قومي تحريڪن جو انقلابي ڪردار
(1) سوشلسٽ سرشتي هيٺ، سوشلزم ۽ ڪميونزم جي تعمير ڪندڙ قومون.
(2) سرمائيدار ملڪن جون مزدور تحريڪون.
(3) قومي آزاديءَ جون تحريڪون.
اسان هتي صرف قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي انقلابي ڪردار تي نظر ڌرينداسين ته اڄ ڪيئن نه ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جون قومي آزاديءَ جون تحريڪون پنهنجو تاريخي انقلابي ڪردار ادا ڪندي، سوشلزم جي فتحمندي ۽ سامراج جي شڪست وريخت لاءِ ميدان عمل ۾ مصروف آهن.
جيڪڏهن اسان مظلوم ۽ محڪوم قومن جي آزاديءَ جي تحريڪن جي ڪردار تي نظر وجهنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته قومي آزاديءَ جون تحريڪون وڏو ترقي پسند ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هو سامراجي نوآبادياتي نظام ۽ رجعت پسند جاگيرداري ۽ ان جي باقيات خلاف سخت جدوجهد ڪري رهيون آهن. هو ان جدوجهد ۾ عوام جي وسيع تر حلقن کي پاڻ سان ملائي جمهوري ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اڃا به اڳتي وڌي اهي تحريڪون سوشلسٽ انقلاب لاءِ نه صرف راهه هموار ڪري رهيون آهيون پر ڪن خاص حالتن ۾ سوشلسٽ انقلاب جو سبب پڻ بنجي رهيون آهن.
ڪامريڊ لينن قومي تحريڪن جي انقلابي ڪردار بابت چيو آهي ته: “قومي تحريڪن جي انقلابي يا غير انقلابي ثابت ڪرڻ لاءِ اسان کي گهرجي ته اسان صرف ان جي ظاهري ڏيک ويک ۽ ڍانچي کي نه ڏسون، پر ان کي ان نظر سان ڏسون ته سامراجي حڪومتن خلاف سڄي دنيا ۾ جيڪي جنگ هلي رهي آهي، ان ۾ انهن تحريڪن سان مدد ملي ٿي يا نه.... جيڪڏهن ڪنهن قومي تحريڪ سان سامراج خلاف عالمي تحريڪ کي مدد ملي ٿي ته اها يقينن انقلابي تحريڪ آهي ۽ جيڪڏهن نقصان پهچائي ٿي ته غير انقلابي آهي. توڻي جو ان تحريڪ جي اڳواڻي سوشلسٽن ۽ جمهوريت پسندن جي هٿ ۾ هجي يا سرمائيدارن ۽ شهنشاهن جي هٿ ۾.” بيٺڪي ملڪن ۾ قومي آزادي جون تحريڪون پنهنجو انقلابي ڪردار ادا ڪندي، سامراجي نوآبادياتي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيون آهن. سامراجي ملڪن جي حڪمران پوزيشن کي ڪمزور ڪري رهيون آهن. ان سان گڏ قومي تحريڪون سوشلسٽ ملڪن جي بلاڪ کي وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور بنائي سندن فيصله ڪن حيثيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيون آهن. ان سان گڏ اهي تحريڪون عالمي امن قائم ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هو ٽين عالمي جنگ جي خطرن کي روڪڻ لاءِ سوشلسٽ دنيا سان اتحاد ڪري جنگجو سامراجي ملڪن مٿان دٻاءَ کي وڌائي رهيون آهن ۽ سامراجي ۽ سوشلسٽ ملڪن جي وچ ۾ طاقت جي توازن کي تبديل ڪري رهيون آهن.
قومي آزادي جون تحريڪون جيئن پوءِ تيئن سامراجي نظام کي کوکلو ڪري رهيون آهن. کيس وڌيڪ پريشانين ۽ گهوٽالن منجهه وجهي رهيون آهن، ان کي خام مال جي ذريعن، تجارتي منڊين، سستي محنت، فوجي اڏن ۽ ڀاڙيتو سپاهين کان محروم ڪري رهيون آهن ۽ آزادانه خارجه پاليسي اختيار ڪندي سندن اجارادارنه سرمائيداري ۽ اقتصادي غلبي کي سخت ڇيهو رسائي رهيون آهن.
بيٺڪي ملڪن ۾ قومي آزاديءَ جون تحريڪون پنهنجو انقلابي رول ادا ڪندي اتي اهم سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حالتون پيدا ڪري رهيون آهن. جيئن قومي صنعت کي ترقي وٺرائڻ، جاگيردارانه باقيات جو خاتمو ڪري زرعي اصلاحات ڪرڻ، سياسي آزاديءَ کي مستحڪم ڪري جمهوري طريقن سان سماجي زندگي جي تعمير ڪرڻ، جنهن ۾ قوم جي وسيع آبادي شريڪ ٿئي ٿي، جهڙن اهم مسئلن کي حل ڪري رهيون آهن.
