قومن جي هڪ ٿيڻ وارو عمل
پهريون ته قومن جي هڪ ٿيڻ واري نظرئي کي سامراجي ملڪن جي مرڪزيت پرست دانشورن پنهنجي سامراجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ قومن جي آزاديءَ جي تحريڪن کي ان نظرئي جو دشمن ڄاڻائڻ شروع ڪيو آهي. هو ان نعري هيٺ مظلوم قومن کي پاڻ سان زوري ملائي، انهن جي ٻولي ۽ ڪلچر کي ختم ڪرڻ سان گڏ، انهن جي نسل ڪشي پڻ ڪري رهيا آهن. هو اهڙي طرح ننڍين قومن جا وجود ختم ڪري، انهن مٿان آقا قوم جي ٻولي ۽ ڪلچر مڙهي رهيا آهن. ان قسم جي بين الاقواميت جو پورهيت بين الاقواميت يا قومن جي هڪ ٿيڻ واري عمل سان ذرو به واسطو نه آهي. پر اها بين الاقواميت ظالم قومن جي سرمائيدارن جي سامراجي بين الاقواميت آهي. جنهن جو بنياد قومي انڪاريت تي ٻڌل آهي. جيڪي به ظالم قومن جا موقعي پرست سوشلسٽ، اهڙي قسم جي عمل جي حمايت، قومن جي هڪ ٿيڻ واري عمل کي آڏو رکي ڪن ٿا، سي صرف پنهنجن سامراجي آقائن جي خدمت ڪري رهيا آهن ۽ هو سوشلزم ۽ ڪميونزم جا بدترين دشمن آهن. ڇو جو مارڪسزم هر قسم جي زبردستي الحاق ۽ مرڪزيت جي خلاف آهي. بقول ڪامريڊ اسٽالن جي ته: “لينن ڪڏهن به ايئن نه چيو آهي ته عالمي ليول تي سوشلزم جي فتح کان اڳ ڪنهن هڪ رياست جي حدن ۾ سمورا قومي فرق مٽجي ويندا ۽ قومي زبانون هڪ گڏيل زبان ۾ تبديل ٿي وينديون. لينن جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو ان خيال جي بلڪل ابتڙ آهي. هن جو چوڻ آهي ته “عالمي ليول تي مزدورن ۽ هارين جي حڪومت کان پوءِ به قومن ۽ ملڪن جا قومي ۽ سياسي فرق گهڻي زماني تائين موجود رهندا.”
ان ڪري اهڙي نموني مرڪزيت پسند دانشور قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ بدران سندن وچ ۾ نفاق ۽ نفرت جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. ان ڪري نوآبادياتي نظام ئي قومن جي هڪ ٿيڻ واري عمل ۾ پهرين وڏي رڪاوٽ آهي. ان ڪري پهريان ئي ظالم ۽ مظلوم قومن جي وچ ۾ اڻ برابري ۽ قومي ڦرلٽ وارا تضاد ختم ڪرڻا پوندا. تڏهن ئي قومون هڪ ٻئي جي ويجهو اچي، هڪ ٻئي سان ملي کير کنڊ ٿي وينديون. ڇو جو “نوآبادياتي وارو سرمائيداري نظام مظلوم قومن جي ثقافت کي نه رڳو ڪچليندو ۽ تباهه ڪندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ته سمورين مظلوم قومن، قوميتن ۽ سندن ثقافتن کي صفحه هستي تان ئي مٽائي ڇڏيندو آهي. پر ان جي ابتڙ اشتراڪين جو مقصد نه رڳو ابتدائي ثقافت جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي، پر پوئتي پيل قومن ۽ قوميتن کي ترقي ڏياري ۽ سندن ثقافت توڙي معيشت کي هٿي ڏياري جديد ترقي پسند ثقافت سان لاڳاپا پيدا ڪندو آهي. (تاريخي ماديت، ص:208-209)
ڪميونسٽ سماج ۾ قومن جي هڪ ٿيڻ واري ان عمل خلاف ٻيو مورچو غلام قومن جي بورجوازين کڙو ڪيو آهي. جيڪي پنهنجي طبقاتي مفادن جي بچاءَ لاءِ پورهيت عوام منجهه ڪميونزم لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙا واهيات مفروضا گهڙي رهيا آهن ۽ هو اهڙن حساس ۽ جذباتي مسئلن بابت ڪوڙ بدوڙ ڦهلائي عوام جي روحاني جذبن مان ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هو پورهيت عوام منجهه پرچار ڪري رهيا آهن ته مارڪسزم، قومي وطن، قومي ٻولي ۽ قومي ڪلچر جي دشمن آهي ۽ قومن جي هڪ ٿيڻ وارو عمل جدا جدا قومن جي ٻولين ۽ ڪلچرن سان ٽڪراءَ ۾ اچي، انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو. جيڪا ڳالهه سراسر غلط ۽ بي بنياد آهن. ان بابت ڪامريڊ لينن کليل لفظن ۾ چيو آهي ته: “هر اهو شخص، جيڪو قومي سوال جو ٿورو به ڄاڻو آهي، سو سمجهي ٿو ته بين الاقوامي ثقافت، غير قومي (جنهن جي هيئت قومي نه آهي) نه آهي. غير قومي ثقافت جيڪا نه روسي آهي، نه يهودي آهي ۽ نه پولش وغيره آهي، پر خالص ثقافت آهي، بڪواس آهي. مزدورن کي پنهنجي قومي ثقافت جي حالتن ۽ ترقي جي رفتار کان بي نياز نه ٿيڻ کپي. ڇو ته، ان جي ذريعي ۽ صرف ان جي ذريعي ئي مزدور جمهوريت ۽ عالمگير تحريڪ جي بين الاقوامي ثقافت ۾ حصو وٺڻ جو موقعو حاصل ڪندا.”
