باب ڇهون : گهر مان ڀاڄ
سياري جي موسم ۽ آرتوار جو ڏينهن هو. سرگم ۽ بينا موڪل هئڻ سبب امرناٿ مندر ڏانهن هليا ويا. اُتي گهمي ڦري اڃا به اڳيان ويا، جو هڪ ننڍي باغ وٽ وڃي پهتا. باغ مان ڪجهه ميوو پٽي کاڌائون ۽ ڪجهه گل ڇني سنگهيائون. اتي هڪ ٻالڪ ويٺو هو جنهن هن کي ٻڌايو ته هتي پاسي ۾ هڪڙو کوهه آهي، جنهن جو پاڻي اونهاري ۾ ٿڌو ۽ سياري ۾ گرم هوندو آهي. اها ڳالهه ٻڌي سرگم ۽ بينا ٻئي ان کوهه ڏانهن ويا. کوهه جي ٻاهران هڪ نلڪو هو، جنهن مان کوهه جو پاڻي ٿي آيو. ٻنهي اٽڪل اڌ اڌ ڪلاڪ سنان ڪيو. پاڻي هو ته گرم، پر ٿڌ جي موسم هئي، ان ڪري گهر پهچڻ کان اڳ ئي بينا کي سيءُ تپ ٿي پيو. گهر آيا. ڌيءُ کي بيمار ڏسي سرگم پيءُ ڊاڪٽر کي وٺي آيو. ڊاڪٽر بينا کي سئي هڻي، دوا ڏيئي هليو ويو.
پر بينا چاڪ ڪا نه ٿي.
سرگم ڀيڻ جي پاسي ۾ ويهي هن جي منهن ۾ نهاريندو رهيو هو.
بينا چيو: ”سرگم... مان جيڪڏهن مري وڃان ته؟“
سرگم هن جي وات تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ نه چئه تون اڪيلي مرندينءَ!“
”هرڪو اڪيلو ته مرندو آهي.“ بينا چيو.
”پر اسين گڏ مرنداسين. اسين اکيون کولي مرنداسين.“
”سرگم... تون سچ پچ چريو آهين.“
”ڀلا ڪيئن؟“ سرگم پڇيو.
”تون ڪيڏي نه بَڪ بَڪ ٿو ڪرين... ماڻهو ڪجهه وقت چپ رهي ته سٺو.“
سرگم هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”بينا... مان جيترو ڳالهائيندو آهيان ان کان وڌيڪ سوچيندو آهيان، پر توکي ڪهڙي خبر ته مان ڇا سوچيندو آهيان؟ ٻڌاءِ، تون ميران ٻائيءَ جي مورت مان ڀڄن ٻڌندينءَ؟“
”ڀلا مورت ڪيئن ڳائيندي؟“
”ڀلا فوني تي رڪارڊ ڪيئن ڳائيندو آهي، رڪارڊ ۾ ٿورو ئي ڪير ويٺو هوندو آهي. رڪارڊ ۾ ته رڳو ليڪون هونديون آهن. پوءِ ميران ٻائيءَ جي فوٽي ۾ ته هزارين رنگين ليڪون آهن. ميران نه رڳو ڳائيندي، پر تنبورو به وڄائيندي. ناچ به ڪندي.“
”سچ!“ بينا چيو، ”ڀلا ڏسان“.
سرگم ڀت تي ٽنگيل ميران جي تصوير اڳيان وڄي بيٺو ۽ ان کي ٻئي هٿ جوڙي چيائين: ”ميران ڳاءِ!“
ڪجهه نه ٿيو.
”ميران تون ڳاءِ نه... مان توکي هٿ ٿو جوڙيان... پيرين ٿو چوان... تون ڳاءِ! ميران... ميران... ميران... تون ڳاءِ... تون ڳاءِ... ميران، تون ڳاءِ... توکي قسم آهي، تنهنجي تنبوري جو...“
ائين چئي سرگم اکيون بند ڪيون.
۽ اوڏي مهل سرگم کي معلوم ٿيو ڪوئي ڳائي رهيو هو. ها، ميران ٻائي ڳائي رهي هئي.
تيري مئن تو پريم ديواني.
ميرا درد نه جاني ڪوئي.
سرگم رڙ ڪري چيو، ”بينا! بينا! ميران ڳائي ٿي، ميران ڳائي ٿي!“ ائين چئي هو خوشيءَ ۾ ناچ ڪرڻ لڳو.
