باب چوٿون : سرگم جو ماءُ کي منجهائڻ
سرگم چيو: ”ماڻهو روئن ڇو ٿا؟“
”گوڪل پيءُ مري ويو آهي.“
”پوءِ ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”گوڪل پيءُ وري واپس ڪو نه ايندو.“ بينا چيو.
سرگم ڀت تي ٽنگيل آرسيءَ ۾ شڪل ڏسندي چيو: ”پرو به ويو ڪيڏانهن آهي؟“
بينا، جاري تان ڦڻوٽو کڻي هن جي سينڌ ڪڍندي چيو: ”چيم نه مري ويو آهي.“
سرگم نرڙ ۾ گهنج ٺاهي ڪجهه سوچڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ يڪدم پاسي واري گهر ۾ ويو ۽ پوءِ يڪدم موٽي آيو. ڀيڻ کي چيائين: ”بينا، گوڪل پيءُ اکيون ٻوٽي مري ويو آهي. اسين اکيون کولي مرنداسين.“
”ڇو؟“ بينا پڇيو.
”جيئن اسين ٻين کي روئيندو ڏسي سگهون.“ سرگم چيو.
”چريو!“ ايئن چئي بينا کلڻ لڳي.
سرگم جوش ۾ ٿورو لال ٿي چيو: ”ڇو، مان ڇو چريو آهيان. چريو ته گوڪل پيءُ آهي. هيترا ماڻهو روئن ٿا، تڏهن به اکيون نٿو کولي. مان روئان ته دادا مون کي کيل تي وٺي هلن. آئسڪريم کارائين. خرچي ڏين ۽ رات جو ڀاڪر پائي سمهارين. ڏس نه، گوڪل ڪيترو روئي ويٺو، پر هن جو پيءُ ته ڳالهائي به نٿو.“
سرگم جي ماءُ پاسي واري گهر ۾ ويئي هئي. اُها جڏهن آئي تڏهن سرگم پڇيس: ”ڀاڀي“ ماڻهو مرڻ کان پوءِ ڪيڏانهن ويندو آهي؟“
”سرگ ۾.“
”سرڳ ڪٿي آهي؟“
”آسمان ۾.“ ڀاڀيءَ چيو.
”آسمان ۾ ته سج، چند، تارا آهن، ۽ ڪڪر آهن، سرڳ ڪهڙي هنڌ آهي؟“ سرگم پڇيو.
”مون ٿورئي سرڳ ڏٺو آهي.“ ڀاڀيءَ چيو: مون رڳو ٻڌو آهي ته سرڳ آسمان ۾ آهي؟“
”ڀلا سرڳ ۾ ڇا ڇا هوندو آهي؟“
”دنيا ۾ جيڪي سٺيون ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، اُهي سڀ اُتي ٿينديون آهن. اُتي ڪنهن کي دک روڳ ٿئي ئي ڪونه. اُتي آرام ئي آرام آهي. تون پاڻي گهرندين ته شربت ملندءِ ۽ پئسو گهرندين ته رپيو ملندءِ. اُتي اسڪول به ڪو نه ٿين. ماڻهو رڳو گهمن ڦرن، نچن ڳائين.“
سرگم پڇيو: ”پوءِ ته گوڪل پيءُ مزي ۾ هوندو.“
”ها،“ ڀاڀيءَ جو.
”پوءِ جڏهن هو مزي ۾ آهي تڏهن هن جا مائٽ روئن ڇو ٿا؟“
سرگم بيوقوفن جهڙي شڪل بڻائي چيو: ”ماڻهو دک ڇو ٿا ڪن؟ نه نه پاڻ سرڳ ۾ نٿا وڃن؟“
ڀاڀيءَ ناراض ٿي چيو: ”سرگم تون ڏاڍو بڪبڪيو ٿي پيو آهين. ڀلا مان جيڪڏهن مري وڃان ته تون ڪو نه روئيندينءَ؟“
”ڀلا تون ڇو مرندينءَ ڀلا اڳ ۾ ڪڏهن تون مئي آهين جو هاڻ مرندينءَ.“ سرگم چيو: ”۽ ڀاڀي مون ٻڌو آهي ته سرڳ ۾ سونيون پينگهون به ٿينديون آهن، پر ان مان توکي ڪهڙو فائدو؟ پينگهن ۾ ته ٻار چڙهندا آهن، تون ته وڏي جيڪر گهر ۾ پينگهه ٺاهي نه لڏين؟، ۽ ڀاڀي ماڻهو سرڳ ۾ نچندا ڇو آهن. گوڪل، پيءُ ته ڪڏهن راڳ به ڪو نه ڳائيندو هو، اُهو ڪيئن اُتي نچندو.“
ڀاڀي چپ چاپ هن جو منهن تڪڻ لڳي.
سرگم چوندو رهيو، ”تون چوين ٿي اُتي اسڪول ڪو نه ٿين. اُن مان گوڪل پيءُ کي ڪهڙو فائدو؟
گوڪل پيءُ ته نوڪري ڪندو هو. ضرور اتي به نوڪري ڪندو. پر ڀاڀي، گوڪل پيءُ نوڪري ڪري، پئسا ڪندو ڪيڏانهن؟ هن جا مائٽ ته هتي آهن؟“
ڀاڀيءَ کيس ڇينڀ ڪڍي، ”چپ ڪر چريا.“
”مان چريو آهيان؟“ سرگم مشڪي چوڻ لڳو، ”ڀاڀي مان ته رڳو سرڳ جي باري ۾ پڇان ٿو“ ڪجهه هٻڪي چيائين، ”پر ڀاڀي جيڪي سرڳ ۾ ويندا آهن، اُهي ڪير هوندا آهن؟“
”تون ٻار آهين، اِنڪري ڪجهه سمجهي نٿو سگهين. جڏهن وڏو ٿيندين، تڏهن سمجهندين. هن دنيا ۾ جو ماڻهو چڱا ڪم ڪندو آهي، رڳو اُهو سرڳ ۾ ويندو آهي.“ ڀاڀيءَ چيو.
”ڀلا نرڳ ۾ ڪير ويندو آهي؟“
”لڱا ماڻهو!“
”ڀلا نرڳ ڇا آهي؟“ سرگم پڇيو.
”اُتي رڳو دک آهي. جيئن هتي گهوڙن کي چهبوڪ هڻبا آهن، تيئن اُتي ماڻهن کي چهبوڪ هڻبا آهن، جيئن اسين پاپڙ پچائيندا آهيون، تيئن اُتي ماڻهو کي پچائيندا آهن. مان سمجهان ٿو، گوڪل پيءُ شايد نرڳ ۾ ويو آهي، تڏهن ته هو روئن ٿا.“
پنهنجي معصوم پٽ جون اِهي ڳالهيون ٻڌي، ماءُ کي روئڻ اچي ويو. هن ڀريل آواز ۾ چيو: ”چپ ڪري اندر ڀيڻ سان وڃي راند ڪر، وات ڦاٽوڙو نه ٿي؟.“
سرگم ڪنڌ جهڪائي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو.