باب ڏهون : سرڳ جي درشن
سرگم دل ئي دل ۾ ڪتي کي پنهنجو دوست سمجهيو هو، ان ڪري هن جي ڀڄي وڃڻ جي ڪري هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن کي ان وقت اها ڳالهه خيال ۾ آئي ته ماڻهن ۽ ڪتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ساڳي آهي ته: وڏا ننڍن کي مارين ٿا! پر ماڻهو ته ڪتا نه آهن، پوءِ ڇو ماڻهو ڪتن جهڙي هلت هلن ٿا؟ گل ته زمين مان نڪرندا آهن، پوءِ ڇو پتليءَ ماءُ اُنهن کي رڳو پنهنجا سمجهي ٿي ۽ ٻين کي حصو نٿي ڏئي؟ ڇو هوءَ مون کي ماري ٿي، جڏهن کيس خبر به آهي ته مون کي گل ڏاڍا پيارا لڳندا آهن؟ ڇو ته هوءَ وڏي آهي! ڇو جو گل هن جي گهر جي باغ ۾ پيدا ٿين ٿا... پر هن جو گهر ته زمين تي آهي ۽ زمين ته تمام وڏي آهي... ۽ زمين رڳو هن جي ٿوروئي آهي. اُها ته اسان سڀني جي آهي... دادا چوندو آهي ته ڌرتي اسان جي ماءُ آهي. اسين سڀ ان جا ٻار آهيون ۽ ماءُ جي نظر ۾ هر ٻار برابر آهي... پتليءَ ماءُ کي خبر ڪونهي؟ ضرور خبر هونديس. پر طاقت اٿس نه، ان ڪري لوڀ ٿيو هوندس... پر ننڍن کي مارڻ ته ڪتن جو ڪم آهي... چڱو، جڏهن به گهر ويندس ته پتليءَ ماءُ کي سمجهائيندس ته گل صرف انهن کي ملڻ گهرجن، جن کي گلن جي ضرورت آهي، توکي کپن ته تون به ٻه چار کڻ، پر هڪ ٻه مون کي، هڪ ٻه بينا کي، هڪ ٻه گوڪل ۽ هڪ ٻه سرسوتيءَ کي به ضرور ڏي... گوڪل منهنجو دوست آهي ۽ سرسوتي بينا جي ساهيڙي...
بينا!...
بينا بيمار آهي. ۽ مون کي سرڳ ۾ وڃڻو آهي. سرڳ ۾! ها، سرڳ ۾! مون کي سرڳ ۾ ڀڳوان وٽ وڃڻو آهي ۽ ان کان پڇڻو آهي ته دنيا ۾ دک ڇو آهي. ماڻهو بيمار ڇو ٿيا ٿين، ماڻهو فقير ڇو آهن، ماڻهو ڪتن جهڙا ڇو آهن... ۽ وري هن ۾ هڪ عجيب جوش پيدا ٿي ويو. هن جون مُٺيون ڀڪوڙجي ويون.
سرگم جي قميص نڪر کان ٻاهر نڪري آئي هئي. سيند ته ڪڍي ڪو نه هئائين. سڄو بدن ميرو ۽ چمپل هڪ هنڌان ڇڄي پيو هئس. سياري سبب سيءُ وڌي رهيو هو. هو جوش ۾ هو، اُن ڪري پهرين سيءَ جو اثر ڪو نه ٿيس، پر پوءِ ٿڌ ۾ ڏڪڻ لڳو. کيس بُک لڳي هئي ۽ اُڃ به لڳي هئي...
هو سڌو اسٽيشن تي آيو. اتي نلڪي مان پاڻي پيتائين. اُڃ ته لٿس پر بُک وڌي ويس. پيٽ ۾ ٿورو سور به پوڻ لڳس. هو اسٽيشن واري هوٽل وٽ وڃي بيٺو ۽ چلهه تي هٿ سيڪڻ لڳو. سيءُ گهٽ ٿيڻ لڳس، پر بک ويس وڌندي... کيس وري ڀيڻ جي يادگيري آئي. وري طاقت آيس.
