باب پنجون : سرگم روئڻ لاءِ پريشان
بينا عجب وچان چيو: ”ڇو؟“
”ڀاڀي جو روئي ٿي“.
”ڀاڀي ڇو ٿي روئي؟“ بينا پڇيو.
”ٻڌايانءِ... گوڪل پيءُ جي ڪري ان جا مائٽ روئن ٿا. ان جي مائٽن ڪري ڀاڀي روئي ٿي. اچ ته ڀاڀيءَ ڪري اسين روئون.“
”چڱو“
”چڱو! ته پهرين تون روءُ، مان ٽي ڳڻيان پوءِ روئج پهرين سڌي ٿي بيهه“.
بينا سڌي ٿي بيٺي.
”ڪنڌ ۾ ڪر“.
بينا ڪنڌ مٿي ڪيو.
”هڪ... ٻه...“
بينا کلڻ لڳي.
”کل نه... تون روءُ... وري هڪ... ٻه... ترس اڳ ۾ روئڻ جهڙي شڪل نه ڪر... مان جڏهن ٽي چوان تڏهن ڪج... وري... هڪ... ٻه... ٻه!... اڍائي... هوشيار!... ٽي!...“
پر بينا کي روئڻ آيو ئي ڪونه.
”روءُ نه!“
”روئڻ نٿو اچي“.
”پوءِ مان ڇا ڪريان؟ ڀاڀيءَ کان مار کارايائينءِ، پوءِ روئيندينءَ؟... مان چيڙايانءَ، پوءِ روئندينءَ؟“ ايئن چئي سرگم کيس چيڙائڻ لڳو:
ڇوڪري ري ڇوڪري
گڏن جي نوڪري
رات ڀريندي پاڻي
صبح ڪندي سلام!
بينا مشڪڻ لڳي.
”چري، روءُ نه... مان توکي اڄ ڪيئن به روئاريندس“. سرگم وري کيس چيڙائڻ لڳو:
بينا بينا کي نه مار
بينا ننڍڙي ڪنوار
بينا دال رڌي
سا به ڦڪي ڦڪي
مڙس سان ڳالهائيندي لڪي لڪي.
بينا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
سرگم چوندو رهيو:
جاڳ جاڳ من ٽيڪم ٽوپڻ
آيا اٿيئي ري چور
ماڻهين پڻهي جا زيور وڃن ٿا
او ڀڄ ري ميان، ڀڄ ري ميان
اڙي پاڙيوارا ٻڌو ويٺا؟
بينا اڃا به کلڻ لڳي، مگر سرگم بيحد گنڀير ٿي ويو. پاڙيوارن جو نالو ياد اچڻ سان پاڻ روئڻ جو فيصلو ڪيو. آهستي آهستي چيائين: ”چڱو مان ٿو روئي ڏيکاريانءِ.“
”ڀلا ڪيئن روئيندين؟.“
”پهرين مان ياد ڪندس ته مون حياتيءَ ۾ ڪل ڪيتريون مارون کاڌيون آهن. ڏس پوءِ روئڻ اچي ٿو نه...“ ائين چئي هو حياتيءَ ۾ کاڌل مارون ياد ڪرڻ لڳو.
هڪ دفعي برسات ۾ نديءَ ڪناري ڏانهن ويو هو، نه، نديءَ ۾ سنان ڪرڻ ڪو نه ويو، صرف نظارو ڏسڻ ويو. جڏهن موٽيو تڏهن سندس ڪپڙا آلا هئا ۽ سيءَ سبب ڏڪي رهيو هو ۽ ماءُ جي پُڇڻ تي سچ به ڳالهائين، تڏهن به ماءُ مار ڏنس ته جيڪڏهن تون درياهه ۾ ٻڏي وڃين ها ته...
ٻئي دفعي هن کي راڳ ڳائڻ تي ڏاڍي دل هئي. ماءُ چيس اسڪول وڃ. چيائين اسڪول ڪو نه ويندس، اڄ سڄو ڏينهن راڳ ڳائينديس. ماءُ زور ڪيس، پر هن نه مڃيو، ان ڪري اهڙي مار کاڌائين، جيئن اُٺ کائي پتڻ تي.
هڪ دفعي ڏياريءَ جي ڏينهن ضد ڪيائين ته مان وشڻو چڪر ٻاريندس. ماءُ چويس نه، متان باهه لڳيئي سرگم چيس ڀلا ڪڏهن دادا کي باهه لڳي آهي؟ تڏهن ماءُ ان ڪري چماٽ هنئيس جو هن ريس ڪئي هئي. چيائينس: تون ته ڪو ريسارو گدڙ آهين.
