنڌ اندر ان بنياد تي تنظيمون ٺاهيون پيون وڃن، جن جي سرڪاري سطح تي همت افزائي ڪئي پئي وڃي. جيئن: هيءَ سيد قوم جي جماعت، هيءَ ميمڻ قوم جي جماعت، هيءَ چانڊيا ۽ مگسي قوم جي جماعت وغيره.
ترقي پسند ڌرين کي انهن غلط رجحانن جي ڀرپور نموني سان مخالفت ڪرڻ گهرجي. ڇو جو انهن رجحانن پکڙجڻ سان مظلوم قومن جي اتحاد کي ڇيهو رسي ٿو، منجهن قومي شعور ۽ پنهنجن مجموعي قومي مفادن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جي خيال کي سخت ڌڪ لڳي ٿو. قومي انتشار وڌي ٿو، جيڪو اڳتي هلي متحد قوم جي عوام کي پاڻ ڀري ٿيڻ لاءِ غلط رستن تي وٺي وڃي ٿو ۽ اجتماعيت بدران انفراديت زور وٺي ٿي.
اسان هيٺ اهڙي قسم جي ٻين غلط قومي تصورن جي نشاندهي ڪيون ٿا:

[b]1. نسلي بنيادن تي قوم جو تصور
[/b]ڪي ڌريون نسلن کي جدا قوم جو نالو ڏينديون آهن. جيڪو رجحان سراسر غلط ۽ لغو آهي. انساني نسل ڪي سماجي فرقا نه پر حياتياتي فرقا هوندا آهن. نسلي خاصيتون، ڌار قومي خاصيتون نه پر حياتياتي خاصيتون هونديون آهن، جيئن: چمڙي جو رنگ، وارن جو رنگ ۽ بناوت ۽ اکين جي شڪل وغيره. انهن حياتياتي خاصيتن جي بنياد تي دنيا ۾ ڪيترائي انساني نسل وجود رکن ٿا.
اهي نسل ڪي ڌار قومون نه هوندا آهن پر انهن خاصيتن جا ماڻهو ڪيترن ئي نسلن سان لاڳاپو رکندي به هڪ ٻولي، هڪ وطن، هڪ قومي ڪردار ۽ اقتصادي لاڳاپن جي ڪري هڪ قوم جا فرد هوندا آهن. انهن کي صرف رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ورهائي جدا قومون سڏي نه ٿو سگهجي. اڄ به ڪيترن ئي مختلف نسلن جا ماڻهو جديد قومي اصولن تحت، قومن جي تشڪيل ڪري رهيا آهن. ڪيوبا ۾ ٽن نسلن جي ماڻهن جديد قومي اصولن تحت هڪ قوم کي جنم ڏنو آهي. هو جدا رنگ، ۽ جدا نسل جي هوندي به ٻولي، وطن، قومي ڪردار ۽ اقتصادي لاڳاپن جي بنياد تي هڪ قوم جا فرد آهن. آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ سياهه فام نسل ۽ سفيد فام نسل جي ماڻهن گڏجي قوم جي جديد اصولن جي بنياد تي پنهنجا قومي وجود تسليم ڪرايا آهن. ڇو جو نسلي خاصيتون، قومن جي تشڪيل ۾ ڪوبه بنيادي ڪرادار ادا نه ڪنديون آهن.
انساني گروهن کي نسل ۽ رنگ جي بنياد تي ورهائڻ خود هڪ سامراجي سازش آهي. جيئن مظلوم ۽ محڪوم قومن جا فرد پاڻ ۾ جديد قومي اصولن جي بنياد تي اتحاد قائم نه ڪري سگهن.
رنگ ۽ نسل جي بنياد تي فاشسٽن پنهنجا جارحانه مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ان قومي تصور کي هوا ڏني آهي. هو پوئتي پيل سياهه فام قومن تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ ۽ سندن ڦرلٽ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ سفيد فام قومن ۽ نسلن جي برتري جو پٽڪو پٽين ٿا. هنن آريائي نسل جي ٻي سڄي دنيا مٿان برتري جو انسانيت دشمن نظريو گهڙي پنهنجن فسطائي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ميدان هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان غلط تصور جي بنياد تي سائوٿ آفريڪا، پورچوگال ۽ آمريڪا ۾ ڪي بورجوا نظريه ساز پنهنجا غلط مقصد پورا ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن ۽ هڪ قوم جي فردن ۾ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي نفرت ۽ نفاق جو ٻج ڇٽي رهيا آهن.