بينا چيو، ”اڙي بيوقوف اهو سر سوتيءَ جي گهر ريڊيو پيو وڄي.“
سرگم يڪدم ناچ بند ڪري، پٿر وانگر هڪ هنڌ بيهي رهيو. پوءِ ڌيان سان ريڊئي وارو راڳ ٻڌائين. پوءِ ميران ٻائيءَ جي مورت ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”چڱو تون ڀل اڄ نه ڳاءِ پر تون ويندينءَ ڪيڏانهن؟ مان پٽيءَ سان تنهنجي تنبوري جون سڀ تارون ڀڃي ڇڏيندس... پوءِ ته توکي ضرور روئڻ ايندو پوءِ ڏسجانءِ تنهنجي اکين مان ڪيئن نٿو پاڻي نڪري.“ ۽ پوءِ منهن سڄائي وڃي بينا جي پاسي ۾ ويٺو.
ڏينهن گذرندا رهيا. بينا چاڪ نه ٿي، جو ڊاڪٽر چيو ته هن کي شروع کان ئي نمونيا ٿي پئي آهي. هيءَ اُها بيماري آهي، جنهن ۾ ماڻهو مري به ويندو آهي. بيماريءَ ۾ ماڻهو لڇندو ڦٿڪندو آهي. بينا به لڇڻ ڦٿڪڻ لڳي. ڊاڪٽر دوا ڪندو رهيو، پر فائدو ڪو نه ٿيو.
هڪ ڏينهن سرگم ماءُ روئندي سرگم کي چيو ته بينا مري ويندي؟
سرگم بحث ڪو نه ڪيو. چپ چاپ پوڄا واري ڪمري ۾ هليو ويو ۽ وڃي ڀڳوان جي مورتيءَ اڳيان بيٺو. چيائين: ”ڀڳوان مون کي خبر آهي ته سڀني کي جنم ڏيڻ وارو ۽ مارڻ وارو تون آهين پر تون اسان کي جنم ڏينءَ ئي ڇو ٿو جيڪڏهن مارڻو اٿئي؟ تو ڪڏهن خود کي ماري ڏٺو آهي؟ نڪر مورت کان ٻاهر!... مون کي سڀ خبر آهي ته دنيا ۾ جيڪو ٿئي ٿو، تنهنجي چوڻ تي ٿئي ٿو... پر تون ته چورن جيان مورت ۾ لڪو پيو آهين ۽ پاڻ کي سرڳ جو راجا پيو سڏائين... بينا تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي، جو تون ان کي ماري رهيو آهين.. بينا تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي، جو تون ان کي ماري رهيو آهين.. ڪريون.. اهو ڏوهه تنهنجو آهي ان جي مار توکي ملڻ گهرجي.“
ٻئي ڪمري مان ماءُ پڇيس، ”پٽ ڪنهن سان ويٺو ڳالهائين.“
”ڀڳوان سان.“ سرگم چيو.
”چريو آهين ڇا؟“ ماءُ چيو.
”ڀڳوان سان رڳو چريا ڳالهائيندا آهن ڇا ڀاڀي؟“ سرگم چيو.
”چپ ڪر ڪتا!“ ماءُ چيو.
”مان ڪتو آهيان ڀاڀي؟ پر منهنجي شڪل ته ڪجهه ڪجهه ڀڳوان جهڙي آهي.“
سرگم ماءُ ڪمري ۾ هن ڏانهن ڌوڪي آئي. ڪن کان پڪڙي چيائينس: ”ڀڳوان سان گستاخي.“
”ڀلا تو منهنجي گستاخي ڇو ڪئي.“ سرگم ڪن ڇڏائي پڇيس.
”تون ڪهري باغ جي موري آهين.“ ماڻس رڙ ڪئي.
”ڀاڀي ڪڏهن چوين ٿي ته مان ڪتو آهيان ۽ ڪڏهن چوين ٿي موري آهيان. ڪڏهن تون چوندي آهين ته مان گلاب جو گل آهيان تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته مان آخر آهيان ڇا؟“
”گڏهه!“ ماڻهس چيو.
”گڏهه ٿوريئي اسڪول ويندا آهن پوءِ تون ڇو مون کي اسڪول موڪليندي آهين.“
”چپ ڪر... بينا بيمار آهي...“
ڀيڻ جو نالو ٻڌي سرگم ڀڳوان جي مورت ڏانهن نهاريو. پوءِ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو ۽ جڏهن ماڻهس به ٻاهر نڪري آئي، تڏهن هو وري ان ئي ڪمري ۾ گهڙي ويو. وري ڀڳوان کي چيائين: ”بينا کي بچاءِ.“
جواب ڪو نه آيو.
