قومپرستي ۽ سامراج
قومي مسئلي، پنهنجي پهرين صحيح صورت تڏهن ورتي، جڏهن سرمائيداري نظام پنهنجي اوائلي ارتقائي مرحلن ۾ هيو. ان دور ۾ ان مسئلي، مختلف گهڻ قومي رياستن اندر وجود ورتو. گهڻ قومي رياستن ۾ ڪا قوم ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور، وڌيڪ ترقي يافته ۽ فوجي لحاظ کان وڌيڪ مضبوط هئي، ان پنهنجي رياست اندر ٻين ننڍين ڇڙوڇڙ ۽ پوئتي پيل قوميتن ۽ قومن جو استحصال ۽ ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪئي. انهن مٿان پنهنجي فوجي طاقت ۽ سياسي تنظيم رستي غالب پوڻ شروع ڪيو. ان دور ۾ قومي مسئلي بين الاقوامي صورت اختيار نه ڪئي هئي، پر اهو مختلف گهڻ قومي رياستن اندر موجود هيو ۽ انهن جو اندروني مسئلو هو.
اهڙيءَ طرح جڏهن سرمائيداري نظام پنهنجي اوسر جي اوائلي مرحلن ۾ هيو ۽ جاگيرداري قوميتن جي جاءِ تي منظم قومون ۽ سندن قومي رياستون اڀري رهيون هيون ته صرف گهڻ قومي ملڪن ۾ ئي قومي ظلم پنهنجي منظم شڪل اختيار ڪئي. ان ظلم ۽ جبر خلاف ننڍن قومن جي عوام، قومي تحريڪون شروع ڪيون. ننڍن ۽ غير ترقي يافته قومن ۾، ظالم قوم جي ظلم ۽ بالادستي خلاف نفرت ۽ تاءُ پيدا ٿيڻ لڳو. مظلوم قومن جي اندر قومي احساس ۽ قومي جذبي پرورش وٺڻ شروع ڪئي. هنن پنهنجي غلامانه ۽ محڪومانه حيثيت ختم ڪرڻ ۽ پنهنجون خودمختيار قومي رياستون ٺاهڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. جنهن اڳتي هلي قومي آزادي جي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪئي.
[b]سامراج[/b]
پورهيت طبقي جي عظيم اڳواڻ ڪامريڊ مارڪس چيو آهي ته، “سرمائيداري نظام جي اوسر ۽ ان جي ڦرلٽ واري فطرت ئي سرمائيدار طاقتن کي نوآبادياتي توسيع ۽ ان جي هٿان محڪوم ملڪن جي ڦرلٽ کي جنم ڏنو آهي.”
17 صديءَ ۾ جڏهن مشين سماج ۾ گردش ڪرڻ لڳي ۽ سرمائيداري نظام يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ طاقت حاصل ڪئي ته ان جي بدن مان ٻه بنيادي طبقا بورجوازي (سرمائيدار) ۽ پرولتاريه (مزدور) پيدا ٿيا. جيڪي هڪ ٻئي جو ضد هيا ۽ سرمائيداري نظام جي شروعات کان ئي انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ جنگ ڇڙي وئي. جنهن اڳتي هلي منظم ويڙهه جي صورت اختيار ڪئي ۽ پورهيت طبقي ئي ان استحصالي نظام جو خاتمو آڻي، سوشلسٽ سماج جو بنياد وڌو.
جڏهن يورپ ۾ سرمائيداري نظام گهڻي ترقي حاصل ڪئي ۽ سرمائيدارن وٽ ججهي انداز ۾ مال تيار ٿيڻ لڳو ته يورپ اندر خام مال جي حاصلات ۽ تيار مال جي نيڪال جو ايڏو وڏو بندوبست موجود ڪونه هيو. يورپ جي مارڪيٽن ۾ اپت جي ڀيٽ ۾ کپت جي رفتار تمام ڍري هئي. ان ڪري سرمائيدارن جو تيار مال ڪارخانن ۾ جمع ٿيڻ لڳو ۽ وڌيڪ مال تيار ڪرڻ جي ضرورت ڪانه رهي. ججهي مال تيار ٿيڻ ڪري مارڪيٽ ۾ مال جي واڌ ڪري شين جا اگهه ڪرڻ لڳا. جيڪا ڳالهه سرمائيدارن جي مفاد وٽان ڪانه هئي. ڇو جو هڪ ته کين يورپ اندر خام مال نهايت مهانگو ٿي مليو ٻيو ته ان جي تياري تي ٿيندڙ خرچ تمام گهڻو هيو. ان ڪري هنن ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مزدورن جي اجرتن ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ڪري ڇڏي ۽ اڃا به اڳتي وڌي مال جي پيداوار گهٽائڻ ۽ ان تي گهٽ خرچ اچڻ لاءِ مزدورن جي ڇانٽي ڪرڻ شروع ڪئي. اڃا به جڏهن اهو بحران تيز ٿيڻ لڳو ته ڪارخانا بند ٿيڻ شروع ٿيا.
