تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي

هن ڪتاب ۾ مارڪسي – لينني نقطي نگاهه کان قومي سوال جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي. ان سان گڏ، قومن جي تاريخي ارتقا جي قانون کي پڻ بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ قوم لفظ جي ٿيندڙ مڙني غلط تشريحن ۽ تاويلن کي رد ڪندي، قوم جي جديد ۽ اصلي سائنسي وصف دليلن سان پيش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4249
  • 1758
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي

قومي آزاديءَ جون تحريڪون

پهرين عالمي جنگ وقت جڏهن سامراجي ملڪن طرفان مظلوم قومن جي ڦرلٽ پنهنجي انتها تي پهتي ۽ عوام سياسي ۽ سماجي حقن کان محروم ٿيڻ ڪري اڻ ڳڻين مشڪلاتن ۾ گهيرجي ويو ته ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي بيٺڪي ملڪن ۾ قومي آزادي جي تحريڪن زور ورتو. ان بنياد تي پارٽيون ٺهڻ لڳيون، متحد محاذ جڙڻ لڳا. پهريان پهريان ان قسم جون تحريڪون برصغير ۾ شروع ٿيون، پوءِ ڏسندي ڏسندي انهن تحريڪن جو دائرو پوري دنيا ۾ ڦهلجي ويو.
مظلوم ۽ محڪوم قومن جي عوام، سامراجي ملڪن کان پنهنجا فطري حق گهرڻ شروع ڪيا. ۽ مطالبا ڪيا ته: (1) هر قوم کي پنهنجي تاريخ ٺاهڻ يعني آزادي جو حق ڏنو وڃي. (2) هر قوم پنهنجي مستقبل جي لاءِ فيصلي ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڌاري قوم جي پسند يا ناپسند جي محتاج نه هجي. (3) ڪابه ڌاري قوم طاقت جي زور تي ٻي قوم جي سياسي آزادي تي قابض نه بنجي ۽ نه وري ٻي قوم جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ڪري. (4) هر قوم کي ٻي قوم سان ڪيل ڪنهن به اتحاد مان علحده ٿي وڃڻ جو حق حاصل هجي. (5) ڪابه قوم ٻي قوم جي تهذيب، ثقافت ۽ زبان جي واڌ ويجهه ۽ ترقي ۾ رڪاوٽ نه وجهي. (6) هر قوم پنهنجي معيشت جي ڌڻي پاڻ هجي ۽ سندس روزگار جا وسيلا ۽ ٻيا جياپي جي ذريعا سندس هٿ هيٺ هجن.
جڏهن مظلوم قومن طرفان پنهنجي سياسي ۽ معاشي حقن جي حاصلات لاءِ اهي مطالبا سامراجي قومن ۽ ملڪن جي سامهون آيا ته هنن کي پنهنجي حاڪميت ۽ استحصالي نظام خطري ۾ پوندو محسوس ٿيو. جنهن ڪري اها فطري ڳالهه هئي ته هو ان جي ڇتي مخالفت تي لهي آيا ۽ پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ جي لٺ کي زور سان ڦيرائڻ لڳا. سامراجين مظلوم قومن جا قومي حق تسليم ڪرڻ بجاءِ، انهن کي ڏنڊي جي زور تي ماتحت رکڻ جون ڪوششون شروع ڪيون. آزاديءَ جي تحريڪن کي نهايت بيرحميءَ ۽ ڪٺوردليءَ سان ڪچليو ويو. هر آزادي جي صدا کي گولين ۽ بمن سان چٿيو ۽ چيڀاٽيو ويو. پر پوءِ به حق ۽ سچ جو آواز بلند کان بلند تر رهيو. سامراجي ڪوٽن ۽ ڪنگرن، جيلن ۽ زندانن کي ڏاريندو ۽ ڊاهيندو رهيو.
