ٻاراڻو ادب

سرڳ جي ڳولها

سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ لکيل هن پهرين سنڌي ناول جو ليکڪ سدا حيات موهن ڪلپنا آهي. هي ناول پهريون دفعو 1958ع ۾ هند ۾ ڇپيو ان کانپوءِ 1981ع ۾ ان جو ٻيو ايڊيشن ڇپيو. سنڌ ۾ هي ناول 1989ع ۾ ڇپيو. هاڻي هي ڪتاب ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2696
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سرڳ جي ڳولها

باب اٺون : هڪ ساڌوءَ سان ملاقات

سرگم اڌ ڪلاڪ ۾ جبل واري بازار ۾ پهچي ويو، بازار ۾ چڱي چهل پهل مچي پيئي هئي. هو بيحد ٿڪل هو، کيس اُڃ به هئي ته بک به هئي. هو هڪ هوٽل ۾ هليو ويو ۽ يڪدم پاڻيءَ جا ٻه گلاس پي ويو ۽ پوءِ وري ٻاهر اچي سوچڻ لڳو ته هاڻ هو ڇا ڪري.
سامهون هڪ ڪنڊ تي، وڻ جي هيٺان هڪ ساڌو پلٿي ماري اکيون ٻُوٽي ويٺو هو. هن جي اڳيان ٿورو ميوو ۽ ڪجهه پئسا رکيا هئا. سرگم سوچيو: شايد مهاراج کي بک ڪونهي. پر هو اکيون پوري ڇا ٿو ڪري... چوندا آهن ته ڀڳوان پنهنجي ڀڳتن کي درشن ڏيندو آهي. ضرور هن کي به درشن ڏنو هوندائين.
هو يڪدم ساڌوءَ جي ڀرسان وڃي ويٺو ۽ آهستي چيائين، ”مهاراج.“ ساڌوءَ اکيون کوليون. ننڍي ٻار کي سامهون ڏسي، مسڪي چيئاين، ”چئه پٽ.“
”تون اکيون بند ڪري ڇا پيو ڪرين.“
ڀڳتي!
”ڪنهن جي ڀڳتي؟ ڀڳوان جي تو ڀڳوان ڏٺو آهي؟“
”ها پٽ، مون ڀڳوان ڏٺو آهي.“
سرگم يڪدم اُٿي، نڪر جي ساڄي کيسي ۾ (جنهن ۾ ڪپ پيو هو) هٿ وجهي چيو، ”ڪٿي آهي ڀڳوان؟“
ساڌو چيو، ”تون ئي ته ڀڳوان آهين“
”مان! مان! تون چريو آهين ڇا؟“ سرگم عجب مان چيو.
”مان به ڀڳوان آهيان. دنيا ۾ هر انسان، ڀڳوان جو هڪ روپ آهي.“
”تون ڏکي ٻولي ڇو ٿو ڳالهائين آخر دنيا ۾ گهڻا ڀڳوان آهن؟“
”جيترا ماڻهو آهن.“
”۽ سرڳ ڪٿي آهي؟“ سرگم پڇيو.
”اهو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي گهر ۾ آهي. سرڳ به اتي آهي ۽ نرڳ به اُتي آهي. تون چاهين ته گهر کي سرڳ (بهشت) بڻائي سگهين ٿو، چاهين ته نرڳ (دوزخ).“
”ڀلا سرڳ ۾ ته رڳو کير، مکڻ، ماکي، سون، گل، ديوتا، امرت، ناچ گانا ۽ الائي ٻيو ڇا ڇا هوندو آهي ۽ نرڳ ۾ ته ماڻهو باهين ۾ جلندا آهن. اسان جي گهر ۾ سرڳ ۽ نرڳ ڪٿي آهي... تون نقلي مهاراج ته نه آهين!“
ساڌوءَ کلي چيو، ”پٽ، ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو هوشيار ٿو معلوم ٿينءَ پر تون اڃان ٻار آهين. تون اڃا هن سنسار کي ڪو نه سڃاتو آهي. مٺا اڄڪلهه ٻين کي ته ڇا پر پاڻ کي به سمجهڻ مشڪل ٿي پيو آهي.“
سرگم کي ان جواب مان مزو نه آيو، چيائين، ”تون ميوو نٿو کائين!“
ساڌوءَ چيو، ”بک ڪونهي“
سرگم کيسي مان هٿ ڪڍي، هن جي پاسي ۾ ويهندي چيو ”ٿورو پنڌ ڪر بک لڳندءِ مون سان هلندين؟“
”ڪيڏانهن؟“
”سرڳ ۾.“ سرگم چيو.
