باب يارهون : ديوتائن سان لڙائي ۽ واپسي
ڪجهه اڳڀرو درياهه هوهي رهيو هو. ان جي پاڻيءَ جي گهر گهراهٽ، وايومنڊل ۾ سنگيت ڀري ڇڏيو هو. سرگم کي الڳ کٽ تي سمهاريو ويو ۽ پوءِ پتي پتني هڪ ٻئي کي سڄي ڏينهن جو حال احوال ڏيڻ لڳا.
وقت گذرندو رهيو. آڌي رات جو سرگم جي اک پنهنجو پاڻ کلي ويئي ۽ هو شال مٿان ڪمبل ويڙهي جهوپڙيءَ مان آهستي آهستي ٻاهر نڪتو. هو! بلڪل ٿڌي ۽ درياهه جو آواز بلڪل مٺو هو. چنڊ به شايد ان ئي وقت نڪتو هو. سرگم چنڊ ڏانهن نهاريو. هن جي نظر سڄي آسمان ڏانهن ڦهلجي ويئي ۽ هن محسوس ڪيو ته آسمان مان ڄڻ ڪوئي کيس نهاري رهيو هو.
هو ٿورو پويان هٽي ويو.
”ڊپ؟ مون کي! ڪنهن کان؟“ هن سوچيو.
هن کيسي مان ڪپ ڪڍيو ۽ آهستي چيو، ”اچ، لهي آءُ زمين تي.“
ڄڻ ڪنهن نديءَ ڪناري تان چيو، ”مان هتي آهيان.“
سرگم ڪپ کي قابو جهلي اوڏانهن وڌيو.
”ڪٿي آهين؟“ سرگم پڇيو.
”ڏسين نٿو!“
”نه.“
”مان تنهنجي دل ۾ آهيان.“
”پر تون ڪير آهين؟“
”جنهن کي تون ڪپ کولي ڳولهي رهيو آهين.“
سرگم وائڙو ٿي ويو. هن اُن رات جي ريلي، ائين به محسوس ڪيو ته ٿڌي هوا، اڪيلائي ۽ چانڊوڪيءَ ۾ هو ڪجهه بدلجي ويو آهي.
”ته تون ڀڳوان آهين.“
پر هاڻ کيس جواب نه مليو.
سرگم درياهه ڏانهن نهاريو. درياهه وهي رهيو هو ۽ سرگم جي به خيالن جي ڌارا ڇٽي نڪتي. سرگم سوچڻ لڳو، ”ماڻهوءَ کي مرڻ کان پوءِ جلايو ويندو آهي. جلائي ان جي رک کي درياهه ۾ وڌو ويندو آهي. ڇا درياهه مان ئي سرڳ جو رستو آهي؟... پر سائين چوندو آهي ته سڀ نديون سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪنديون آهن... ته ڇا سرڳ سمنڊ ۾ آهي؟ سمنڊ ۾ ته جهاز هوندا آهن ۽ ٻيڙيون هونديون آهن. ڇا اهي جهاز ۽ ٻيڙيون سرڳ ڏانهن وينديون آهن... مان جيڪڏهن مڇي هجان ته ڪهڙو نه سُٺو... جيڪر سڌو سمنڊ ڏانهن لڙندو وڃان...
سرگم کي ٿڌ لڳڻ لڳي. هن جو سڄو بدن برف جهڙو ٿڌو ٿيڻ لڳو. سرگم ڏٺو ته هو وڌيڪ سوچي نٿو سگهي ۽ سڄو ڏڪي رهيو آهي. پر ڏڪندي به هن فيصلو ڪيو ته مان اڃا وڌيڪ سوچيندس... ڀلا ٿڌ سبب مان مري وڃان ته؟... ته سرڳ جي ڳولها ڪير ڪندو ۽ مان ته ڀڳوان سان لڙندس. مان نٿو چاهيان ته ماڻهن کي دک ڏنو وڃي...پر نه، مان نه مرندس. مرڻ کان پوءِ ته هرڪو سرڳ يا نرڳ ۾ ويندو آهي، پر مان بنا مرڻ جي اوڏانهن ويندس. ڳالهه اهڙي ڪجي جهڙي ٻيو ڪير نه ڪري سگهندو هجي... هتي ٿڌ ۾ مرڻ مان ڪهڙو فائدو... مان جيڪڏهن مري ويندس ته بينا جي حياتيءَ لاءِ ٻين ماڻهن جي سک لاءِ ڀڳوان سان ڪير لڙندو؟...