سامراجي نوآبادياتي نظام سوشلسٽ انقلاب کي ٻن طرفن کان ڌڪ رسايو آهي، هڪ ته بيٺڪي نظام هجڻ ڪري بيٺڪي ملڪن مان ٿيندڙ ڦرلٽ ڪري سرمائيدار ملڪن ۾ پورهيت طبقو خوشحال ۽ امير بڻجي پيو آهي، جنهن ڪري هو انقلاب آڻڻ جي قابل نه رهيو آهي. ان ڪري سرمائيدار ملڪن ۽ بيٺڪي ملڪن ۾ تيستائين انقلاب نه ٿو اچي سگهي، جيستائين بيٺڪي سرشتو ختم نه ٿو ٿئي. اهڙيءَ طرح قومي آزاديءَ جون تحريڪون، بيٺڪي ملڪن سان گڏوگڏ حڪمران ملڪن ۾ پڻ سوشلسٽ انقلاب آڻڻ لاءِ راهه هموار ڪري رهيون آهن. ان ڪري قومي آزادي جي تحريڪ نه صرف محڪوم ملڪن جي پرولتاريه کي سوشلسٽ سماج قائم ڪرڻ لاءِ ميدان صاف ڪري ڏئي ٿي، پر خود حڪمران قوم جي پرولتاريه کي پنهنجي بورجوازي خلاف جدوجهد ڪري انقلاب آڻڻ لاءِ پڻ حالتون سازگار بنائي ڏئي ٿي. ان ڪري اها وقت جي ضرورت آهي ته سامراجي ملڪن ۽ قومن جون بيٺڪن مان پاڙون پٽجن، سندن ڦرلٽ جا بي پناهه وسيلا بند ڪجن، جن جي مدد سان سامراجي، پنهنجن هم قوم مزدورن کي پنهنجو دلال بنائي انقلاب جي راهه روڪيو ويٺا آهن.
مٿين ڳالهين مان ثابت ٿيو ته، قومي آزادي جون تحريڪون، عالمي اشتراڪي انقلاب جو هڪ اهم مورچو بنجي پيون آهن ۽ اهي تحريڪون اشتراڪي انقلاب جي ڪاميابي ۽ ڪامراني لاءِ نه صرف حالتون سازگار بنائي رهيون آهن، پر ان انقلاب اچڻ جو وڏو سبب پڻ بنجي رهيون آهن. موجوده دور ۾ قومي آزاديءَ جي تحريڪ، سوشلسٽ انقلاب جو رڳو اهم حصو نه رهي آهي پر هڪ خاص عرصي تائين انقلاب جو دارومدار ئي ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي قومي جدوجهد تي ئي ٿي پيو آهي. ان ڪري ئي ڪامريڊ لينن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته: “سوشلسٽ انقلاب رڳو ان دور ۾ ۽ انهن حالتن هيٺ اچي سگهي ٿو، جڏهن ترقي ڪيل ملڪن ۾ گهرو لڙائي ۽ پٺتي پيل نيم غلام ۽ پيڙهيل قومن جي آزاديءَ جي جدوجهد گڏجي هڪ ٿي وڃن.”
مارڪس ۽ اينگلس يورپ جي انقلابن جي تجربي کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو ته يورپ جي انقلاب کي مکيه هٿي ايشيا ۽ آفريڪا جي غلام ۽ اڌ غلام قومن جي آزادي جي جدوجهد مان ملندي ۽ اهي قومي جدوجهدون ئي يورپي بورجوازين جون پاڙون ڪمزور ڪري، اتان جي پورهيتن کي انقلاب آڻڻ لاءِ حالتون سازگار ڪري ڏينديون. ان ڪري ئي ڪامريڊ اسٽالن چيو آهي ته: “سرمائيداري جي اڳين دور ۾ قومي جدوجهد جمهوري جدوجهد جو هڪ اهم حصو هئي، پر هاڻ اها خود سوشلسٽ جدوجهد جو اهم حصو بنجي پئي آهي.” ان ڪري اڄ جي دور ۾ قومي تحريڪون سوشلسٽ انقلاب جو اهم مورچو آهن ۽ انهن کي زور وٺائڻ کان سواءِ سوشلسٽ انقلاب جي تڪميل ٿي نه ٿي سگهي.