سفيد فام گروهن جا بورجوازي رنگدار گروهن مٿان پنهنجو قبضو برقرار رکڻ ۽ سندن ڦرلٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ سفيد رنگ جي گروهن جي برتري ۽ افضل ۽ اعلى هجڻ جون فضول ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ سياهه فام گروهن مٿان پنهنجي قبضي کي جائز ۽ قدرتي اصولن جي مطابق ڪوٺي رهيا آهن. جڏهن ته اڄ جي جديد دور سندن انهن غلط دعوائن جي قلعي کولي ڇڏي آهي ۽ اهو ثابت ڪيو آهي ته مڙني نسلن جا ماڻهو هڪ جهڙين صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن. سفيد فام گروهن جي ترقي جو سبب، سندن رنگ نه پر انهن جون ملڪي حالتون ۽ وسيلا آهن ۽ اهڙي طرح رنگدار گروهن جي ماڻهن جي پوئتي پوڻ جو اصل سبب سندن رنگ نه پر سندن مٿان سفيد فام استحصال ڪندڙن جو نوآبادياتي ظلم ۽ ڏاڍ آهي.
ان جو واضح مثال اهو آهي ته اڄ جن رنگدار گروهن آزادي ورتي آهي ۽ اڃا به اڳتي وڌي سوشلسٽ نظام نافذ ڪيو آهي ته هو اڄ سفيد فامن جو مقابلو ڪري رهيا آهن ۽ هو اقتصادي طرح تمام گهڻو اڳتي وڌي ويا آهن. ان ڪري رنگ ۽ نسل جي بنياد تي قومن جي تشڪيل يا ڪن مٿان ناجائز قبضو نه صرف غلط ۽ افسوسناڪ آهي پر اهو انسانيت جي ترقي ۽ واڌ ۾ پڻ وڏي رڪاوٽ آهي. ان ڪري دنيا جي انصاف پسند قومن ۽ ملڪن ۽ خاص ڪري گڏيل قومن کي اهڙن رجحانن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيئن سڄي دنيا جا ماڻهو رنگ ۽ نسل جي فرق کان بالاتر ٿي عالمي ڀائيچاري ۽ ترقيءَ جي واٽ وٺي سگهن.

[b]2. مذهبي بنيادن تي قوم جو تصور
[/b]فسطائي نظرئي سازن، دنيا جي پوئتي پيل مظلوم قومن جي ماڻهن کي ذهني طور مفلوج ڪري، هنن کي ورغلائي ۽ بتال بنائي، کين ذهني غلامن بنائڻ لاءِ انيڪ نظريا گهڙيا آهن. هنن قوم جو صحيح ۽ سچو تصور ماڻهن کان لڪائي، پنهنجي طبقاتي مفادن خاطر انهن کي مذهبي بنيادن تي هڪ قوم جو تصور ڏنو آهي. جڏهن ته مذهبي هڪ جهڙائي جو ماڻهن جي قومي گروهن سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. سنڌ جو ماڻهو هندو مذهب جو هوندي به سنڌي قوم جو فرد هوندو آهي ۽ وري اهو مذهب ڇڏي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به سنڌي هوندو آهي. هو هندو مان مسلمان ۽ مسلمان مان عيسائي ته ٿي سگهي ٿو، پر سنڌي مان ڪجهه ٻيو ٿي نه ٿو سگهي. اها هن جي فطري ۽ پيدائشي سڃاڻپ ۽ شناخت آهي.
ان ڪري مختلف انساني گروهن کي مذهب جي هڪ جهڙائي جي بنياد تي هڪ قوم تصور ڪري نه ٿو سگهجي. ڇو جو قومون مذهبي هڪ جهڙائي جي بنيادن بدران لساني ۽ وطني بنيادن تي تشڪيل وٺنديون آهن. مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ فرد صرف هڪ مذهب جي ڪري هڪ قوم بنجي نه سگهندا آهن. ڪوبه ماڻهو هڪ مذهب ڇڏي ڪو ٻيو مذهب اختيار ڪرڻ سان رات وچ ۾ جدا قوم جو فرد ٿي نه ٿو سگهي. هڪ مشترڪه مذهب رکندڙ ماڻهن کي هڪ قوم جا فرد نه پر هڪ ملت جا فرد ڪوٺبو آهي. ان ڪري ملت ۽ قوم ۾ فرق ڪرڻ کپي.