ساڌو عجب ۾ پئجي چيو، ”پر سرڳ ڪٿي آهي؟“
”مون کي خبر هجي ها ته مان تو وٽ ڇو اچان ها.“ سرگم چيو.
سادو سرگم جو منهن تڪيندو رهيو.
”پر توکي ته خبر آهي... تون چوين ٿو ته مان خود ڀڳوان آهيان، پر منهنجو سرڳ ڪٿي آهي.. نه، تون ڪوڙو آهين.. مان وڃان ٿو.“ سرگم چيو.
”نه، ويهه... پهرين ٻڌاءِ تون ڪير آهين ۽ هتي ڇو آيو آهين. سچ ٻڌاءِ ڪٿي تون ڀڳوان ته ڪو نه آهين.. منهنجو امتحان وٺڻ ته، ڪو نه آيو آهين.“
سرگم کلڻ لڳو. آهستي چيائين، ”هاڻ تون ننڍڙن ٻارن جيان پيو ڳالهائين.“
ساڌوءَ کي شڪ پيو شايد سرگم ڀڳوان آهي، ڇو ته چوندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ڀڳوان ويس بدلائي پنهنجي ڀڳتن جي سامهون ايندو آهي.
هن چيو، ”نه تون سچ پچ ڀڳوان آهين، تون هڪ ٻالڪ جو روپ ڌاري مون وٽ آيو آهين. ٻڌاءِ مان تنهنجي ڪهڙي شيوا ڪريان. هي ڦل کائيندين.“
سرگم ها ڪئي.
ساڌو هن کي آهستي آهستي ڪري ميوو کارائڻ لڳو. سرگم مزي سان ميوو کائيندو رهيو. جڏهن ميوو کائي پورو ڪيائين، تڏهن ساڌوءَ کي مهرباني چيائين.
ساڌوءَ چيس، ”ٻي ڪا آگيا ڀڳوان؟“
”مان ڀڳوان ڪو نه آهيان ڀائي!“
”نه، تون آهين.“
”چڱو آهيان.“ سرگم چيو، ”ٻڌاءِ توکي ڇا کپي؟ ڇا تنهنجي به ڀيڻ بيمار آهي؟“
ساڌوءَ چيو، ”نه ڀڳوان، مون کي رڳو تنهنجو درشن ڪرڻو هو،سو ڪيم. ٻڌايو هاڻ مان ڇا ڪريان.“
”ٻڌ!“ سرگم به چئي ڏنو، ”هميشه سچ ڳالهاءِ. ڪنهن کان ڊڄ نه. جيڪا ڳالهه ٺيڪ سمجهين ڪندو رهه. دکين کي مدد ڪر ۽ ها... ٻارن سان هميشه پيار ڪر... ڪنهن ٻار کي چريو نه چئَه... ٻار به سمجهدار ٿيندا آهن.“
ساڌو يڪدم اُٿي بيهي، سرگم کي هنج ۾ کڻي ناچ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زور زور سان چلائڻ لڳو: مون کي ڀڳوان ملي ويو. مون کي ڀڳوان ملي ويو. هه هه هه هه ها... مون کي ڀڳوان ملي ويو...
بازار جا ماڻهو هلندي هلندي هڪ هنڌ پهچي ويا ساڌوءَ ڏانهن عجب وچان نهاريائون ۽ پوءِ هن ڏانهن وڌيا. ساڌوءَ سرگم کي هنج مان هيٺ لاهي، پنهنجي ڏاڙهيءَ کي لوڏيندي چيو، ”ڀائرو ڇا توهان ڀڳوان کي ڏسڻ چاهيو ٿا.“
سڀني زالن مردن هڪ ئي آواز ۾چيو، ”ها“
”پر اِن لاءِ هڪڙو شرط آهي.“ ساڌوءَ چيو.
”ڪهڙو!“ ماڻهن پڇيو.
”توهين سڄي حياتي سچ ڳالهائيندا. ڪنهن کان ڊڄندا ڪو نه. دکين کي مدد ۽ ٻارن کي پيار ڪندا.“
”ها.“ ڪيترن ئي ماڻهن چيو.