مزدورن جي ڇانٽي، اجرتن جي گهٽتائي ۽ ڪارخانن جي بند ٿيڻ ڪري وڏي تعداد ۾ مزدور بيروزگار ٿيڻ لڳا ۽ هو سرمائيدارن خلاف بغاوتون ڪرڻ لڳا. سرمائيدار ملڪن جو مزدور سياسي طرح اڳتي هجڻ ڪري، تنظيمن ذريعي متحد ٿي پنهنجا حق گهرڻ لڳو. سرمائيداري ظلم، ڏاڍ ڦرلٽ ۽ استحصال خلاف هڙتالون، مظاهرا ۽ تالا بنديون روز جو معمول بنجي ويون. ان ئي بحراني دور ۾ مارڪس ۽ اينگلس، سرمائيداري نظام جي مڪمل خاتمي لاءِ سائنسي سوشلزم جو نظريو ڏنو ۽ سرمائيداري نظام جي تباهي ۽ بربادي خلاف مزدرون کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هنن پورهيت طبقي کي سائنسي سوشلزم جي نظرياتي هٿيارن سان هٿياربند ڪرڻ شروع ڪيو.
يورپ جي مزدورن، هنن عظيم اڳواڻن جي رهبري هيٺ سرمائيداري نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد کي تيز ڪيو ۽ ان ڦرلٽ واري سرمائيداري سماج مان جان آجي ڪرائڻ ۽ استحصال کان پاڪ معاشرو تعمير ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. هنن يونين سازي ذريعي پنهنجا مطالبا ۽ گهرون حڪمرانن تائين پهچائڻ شروع ڪيون ۽ مزدورن جي ڇانٽي، ڪم گهڻي وٺڻ ۽ اجرتن جي گهٽتائي خلاف آواز بلند ڪيو. مزدورن جي ان سجاڳي ۽ جدوجهد ۾ سرمائيدارانه نظام جي تباهي ۽ بربادي جو راز لڪل هو. جيڪا ڳالهه سرمائيدار طبقو چڱي نموني ڄاڻي پيو. جنهن ڪري هو ان بحران مان نڪرڻ ۽ سوشلسٽ تحريڪ جي وڌندڙ سيلاب مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ نيون رٿون رٿڻ لڳو.
جنهن وقت يورپ ۾ سرمائيداري نظام پنهنجي عروج تي پهتل هو، ان وقت باقي دنيا جي وڏي آبادي خاص ڪري ڏکڻ ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ سماجي ارتقا جي تمام هيٺين ڏاڪن يعني جاگيرداري ۽ غلام داري تي بيٺل هئا. ٻيو ته پوئتي پيل ملڪن ۾ ڪچي مال جي ججهائي ۽ تيار مال جي کپت جي سٺا مارڪيٽ موجود هيا. پوئتي پيل ملڪن ۾ مزدور طبقو سستو، سولو ۽ تنظيمي ۽ يونين سازي جي شعور کان وانجهيل ملي پئي سگهيو. ان ڪري يورپ جي سرمائيدار ملڪن پنهنجي اندروني بحرانن کي ماٺو ڪرڻ ۽ سوشلزم جي وڌندڙ سيلابن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي ترقي يافته سياسي، معاشي ۽ جنگي حڪمت عملي ذريعي پوئتي پيل ملڪن کي غلام ۽ محڪوم بڻائڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح سرمائيداري نظام پنهنجي عروج تي پهچي عالمي سطح تي قومي ڏاڍ ۽ ظلم شروع ڪيو ۽ سرمائيدار رياستن پنهنجو سرمايو، پنهنجي قومي سرحدن کان ٻاهر سيڙائي، ان رستي ننڍين ۽ غير ترقي يافته قومن جو استحصال ڪرڻ شروع ڪيو.
