تاريخ، فلسفو ۽ سياست

قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي

هن ڪتاب ۾ مارڪسي – لينني نقطي نگاهه کان قومي سوال جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي. ان سان گڏ، قومن جي تاريخي ارتقا جي قانون کي پڻ بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ قوم لفظ جي ٿيندڙ مڙني غلط تشريحن ۽ تاويلن کي رد ڪندي، قوم جي جديد ۽ اصلي سائنسي وصف دليلن سان پيش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4250
  • 1759
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي

قومي وجود جي اوسر

جڏهن انساني سماج ترقي ڪري جاگيرادريءَ مان سرمائيداري ۾ داخل ٿيو ۽ صنعت ۽ تجارت زور وٺڻ شروع ڪيو ته صنعتڪارن، واپارين ۽ مالدار طبقن پوري معيشت تي قبضو ڪري، ان کي جاگيردارن جي چنبن مان ڪڍي سڌو سنئون پنهنجي هٿ هيٺ آندو. جنسن جي پيداوار جاگيردارن جي ننڍين ننڍين مقامي منڊين کي هڪ واحد قومي منڊي ۾ متحد ڪرڻ شروع ڪيو. سرمائيدارانه نظام مقامي حدن کي ٽوڙي عام قومي منڊي تشڪيل ڪئي.
جاگيردارانه دور ۾ هڪ ملڪ اندر جاگيردارن طرفان الڳ الڳ قانون لاڳو هئا ۽ ملڪ ڪيترن ننڍن ننڍن ايڪن ۾ ورهايل هو. واپاري رستا نه هجڻ جي برابر ۽ غير محفوظ هئا، ٻيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ واپار ۽ صنعت جا مختلف ماپا ۽ معيار هجڻ سان گڏ جنسن جي قيمتن ۽ واپاري ۽ صنعتي ٽيڪسن ۾ پڻ اڻ برابري هئي. جيڪا ڳالهه صنعت ۽ واپار جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي هئي. ان ڪري سرمائيدارن واپار ۽ صنعت کي ترقي وٺرائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڦهلائڻ لاءِ مقامي جاگيردارانه قانون رد ڪري، سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي نموني جا واپاري ۽ صنعتي قومي قانون نافذ ڪيا. سڄي ملڪ جي ماڻهن تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪرڻ لاءَ هنن هڪ قومي حڪومت جو بنياد وڌو ۽ شهرن ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ واپاري رستا محفوظ ڪرڻ لاءِ پوليس جو انتظام ڪيو. ملڪ جي مڙني حصن کي ڳنڍڻ لاءِ رستن جو ڄار وڇائي آمدورفت جا ذريعا سهل ڪيا، جيئن کين پنهنجو مال هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ نيڪال ڪرڻ ۽ زرعي جنسون مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿئي. رستن جي ڦهلاءَ ملڪ جي مختلف علائقن جي ماڻهن وچ ۾ ڳانڍاپا پيدا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ منجهن قربت وڌڻ لڳي. اهڙيءَ طرح سرمائيداري جي ترقي سان ملڪي باشندا جاگيردارن جي چنبي مان نڪري، انهن جي پراڻن ڦرلٽ جي طريقن مان جان آجي ڪرائي، سرمائيدارن جي سنئين سڌي ڪنٽرول هيٺ اچي ويا ۽ سماج ۾ ٻه مکيه طبقا سرمائيدار ۽ مزدور جنم وٺي هڪ ٻئي جي مد مقابل ٿيا.