هن زور سان رڙ ڪئي، ”ڀڳوان، تون ڪٿي آهين. مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. بک جي ڪري مان چڱيءَ طرح ڪجهه ڏسي نه ٿو سگهان. ڀڳوان تون ڪٿي مون کي ماريندي ڇا؟ آهه...“ ائين چئي هو ڦيراٽي پائي اتيئي ڪري پيو.
ماڻهو جمع ٿيندا رهيا.
امرناٿ ۾ گهڻو ڪري مزودر رهندا آهن ۽ مزورن ۾ گهڻو ڪري ٻڌي هوندي آهي. ان ڪري مزور پنهنجي حياتيءَ ۾ دک گهڻو ڏسندا آهن. ان ڪري ٻين جي دک کي محسوس به ڪري سگهندا آهن. سرگم پٽ تي ڪريو ته ڪيترائي مزور اُتي گڏ ٿي ويا. هڪ ٻه پوليس وارا، ڪوئي صاحب، بابو، ماستر به آيو، پر اهي مزور هئا، جي هن کي شهر جي ٻاهر واري پنهنجي دفتر کڻي ويا هن کي گرم بستري تي سمهاري هن کي مالش ڪيائون ۽ جڏهن سرگم اکيون کوليون، تڏهن کيس کير به پياريائون.
سرگم پڇيو، ”آخر توهان ڪير آهيو؟ توهان مون کي کير ڏيو ٿا، مان سمجهان ٿو، مان سرڳ ۾ آهيان، پر توهان جون شڪليون ته ڀوتن جهڙيون آهن. آخر مان ڪٿي آهيان؟ سرڳ ۾ يا نه نرڳ ۾...“
سڀ عجب ۾ پئجي ويا. انهن ۾ هڪ زال به هئي، جنهن کي ڳاڙهيءَ ڪنار سان اڇي ساڙهي پيئي هئي. ساڙهيءَ جو پلئه مٿي تي ڪو نه هئس ۽ ڊگها ڊگها گول گول وار ڪلهن تي هيڏانهن هوڏانهن پکڙيا پيا هئس. رنگ جي گوري، بدن ۾ ڪجهه ڀريل ۽ قد جي پوري پُني هئي. انهن ڪارن ماڻهن جي وچ ۾ هوءَ ائين لڳي رهي هئي جيئن ڪارن ڪڪرن جي وچ ۾ چنڊ لڳندو آهي.
سرگم هن کي ڏسي چيو، ”تون نيلم پري آهين؟“
اُن استريءَ کليو.
”لال پري آهين؟“ سرگم وري پڇيس.
هڪ مزور چيس، ”هوءَ اسان جي ليڊر آهي، اسين سڀ گڏجي سٺين ڳالهين لاءِ لڙندا آهيون، پر تون هن کي لال پري چئي سگهين ٿو. ڇو جو اسان سڀني جو خون لال آهي ۽ هوءَ ان خون کي هيمشه لال رکڻ لاءِ انهن ماڻهن سان لڙندي آهي، جي ظلم ڪندا آهن! ليڪن تون ته ننڍو ٻار آهين، تون منهنجون ڳالهيون سمجهين ٿو؟“
سرگم کلي چيو، ”منهنجو پيءُ چوندو آهي ته تون سوچ به گهڻو ۽ ڳالهاءِ به گهڻو. پڙهه به گهڻو ۽ کل به گهڻو ۽ مان پڙهندو به گهڻو آهيان، ۽ کلندو به گهڻو آهيان. بينا مون کان وڌيڪ کلندي آهي، پر هوءَ سوچيندي گهٽ آهي.“
”... بينا!...“ سرگم رڙ ڪئي، ”ڀڳوان ڪٿي آهي؟“
بينا!
هاڻ هوءَ استري اڳيان وڌي. چيائين، ”ڪهڙو ڀڳوان؟“
”جنهن سڀني کي جنم ڏنو آهي.“
”اسان کي جنم ڌرتيءَ ڏنو آهي.“ استريءَ چيو.