يورپ جي سرمائيدار ملڪن 16 صدي جي شروعات کان پنهنجن قومي سرحدن مان نڪري بحري ۽ بري رستن تي قبضا ڪري، غير ترقي يافته ۽ پوئتي پيل ملڪن ۽ قومن کي غلام بنائڻ شروع ڪيو. انهن جي منڊين، ڪچي مال، ٻارڻ ۽ سستي مزدور کي پنهنجي سامراجي مفادن لاءِ ڪتب آڻڻ شروع ڪيو. جتان کين صنعتي شيون پيدا ڪرڻ لاءِ سستو ۽ مفت ڪچو مال حاصل ٿيڻ لڳو، ۽ هنن يورپ جي ڪارخانن ۾ گهٽ خرچ تي شيون تيار ڪري، تمام ڳري اگهه تي انهن کي بيٺڪن ۾ وڪرو ڪري بي انداز نفعو ڪمايو. بيٺڪي ملڪن جي عوام تي ناجائز ڍلون ۽ ٽيڪس مڙهي، انهن جو سنئون سڌو استحصال ڪرڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي سرمائيدار ملڪن آسانيءَ سان پنهنجي قبضي هيٺ آيل بيٺڪن ۾ پنهنجو ناڻو سيڙائي اتي صعنتون قائم ڪيون. انهن مان هنن کي ٻه فائدا هي پهتا: (1) ته بيٺڪن مان ڪچو مال سستو ۽ گهڻو ڪري مفت حاصل ڪري، انهن مان شيون تيار ڪرڻ لڳا. (2) ته بيٺڪن مان هنن کي پنهنجي ملڪن جي ڀيٽ ۾ سستو مزدور ملي ٿي ويو. جيڪو يونين سازي جي فائدن کان اڻڄاڻ ۽ پنهنجن حقن کان بي خبر هيو.
اهڙيءَ طرح سامراجي ملڪن بيٺڪي ملڪن ۽ قومن جي استحصال ۽ ڦرلٽ جاري رکڻ لاءِ اتي نهايت واهيات ۽ انسانيت سوز طريقا استعمال ڪيا. ننڍن ۽ پوئتي پيل قومن جي تاريخي ارتقائي عمل کي روڪي، انهن کي پنهنجي تابع بڻائي، کين بنيادي انساني حقن کان محروم ڪيو. غلام ملڪن جا رهواسي سامراجين هٿان لٽجي، ڦرجي، ڪنگال بڻجي جانورن جهڙي حياتي گذارڻ تي مجبور ٿيا. سامراجين هنن جو رت ست ڪڍي، هنن کي غلامي جي سنگهرن ۾ جڪڙي، جهالت جي اونداهن غارن ۾ اڇلي ڇڏيو.
ان جي ڀيٽ ۾ سرمائيدار ملڪ بيٺڪن مان ڪيل ڦرلٽ جي بنياد تي ڏينهون ڏينهن ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ لڳا. هنن ڦرلٽ جي مال مان نه صرف پاڻ جاوا ڪيا پر پنهنجي پرولتاريه کي به بچيل سچيل ٽڪر اڇلائي، انهن جو پڻ وات بند ڪيو. هنن مظلوم ملڪن جي رت ۽ پگهر مان پنهنجن ملڪن کي سينگاريو ۽ سنواريو، نيون ايجادون ڪيون، نوان ڪارخانا لڳايا، وڏيون وڏيون پليون ۽ شاهي رستا ٺهرايا.
پهرين عالمي جنگ (1918-1914ع) کان اڳ پوري دنيا چند سرمائيدار ملڪن جي منڊي بنجي وئي. برطانيه وٽ برصغير هند سنڌ سميت 26 ملڪ غلام هئا، فرانس جي قبضي هيٺ 21 ملڪ هئا، بيلجيم، اٽلي، جاپان، هالينڊ ۽ پرتگال وٽ به ڪيترائي ملڪ غلام ۽ محڪوم هئا. اهڙيءَ طرح تقريبن سڄي آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جو وڏو حصو سامراجي ملڪن جي قبضي هيٺ هيو. سامراجي ملڪن 1876ع کان 1914ع تائين جي ٿوري عرصي ۾ دنيا جي 2 ڪروڙ 50 لک چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي تي قبضو ڪري ورتو. جيڪا ايراضي پوري يورپ جي ايراضي جي ٻيڻ جيتري هئي. پهرين عالمي جنگ لڳڻ وقت دنيا ۾ رهندڙ هڪ ارب 70 ڪروڙ ماڻهن مان 60 ڪروڙ ماڻهو بيٺڪن ۾ آباد هيا ۽ 35 ڪروڙ حڪمران ملڪن ۾ آباد هئا.
