باب ستون : سرڳ جي ڳولها
سرگم ماءُ پڇتائڻ لڳي. هن فيصلو ڪيو ته اڳتي سر کي ڪڏهن ڪا نه ماريندي. ڇو ته مار، ٻار کي سنوارڻ بجاءِ بگاڙيندي آهي. ٻارن ۾ جيڪڏهن چڱا لڇڻ وجهجن ته، نه هو شرارتون ڪن، نه مار ڏيڻ جي نوبت اچي. ۽ نه هو گهر مان ڀڄن. شرارتون ته ڀڳوان به ڪندو هو. ڪرشڻ گوپين جا مٽڪا ڀڃندو هو. گوپين جي گهر وڃي مکڻ کائيندو هو. اڪيلو نه کائيندو هو، دوستن کي به کارائيندو هو. پر هن جون شرارتون وڻندڙ هونديون هيون. مگر سرگم جون؟ سرگم ماءُ سوچيندي رهي ته آخر سرگم ڪهڙو گناهه ڪيو هو. ڀڳوان جي مورتي جلائي هئائين نه؟ پر سوال آهي سرگم ائين ڇو ڪيو؟ پنهنجي ڀيڻ لاءِ ڪيائين... ۽ مون اهڙي ابهم کي مار ڏني... مان ماءُ نه، ڏائڻ آهيان... ماءُ جو ته فرض آهي ته ٻار کي سنڀال سان رکي. هن کي پيار ڪري. ڪڏهن اک به ڏيکاريس، پر ڪاساين جيان ماريس نه... منهنجو سرگم ڪٿي هوندو... اڄ ته هن هڪ پئسو به ڪو نه خرچيو آهي. بک لڳي هوندس. ويٺو ماڻهن جون شڪليون ڏسندو هوندو...
بينا کي جڏهن هوش آيو، تڏهن هن پهريون سوال اهو ڪيو، ”ڀاڀي سرگم آيو.“
ماءُ سوچڻ لڳي ته ڪهڙو جواب ڏئي، آخر ۾ چيائين ”آيو هو، کيس پڻهي ناناڻي گهر وٺي ويو آهي. سرگم پي چيو جڏهن تون چاڪ ٿي ناناڻي گهر ويندينءَ، تڏهن ئي پوءِ هو هتي ايندو.“
بينا رڙ ڪري چيو، ”ڀاڀي تڏهن مان ضرور چاڪ ٿينديس. ڀاڀي مان ڪا نه مرنديس. ڀاڀي مان سرگم لاءِ جيئري رهنديس.“
سرگم پيءُ جڏهن نراش ٿي موٽيو، سرگم ماءُ کيس ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويئي. پڇيائين ”سرگم جو پتو پيو؟“
”نه!“
تڏهن سرگم ماءُ کيس روئندي ٻڌايو ته هن بينا سان ڪهڙو ڪوڙ ڳالهايو هو. ٻئي ويچار پئجي ويا.
ٻئي ڏينهن سرگم پيءُ سڄي سنڌو نگر جي خاڪ ڇاڻي، پر سرگم جو پتو ڪو نه پيو. بمبئي وڃي مائٽن وٽ جاچ ڪيائين، مگر تڏهن به کيس ڪجهه خبر نه پيئي.
تڏهن سرگم ڪيڏانهن ويو؟
سرگم گهر مان سڌو امرناٿ جي مندر ڏانهن ڀڳو.
پر اتي پهچي اڃان به اڳيان ڀڳو. هن ائين پئي سمجهيو ته ڄڻ ڪو ئي هن جي پٺيان ڪاهي پيو آهي.
هو روئندي ڊڪندو ٿي ويو ۽ ڊڪندي سوچيندو ٿي ويو، سڀ مون کي مارين ٿا! ڇو؟ ڇو جو مان ننڍو آهيان!
ڇو جو مان ڊڄان نٿو ۽ جيڪا ڳالهه دل ۾ اچي ٿي، اها چئي ٿو ڏيان! ماڻهو مون تي کلندا آهن، چريو چوندا آهن.
۽ چاڪ به هڻندا آهن... ڇو ته مان روز روز راڳ ڳائڻ پسند نٿو ڪريان! ڇو ته مان گل پٽيندو آهيان... ڇو جو مان درياهه تي گهمڻ ويندو آهيان... ڇو ته مان ڀڳوان سان گستاخي ڪندو آهيان.