”ڀلا جيڪو اسان کي ماريندو آهي.“
”ماريندي رڳو بيماري آهي. يا ڪڏهن دک ماريندو آهي، ڪڏهن حادثو ماريندو آهي ۽ ڪڏهن ٻڍاپو ماريندو آهي.“ استريءَ چيو.
”ڀلا سرڳ ڇا آهي؟“ هن پڇيو.
”سرڳ هڪ ڀرم آهي.“ هڪ مزور چيو.
”۽ ڀرم ڇا آهي؟“ سرگم پڇيو.
”ڀرم ڪنهن ڪوڙي اثر کي چئبو آهي.“
”۽ ڪوڙ ڇا آهي.“ سرگم پڇيو.
”اها چيز يا ڳالهه جنهن جو ڪوئي وجود نه هجي.“
”۽ وجود ڇا آهي؟“ سرگم پڇيو.
”ڪنهن چيز يا ڳالهه جي هئڻ جو ثبوت.“
”۽ ثبوت ڇا آهي؟“ سرگم پڇندو رهيو.
”ڪنهن چيز يا ڪنهن ڳالهه جي هئڻ جو وشواس.“
”۽ وشواس ڇا آهي؟“
”اسين پنهنجي حواسن معرفت پنهنجي هر ڪا ڳالهه دماغ تائين پهچايون ٿا ۽ دماغ جنهن کي ٺيڪ هئڻ جي قبوليت ٿو ڏئي. اها قبوليت وشواس آهي.“
”مون ڪجهه نه سمجهو.“
”تون اڃا ٻار آهين. توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته پنهنجي پيءُ کان پڇج. يا اسڪول ماستر کان يا ڪنهن ٻئي هوشيار ماڻهو کان پڇج.“
ان گوري استريءَ اُن مزور جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”ساٿي!“
مزور چپ ٿي ويو.
سرگم وائڙو ٿي ويو ته هيءَ ڪهري دنيا آهي، جنهن ۾ رڳو همدردي ۽ قرب آهي. جتي لفظ به نوان آهن ۽ ڳالهيون به نيون آهن.
ان استري کان پڇيائين، ”ساٿيءَ جي معنيٰ ڀاءُ آهي نه؟“
”نه.“
”تڏهن ڪهڙي معنيٰ آهي.“ سرگم پڇيو.
”جيڪو ساٿ ڏئي، دک سک ۾ مدد ڏئي، ان کي ساٿي چئبو آهي.“ استريءَ چيو.
”ڏس ٻار، تون ڏاڍو ٿڪل آهين، ٿورو آرام ڪر. بُک لڳي اٿيئي؟“
۽ سرگم جڏهن ها ڪئي، تڏهن هن کي ماني کارائي ويئي. وري ٻيو دفعو کير پياريو ويس ۽ سرگم سوچڻ لڳو: هي ڪهرا ماڻهو آهن. وڏا آهن. تڏهن به مون کي مارين نٿا. پيار ڪن ٿا. گاريون نٿا ڏين. مون کي ڪتو، گڏهه، ڪجهه به نه نٿا چون... هو ساٿي آهن... هو مدد ڪندا آهن... واهه.... اڄ مون کي ڪيترو نه آنند اچي رهيو آهي. پر منهنجي ڀيڻ بينا...“
هڪ مزدور ان استري کي چيو، ”سمترا ديوي گاڏي اچي ويئي آهي، ڳوٺ ويندا؟“
سمترا ديوي بدلاپور پاسي هڪ ڳوٺ ۾ رهندي هئي. پڙهيل ڳڙهيل هئي. هن پنهنجي زندگي مزورن جي شيوا ۾ ارپڻ ڪئي هئي. هن جو مڙس به عوام جو شيواداري هو ۽ هو به جدا جدا بستين ۾ ڀٽڪندو هو. ٻنهي جي ملاقات يا دفتر ۾ ٿيندي هئي يا گهر ۾. هن جو مڙس ڪتاب لکندو هو ۽ ان مان جو ڪجهه ڪمائيندو هو، ان مان گهر هلائيندو هو.