دنيا ۾ نظرياتي بنيادن تي قومن جي تشڪيل جو حربو مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. قوم جي ان غلط تصور 20 صديءَ ۾ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ خاصو زور پڪڙيو. مسلم قوم جي بنياد تي پئن اسلامزم جو نعرو هڻي، فسطائي قوتن سماجي تضادن جي وجود کان منهن موڙي، ننڍين ۽ ڪمزور قومن جي عوام جو اصلي مسئلن تان ڌيان هٽائي، منجهن مذهبي تعصب، ڪٽرپڻي ۽ نفرت کي اڀاريو. ان ئي بنياد تي پٺتي پيل قومن جي استحصال ۽ ڦرلٽ لاءِ ميدان هموار ڪيو ويو. قوم جي ان مذهبي تصور کي پاڪستان، ڀارت، اسرائيل ۽ انڊونيشيا ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويو آهي.
1947ع ۾ برصغير جي مقامي هندو سرمائيدارن ۽ مسلم جاگيردارن پنهنجي طبقاتي مفادن جي بچاءُ لاءِ ۽ هتان جي قومن جي پورهيت عوام ۾ پيدا ٿيندڙ اتحاد ۽ يڪجهتي کي ڪمزور ۽ ناس ڪرڻ لاءِ مذهبي بنيادن تي قوم جي تصور کي هٿي ڏئي. هندو ۽ مسلم ڌار قومن جو راڳ آلاپي برصغير جو غلط ورهاڱو ڪرايو. ورهاڱي بعد هندو سرمائيدار ته ان قومي تصور کي رد ڪري ڇڏيو پر هتان جي مسلم جاگيردارن ۽ ڪامورا شاهي (جيڪا هڪ مخصوص اڪثريتي قوم تي ٻڌل آهي) پنهنجن طبقاتي مفادن ۽ هتان جي پٺتي پيل ۽ ڪمزور قومن جي استحصال ۽ ڦرلٽ کي جاري رکڻ لاءِ ان کي وڌيڪ پڪو پختو ڪيو، ۽ ان لاءِ ڪيترائي جواز گهڙيا. پر آخرڪار مسلم قوم جو تصور هيٺين ڳالهين ڪري غلط ثابت ٿيو. پر اڄ سوڌو ڪي ڌريون ان کي جيارڻ لاءِ جتن ڪري رهيون آهن.

(1) مسلمان مذهب جي بنياد تي نه ڪڏهن متحد ۽ نه هڪ قوم رهيا آهن. تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ مسلم قوم جي نالي سان ڪابه حڪومت ڪانه ٺهي آهي. ان ڪري اهو تصور تاريخ جي بنيادن تي غلط هو.
(2) ان نظرئي تحت پاڪستان ۾ رهندڙ هندن، ٻڌن، ڪرستانن ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي الڳ قوم مڃڻو پوي ٿو، ۽ جمهوريت جي تقاضا اها هئي ته هنن کي به قوم هجڻ جي بنياد تي الڳ حڪومتي نظام ٺاهڻ ۽ الڳ رياست ٺاهڻ جو حق ڏنو وڃي.
(3) مسلم قوم جي بنيادن تي هندستان جي مڙني مسلمانن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻو هو ۽ اهڙيءَ طرح برصغير جي مڙني قومن کي مذهبي بنيادن تي ورهائي ٻڌن، ڪرستانن، هندن، سکن ۽ مسلمانن کي جدا جدا وطن حاصل ڪري ڏيڻا هئا. جنهن ڪري هو خطو چون چون جو مربو بنجي پوي ها.
(4) ان تصور تحت ٻين ملڪن جي مسلمانن کي پاڪستان اندر رهائش اختيار ڪرڻ، ڌنڌو ڪرڻ، فيڪٽريون لڳائڻ ۽ زمين خريد ڪرڻ جو حق حاصل ٿئي ها.
(5) جيڪڏهن ان نظرئي تحت قومن جي تشڪيل ڪجي ها ته مذهبي بنيادن تي سڄي دنيا کي ورهائڻو پوي ها، ۽ هڪ مذهب جي ماڻهن کي هڪ هنڌ رهائڻ جو بندوبست ڪرڻو پوي ها. ٻيو ته جڏهن به ڪو ماڻهو مذهب تبديل ڪري ها ته کيس ڏيهه نيڪالي ڏئي سندس هم مذهب ملڪ ۾ اماڻيو وڃي ها.
(6) مذهبي بنيادن تي قوم جو تصور گڏيل قومن جي اداري جي اصولن جي انحرافي ڪندڙ هيو.
انهن مٿين سببن ڪري مذهبي بنيادن تي قوم جي جوڙجڪ نهايت خطرناڪ، واهيات۽7 جديد اصولن تحت غلط آهي. پر پوءِ به ڪي ڌريون ان هوائي ڳالهه کي زور وٺائڻ ۾ رڌل آهن. جن ۾ پاڪستان ۽ اسرائيل جون صفا رجعت پسند ڌريون اچي وڃن ٿيون.