جڏهن سامراجي ملڪن پوري دنيا جي پوئتي پيل ملڪن تي قبضو مڪمل ڪري ورتو ۽ هاڻ دنيا جي ڪابه اهڙي ايراضي نه بچي هئي، جيڪا سامراجي ملڪن جي لٽ مار کان آجي هجي ته هنن ۾ ڦرلٽ جي مال تي جنگ لڳي. طاقتور سامراجي ملڪن پاڻ کان هيڻن سامراجي ملڪن ۽ قومن کان نوآباديون کسي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ جنگ شروع ڪئي. هن جنگ کي پهرين سامراجي جنگ ڪوٺيو ويندو آهي. هن جنگ ۾ غلام ملڪن جي نه صرف عوام کي ٻارڻ طور ڪتب آڻيندي بيدرديءَ سان مارايو ويو، پر غلام ملڪن جي سڄي رت ست جي موڙي جنگ جي ڀيٽ ٿي وئي. سامراجي ملڪن جنگ جي خرچ جو پورائو مظلوم ملڪن ۽ قومن جي جبري ۽ سخت استحصال ذريعي پورو ڪيو. غلام ملڪن ۽ قومن تي حاڪم قومن جو قبضو پڪو ۽ پختو ٿيڻ سان گڏ سخت بي رحمانه پڻ ٿي ويو. محڪوم ملڪن جي ڦرلٽ ۽ استحصال ۾ شدت پيدا ٿي. محڪوم ملڪن ۾ ڏڪارن ۽ وبائن منهن ڪڍيو. بدترين ڏڪارن ۽ بڇڙين بيمارين ڪروڙين ماڻهن جي جان ورتي. بک ۽ بي روزگاري جي راڪاس محڪومن جي نٻل ۽ نستي جسم ۾ پنهنجا چنبا وڌيڪ مضبوطي سان جڪڙي ڇڏيا.
هي انسانيت جي تباهي ۽ بربادي جو بدترين دور 1939ع تائين پنهنجي شدت سان قائم رهيو ۽ مظلم قومن جي هر قومي جدوجهد کي بي رحميءَ سان ڪچليو ويو. آزادي گهرندڙن کي گولين ۽ بمن سان خاموش ڪيو ويو. نيٺ 1939ع ۾ سامراجي ملڪن ۾ ٻي عالمي جنگ (1939-1945ع) ڇڙي وئي. ان جنگ سامراجي رياستن ۽ فاشسٽن جا جنازا ڪڍي ڇڏيا. قومي تحريڪون پنهنجي ڀرپور قوت ۽ طاقت سان اڀري آيون. مظلوم قومن سامراجين سان ڇتيون ويڙهيون وڙهي، پنهنجون قومي آزاديون حاصل ڪيون. نيون قومي رياستون وجود ۾ آيون، ۽ رهيل نوآبادين ۾ سامراجي قومن سان موت ۽ حيات جي جنگ ڇڙي وئي. جنگ ۾ فاشسٽ قوتن بري طرح شڪست کاڌي، ۽ دنيا ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. هڪ طرف آمريت پسند سامراجي ملڪ، جن جو آقا آمريڪا ۽ ٻئي طرف مظلوم عوام ۽ قومن جون سچيون همدرد ۽ هڏ ڏوکي قوتون، جن جي اڳواڻي دنيا جي پهرين سماج وادي رياست سوويت يونين ڪري رهي هئي.
اڄ جو دور مظلوم طبقن ۽ مظلوم قومن جي آزادي ۽ خوشحالي جو دور آهي. ڪوبه ملڪ يا قوم ڪنهن به طريقي سان ڪنهن به ملڪ يا قوم کي غلام ۽ محڪوم بنائي نه ٿو سگهي. اڄ سرمائيداري، سامراج ۽ ان جو نوآبادياتي نظام ان سڪرات ۾ ورتل مريض وانگر آهي، جيڪو اڄ نه مري ته سڀاڻي ضرور مري.