ڀڳوان! ڀڳوان ڪٿي آهي؟ سرڳ ۾! سرڳ ڪٿي آهي؟ آسمان ۾! پر آسمان وڏو آهي مون کي کنڀ ته آهن ئي ڪو نه جو مان پکين جيان اُڏامي سگهان، هوائي جهاز به ڪو نه آهيان مان ته هڪ ٻار آهيان مگر مون کي سرڳَ جي رستي جي خبر ڪونهي. پر سرڳ هوندو ضرور سڀ جو چوندا...“
اوچتو هو رستي تي بيهي رهيو. هن بابا حاجي ملنگ جي جبل ڏانهن نهاريو. جبل آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن سوچيو: هي جبل ته آسمان سان مليو پيو آهي. شايد اِن جبل جي چوٽيءَ تي ئي سرڳ ڏانهن وڃڻ جو رستو هوندو... ۽ پوءِ هو حاجي ملنگ جبل ڏانهن ڊڪڻ لڳو. سنجها ٿيڻ تائين هو جبل تائين پهچي ويو ۽ جڏهن اَڌ جبل چڙهي به ڏسڻ ۾ نه اچڻ لڳو.
ٿورو مٿي، جبل تي هڪ ننڍو ڳوٺ ۽ هڪ بازار هئي. اُتان ڪجهه روشنيءَ کي ڏسي اڃا به مٿي چڙهڻ لڳو. بازار ۾ پهچي هن ڏٺو ته هتي به اهڙا ماڻهو هئا جهڙا سنڌو نگر ۾ هئا! هن کي بک لڳي هئي، پر هن وٽ هڪ پئسو به ڪو نه هو. هو ننڍڙو ٻار... دل ننڍي ڪري هڪ هوٽل جي سامهون وڃي بيٺو. هوٽل جي پاسي ۾ هڪ جهوپڙي هئي، جتي هڪ جوان زال ويٺي هئي. سرگم کي اڌ ڪلاڪ هڪ هنڌ بيٺل ڏسي هوءَ هن ڏانهن وڌي آئي ۽ کانئس پڇيائنس، ”تون ڪير آهين؟“
”مان! مان سرگم آهيان!“ سرگم آهستي ڇا تي تاڻيندي چيو.
”تون ڪيڏانهن تو وڃين!“ مائيءَ پڇيس.
”وڃان ڪونه ٿو هتي بيٺو آهيان!“ سرگم چيو.
”گهر.“
”تون هتي اڪيلو آيو آهين؟“ مائي پڇيس.
”ها!“ سرگم چيو.
”ڇو؟“
”مون کي ڀڳوان وٽ وڃڻو آهي.“
مائي عجب ۾ چيس، ”ڀڳوان وٽ ڇو؟“
سرگم ڪاوڙ مان چيس، ”تون منهنجي ماءُ ٿورو ئي آهين جو ايڏا سوال ٿي ڪرين؟“
مائيءَ جي دل ڀرجي آئي. پڇيائينس، ”گهر مان ڀڄي آيو آهين؟“
”ها!“
”ڇا جي لاءِ؟“
”مون کي بک لڳي آهي...“ سرگم ڳالهه ڦيرائي ڇڏي.
مائي کيس پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وٺي وئي ۽ کيس پيٽ ڀري ماني کارايائين. سرگم ماني کائي اتي ئي سمهي پيو. صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿيو، تڏهن اُٿڻ کان اڳ ئي چيائين، ”ڀاڀي چانهه تيار آهي.“ پر اکيون کولڻ بعد وائڙو ٿي ويو. کيس سڀ ڪجهه ياد اچي ويو. هن جهوپڙيءَ ۾ چوطرف نهاريو. هن مائي کي ننڊ هئي. ان مائيءَ جي کٽ تي هڪ مرد سمهيو پيو هو. شايد اهو هن جو مڙس هوندو. پر سرگم جو ان سان ڪهڙو واسطو... هو چپ چاپ جهوپڙيءَ مان ڀڄي نڪتو.
ٻاهر تازي هوا لڳي رهي هئي ۽ روشنيءَ ۾ کيس خبر پيئي ته هو ڌرتيءَ کان ڪيڏو نه مٿي هلي آيو هو. پر هن کي ته اڃان مٿي وڃڻو هو ۽ هو مٿي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هو ٿورو اڳيان وڌيو جو هڪ فقير چيس:
”پٽ، هڪ پئسو ڏي!“
”پئسو! پئسو تون ڇا ڪندين، پئسي مان توکي ڇا ملندو؟“ سرگم عجب وچان پڇيس.