پهرين عالمي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ، سامراج جي ڀيٽ ۾ ڪوبه اهڙو عالمي نظام يا طاقت موجود ڪونه هئي، جيڪا مظلوم قومن جي آزادي جي تحريڪن جي مدد ڪري ۽ ڀرجهلو ٿئي. جنهن ڪري سامراج نهايت سولائي سان ڇڙوڇڙ قومي تحريڪن کي ڪچليندو ۽ تباهه ڪندو رهيو. ڇو جو سامراج ايڏو طاقتور هيو جو ان خلاف صرف قومي آزادي جون تحريڪون ڌڪ جهلڻ جي قابل نه هيون. پر جڏهن پهرين عالمي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ دنيا ليول تي پهرين پرولتاري طبقي جي سوشلسٽ رياست سوويت يونين جنم ورتو ته سامراج عالمي ليول تي پنهنجي اڪيلي حڪمران پوزيشن کان محروم ٿي ويو، هاڻ قومي آزادي جي تحريڪن جي هڪ نهايت سچي ۽ وفادار دوست طاقت ۽ قوت سندن سهائتا ۽ مدد واسطي ٿي پئي. هاڻ مظلوم قومون بي يارو مددگار نه رهيون پر کين هڪ عالمي انقلابي قوت جي سهائتا ملي وئي. جنهن ڪري مختلف ملڪن ۾ قومي آزاديءَ جون تحريڪون ڪامياب ٿيڻ شروع ٿيون ۽ سامراجي ملڪ ۽ قومون شڪست کائڻ لڳيون. سوشلزم جي فتح مظلوم قومن جي آزاديءَ جا دروازا هميشه لاءِ کولي ڇڏيا. هاڻ ڪابه قوم گهڻو وقت سامراجي ڏاڍ ۽ استحصال جو شڪار نه پئي بنجي سگهي. اهڙي طرح قومي آزاديءَ جون تحريڪون پرولتاريه طبقي ۽ عالمي مزدور تحريڪ جي انقلابي ڌارا جو اڻٽٽ حصو بنجي ويون. قومي آزادي جي تحريڪن، عالمي انقلابي پورهيت تحريڪ کي هٿي ڏني ته موٽ ۾ عالمي انقلابي پورهيت تحريڪ، قومي آزادي جي تحريڪن کي مدد ۽ سهائتا ڏني.

[b]قومي آزادي جي انقلاب جون محرڪ قوتون:
[/b]جڏهن ڌاريو نوآبادڪار، ڪنهن قوم کي غلام بڻائي، ان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگي تي قابض بنجي وڃي ٿو ته مظلوم قوم ان ڌارئي ڦورو خلاف پنهنجي آزادي خاطر جنگ شروع ڪري ڏئي ٿي. ان وقت سڄي قوم لاءِ ڌارئي ڦورو کان آزادي وقت جو مکيه سوال بڻجي وڃي ٿو ۽ قومي آزادي جي جنگ هلندي مظلوم قوم جون مڙئي سامراج دشمن ۽ ترقي پسند ڌريون متحد ٿي وڃن ٿيون. اهو سڀ ان ڪري ٿيندو آهي، جو نوآبادياتي استحصال مظلوم قوم جي مڙني طبقن کي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ متاثر ڪندو آهي. جنهن بابت ڪامريڊ مائوزي تنگ چيو آهي ته: “جڏهن سامراج ڪنهن اهڙي ملڪ جي خلاف ظالمانه جنگ شروع ڪري ٿو ته ڪجهه غدارن کي ڇڏي، انهيءَ قوم جا سمورن الڳ الڳ قسمن جا طبقا سامراج جي خلاف قومي جنگ ۾ عارضي طور تي متحد ٿي سگهن ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ سامراج ۽ انهيءَ (محڪوم) ملڪ جي وچ ۾ تضاد مکيه تضاد بنجي پوي ٿو.”
ان ڪري قومي جدوجهد هلندي مظلوم قوم جي مڙني طبقن جو پاڻ ۾ اتحاد ۽ ٻڌي ٿيڻ هڪ فطري عمل هوندو آهي. هر طبقو ڌارئي ڦورو جي بالادستي ۽ اقتدار ختم ڪرڻ جو خواهشمند هوندو آهي. ان ڪري ڌارئي ڦورو جي بالادستي خلاف جنگ جي صورت ۾ گهڻو ڪري سڄي جي سڄي قوم حصو وٺندي آهي. صرف ڪي ٿورا غدار فرد ۽ تمام رجعت پسند ڌريون (سامراج نواز بورجوازي)، جن جا مفاد ڌارين نوآبادڪارن سان واڳيل هوندا آهن، سي ئي ان جنگ کان ڌار ٿي ان جي مخالفت ڪندا آهن.
قومي آزادي جي تحريڪن جي محرڪ قوتن جو اندازو بيٺڪي ملڪن جي مخصوص سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حالتن مان لڳائي سگهجي ٿو. ان وقت اهو ڏسڻ گهرجي ته ان محڪوم ملڪ ۾ مختلف طبقن يعني محرڪ قوتن جو قومي آزادي جي انقلاب ڏانهن ڪهڙو رويو آهي ۽ انهن طبقن جي اقتصادي حالت ڪهڙي نوعيت جي آهي.
مختلف محڪوم ملڪن ۾ قومي آزادي جي تحريڪن ۾ مظلوم قوم جا مختلف طبقا حصو وٺي رهيا آهن. پر پوءِ به انهن طبقن جو ان قومي جدوجهد ۾ ڪرادر ساڳيو نه ٿو رهي. هر طبقو ان جدوجهد ۾ پنهنجي مفاد آهر ۽ پنهنجي نقطي نظر سان حصو وٺي رهيو آهي. ان جنگ ۾ مزدورن سان گڏ هاري، وچون طبقو ۽ اهو قومي بورجوازي به حصو وٺي رهيو آهي، جيڪو سامراجي دست اندازين کان پنهنجو تحفظ چاهي ٿو ۽ پنهنجي قومي معيشيت ۽ قومي منڊي جي آزادي جو خواهشمند آهي. ان ڪري ٿلهي ليکي قومي آزادي جي انقلاب جون محرڪ قوتون هيٺيون رهن ٿيون.