ان ڪري اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته قومن جي هڪ ٿيڻ ۽ انهن جي گڏيل ٻولي ۽ ڪلچر ٺهڻ وارو عمل، ننڍڙين توڙي وڏين قومن، انهن جي ٻولين ۽ ڪلچرن کي ختم ڪري، انهن جا وجود مٽائي، ڪنهن مٿانهين هنڌان اوچتو ۽ صفا نئون نڪور نازل ڪونه ٿيندو، پر هي عمل ارتقا جو طويل سلسلو طئه ڪري مڙني قومن جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت ۾ ڪميونزم جي سوڀ بعد ئي وجود ۾ ايندو. جنهن ۾ مختلف قومن جي ٻولي، ڪلچر ۽ ريتن رسمن جا جاندار جزا هڪ ٻئي ۾ برابري ۽ هڪ جهڙائي واري جمهوري اصول تحت گڏجي بين الاقوامي قوم، ٻولي ۽ ثقافت جي تشڪيل ڪندا. ان ڪري بورجوازين جي اها راءِ غلط ۽ بي بنياد آهي ته ڪو بين الاقوامي پورهيت تهذيب، قومي تهذيب کي ختم ڪري ٿي يا نقصان رسائي ٿي. پر دراصل عالمي پورهيت تهذيب ئي صحيح معنى ۾ قومي تهذيب کي آزادانه نموني اسرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي. جيئن سڀئي تهذيبون ترقي جي اعلى منزلن تي پهچي، هڪ ٻئي جي سهڪار سان پنهنجي اعلى وٿن ۽ حاصلاتن ذريعي هڪ عالمي تهذيب جي تشڪيل ڪري سگهن.
هاڻ ڏسڻو آهي ته قومن جي هڪ ٿيڻ وارو عمل ڪڏهن ۽ ڪيئن شروع ٿيندو؟ هي سارو عمل تڏهن شروع ٿيندو، جڏهن دنيا جون مڙئي قومون آزادي ۽ خودمختياري ماڻين، نوآبادياتي نطام جو خاتمو ٿئي، پورهيت رياستون قائم ٿين، هر قسم جو طبقاتي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ختم ٿئي. ان بعد ئي قومن جي وچ ۾ قومي ديوارون ڊهڻ شروع ٿينديون ۽ قومن جو عالمي ڀائيچارو ۽ اتحاد مضبوط ٿيندو.
جڏهن عالمي ليول تي سماجوادي نظام قائم ٿيندو ته ان بعد ئي مڙني قومن کي هڪجڙي ليول تي انفرادي طرح ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو موقعو حاصل ٿيندو. سوشلسٽ قومن جي اندر پورهيت تهذيب جي تعمير ٿيڻ لڳندي. قومن جون لڪل ۽ نظرانداز ڪيل صلاحيتون ۽ جوهر جيڪي اڳ پرماري نظام هيٺ دٻيل هئا، سي نکري نروار ٿيندا. قومن جي وچ ۾ ميل ميلاپ وڌندو. هنن کي هڪ ٻئي مان پرائڻ جا موقعا ملندا. جنهن بعد هو هڪ ٻئي جي سهائتا ۽ مدد ڪرڻ لڳنديون ۽ سندن وچ ۾ هڪ جهڙيون خاصيتون اڀرڻ لڳنديون. جيڪي خاصيتون پنهنجي هئيت جي لحاظ کان ته قومي هونديون پر ماهيت جي لحاظ کان سوشلسٽ هونديون. يعني سوشلسٽ قومن ۾ جيڪا پورهيت تهذيب اڀرڻ لڳندي، ان جي اصليت مڙني قومن ۾ ساڳي هوندي، پر ان جون شڪليون قومي هونديون.
جڏهن سوشلزم، ڪميونزم ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيندي ته اشتراڪي قومن ۾ گڏيل ڪميونسٽ خاصيتون اڀرڻ لڳنديون ۽ هڪ عالمي پورهيت ثقافت ٺهڻ جو عمل تيز ٿيندو. اها عالمي ثقافت مڙني قومن ۽ انسانن جون بهترين ثقافتي وٿون پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪندي. ان سڄي عمل ۾ دنيا جون مڙئي قومون برابري جي بنياد تي حصو وٺنديون. جنهن بعد ئي عالمي ليول تي هڪ قوم، هڪ ثقافت ۽ هڪ ٻولي وجود وٺڻ شروع ڪندي، جيڪا پاڻ ۾ مڙني قومن جون قومي خاصيتون ۽ گڻ سمائيندي. ان سڄي عمل ۾ سڀني قومن جو هڪ جيترو ۽ هڪ جهڙو حصو هوندو.
مختلف قومن جا قومي وجود، سندن ثقافتون ۽ ٻوليون ڪو هڪ سال يا هڪ صديءَ ۾ هڪ عالمي قوم ۾ ضم ڪونه ٿي وينديون. پر ان سڄي عمل ۾ تمام گهڻو عرصو لڳندو. ان عرصي جو اندازو لڳائي نه ٿو سگهجي. قومن جي هڪ ٿيڻ واري ان عمل ۾ پهريان گهڻ قومي ثقافتون، هڪ عالمي ثقافت کي تشڪيل ڪنديون. باقي گهڻ قومي ٻوليون پنهنجا وجود تمام گهڻي عرصي تائين قائم رکنديون. اهو سڄو ارتقائي عمل آهستي آهستي ۽ اڻ محسوس طريقي سان پنهنجي تڪميل تي پهچندو. جنهن بعد سڄي انسانذات امن ۽ سڪون سان ترقي ۽ خوشحالي جا مزا ماڻيندي.
17 آڪٽوبر 1985ع