سرمائيداري تعلقاتن جي مضبوط ٿيڻ سان، معاشي زندگيءَ جي هڪ جهڙائي وسيع ۽ مستحڪم ٿيڻ لڳي ۽ قومي علائقي جي انفرادي حصن جي وچ ۾ رابطو باقاعدي ۽ مضبوط ٿيڻ لڳو. اهڙيءَ طرح جاگيردارانه قوميت جي علائقائي ۽ لساني وحدت ۾ معاشي وحدت جو پڻ اضافو ٿيو. ان عمل دوران جاگيردارانه قوميت بورجوا قوم ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿي.
هڪ جاگرافيائي خطي جا هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ هڪ ئي ثقافت جا مالڪ هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ لڳا، هڪ ٻئي کي سمجهڻ، هڪ ٻئي مان پرائڻ ۽ هڪ ٻئي جي سهائتا لاءِ وڌيڪ گهرا ۽ گهاٽا ٿيا. هنن جي گڏيل سياسي ۽ اقتصادي مفادن منجهن مستحڪم لاڳاپا پيدا ڪيا. سندن قومي ٻڌي ۽ اتحاد مضبوط ٿيو.
سرمائيدارانه دور ۾ وڏن شهرن جي اڀرڻ، رستن جي ڦهلاءَ ۽ معاشي ترقي جي استحڪام ڪري ملڪ جي حدن اندر وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع ٿي، مزدور طبقو وجود وٺڻ لڳو، جنهن ڪري علائقائي ٻولين جي وچ ۾ سنڌا ختم ٿيڻ لڳا ۽ تحريري ۽ زباني ٻوليءَ جو فرق مٽجي ويو ۽ قومي ٻولي ارتقا ڪئي. جنهن ۾ ادب سرجڻ لڳو ۽ تعليم ملڻ لڳي. تعليم ۽ ادب جي ترقي جاگيرداري دور جي غير مستحڪم علائقائي زبان مان قبيلائي ٻولين جي باقيات کي ختم ڪرڻ شروع ڪيو. غير مستحڪم اقليتي ٻولين ملي هڪ قومي ٻولي کي سگهارو ڪيو. جنهن ڪري اها ملڪ جي مڙني باشندن لاءَ هڪ جيتري عزيز ٿيڻ لڳي. ٻوليءَ جي استحڪام ۽ علائقائي ۽ معاشي اتحاد جاگيردارانه قوميت جي ڪلچر کي، بورجوا قومي ڪلچر ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو. جيڪو ملڪ جي مڙني رهواسين مٿان اثر ڇڏڻ لڳو. معاشي ۽ سياسي مفاد هڪ جهڙا هئڻ ڪري، ماڻهن جي وچ ۾ هڪ گڏيل نفسيات تشڪيل وٺڻ شروع ڪيو. جنهن جو اظهار ان قوم جي تاريخي روايتن ۽ رهڻي ڪهڻي مان تهذيبي اتحاد ۽ ٻڌي جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو.
مٿئين سڄي بحث مان نتيجو هي نڪتو ته قومون سرمائيداري دور جون اڻ ٽر پئداوار آهن ۽ انهن جي بناوت ۽ تعمير ۾ تاريخي عملن ۽ تاريخي طاقتن جو دخل هوندو آهي. جيڪي عمل ۽ طاقتون الڳ الڳ نسلن ۽ قبيلن جي ماڻهن کي گڏي هڪ قوم جي صورت ڏينديون آهن ۽ اهي ئي عمل ۽ طاقتون سرمائيدارانه معيشت ۽ سرمائيدارانه معاشي رابطا ئي هوندا آهن، جيڪي جاگيردارانه دور جي هڪ علائقي ۾ رهندڙن ۽ هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙن جي گروهه کي هڪ قوم جي شڪل ڏيندا آهن.
جديد دور ۾ قوم جي وصف ۽ تخيل هيٺين پنجن بنيادن تي ٻڌل آهي. جنهن به انساني گروهه ۾ اهي پنج ئي خاصيتون موجود آهن، اهو گروهه قوم چوائڻ جو اهل آهي:

1. جاگرافيائي وطن، 2. زبان، 3. تهذيب، 4. قومي ڪردار ۽ 5 گڏيل پيداواري ذريعا.
اسان هيٺ انهن خاصيتن جي ڌار ڌار تشريح ڪيون ٿا:

[b]1. جاگرافيائي وطن
[/b]جنهن به انساني گروهه يا ٽولي کي پنهنجو جاگرافيائي وطن نه آهي، ته اهو گروهه قوم ۾ شمار ٿي نه ٿو سگهي. ڀلي پوءِ ان کي الڳ ٻولي، ڪلچر ۽ قومي ڪردار وغيره ڇو نه هجي. پر اول ته جنهن انساني گروهه کي وطن نه هوندو آهي، ان ۾ قوم ٿيڻ جون ٻيون خاصيتون به پيدا ٿي نه سگهنديون آهن. هڪ انساني گروهه کي قوم بنجڻ لاءِ جدا جاگرافيائي وطن جي ضرورت ان لاءِ پوندي آهي ته جيئن هو ڪنهن مستقل هنڌ تي رهائش اختيار ڪري پنهنجو تاريخي عمل آزادانه نموني جاري رکي سگهي. هڪ جاگرافيائي خطي اندر ئي مختلف قبيلن ۽ نسلن جا ماڻهو صدين کان هڪ ٻئي سان گڏ رهندي، پاڻ ۾ گڏجي هڪ قومي ٻولي، ڪلچر ۽ قومي ڪردار کي پيدا ڪري سگهن ٿا. هڪ خطي اندر ڊگهي تاريخي عرصي بعد ئي سندن وچ ۾ گهاٽا ۽ گهرا لاڳاپا ۽ رشتا پيدا ٿيندا آهن ۽ اهو ئي عمل قوم جي بنيادي اڏاوت جو ڪم ڏيندو آهي. جيئن هن وقت سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي، تاريخ جي مختلف زمانن کان هن مخصوص زمين جي ٽڪري تي رهندا آيا آهن. جنهن جون سرحدون صدين کان نراليون ۽ جداگانه پئي رهيون آهن. سنڌ وطن هن وقت پاڪستان جي وفاقي ملڪ ۾ هوندي به هڪ جداگانه قومي وطن آهي. پاڪستان جون سرحدون ڪن تاريخي ضرورتن تحت وجود ۾ آيون آهن. پر سنڌ جون سرحدون، سنڌي قوم جي پنهنجي صدين جي تاريخي عملن ۽ ضرورتن تحت وجود ۾ آيون آهن. اهي هن وقت فطري وطن جي صورت وٺي بيٺيون آهن.
قومي وطن کان سواءِ دنيا ۾ مضبوط سياسي گروهن جا ملڪ به آهن. جيئن ڀارت، سوويت يونين (اڳوڻي) ۽ پاڪستان، ان ڪري مضبوط سياسي گروهن جي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي قومون ۽ انهن جا قومي وطن اچي ويندا آهن. جيئن پاڪستان ۾ پنجابين، سنڌين، بلوچن ۽ پختونن جا ڌار ڌار وطن آهن. پر قومي وطن هڪ جدا ايڪو هوندو آهي، جنهن ۾ هڪ ئي قوم رهندي آهي. ان ئي لحاظ کان اسان کي دنيا ۾ ٻن قسمن جا ملڪ نظر ايندا، هڪڙا گهڻ قومي ملڪ جيئن: ڀارت، پاڪستان ۽ سوويت يونين (اڳوڻي) وغيره ۽ ٻيا هڪ قومي ملڪ جيئن: بنگلاديش، لبيا، شام ۽ سريلنڪا وغيره.