(1) مزدور، (2) هاري، (3) بورجوازي، (4) وچولو طبقو، (5) قومي جمهوري دانشور.
انهن پنجن ئي محرڪ قوتن جي جدا جدا ڪردار ۽ سندن جدوجهد ۾ حصي ۽ پتي تي لکڻ کان اڳ سوال ٿو اٿي ته قومي آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪهڙو طبقو ٿو ڪري يا ان جون واڳون ڪنهن جي هٿ ۾ اچن ٿيون. ڇو جو مڙني نوآبادياتي ۽ محڪوم ملڪن اندر مختلف تعداد ۾ هاري، مزدور، قومي بورجوازي، وچون طبقو، دانشور، شاگرد، جاگيردار ۽ سامراج نواز بورجوازي هوندا آهن. ان ۾ پوين ٻن يعني جاگيردار ۽ سامراج نواز بورجوازي طبقن جي قومي آزادي جي تحريڪ سان ڪوبه لڳ لاڳاپو نه هوندو آهي ۽ هو ان جا مخالف هوندا آهن. باقي طبقن ۾ ٻه مکيه طبقا قومي بورجوازي (سرمائيدار) ۽ پرولتاريه (مزدور) ئي فيصلو ڪندڙ ۽ تحريڪ تي اثرانداز ٿيڻ جهڙا هوندا آهن. قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي اڳواڻي واري سوال جو جواب مختلف محڪوم ملڪن جي قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ مختلف نمونن سان مليو آهي. جنهن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته قومي آزادي جي تحريڪن جي اڳواڻي ڪرڻ جو دارومدار ان ملڪ جي مخصوص سماجي حالتن تي هوندو آهي.
جن ملڪن ۾ اڃا پرولتاريه طبقو مقداري توڙي معياري لحاظ سان پيدا ٿي نه سگهيو آهي، ته اهڙن ملڪن ۾ قومي آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻي قومي بورجوا ۽ ان جي ساٿاري مٿئين وچولي طبقي ڪئي آهي. پر جتي مزدور طبقو پيدا ته ٿيو آهي، پر اڃا هو ان قابل نه آهي ته خود پنهنجي طاقت سان قومي آزاديءَ جو انقلاب آڻي سگهي ته اتي کاٻي ڌر جي مڙني قوتن سامراج دشمن قومي متحد محاذ ٺاهي قومي انقلاب آندو آهي. جنهن محاذ ۾ هيٺيان طبقا شامل هوندا آهن: (1) پرولتاريه (2) هاري (3) وچولو طبقو.
ان ڪري قومي تحريڪن جي اڳواڻي بابت فيصلو ان ملڪ جي مخصوص سماجي حالتن کي نظر ۾ رکي ئي ڪرڻو پوندو آهي، جتي قومي آزاديءَ جي تحريڪ هلي رهي آهي.
هاڻ اسان قومي آزادي جي انقلاب جي محرڪ قوتن جي تحريڪ ۾ جدا جدا ڪردار ۽ حصي پتي تي مختصر طرح روشني وجهي رهيا آهيون.

[b]1. مزدور
[/b]دنيا جي قومي آزادي جي تحريڪن اهو ثابت ڪيو آهي ته مزدور طبقو، ٻين طبقن جي ڀيٽ ۾ قومي آزادي جي جنگ ۾ نهايت اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي طبقو انقلاب جي هڪ بنيادي محرڪ قوت ثابت ٿيو آهي. بيٺڪي ملڪن ۾ مزدورن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ هو پنهنجي غير پرولتاري حصن يعني هارين ۽ هيٺين وچولي طبقي سان اتحاد ڪري، پاڻ کي وڌيڪ مضبوط بنائي رهيا آهن. مزدورن جو هارين سان اتحاد انقلاب لاءِ ڏاڍو اثرائتو ثابت ٿيندو آهي ۽ انهن سان اتحاد کان سواءِ مزدور طبقو سولائي سان انقلاب آڻي نه ٿو سگهي. هاري ۽ مزدور جو رشتو ان ڪري فطري ۽ اڻٽٽ هوندو آهي جو هو هم قوم هوندا آهن ۽ مزدور، هاري جي گهر مان ئي جنم وٺندو آهي.