”نه ته باهه ۾ جلائي ڇڏيندوساءِ.“
وري به جواب ڪو نه مليو.
سرگم ڀڳوان جي مورت کڻي رنڌڻي ۾ هلي ويو. چلهه تي رکيل ديگڙي لاهي هن ڀڳوان جي ان مورتيءَ کي باهه ۾ وجهي ڇڏيو ۽ پوءِ يڪ ٽڪ ان مورتيءَ ڏانهن ڏسندو رهيو. ڪجهه وقت بعد هو ماءُ وٽ ويو ۽ پڇيئاين، ”ڀاڀي تو ڀڳوان ڏٺو آهي؟“
”ڇو؟“ ماڻهس پڇيو.
”ڀلا ڀڳوان ۽ ڀڳوان جي مورت ۾ تفاوت آهي؟“
”مگر ڇو؟“
”ڀڳوان جي مورت ته ٽڪي به ملندي آهي، سچو ڀڳوان گهڻي ملندو آهي؟“
”تون صفا نادان ٿي پيو آهين.“
”ڀلا سچو ڀڳوان رهندو ڪٿي آهي.“
”سرڳ ۾.“ ماڻهس چيو.
”تڏهن هن دنيا جو مالڪ ڪير آهي.“
”اهو به ڀڳوان آهي.“
”يعني ڀڳوان رهندو هڪ هنڌ آهي ۽ راڄ ٻئي هنڌ ڪندو آهي.“
ماءُ چپ چاپ هن جو منهن تڪيندي رهي.
”ڀلا بينا کي ڪير ٿو بچائي سگهي؟“
”ڀڳوان!“
”ته پوءِ ڊاڪٽر کي ڇو ٿا گهرايو؟“
”ڊاڪٽر جواب ڏيئي ويو آهي.“
”پر ڀڳوان کي ٻڌائيندو ڪير ته بينا بيمار آهي.“
”هن کي سڀ خبر آهي.“
”سڀ خبر اٿس، تڏهن به نٿو اچي، چڱو ڀاڀي ٻُڌ مون تنهنجي ڀڳوان کي جلائي ڇڏيو، هو ڪنن هوندي ڪجهه ٻڌي نه ٿو، اکين وندي ڪجهه ڏسي نه ٿو. رنڌڻي ۾ ڏسينس وڃين. جلڻ مهل الا به ڪو نه ڪيائين.“
ماڻهس رنڏڻي ۾ ڌوڪي ويئي ۽ مورت کي جلندو ڏسي موٽي اچي سرگم کي ورتائين، چماٽون ۽ لتون هڻي، سٽي رکيائينس. سخت مار کائڻ بعد سرگم گهور گهور ڪري ماءُ ڏانهن نهاريو. اڄ ماءُ جي شڪل روئڻ جهڙي نه هئي. اڄ ماءُ جي شڪل پتليءَ ماءُ جهڙي هئي. پتليءَ ماءُ، جنهن هن کي گلن پٽڻ سبب سخت مار ڏني هئي. سرگم اٿي کڙو ٿيو. چيائين: ”ڀاڀي مون کي خبر ڪو نه هئي ته ماستر ۽ پتليءَ ماءُ وانگر تون به ظالم آهين!..
ڀاڀي... مون کي ميران ٻائيءَ به ڪو نه ٻڌو ۽ ڀڳوان به ڪو نه ٻڌو... مان هن گهر ۾ هاڻ ڪو نه رهندس. منهنجي هن مار جو سبب ڀڳوان آهي. بيناجي بيماريءَ جو سبب به ڀڳوان آهي. مان هاڻ ڀڳوان وٽ ويندس. مان سڄي دنيا ۾ کيس ڳولهيندس، مان کيس مزو ڏيکاريندس، مون کي خبر آهي هو سرڳ ۾ رهندو آهي.“ ائين چئي هو وري رنڌڻي ۾ ويو. اُتان ڀاڄين وڍڻ وارو ڪپ کنيائين ته مان ڀڳوان کي ڏڪائي به بينا جي حياتي بچائيندس. ۽ پوءِ گهر مان ڀڄي ويو.
ماڻهس زور سان رڙ ڪئي، ”سرگم!“
سرگم ڊڪندي چوندو ويو، ”مان ڪتو آهيان؟ مون کي سڏ نه ڪر!“