[b]2. زبان
[/b]الڳ قومي وجود جو ٻيو ثبوت قومي زبان آهي. جنهن وسيلي ڪنهن به قوم کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ ان جي الڳ قومي وجود کي تسليم ڪيو ويندو آهي. ٻولي قومي شناخت جو بنيادي پٿر هوندي آهي. جيڪا هزارين ورهين کان ڪنهن هڪ خطي اندر رهندڙ ماڻهن وچ ۾ آهستي آهستي ارتقا جون منزلون طئه ڪندي آهي ۽ اتان جي معاشرتي ۽ معاشي اثر قبول ڪندي انساني سماجي ارتقا سان گڏ هڪ خاص صورت اختيار ڪندي آهي.
ڪنهن به سياسي گروهه اندر هڪ کان وڌيڪ ٻوليون رائج ٿي سگهن ٿيون. پر اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، جو ڪنهن قومي گروهه ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون رائج هجن. ڇو جو سياسي گروهه مختلف قومن جو اتحاد هوندو آهي، ان لاءِ گڏيل ٻولي جو شرط ضروري ناهي. جيئن پاڪستان چئن قومن جو سياسي اتحاد آهي. ان ۾ چار مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. اهي ٻوليون هتي رهندڙ چئن جدا جدا قومن جي سڃاڻپ آهي.
اسان کي دنيا ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي قومون ملنديون، جيڪي هڪ ئي ٻولي ڳالهائين ٿيون، پر آهن جدا جدا. جيئن آمريڪا ۽ برطانيه وارن جي ساڳي ٻولي (انگريزي) آهي، مختلف عرب ملڪن جي هڪ ٻولي (عربي) آهي، پر اهي جدا جدا قومون آهن. صرف ٻولي جي هڪجهڙائي به ڪنهن قوم جي جدا قومي وجود جو بنيادي شرط ڪونه آهي. پر ان سان گڏ جدا جاگرافيائي وطن، جدا تاريخ ۽ تهذيب ۽ گڏيل پيداواري ذريعا پڻ ان سان لاڳاپيل آهن. ان ڪري ڪنهن به انساني گروهه جنهن ۾ هڪ يا ان کان وڌيڪ هڪجهڙايون آهن، ان انساني گروهه کي هڪ قوم ۾ شمار ڪري نه ٿو سگهجي. پر اهو ئي انساني گروهه الڳ قوم چوائڻ جو اهل آهي، جنهن ۾ قوم هجڻ جون مڙئي صفتون موجود هجن.

[b]3. تهذيب (ڪلچر)
[/b]هڪ قوم اندر هزارين ورهين جي تاريخي تسلسل، محنت ۽ مشقت، جدوجهد ۽ جاکوڙ بعد پرايل تجربي ۽ معلومات جي بنياد تي ڪلچر (تهذيب) پرورش وٺي ٿو. جيڪو ان قوم جي طرز زندگي ۽ طرز فڪر جي احساس جو جوهر هوندو آهي. تهذيب تي جاگرافيائي وطن جي طبعي ماحول، پيداواري وسيلن ۽ پيداواري لاڳاپن جو وڏو اثر ٿيندو آهي. انسان پنهنجي حالتن کي تبديل ڪرڻ، انهن کي سهل بنائڻ لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي. جيڪي ڪجهه تخليق ڪيو آهي ۽ ان تخليق ۾ سماجي ترقي جي رفتار سان جيڪا واڌ ڪئي آهي، سندس اها حاصلات تهذيب جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي.
تهذيب جي دائري ۾ هڪ قوم جون رسمون، رواج، لباس، رهڻي ڪهڻي، ادب ۽ فن، راڳ رنگ، مصوري ۽ سنگتراشي جا اسم اچي وڃن ٿا. اهي ئي خاصيتون هڪ قوم کي ٻي قوم کان الڳ ڪن ٿيون ۽ پنهنجي علحده قومي وجود جو احساس ڏيارين ٿيون.
ان سڄي بحث جو تت اسان يوري گنڪوفسڪي جن هنن لفظن ۾ ڏيون ٿا ته: “تهذيب انهن مڙني حاصلاتن جو مجموعو آهي، جنهن کي انسانيت پنهنجي تاريخي ارتقا جي دوران تخليق ڪيو آهي.”