جن بيٺڪي ملڪن ۾ مزدور طبقو مقداري توڙي معياري لحاظ سان انقلاب آڻڻ لاءِ فيصلي ڪن حيثيت جو مالڪ هوندو آهي ۽ وٽس پنهنجي منظم پورهيت پارٽي هوندي آهي. اتي هو وسيع تر عوام، هارين ۽ هيٺين وچولي طبقي سان گڏ، انهن جي قيادت ڪري قومي آزادي جي انقلاب کي سوشلسٽ انقلاب ۾ تبديل ڪري وجهندو آهي. پر جن بيٺڪي ملڪن ۾ مزدور طبقو اڃا ججهي تعداد ۾ موجود نه هوندو آهي ۽ تنظيمي قوت ۽ سياسي شعور جي اعلى سطح تي نه پهتل هوندو آهي. اتي هو خود فيصلي ڪن حيثيت جو مالڪ نه هوندو آهي. پر اتي هو هارين، هيٺين وچولي طبقي ۽ دانشورن سان گڏ انقلابي قوتن جي اڳواڻي ۾ قومي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ حصو وٺندو آهي ۽ عوامي جمهوري انقلاب لاءِ راهه هموار ڪندو آهي.
مزدور طبقي لاءِ قومي آزادي جي انقلاب کي تڪميل تي پهچائڻ، ان لاءِ به اهم هوندو آهي ته جيئن هو بيٺڪي ملڪ ۾ طبقاتي جدوجهد لاءِ راهه هموار ڪري سگهي. ڇو جو سوشلزم جي راهه ۾ بيٺڪي نظام هڪ رڪاوٽ بڻيل هوندو آهي. ڌارئي قوم جي ظلم ۽ جبر ڪري بيٺڪي ملڪ اندر اندروني طبقاتي تضاد ماٺو ٿي ويندو آهي ۽ سڄي قوم جو ڌيان اندروني مسئلن تان هٽي ڌارئي ڦورو ڏانهن ٿي ويندو آهي. جنهن صورتحال کي قومي سرمائيدار طبقاتي تضادن کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ وڌ کان وڌ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. ٻيو ته جيڪڏهن مزدور طبقو قومي سوال کان پاڻ کي پاسيرو ڪري ان کي مڪمل نموني سرمائيدار جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيندو ته سرمائيدار نه صرف ان کي مڪمل نموني حل نه ڪندو پر هو ان مان فائدو وٺي، ان کي پنهنجي طبقاتي مفادن لاءِ ڍال بنائيندو آهي ۽ هو پنهنجن طبقاتي مفادن جي حاصلات لاءِ جذباتي قومي نعرن کي استعمال ڪري، سوشلزم جي راهه ۾ روڙا اٽڪائيندو آهي ۽ مزدور طبقي جي طبقاتي جدوجهد کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندو آهي. هو ڄاڻي واڻي طبقاتي مسلئن کي ختم ڪرڻ لاءِ قومي تضادن کي تيز ڪندو ۽ انهن کي منجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان ڪري پورهيت طبقي کي سوشلزم جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ ڌارئي قابض قوم خلاف مڪمل جدوجهد ڪرڻ گهرجي. اهوئي سندس سوشلزم سان سچائي جو ثبوت آهي.
جيڪڏهن ڪنهن بيٺڪي ملڪ ۾ مزدور طبقو وڏي تعداد ۾ پيدا ٿي نه سگهيو آهي ۽ هو پوريءَ طرح طبقاتي شعور حاصل ڪري نه سگهيو آهي ۽ نه ئي وٽس منظم سياسي تنظيم آهي، ته ان وقت هن کي پنهنجي ملڪ اندر قومي سرمائيدار طرفان اڳ ئي هلائي ويندڙ قومي تحريڪ ۾ قومي سرمائيدار جو هٿ ونڊائڻ گهرجي، ته جيئن بيٺـڪي ظلم ۽ جبر ختم ڪري، مزدور طبقي جي واڌ ويجهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهجي. جيڪو ڌارئي سرمائيدار جي بيٺڪي استحصال سبب رڪجي ويو آهي ۽ مزدور طبقي جي باشعور ٿيڻ ۽ تنظيم قائم ڪرڻ جي مقصدن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. ان وقت مزدور طبقي کي پنهنجي طبقاتي طاقت حاصل ڪرڻ ۽ انقلاب آڻڻ لاءِ پنهنجي سياسي پارٽي منظم ڪرڻ جي وقت تائين ترسڻ ۽ انتطار ڪرڻ نه گهرجي. پر هن کي ان جدوجهد ۾ شامل ٿي وڃڻ گهرجي.
اهڙين حالتن ۾ مزدور طبقي کي قومي سرمائيدار سان ڪن نقطن تي مشروط طور تي تعاون ڪرڻ گهرجي. جيئن سرمائيدار قومي تحريڪ جو اڪيلو وارث ٿي، ان کي پنهنجي طبقاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري نه سگهي. ان صورت ۾ مزدورن کي جدوجهد هلندي پنهنجي طاقت گڏ ڪرڻ گهرجي، سياسي تجربو حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ عوام جي غير پرولتاري حصن سان اتحاد کي وڌيڪ گهرو بنائڻ گهرجي. جيئن تحريڪ جي ڪنهن به موڙ تي، قومي آزادي جي تحريڪ کي قومي سرمائيدار کان کسي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي. جدوجهد هلندي مزدورن کي قومي سرمائيدار جي هر چال تي ڪڙي نظر رکڻ گهرجي ۽ ان جي حمايت صرف قومي آزاديءَ جي انقلاب، جمهوري نظام ۽ جاگيرادري باقيات جي خاتمي جهڙن مقصدن تائين ڪرڻ گهرجي. جيڪي مقصد مزدورن لاءِ، پرولتاري انقلاب آڻڻ لاءِ حالتون بهتر بنائي سگهن ٿا.