۽ پوءِ هو واپس موٽيو، رستي تي کيس ڪتي جي ڏاڍي ياد آئي. جهوپڙيءَ ۾ پهچي هو کٽ تي وڃي ليٽيو ۽ کيس يڪدم ننڊ وٺي ويئي.
ان رات هن خواب ڏٺو
ڏٺائين، سندس دوست ڪتو، سو کن ٻين ڪتن ۽ گڏهن سان هن کي سڏ ويٺو ڪري ۽ سرگم جڏهن ڪتي وٽ ويو ته ڪتي چيس، ”اچ ته سرڳ تي ڪاهه ڪريون. ڏس گڏهن جي پٺين تي گلاب جا گل ۽ موريون آهن.“
سرگم چيس، ”هل.“
سرگم اڳيان ۽ ڪتا ۽ گڏهه هن جي پٺيان هلڻ لڳا. پهرين درياهه وٽ آيا ۽ پوءِ درياهه جو ڪپ وٺي اڳيان وڌيا. صبح ٿيڻ تائين هو سمنڊ تائين پهچي ويا ۽ پوءِ سڌو سمنڊ ۾ ڪاهي پيا.
سمنڊ جي اندر هڪ سهڻو شهر هو. شهر ۾ سنگمرمر جون جڳهون ۽ شيشي جا رستا هئا. شهر ۾ ٻنهي پاسن کان ٻه نديون هيون. هڪ کير جي ندي هئي ۽ ٻي ماکيءَ جي. شهر ۾ مندر تمام گهڻا هئا، جن مان گهنڊن جا آواز اچي رهيا هئا. ڪٿي ناچ گانا هئا، ڪٿي بگيه هون، پاٺ پوڄائون ۽ ڪٿي راس ليلائون لڳيون پيون هيون...
سرگم پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو ته حملو شروع ڪريو.
ڪتن ۽ گڏهن پنهنجي خوفناڪ آوازن سان سرڳواسين کي ڏڪائي ڇڏيو. ماڻهو ناچ گانا وغيره ڇڏي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. سڄي سرڳ ۾ هاهاڪار مچي ويو. ڪي ديوتائون لٺيون کڻي سرگم جي فوج تي ڪاهي آيا. زبردست لڙائي لڳي. جيڪڏهن ڪنهن ديوتا ڪنهن ڪتي کي لٺ ٿي هنئين ته يڪدم ڪنهن گڏهه ان کي اِٽ ٿي هنئين ۽ جيڪڏهن ڪنهن ديوتا ڪنهن گڏهه کي لٺ ٿي هنئين ته يڪدم ڪنهن ڪتي ان کي ٽنگ ۾ چڪ ٿي پاتو. لڙائيءَ ۾ سرگم کٽيو. ديوتائون لڙائيءَ مان منڊڪائيندا ڀڄندا ويا. سرگم جي فوج مان ڪيترائي ڪتا ۽ گڏهه زخمي ٿيا. موريون ۽ گل پٽ تي ڪري پيا، جي گڏهه کائڻ لڳا.
سرگم يڪدم سرڳ جي درٻار ۾ ڪاهي ويو. درٻار ۾ وشنو ڀڳوان، لڪشمي ديويءَ سان ويٺو هو. ٻين جڳهين تي شو مهراج، برهما، ٻڌ، گرونانڪ، مهاتما گانڌي ۽ دنيا جا ٻيا ڪيترا وڏا ماڻهو ويٺا هئا.