هڪ دفعي هن کي پتليءَ ماءُ به مار ڏني هئي. سرگم روز هن جي ننڍڙي باغيچي مان گلاب جا گل پٽي ايندو هو. پتليءَ ماءُ روز هن جي ماءُ وٽ دانهن کڻي ايندي هئي. هڪ دفعي جڏهن سرگم سڀ گلاب جا گل پٽي ۽ سنگهي، کائي ڇڏيا، تڏهن پتليءَ ماءُ هن کي پڪڙي ڏاڍي مار ڏني. سرگم، ماءُ جي مار تي هميشه روئيندو هو، پر پتليءَ ماءُ جي مار تي ڪو نه رنو. هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن هو روئيندو به، تڏهن به پتليءَ ماءُ هن کي پنهنجي ماءُ جيان پرچائيندي ڪا نه. پيار ڪا نه ڪندي. ڇو ته ماءُ جڏهن کيس ماريندي هئي ته ماءُ جي شڪل به روئڻ جهڙي ٿي پوندي هئي، پر پتليءَ ماءُ ته جيئن وڃي ماريندي تيئن وڃي خوفناڪ ٿيندي.
هڪ دفعي ماستر به هن کي مار ڏني هئي. ماستر چيس: راڳ ڳاءِ، سرگم چيو سائين روز روز مان... ماستر چيو: تڏهن مان ڳائيندس؟ سرگم تاڙيون وڄائي چيو: سائين ڏاڍو مزو ٿيندو. مان نئون راڳ ياد ڪندس ماستر چيو: پڻهين راڳ ڳائيندو آهي؟ سرگم چيو: ها سائين. مان ڌيان سان ٻڌندو آهيان، تڏهن ته راڳ ياد ڪري سگهندو آهيان. سائين توهان کي پٽ آهي؟ ماستر چيو ها. سرگم چيس: پوءِ اهو ته توهان جا راڳ ڌيان سان ٻڌندو هوندو. ماستر چيو نه، هو تو وانگر چريو ڪونهي. سرگم کلي چيو سائين مان چريو آهيان. پوءِ توهان مون چريي جو راڳ روز ڇو ٿا ٻڌو؟ ڪٿي توهان جو پٽ ته چريو ڪونهي. ۽ ماستر اها ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ وچان کيس چاڪ ٺڪاءُ ڪيو. سرگم تڪڙ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو ته چاڪ ٻئي ڇوڪر جي نڪ ۾ وڃي لڳو... اُن ڇوڪر يڪدم رڙيون ڪيون اَلاري!... بابا ري!... ۽ پوءِ روئڻ لڳو. تڏهن ماستر اڳيان وڌي سرگم جي وارن ۾ هٿ وجهي کيس بينچ کان ٻاهر ڌڪو ڏنو... سرگم ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هو نه روئي، ڇو ته هن کي پڪ هئي ته اهو ماستر کيس ڪو نه پرچائيندو. سرگم جو پيءُ اسڪول ۾ ڪنهن کي به ڪو نه ماريندو هو، پر هيءُ ماستر... ۽ سرگم کي روئڻ اچي ويو. سرگم دل ئي دل ۾ چيو: جيڪڏهن ڪو توهان کان وڏو، توهان کان ائين وارن کان پڪڙي، پٽ تي ڦٽو ڪري ته... ته پوءِ جيڪر توهان کي خبر پوي ته مون کي بدن ۾ ڪيترو سور ٿي رهيو آهي...
اِهي سڀ ڳالهيون ياد ڪرڻ بعد به سرگم کي روئڻ نه آيو. هو سوچڻ لڳو ته آخر ڪيئن روئي... ڪجهه سوچي ڀيڻ کي چيائين:
”بينا هڪ بصر کڻي آءُ“.
”ڇو؟“
”سوال جواب نه ڪر ڪپ به کڻي آءُ پوءِ تون منهنجي اڳيان بصر وڍ... ڏس ٻنهي کي روئڻ اچي ٿو نه...“ بينا عجب ۾ اکيون ڦاڙي بصر کڻڻ ويئي.
هڪ ٻه منٽ سڄو رڌڻو ڏٺائين مگر بصر ڪو نه مليس ۽ پوءِ چپ چاپ اچي سرگم وٽ بيٺي. ايتري ۾ سرگرم هڪ ٻي ڳالهه سوچي ورتي.
چيائين: ”بصر ڪو نه مليه... چڱو هڪ گلاس پاڻي ڀري اچ...“
بينا پاڻيءَ جو گلاس ڀري کڻي آئي. سرگم يڪدم پاڻي پي ويو. پاڻي پي اکيون بند ڪيائين. وري اکيون کولي بينا کي ٻيو گلاس ڀري اچڻ لاءِ چيائين. اُهو به پي ويو ۽ ائين ٽيون گلاس به چيائين ۽ اُهو به پي ويو.
”پاڻي ڇو ٿو پينءَ سرگم.“ بينا پڇيس.
”ڀلا ڀيٽ ۾ پاڻي هوندو ڪو نه ته اکين ۾ ڪٿان ايندو. بينا اڄ ته ڪيئن به توکي روئي ڏيکاريندس.“
ڀاءُ کي روئڻ لاءِ آتو ڏسي بينا جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. سرگم رڙ ڪري چيو: ”اڙي تون روئين ٿي.. پر تو ته اڌ گلاس پاڻيءَ جو به ڪو نه پيتو آهي.“
بينا سچ پچ روئڻ لڳي ۽ سرگم جڏهن هن کي پرچائڻ ويٺو ته هن کي به روئڻ اچي ويو.