[b]2. هاري
[/b]نوآبادياتي جاگيردار ملڪن ۾ هاري وڏي اڪثريت وارو طبقو هجڻ ڪري، قومي آزادي جي انقلاب جي خاص محرڪ قوت بنجي پيو آهي. نوآبادياتي جاگيردار ملڪن ۾ مزدورن جي ڀيٽ ۾ هارين جو وڏو تعداد موجود هوندو آهي، ان ڪري هو مزدورن جا قابل اعتماد دوست آهن ۽ انهن ملڪن ۾ هاري جي ساٿ ۽ سهڪار کان سواءِ انقلاب لاءِ سوچڻ ئي سپني سمان آهي. ان لاءِ ڪامريڊ لينن چيو آهي ته: “اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ خاص طور تي اهم آهي ته پٺتي پيل ملڪن ۾ هاري تحريڪ سان خاص تعاون ضروري آهي. جاگيرداري ۽ ان جي منصوبن خلاف هاري تحريڪ کي انتهائي اهم انقلابي ڪردار ڏيڻ ۽ صنعتي پورهيتن کي ان سان ويجهي ٻڌي ڪرڻ تمام ضروري آهي.”
نوآبادياتي ملڪن ۾ بيٺڪي استحصال ڪري مزدور طبقو پيدا ٿي نه سگهيو آهي. ڇو جو نوآبادياتي ملڪ ۽ قومون گهڻو ڪري سماجي ترقي جي تمام هيٺين ڏاڪن تي بيٺل آهن، ۽ اهي ترقي ڪري مڪمل سرمائيداري ۾ داخل ٿي نه سگهيون آهن. انهن وٽ ڌارين قابض سرمائيدارن، جاگيرداري باقيات کي جيئن جو تيئن سخت نموني سان نه صرف قائم رکيو آهي پر انهيءَ کي انتهائي بي رحم پڻ بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جو سنئون سڌو اثر ملڪي هاريءَ تي پيو آهي. هاري ٻين طبقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏتڙجي ۽ مفلوڪ الحال بنجي ويو آهي، ۽ هو ٻاهرين سرمائيدارن، اندروني جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن جي گڏيل استحصال جو شڪار آهي. جنهن جي ڪري هاري طبقو نهايت انقلابي بنجي پيو آهي ۽ هن کي قومي آزادي جي انقلاب ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي. اهڙن ملڪن ۾ هاري ٻاهرين ڦورن، مقامي جاگيردارن ۽ قبائلي نظام جي خاتمي لاءِ ويڙهه وڙهي رهيو آهي ۽ کيس زرعي سڌارن، زمين جي حاصلات ۽ پنهنجي محنت جو ڦل پاڻ حاصل ڪرڻ سان انتهائي دلچسپي رهي ٿي. ان ڪري ئي ڪامريڊ اسٽالن چيو آهي ته: “قومي تحريڪ ۾ هارين جي شموليت مٿن ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ۽ دٻاءَ سان واسطو رکي ٿي. جيڪڏهن انهن تي ڏاڍ ۽ ظلم زمين جي ڪري آهي ته هو هڪدم قومي تحريڪ جو ساٿ ڏيندا آهن.”
حاصل مطلب ته نوآبادياتي جاگيردار ملڪن ۾ سامراجي ۽ جاگيرادري ظلم ۽ ڏاڍ جو سنئون سڌو اثر ملڪ جي وڏي طبقي هاري تي پئجي رهيو آهي. ان ڪري اهڙن ملڪن ۾ قومي تحريڪ اصل ۾ هاري جو مسئلو بنجي پيو آهي ۽ اتي هاري سامراج مخالف ۽ جاگيردار مخالف قوت بنجي پيو آهي. ان ڪري قومي آزادي جي انقلاب لاءِ ضروري ٿيو پوي ته اتي هارين کي منظم ۽ متحرڪ ڪيو وڃي ۽ کين مزدورن ۽ ٻئي ڏتڙيل عوام سان مضبوط اتحاد ۾ سلهاڙيو وڃي.

