ٻاراڻو ادب

سرڳ جي ڳولها

سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ لکيل هن پهرين سنڌي ناول جو ليکڪ سدا حيات موهن ڪلپنا آهي. هي ناول پهريون دفعو 1958ع ۾ هند ۾ ڇپيو ان کانپوءِ 1981ع ۾ ان جو ٻيو ايڊيشن ڇپيو. سنڌ ۾ هي ناول 1989ع ۾ ڇپيو. هاڻي هي ڪتاب ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2696
  • 878
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سرڳ جي ڳولها

باب نائون : ڪتي سان دوستي

سرگم سڄو ڏينهن ڀٽڪندو رهيو. پهرين هن کي جبل جي پٺيان وڃڻ جو خيال آيو. ڇو جو ڪنهن ٻُڌايس ته اتي هڪ شينهن کي رڳو کيلن ۾ ڏٺو هو، سو سوچيائين ته جيڪڏهن ڪنهن وڻ تي چڙهي لڪي لڪي ان کي ڏسان ته... پر پوءِ خيال آيس ته پهرين سرڳ کي ڳولهڻو آهي. شينهن کي ته پوءِ به ڏسي سگهندس.
رستي تي هن کي هڪ ڪتو مليو. ڪتو هن ڏانهن چتائي نهاري رهيو هو. هو به ڪتي ڏانهن ٽڪٽڪي لڳائي ڏسڻ لڳو. ماءُ هن کي ڪتو چيو هو. پر ڪتي جي شڪل ڪيڏي نه ڦريل آهي. وڏا گندا ڏند... چار ٽنگو... پُڇ... ڀڳوان ڪتا ڇو پيدا ڪيا آهن... هو سوچڻ لڳو... ها، ڪتا چورن کي ڀڄائيندا آهن... ڀلا ڀڳوان چور ڇو پيدا ڪيا آهن... ڀلا چور چوري ڇو ڪندا آهن؟
مون کي ته هڪ سوال جو جواب نه ٿو اچي. مان ٽيون سنڌي پڙهندو آهيان. مون کي ڪيترا بيت ياد آهن. سائين چيو، مان سڀني ٻارن ۾ سمجهدار آهيان، پر سائين کي اها ڪهڙي خبر ته مون کي اها به خبر ڪونهي ته ڀڳوان ڪتا ۽ چور ڇو پيدا ڪيا آهن...
سرگم ڏٺو ته ڪتو هاڻ پڇ لوڏي رهيو هو. سرگم کي خبر هئي ته جيڪي ڪتا پڇ لوڏيندا آهن سي چڪ نه پائيندا آهن. سو هو ڪتي ڏانهن وڌيو. ڪتو ٿورو پٺيان هٽي آهستي ڪيڪڙائڻ لڳو... سرگم ڏٺو ته هن جي پوئين ٽنگ مان رت وهي رهيو هو. هن يڪدم قميص لاٿي. قميص لاهي گنجي لاٿي. اُها گنجي ڪتي جي ٽنگ کي ٻڌائين ۽ پوءِ قميص پائي مشڪي ڪتي ڏانهن نهاري اڳيان وڌڻ لڳو.
سرگم اڳيان وڌي پويان نهاريو. ڏٺائين ڪتو به هن جي پويان اچي رهيو هو. سرگم بيهي رهيو ته ڪتو به بيهي رهيو. سرگم کي کل اچي ويئي. کلي هو اڳيان وڌيو ته ڪتو به وڌيو.
