ٻاراڻو ادب
سرڳ جي ڳولها
سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ لکيل هن پهرين سنڌي ناول جو ليکڪ سدا حيات موهن ڪلپنا آهي. هي ناول پهريون دفعو 1958ع ۾ هند ۾ ڇپيو ان کانپوءِ 1981ع ۾ ان جو ٻيو ايڊيشن ڇپيو. سنڌ ۾ هي ناول 1989ع ۾ ڇپيو. هاڻي هي ڪتاب ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي.
- 5.0/5.0
- 2696
- 878
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سرڳ جي ڳولها“ اوهان اڳيان حاضر ڪجي ٿو. سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ لکيل هن پهرين سنڌي ناول جو ليکڪ سدا حيات موهن ڪلپنا آهي.سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي کوڙ ماڻهو اسان ڏانهن خط ۽ برقي نياپا موڪلي رهيا آهن ته ٻارن لاءِ وڌيڪ ڪتاب اپلوڊ ڪيو. موهن ڪلپنا جو هي ناول ان طرف هڪ وک آهي. ٻاراڻي ادب جو اسان جي لکڻ ۽ پڙهڻ سان گڏ شعوري سوچ جي اوسر ۾ اهم ڪردار رهي ٿو.
هي ناول پهريون دفعو 1958ع ۾ هند ۾ ڇپيو ان کانپوءِ 1981ع ۾ ان جو ٻيو ايڊيشن ڇپيو. سنڌ ۾ هي ناول 1989ع ۾ ڇپيو. هاڻي هي ڪتاب ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي. لک ٿورا پياري مور ساگر جا جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون ناري پبليڪيشن جي سائنڻ نذير ناز جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ موھن ڪلپنا
- ڇپيو ويو 2016
- ڇپائيندڙ ناري پبليڪيشن حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 30/Oct/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 878 ڀيرا