[b]3. بورجوازي
[/b]بيٺڪي ملڪن ۾ اتان جي بورجوازي طبقي ۾ پڻ ٻه طبقا هوندا آهن. هڪڙا اهي بورجوازي هوندا آهن، جن جا مفاد عالمي سامراج ۽ ان جي نوآبادياتي نظام سان لاڳاپيل هوندا آهن ۽ اهي اتان جي رجعت پسند جاگيردارن سان عوام دشمن ڪئمپ ۾ شامل هوندا آهن ۽ قومي انقلاب جا سخت دشمن هوندا آهن. اصل ۾ اهي سامراج نواز بورجوازي ۽ انهن جا اتحادي جاگيرادر ئي قومي غلامي جو سبب بڻبا آهن ۽ پنهنجي قوم جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل هوندا آهن. هنن کي هميشه عوام جي سجاڳي کان خوف هوندو آهي. عوام جي سجاڳي جي ڪري سندن ملڪيت جي تباهه ٿيڻ ۽ طبقاتي مفادن کي ڇيهو رسڻ جو انديشو هوندو آهي. ان ڪري هو قومي آزادي جي انقلاب ۾ پنهنجو موت ڏسندا آهن. تنهن ڪري اهي بورجوازي ۽ سندن اتحادي جاگيردار ڪنهن به صورت ۾ انقلاب جي محرڪ قوت نه هوندا آهن.
انهن کي ڇڏي بورجوزاين جو اهو حصو جنهن جا مفاد عالمي سامراج سان واڳيل نه هوندا آهن ۽ نوآبادياتي نظام جي ڪري سندن معاشي ترقي رڪيل ۽ سياسي نظام ۾ ڀائيواري نه هوندي آهي، سي ئي قومي آزادي جي تحريڪ جا حمايتي هوندا آهن ۽ اهڙن بورجوازين کي قومي بورجوازي سڏبو آهي. ان ڪري انقلابي قوتن کي قومي بورجوازي کي سامراج نواز بورجوازي ۽ رجعت پسند جاگيردار کان جدا ڪري ڏسڻ گهرجي ۽ قومي بورجوازي لاءِ ڌار پاليسي مرتب ڪرڻ گهرجي. ڇو جو قومي بورجوا سامراج دشمن ۽ جاگيردار دشمن جدوجهد تائين انقلابي قوتن جو ساٿاري هوندو آهي ۽ جيستائين هو پنهنجو اهو ڪردار ادا ڪري رهيو هجي، تيستائين ساڻس اتحاد ڪري سگهجي ٿو. قومي بورجوازي ۽ دشمن ۾ جيڪي تضاد موجود هجن، انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
هاڻ سوال ٿو اٿي ته قومي بورجوازي، قومي آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ڇو وٺندو آهي؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ بيٺڪي ملڪن ۾ جڏهن ڌارين سامراجين سرمايو سيڙائي، اتي سرمائيداري جو بنياد وڌو ته اتي قومي سرمائيدار به جنم ورتو. جنهن منجهه پيدا ٿيڻ شرط پنهنجي قومي منڊي تي قبضي ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي. جنهن تي هن کان اڳ ڌاريو سرمائيدار قابض هيو. ان ڪري قومي سرمائيدار جي من ۾ حاڪم قوم جي بدران پاڻ پنهنجين منڊين تي قبضو ڪرڻ ۽ اتي پنهنجو مال وڪرو ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي. جيئن هو سنئون سڌو پاڻ پنهنجي قوم جو استحصال ڪري سگهي، ساڻس ان ڦرلٽ ۾ ڪو ٻيو ڀاڱي ڀائيوار نه ٿئي، ٻيو ته سندس واڌ ويجهه ۾ عالمي سرمائيدار قوتون بيٺڪيت جي صورت ۾ رنڊڪ بڻيل هيون ۽ کيس طاقتور ۽ رياستي طاقت جو مالڪ ٿيڻ نه پيون ڏين. انهي صورتحال قومي سرمائيدار کي هيڻو ۽ نٻل ڪري وڌو هو، هن وٽ اهڙي ڪابه طاقت نه رهي هئي جو هو ڌارئي سرمائيدار سان مقابلو ڪري ۽ اندروني طور تي به پنهنجو قبضو برقرار رکي سگهي. ان ڪري هن قومي تحريڪ جو پاسو ورتو، ۽ شروعات ۾ ئي هن طبقي پنهنجي مفادن لاءِ ڌارئي ڦورو خلاف آواز بلند ڪيو. سڄي قوم جي مختلف طبقن کي ان گڏيل مسئلي تي متحد ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي پوئتي پيل ملڪن ۾ پهريان پهريان قومي آزادي جي تحريڪن جي شروعات ۽ اڳواڻي قومي سرمائيدار ئي ڪئي.