سامهون هڪ جهوپڙيءَ جي ٻاهران هڪ ساڌو ٻيڙيءَ مان سوٽا هڻي رهيو هو. ان ساڌوءَ کي ڏسي، سرگم کي جبل واري ساڌوءَ جي ياد آئي، جنهن هن کي ڀڳوان سمجهيو هو. جنهن ساڌوءَ جو اهو خيال هو ته ڀڳوان ويس بدلائي پنهنجن ڀڳتن ڏانهن ايندو آهي. سرگم مشڪي، هڪ هنڌ بيهي، ڪتي ڏانهن نهاري چيو، ”ساڌو مهراج ڀل مون کي ڀڳوان سمجهي، مگر مان توکي ڀڳوان نٿو سمجهان. جيڪو ڀڳوان سرڳ ۾ ڪتن کي نه رکندو آهي، اُهو ڪتي جو ويس پائي نٿو سگهي.“
هاڻ ڪتو هن جي گوڏن ۾ منهن لڪائڻ لڳو.
سرگم وري به اڳيان وڌيو. ڪتو به وڌيو ۽ ائين ٻئي هلندا رهيا. سرگم کي هڪ رٿ سجهي آئي. اڳيان هلي هو هڪ وڻ تي چڙهي ويو. سمجهيائين ته ڪتو بيهي بيهي هليو ويندو، پر ڪتو بيٺو رهيو. سرگم وڻ تان هيٺ لهي آيو.
ڪتي ڏانهن عجب وچان نهاري وري هو اڳيان وڌيو. ڪتو سندس اوٽ وٺندو رهيو. آخر ۾ سرگم کي ڪاوڙ لڳي. رڙ ڪري چيائين، ”تون ته سچ پچ ڪتو آهين! توکي خبر ڪونهي ته مان ڪيڏانهن ٿو وڃان ۽ پڇ لوڏيندو پيو منهنجي پٺيان اچين! عجب مان عجب مان منهنجو ٻوٿ ڇا ٿو تڪين. نه، مان ته وڃان ٿو سرڳ ۾! مان آهيان انسان، پنڌ ڪندو ويندس، پر تون ٿڪجي ڪو نه پوندين! ۽ ها، توکي سرڳ ۾ اچڻ به ڪو نه ڏيندا... تون ڪتو آهين نه... تون رڳو چورن لاءِ آهين ۽ چور رڳو نرڳ ۾ هوندا آهن... منهنجي جند ڇڏ...“
ڪتو ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو، پر سرگم کي عجب لڳو جو هن پهرين ته رڙيون ڪري ڳالهايو هو، پر پوءِ هن جو آواز ڍلو پوندو ويو. هن کي سوچڻ جي عادت هئي ۽ هو سوچڻ لڳو: ائين ڇو؟... پر هن دفعي هن کي ان جو جواب ملي ويو ته مون کي ڪتي سان همدردي آهي نه، اِن ڪري. ڀاڀي به جڏهن اڳي پهرين پهرين وڙهندي هئي ته رڙيون ڪندي هئي، پر پوءِ هن جو آواز گهٽجي ويندو هو. پر مان ته ڀاڀيءَ جو پُٽ آهيان، هيءُ ڪتو منهنجو ڪير ٿئي...