هاڻ دفتر جي ٻاهران ڍڳي گاڏي اچي بيٺي هئي. سمترا مزورن جي شيوا يا انهن سان ڳوٺ ڳوٺ ۾ گڏجڻ لاءِ اڪثر ڍڳي گاڏيءَ ۾ ئي ايندي ويندي هئي.
سمترا ديويءَ سرگم کي شال اوڍي اچي ڍڳي گاڏيءَ ۾ وهاريو ۽ گاڏيءَ واري کي هلڻ لاءِ چيو.
دروازي تي بيٺل ساٿين مان ڪن سمترا ديوي کي سلام ڪيو ۽ ڪن نمسڪار ۽ پوءِ سڀني مشڪي سرگم ڏانهن نهاريو. سمترا ديويءَ سرگم کان پڇيو، ”منهنجي گهر هلندين؟“
سرگم ڪو به جواب نه ڏنو. هو گاڏيءَ ۾ ليٽي اکيون ٻوٽي سوچي رهيو هو. هوا ته ٿڌي لڳي رهي هئي، پر هن کي گرم شال اوڍيل هئي. ان ڪري ٿڌي هوا کيس بيحد وڻي رهي هئي. سندس پيٽ ڀريل هو ۽ چڱو کير پيتو هئائين ان ڪري بدن ۾ طاقت ۽ مغز ۾ فرحت محسوس ڪري رهيو هو.
ڍڳن جي ڳچيءَ ۾ پيل گهنگرن ۽ گاڏيءَ جي ڦيٿن جي مٺن چيچاٽن هوا ۾ بيتن جهڙو مزو ٿي ڀري ڇڏيو ۽ سرگم ائين محسوس ڪرڻ لڳو ته هو ڪوئي گيت ٻڌي رهيو آهي. ته ڪوئي ڄڻ هن جي پاسي ۾ ڳائي ويٺو. ڳائي هن کي سمهارڻ جي ڪوشش ڪري ويٺو. هن کي ننڊ ته اچي ٿي، پر هو سوچي ويٺو ته ڀڳوان هڪ بيت ته ڪونهي... ٿڌي هوا هجي ۽ ڍڳن جي ڳچيءَ ۾ گهنگرون هجي... ڪجهه ننڊ هجي ۽ ڪجهه جاڳ هجي... ڪٿي ليٽيو پيو هججي ۽ ڪوئي اڳيان ڇڪيندو پيو وڃي... اهي سڀ جڏهن هڪ هنڌ ملن ٿا، تڏهن هڪ بيت ٺهي ٿو.. اُهو بيت جنهن ۾ سرڳ جهڙو مزو آهي... سرڳ ۾ ماکيءَ جون نديون! ته ماڻهو سنان به کير سان ڪندا هوندا ڇا؟ فائدو... سونيون پينگهون ڇا ڪبيون... هٿن ۾ ڳنن جا نشان ٿي ويندا... مزو ته ان ۾ آهي ته سڀ هڪٻئي جا مددگار هجن. ماني هجي. کير هجي. قرب هجي. مسافري هجي. هوا هجي ۽ سچ ڳالهائڻ جي آزادي هجي... هتي اهو سڀ آهي ۽ ان ڪري سچو سرڳ اهو ئي آهي...
هن کي ننڊ اچڻ لڳي ۽ سمترا ديويءَ هن کي پنهنجي گود ۾ ليٽائي ڇڏيو. ٿوري دير بعد سمترا ديوي پڇيس، ”کيل تي هلندين؟ کيل جو نالو آهي ڀڳوان سري ڪرشن.“
سرگم اٿي ويٺو چيائين، ”ڀڳوان ڀڳوان!! ڪٿي آهي ڀڳوان؟...“
”ڇو ڇا ٿيو؟“ سمترا ديويءَ پڇيو.
”سرگم ڪو به جواب نه ڏيئي سئنيما گهر جي ٻاهران لڳل ڪرشن جي فوٽي کي جاچي ڏسڻ لڳو. هن دل ۾ چيو: اڄ رات جو گهر مان ڀڄي نڪرندس. توکي مزو ڏيکاريندس. ڀڳوان.“
۽ پوءِ وري سمترا ديويءَ جي گود ۾ سمهي پيو.