هاڻ ڏسڻ گهرجي ته مارڪسي ۽ لينني نظرئي تحت قومي بورجوازي لاءِ پرولتياريه ۽ ٻين انقلابي قوتن کي ڪهڙي لائين اختيار ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ ڪامريڊ لينن چيو آهي ته : “سرمائيداري، جا سڀاويڪ طور تي قومي تحريڪ جي شروعاتي دور ۾ ان جي يڪي سر اڳواڻ ٿي اڀري ٿي، چوي ٿي ته سڀني قومي اتساهن ۽ امنگن جي تائيد هڪ عملي شيءَ آهي، تنهن ڪري قومي سوال تي ساڻس غير مشروط تعاون ڪيو وڃي. پر ان سوال تي (ٻين سوالن جيان) پورهيت جي پاليسي، سرمائيداري جي قومي مقصد جي ڪن مقرر حدن تائين تائيد ڪري ٿي، اها ڪڏهن به سرمائيداريءَ جي قومي پاليسي سان پوري ريت ٺهڪي نه ٿي اچي. پورهيت طبقو سرمائيداري جي تائيد رڳو قومي امن ۽ امان ۽ قومي آزادي ۽ جمهوري نظام جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري ٿو ته جيئن ان ۾ برابري وارا حق حاصل ڪري سگهجن ۽ طبقاتي جدوجهد لاءِ بهتر حالتون پيدا ٿي سگهن. ان ڪري اها ڳالهه سرمائيداري جي پنهنجي حڪمت عملي جي بلڪل خلاف ٿي وڃي ٿي ته پورهيت قومي سوال تي ڪا پنهنجي پاليسي اڳتي وڌائين. بهرحال پورهيت سرمائيدار سان قومي سوال تي مشروط سهڪار ڪن ٿا. قومي معاملن ۾ سرمائيدار سدائين پنهنجي قوم يا طبقي لاءِ رعايتن يا مخصوص فائدن لاءِ ڪوشش ڪندو آهي ۽ اها ان جي عملي ترڪيب يا حڪمت عملي سڏبي آهي. پورهيت سڀني خاص رعايتن يا ٻيائي وارن برترين جي خلاف هوندو آهي. قومي آزادي جي جدوجهد جي سلسلي ۾ اهڙي ڪنهن به قسم برترين جي چڪر ۾ اچڻ موقعي پرستي جي برابر آهي.”
اسان مٿي قومي سرمائيدار سان پورهيتن جي پاليسي متعلق ڪامريڊ لينن جو طويل حوالو ڏنو آهي. جنهن ۾ واضح طور تي ڪامريڊ لينن چيو آهي ته، ڪن مخصوص حالتن ۾، ڪن مخصوص ملڪن ۾ جتي انقلابي قوتون طاقتور نه آهن ۽ قومي بورجوا قومي تحريڪ هلائي رهيو آهي ته ان وقت انقلابي قوتن جو فرض آهي ته هو ان تحريڪ جي نه صرف حمايت ڪن، پر ان ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. جيئن ٻئي هنڌ ان بابت ڪامريڊ لينن چيو آهي ته:
“وڌيڪ پٺتي پيل رياستن ۽ قومن جي حالت ۾ جتي جاگيرداري يا زمينداري ۽ سرداري ناتا فوقيت رکن ٿا. اها ڳالهه خاص ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته اهڙن ملڪن ۾ ڪميونسٽ پارٽين کي آزاديءَ لاءِ سرمائيدارن طرفان هلايل تحريڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ گهڻي عملي مدد ڏيڻ جو فرض ابتدائي طور ان ملڪ يا قوم جي پورهيت طبقي تي آهي، جنهن تي ئي جدوجهد ڪندڙ ملڪ يا قوم تنظيمي توڙي اقتصادي طرح ڀاڙي ٿي.” پر ان خاص حالتن ۾ به ڪامريڊ لينن پورهيت طبقي کي هوشيار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪي حالتن تحت ڪنهن موڙ تي قومي بورجوا جي حمايت ڪرڻي پوي ته ان وقت پورهيتن کي ڪن مقرر حدن تائين رهڻ گهرجي. ڇو جو بورجوازي جو قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ وارو ترقي پسند ڪردار عارضي نوعيت جو هوندو آهي. قومي بورجوازي، ڌارئي سرمائيدار ۽ مقامي جاگيردار جي آخري وقت تائين ثابت قدمي سان مخالفت ڪرڻ کان ڪترائيندو آهي. هو صرف اهڙا قدم کڻڻ ۽ مطالبا ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي، جنهن سان سندس موڙي جي واڌ ۾ رڪاوٽ نه پوي ۽ سندس مفاد سلامت رهن. ۽ جڏهن هو ڏسندو آهي ته انقلابي قوتون طاقتور ٿي سندس اڳواڻي واري ڪردار کي نقصان پهچائي رهيون آهن ۽ قومي آزادي جي انقلاب سان سرمائيداري سماجي نظام به ڊهي اچي پٽ پوندو ۽ سندس نجي موڙي ناس ٿي ويندي ته هو وري وڃي سامراجين جو پڇ لٽڪائو ٿيندو آهي ۽ انهن جي ڇٽي هيٺان ويهي انقلابي قوتن کان بچاءَ جا وجهه تاڙيندو آهي. جيئن سندس طبقاتي مفاد هميشه لاءِ ختم ٿي نه وڃن. ان ڪري پورهيتن کي قومي بورجوازي جي عدم استقامت، ناپختگي ۽ سامراج ۽ جاگيرادري سان سمجهوتو ڪرڻ واري رجحان کي نظر ۾ رکندي پنهنجي پاليسي مرتب ڪرڻ گهرجي، ۽ هميشه بورجوازي جي ٻٽي ڪردار تي نظر رکڻ گهرجي. حالتن جي تقاضا تحت سرمائيدار سان گڏ جدوجهد ڪندي به پنهنجيءَ پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به قيمت تي قومي بورجوا کي تحريڪ جي اڳواڻي کان علحده ڪجي.