هو هيٺ جهڪي ڪتي جو منهن پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ آڻي چوڻ لڳو، ”ٻڌاءِ، تون منهنجو ڪير آهين؟ ڀاڀي ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڪتو چوندي آهي، ڇا منهنجي شڪل به ڪجهه ڪجهه تو جهڙي آهي... تنهنجو گهر آهي؟ تون ماني کائيندو آهين... پر تنهنجي شڪل روئڻ جهڙي ڇو آهي... توکي ٽنگ ۾ سور آهي نه... توکي ضرور ڪنهن پٿر هنيو هوندو... ائين ته مون به ڏاڍيون مارون کاڌيون آهن، پر مان هميشه ٿوروئي روئيندو آهيان. هميشه ڪوشش ڪندو آهيان ته نه روئان... ڀلا بهادر ڪو روئندا آهن... چريا، تون ته ڪتو آهين، تون ته ڄائي ڄم کان بهادر آهين، تون ڇو ٿو روئين... چڱو هل مون سان... تون سرڳ جي دروازي وٽ بيهي ڀڳوان کان رڙ ڪري پڇجانءِ ته ڀڳوان توکي ڪتو ڇو بڻايو آهي... مون فقير کي چيو ته تون ڀڳوان وٽ هل، پر هو هليو ئي ڪونه... ڀلي نه هلي. تون هل. رستي تي ڪو گڏهه مليو ته ان کي به وٺي هلنداسين. ڀاڀي مون کي گڏهه به چوندي آهي. رستي تي گلاب جا گل مليا اُنهن کي به پٽي کڻي هلنداسين... موريون ته اهي به پٽينداسين... مون کي عجيب خيال آيو آهي ڀڳوان کي چوندس: ڀڳوان! مون کي گلن جهڙي دل آهي ۽ مان ڪتي وانگر وفادار آهيان. مون کي گڏهه جهڙي طاقت آهي ۽ منهنجيون ڳالهيون مورين جيان ڪڙيون آهن. منهنجي هر ڳالهه تي ماڻهو پوسرندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن کلندا آهن، ڇو ته مان ڪڏهن هنن کي گڏهه لڳندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪتو ۽ ان ڪري سڀ مون کي چريو به چوندا آهن...“
پوءِ هو اُٿي کڙو ٿيو. چيائين، ”مان آهيان ننڍو، پر مان وڏن جيان ڳالهايان ٿو. دادا چوندو آهي ته ٻار جيڪڏهن سٺا سٺا ڪتاب پڙهي ته پاڻ سٺو به ٿي پوندو ۽ سياڻو به. مون سٺا ڪتاب پڙهيا آهن. مون کي خبر آهي ته راوڻ سيتا کي لنڪا کڻي ويو ته رام ڀولڙن جي فوج وٺي لنڪا ڏانهن ڪاهي ويو. ڪنس ڪرشڻ کي مارن جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، مگر ڪرشن ڪنس جي درٻار ۾ ڌوڪي ويو ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان ڪنس کي هاٿيءَ جي ڏند سان ماري ڇڏيائين. اڀيمنيون، پاڻ ننڍو هو، پر هن کي طاقت هئي ۽ هو اڪيلو ئي مهاڀارت جي لڙائيءَ ۾ ڪاهي پيو ۽ ڪيترن کي ماري ڇڏيائين. ۽ ستي ساوتري... ڪال ديوتا سان اهڙو ته بحث ڪيائين جو ڪال ديوتا کي هار کائڻي پيئي. تڏهن مان سرڳ تائين نٿو وڃي سگهان؟ رام لنڪا ڏانهن ڀولڙن سان ڪاهي ويو. مگر مان سرڳ ۾ ويندس، ڪتن ۽ گڏهن سان. رام تير ڪمان کڻي ويو هو، مان گل ۽ موريون کڻي ويندس... پر توکي خبر آهي ته منهنجي کيسي ۾ ڀاڄين وڍڻ وارو ڪپ پيو آهي. هان، ڏس.“ ائين چئي هن ڪتي کي ڪپ ڏيکاريو.
ڪتو ڊپ وچان ٿورو پويان هٽي ويو.
سرگم چيس، ”تون ڇو ٿو ڏڪين، تون ڀڳوان ٿوريئي آهين. هيءُ ڪپ صرف ڀڳوان کي ڏيکارڻ لاءِ آهي. منهنجي ڀيڻ جي حياتي خطري ۾ آهي نه... پر مان هاڻ رڳو پنهنجي ڀيڻ لاءِ ڪو نه پُڇندوسانس، دنيا لاءِ پُڇندوسانس... پڇندوسانس: دنيا ۾ ماڻهو دکي ڇو آهن... سکي ڇو نه آهن!...“
هن ڪپ کيسي ۾ وڌو. ڪتي کي چيائين، ”چڱو، هل مونسان.“ ۽ ائين چئي هو هلڻ لڳو.
ڪتو به آهستي آهستي هن جي پٺيان هلندو رهيو.