”پئسو پئسو گڏ ڪري مان رپيو ڪندس. رپيو گڏ ڪري مان به ماني کائيندس ۽ منهنجي بيمار زال به ماني کائيندي.“
سرگم چيس، ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! توکي جي حياتي پياري هجي ها ته پنين نه ها.“
”مان مجبور آهيان پٽ!“ فقير چيو.
”مجبور! مجبور جي معنيٰ لاچار آهي نه؟ ڏس مان ڪيڏو نه ننڍو آهيان، پر مان ڀڳوان سان وڙهي سگهان ٿو. تون به هل نه مونسان به ته ٻارهن ٿينداسين تون ڀڳوان کان پُڇج ته هن توکي فقير ڇو ڪيو آهي.“
”ڇوڪرا تون چريو آهين...“
چريو! اهو ئي لفظ: چريو!!
سرگم مٺي آواز ۾ چيو، ”مان ته تنهنجي ڀلائيءَ لاءِ چئي رهيو هئس، تون جيڪڏهن پنهنجي ڀلي لاءِ نه وڙهندين ته سڄي حياتي رڳو پيو پنندين.“ ائين چئي سرگم اڳيان وڌي ويو.
سرگم سمجهي ويو ته ماڻهو هميشه دکي صرف تڏهن رهن ٿا، جڏهن هو دک سهڻ تي هري وڃن ٿا ۽ دک کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن! پر مان دک نه سهندس! مان لڙندس مان لڙندس مان ڀڳوان سان لڙندس!
۽ پوءِ هو مٿي وڃڻ لڳو. رستو ننڍو ٿيندو ويو. ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪير اتان ڪري ته شايد هڪ هڏي به سلامت نه بچيس. پر هو چڙهندو رهيو ۽ ائين ٻن ڪلاڪن جي پنڌ بعد مٿي پهچي ويو.
سياري سبب گرمي ڪو نه هئي. هو جبل تي پهچي عجب ۾ پئجي ويو. آسمان ته اڃا به مٿي هو. جبل تي ڏاڪڻ ته هئي ڪو نه. تڏهن سرڳ ۾ ڪيئن وڃبو؟ هن پنهنجون ٻئي ٻانهون مٿي ڪيون ۽ فيصلو ڪيو ته اڄ مان ضرور مٿي اُڏامندس. هنومان ڪو نه اُڏاميو هو! هن هوا ۾ ٽپو ڏنو، پر تڏهن به اُڏامي ڪو نه سگهيو. هن ٻه ٽي ٻيا به ٽپا ڏنا، پر وري به رڳو ڪري ئي پيو، هن جي دل ڀرجي آئي ۽ هو روئڻ لڳو.
هن کي گهر جي ياد آئي... دادا مون کي ڳولهيندو هوندو... ڀاڀي روئندي هئي! ۽ بينا... بينا بيمار آهي ۽ مون کي بينا جي حياتي لاءِ ڀڳوان سان لڙڻو آهي.
هو وري اُٿي بيٺو ۽ آسمان ڏي نهاريائين ۽ پوءِ کيسي مان ڪپ ڪڍي زور سان چيائين ”ڀڳوان مان توکي ڏسي رهندس. مان فقير وانگر ڊڄڻو ڪو نه آهيان! مان بهادر آهيان آخر تون ويندين ڪيڏانهن؟ نيلم پري، تون ڪٿي آهين؟ لال پري تون ته ٻارن کي پيار ڪندين آهين. توهان ڪٿي آهيو؟... مون کي ته هتي هڪ به ڀڳوان، هڪ به ديوتا، هڪ به پري ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي!... ڀاڀي آکاڻين ۾ پرين جون ڳالهيون ٻڌائيندي آهي. ڇا اهي آکاڻيون ڪوڙيون آهن؟ پر ڀڳوان ضرور هوندو. نه ته هيءَ دنيا ڪيئن ٺهي؟ ڀڳوان ڪلهه مون تنهنجي بي عزتي ڪئي هئي، مون کي معاف ڪر، مگر تون مون کي پنهنجي شڪل ڏيکار! نه، تنهن جو قسم توکي ڪپ ڪو نه ڏيکاريندس. اهو تڏهن ڏيکاريندس، جڏهن تون ڳالهه نه مڃيندس، پر تون اچ نه. اچ نه ڀڳوان؟ تون ڪٿي آهين مان توکي ڪٿي ڳولهيان، تنهنجي سرڳ جو رستو ته مون ڏٺو ڪونهي... پر مان ايندس... مان تو وٺ ضرور ايندس.“ ائين چئي هو جبل تان هيٺ لهڻ لڳو.