[b]4. وچولو طبقو
[/b]ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪافي ملڪن ۾ وچون طبقو، قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وچين طبقي ۾ ننڍا بورجوازي، ننڍا واپاري، دستڪار، ننڍا دوڪاندار، گهٽ زمين جا مالڪ آبادگار ۽ ملازم طبقي جا ماڻهو شامل هوندا آهن. جيڪي نه ته صفا غريب هوندا آهن ۽ نه وري ايڏا امير هوندا آهن. هنن طبقن جي سماجي حيثيت متضاد ۽ سندس پاليسي لچڪيدار هوندي آهي. هو هميشه مٿيئن بورجوا طبقي طرف وڃڻ ۽ انهن جهڙي حيثيت جا مالڪ بنجڻ لاءِ پيا هٿوراڙيون هڻندا آهن، پر جڏهن هو مٿي وڃي نه سگهندا ته هيٺين طبقي سان ملي مٿين خلاف جدوجهد ڪندا آهن. بيٺڪي ملڪن ۾ وچولو طبقو عوام جي وڏي اڪثريت تي ٻڌل هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري پنهنجن مفادن لاءِ هڪ رخ وٺي نه سگهندو آهي. هو سماج جي ٻين هيٺين طبقن وانگر ڌارين سامراجين، مقامي جاگيردارن ۽ سامراج نواز بورجوازي جي ظلم ۽ ستم جو شڪار هوندو آهي. ان ڪري هي قومي تحريڪ ۾ ترقي پسند ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ پورهيتن جي قابل اعتماد اتحادي بنجي پوندو آهي. اهو طبقو خود ڪا حيثيت نه هوندو آهي، پر صرف پورهيت طبقي جي اڳواڻيءَ ۾ ئي ظلم ۽ ستم کان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو.

[b]5. قومي جمهوري دانشور
[/b]پوئتي پيل بيٺڪي ملڪن ۾ قومي آزاديءَ جي انقلاب ۾ اهم ۽ ڪن وقتن تي رهنمائي جو ڪردار قومي جمهوري دانشور ادا ڪندو آهي. جن ملڪن ۾ مزدور طبقو نه هوندو آهي يا هو سياسي ۽ تنظيمي طرح ڪمزور هوندو آهي ۽ ٻيو ته، انهن ملڪن ۾ قومي بورجوا طبقو يا ته بااثر نه هوندو آهي يا ته وري ڌارين سامراجين جو پڇ لٽڪائو هوندو آهي. اتي قومي آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻي قومي جمهوري دانشور طبقو ڪندو آهي ۽ هو مزدورن، هارين ۽ وچولي طبقي سان گڏ جمهوري انقلاب برپا ڪندو آهي.
قومي جمهوري دانشور طبقو ان قوم جو نهايت متحرڪ ۽ باعمل طبقو هوندو آهي. ان کان سواءِ اهو طبقو پڙهيل ڳڙهيل هجڻ ڪري دنيا جي انقلابن ۽ جديد سياسي واٽن کان واقف هوندو آهي. ٻيو ته سماجي زندگيءَ ۾ هن طبقي جو ڌارين آبادڪارن سان سنئون سڌو واسطو پوندو آهي. جتان کيس مايوسين ۽ محرومين کان سواءِ ڪجهه به پلئه نه پوندو آهي. ان ڪري هيءُ طبقو وڌيڪ انقلابي رول ادا ڪندي، قومي انقلاب جي تڪميل چاهيندو آهي.
قومي جمهوري دانشور طبقي ۾ ان قوم جا پڙهيل ڳڙهيل باشعور فرد شامل هوندا آهن. اهو طبقو مقامي دانشورن، اديبن، ليڪچرارن، استادن، شاگردن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ هيٺين سرڪاري ملازمن تي ٻڌل هوندو آهي. جيڪي قومي آزاديءَ جي جنگ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندا آهن ۽ هو مڙني انقلابي قوتن کي گڏي، انقلابي پارٽي جو بنياد وجهي جدوجهد هلائيندا آهن. هن طبقي جي اڳواڻي ۾ قومي آزاديءَ جو انقلاب ڪن حالتن ۾ سوشلسٽ رخ پڻ اختيار ڪري وجهندو آهي. پر ان صورت ۾ انقلاب کي نهايت ڏکين مرحلن، وڏي عرصي ۽ ورن وڪڙن منجهان پار لنگهڻو پوندو آهي.