پر ساڌو ڪجهه چوي، ان کان اڳئي سرگم ميڙ مان نڪري ويو. هن اوڏي مهل ان مائيءَ کي ڏٺو، جنهن کيس رات ماني کارائي هئي ۽ پنهنجي گهر سمهاريو هو. مائيءَ به کيس ڏٺو، پر اڳيان وڌي ڪا نه، جو کيس ساڌوءَ جي ڳالهه ٻڌڻي هئي. ۽ سرگم سوچڻ لڳو هي ساڌو بيوقوف آهي ماڻهو به بيوقوف آهن. ڪنهن به ڀڳوان کي ڏٺو ڪونهي ۽ تڏهن به ڀڳوان کي مڃين ٿا!
ساڌو چيو، ”اجهو، هيءُ آهي ڀڳوان،“ ائين چئي هن هيٺ نهاريو. پر سرگم هو ئي ڪونه، ”اهو ڏسي سادو پريشان ٿي ويو ۽ ماڻهن چوڻ شروع ڪيو.“ ڪٿان جو پئسا ڪمائڻ جو نئون نمونو! ”هي ساڌو ڪونهي ڪوئي ٺڳ آهي.“
ساڌو چيو، ”مون تي اعتبار ڪريو. اجهو اڃان هينئر هتي بيٺو هو.“
اوڏي مهل هن مائيءَ ڳالهايو، ”اڙي هو ٻار ڇا، جنهن کي سرڳ وڃڻو هو.“
ساڌوءَ رڙ ڪري چيو، ”ها، اهو ئي ڀلا هو ڇا اسان ماڻهن سان نرڳ ۾ رهندو؟“
مائي به زور سان چيو، ”اڙي رات هو ڏاڍو بکايل هو. رات مون ماني کارائي مانس. کٽ تي ڪمبل وجهي سمهاريو مانس، پر صبح جو اکيون کولي ڏسان ته هئو ئي ڪونه. ڀلا ڀڳوان جو ٿيو. انتر ڌيان ٿي ويو هوندو. اڙي اڃان هينئر هتي بيٺو هو. ڏسو وري به انتر ڌيان ٿي ويو.“
اُتي هو فقير به بيٺو هو. ان چيو، ”ها، هو مون وٽ به آيو هو. مون کي ڪيتريون صلاحون ڏنائين، مگر مون ٻڌومانس ئي ڪونه. مون پئسو گهريو مانس ته چيائين هڪ پئسي مان ڇا ڪندين. مون کان پڇيائين: سرڳ ۾ هلندين، مون چيومانس: نه... اڙي مان ته لٽجي ويس... برباد ٿي ويس...“ ائين چئي هو روئڻ لڳو.
هاڻ ڪن ماڻهن زور سان چوڻ شروع ڪيو، ”اسين به اڀاڳا آهيون اسان جو ڀڳوان بکايل... اسين ته پاڻ بک مري به هن کي کارايون ها!“
۽ سرگم اتان ڀڳو. هن کي هنن ماڻهن کان ڪراهت اچي ويئي. چيائين: هي عقل جا دشمن آهن. اهو به ڪو نه ٿا سوچين ته جو خود ڀڳوان جي ڳولها ۾ آهي، اهو خود ڀڳوان ٿي ٿو سگهي... مان جيڪڏهن ڀڳوان هجان ها ته اُڏامي ڪو نه سگهان ها؟ پوءِ بينا بيمار ئي ڇو ٿئي ها... مان ته پنهنجي طاقت سان سڀني کي سُٺو، سکيو ۽ تندرست ڪري ڇڏيان ها... پر خير! جو ٿيو، سو ٿيو... هان اڃا به مون کي اڳيان وڃڻو آهي. پهرين هيٺ لهڻو آهي ۽ پوءِ وري اڳيان وڃڻو آهي. مون کي سرڳ کي ڳولهڻو آهي. منهنجي کيسي ۾ اڃا به ڪپ پيو آهي ۽ اهو مان ڀڳوان کي ڏيکاري چوندس: ڀڳوان بينا کي ٺيڪ ڪر. ماڻهن کي دُکي نه ڪر... انهن کي عقل ڏي ته هو توکي سڃاڻي سگهن!