[b]4. قومي ڪردار
[/b]هر هڪ قوم کي پنهنجو مخصوص فڪري ۽ مادي ڪردار يا نفسياتي سڃاڻپ هوندي آهي. قومي ڪردار جو اظهار هڪ قوم جي مخصوص تهذيب مان ٿيندو آهي. جيڪو ان قوم جي انهن اندروني قومي خاصيتن جو ميڙ هوندو آهي، جيڪي خاصيتون هڪ قوم کي ٻي قوم کان علحده ڪنديون آهن.
هر هڪ قوم کي پنهنجون علحده قومي خاصيتون ۽ گڻ هوندا آهن، جن جي ذريعي ئي ان جي سڃاڻپ ٿي سگهندي آهي. اهي قومي خاصيتون پاڻ هرتو يا هڪدم پيدا ٿي ڪونه پونديون آهن، پر اهي انساني سماج جي اوسر سان گڏ ان قوم جي وطن جي جاگرافيائي ماحول، آبهوا، ريتن رسمن، جدا جدا انساني نسلن جي رواجن، ماحول ۽ مذهبي عقيدن جي اثر ڪري خود به ارتقا ڪنديون آهن. حالتن جو اثر به قبول ڪنديون آهن ۽ پنهنجي شڪل تبديل ڪنديون رهنديون آهن. ان ڪري ئي قومن جي قومي ڪردار يا نفسياتي جوڙجڪ ورهين بعد ئي ٿيندي آهي ۽ ان سان گڏ ان ۾ پختگي ۽ جٽاداري ايندي رهندي آهي.
ڪنهن به قوم جي قومي ڪردار جي خبر اسان کي ان قوم جي ادب، شعر، ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ادب مان پوي ٿي. جن ۾ قوم جي مخصوص گڻن ۽ خاصيتن کي ساراهيو ۽ ڳايو ويندو آهي. هن دنيا جي تختي تي ڪن قومن جا فرد زياده محب وطن ته ڪن جا قوم فروش، ڪي اهنسا پسند ته ڪي تشدد پسند، ڪي باهمت ته ڪي بزدل، ڪي غيرتمند تي ڪي بي غيرت هوندا آهن. هرهڪ قوم ۾ ڪونه ڪو ڪردار ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چٽو ۽ اڀريل هوندو آهي.

[b]5. گڏيل پيداواري ذريعا
[/b]ڪنهن به انساني گروهه جي لاءِ هڪ قوم بنجڻ لاءِ اهم شرط ان قوم جي فردن وچ ۾ پيداواري لاڳاپن جي هڪ جهڙائي جو هجڻ ضروري آهي. هڪ جاگرافيائي خطي ۾ رهندڙ ۽ هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ انساني گروهه لاءِ اهڙن پيداواري لاڳاپن ۽ پيداواري قوتن جو هجڻ لازمي شرط آهي، جيڪي ان گروهه جي مختلف حصن ۽ طبقن کي هڪ قوم ۾ سلهاڙي سگهن.
هڪ جاگرافيائي خطي جي رهواسين اندر معاشي اتحاد تڏهن ئي پيدا ٿيندو آهي. جڏهن جاگيرداري ختم ٿيندي آهي ۽ جاگيرداري قوميت جي جاءِ تي بورجوا قوم اڀرڻ لڳندي آهي. جاگيرداري دور ۾ معاشي بي ترتيبي ۽ عدم استحڪام هوندو آهي. معاشي اتحاد نه هجڻ ڪري ڪنهن انساني گروهه جو قومي وطن ظاهري طرح ته هڪ نظر ايندو آهي، پر اندروني طور تي الڳ الڳ حصن ۾ ورهايل ۽ غير مستحڪم هوندو آهي. جڏهن ان جي جاءِ تي سرمائيداري اسرڻ لڳي ته محنت جي ورهاست ڪري هڪ جاگرافيائي وطن جو ڪوبه حصو ان قابل نه رهيو جو هو پنهنجون ضرورتون اڪيلي سر پوريون ڪري سگهي. ان ڪري سڀني کي هڪ ٻئي جي سهائتا جي ضِرورت پئي ۽ هڪ ٻئي تي انحصار وڌڻ لڳو. اهو ئي انحصار هڪ وطن جي جدا جدا خطن کي هڪ ڪڙي ۾ ڳنڍڻ شروع ڪندو آهي ۽ پوري ملڪ (وطن) اندر معاشي اتحاد ۽ ٻڌي جو رجحان وڌندو آهي.
ان ڪري معاشي اتحاد کان سواءِ ڪوبه لساني گروهه، هڪ علائقي ۾ رهندي به قوم ٿي نه ٿو سگهي. مطلب ته زندگي جو معاشي ڳانڍاپو ۽ معاشي مضبوطي قوم جو لازمي جزو هوندو آهي.