سرگم کيسي مان ڪپ ڪڍي چيو، ”ڀڳوان ٻڌاءِ، بينا جي حياتي بچائين ٿو؟“
ڀڳوان چيو، ”ڀائي، مون ته تنهنجو امتحان ٿي ورتو، تون سچ پچ بهادر آهين. جيڪو انسان بهادري ڏيکاريندو آهي، سچ ڳالهائيندو آهي ۽ غريبن جي مدد ڪندو آهي، مان ان کي پيار ڪندو آهيان. تون سچ پچ سچار آهين. بهادر آهين. وڃ، دنيا کي چئه وڃي ته منهنجي مورت جي پوڄا ڪرڻ جي بدران منهنجي صلاحن جي پوئواري ڪن. دک سک ۾ هڪ ٻئي کي مدد ڪن. ڪجهه تياڳ ڀاونا رکن. لڙائي جهڳڙي کان پري رهن. سرگم جڏهن اڄ رات جو تون ۽ ڍڳي گاڏيءَ ۾ آئين ٿي، تڏهن تو اهو ٿي سوچيو ته جيڪر دنيا ۾ هر ڪو هڪ ٻئي جو مددگار هجي. ماني هجي، کير هجي، هوا ۽ سچ ڳالهائڻ جي آزادي هجي... ها، جتي اهو سڀ آهي، صرف اتي سچو سرڳ آهي. تون وڃ واپس پنهنجي گهر وڃ. ڏس، بينا ٺيڪ آهي نه... پوءِ تون پنهنجي ڀيڻ سان گڏ، ٻيا به ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ ڪري دنيا کي سرڳ بڻائڻ جي ڪوشش ڪج. سچو سرڳ اهو آهي، جتي ماڻهو ايمانداريءَ سان محنت ڪن ٿا ۽ محنت جو مٺو ڦل کائي حياتي سُک سان گذارين ٿا. وڃ سرگم تون واپس وڃ.“
۽ خواب پورو ٿي ويو. ائين ته رات به پوري ٿي ويئي. سرگم ننڊ مان اٿي سمترا ديوي ۽ هن جي گهوٽ کي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۽ رات وارو سپنو ٻڌايو. ٻئي زال مڙس عجب ۾ پئجي ويا. ۽ سرگم جي چوڻ تي هو ڍڳي گاڏيءَ ۾ کيس گهر ڏانهن وٺي هلڻ لڳا. سرگم کي پڪ ٿي ويئي ته بينا ضرور زنده هوندي.
رستي تي هن سمترا ديويءَ جي گهوٽ کان پڇيو، ”خواب سچا ٿيندا آهن؟“
سمترا ديويءَ جي گهوٽ چيو، ”جهڙا ماڻهوءَ جا خيال هوندا آهن، ماڻهو خواب به اهڙا ڏسندو آهي. سٺن خيالن وارن کي سٺا خواب ايندا آهن. تون سچار آهين نه، تڏهن تنهنجو اِهو سپنو ضرور سچو نڪرندو.“
”توهان ڀڳوان کي مڃيندا آهيو؟“ سرگم ٻيو سوال ڪيس.
”ها“. سمترا ديويءَ جي پتيءَ چيو، ”مون کي خبر آهي ته ڀڳوان اُن شڪتيءَ جو نالو آهي. جنهن هن مخلوقات کي خلقيو آهي. هيءَ سڄي سرشٽي ڪن قائدن تي پيئي هلي. سشٽي کي هلائڻ واري ته هڪ ئي شڪتي آهي، پر اها اسان کي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڪاٺيءَ ۾ باه هميشه هوندي آهي، پر ڏسن ۾ نه ايندي آهي کير ۾ مکڻ هميشه هوندو آهي، پر اهو به ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. ان شڪتيءَ کي پائڻ کانپوءِ ئي سري رام ڀڳوان ٿي ويو. سري ڪرشن ڀڳوان ٿي ويو. تون گوتم ٻڌ، گرو نانڪ ۽ مهاتما گانڌيءَ کي به ڀڳوان چئي سگهين ٿو. تپسيا جي معنيٰ رڳو پلٿي ماري ويهڻ ڪونهي. سچ ڳالهائڻ ۽ ٻين جي فائدن لاءِ پنهنجن فائدن جو تياڳ ڪرڻ به تپسيا آهي. جيڪي ماڻهو ظلم ڪن ٿا، انهن کي جوڳي سزا ڏيڻ لاءِ ان شڪتيءَ کي پائڻ تمام ضروري آهي.“
سرگم چپ چاپ ٻڌندو رهيو.
آخر هن جو گهر اچي ويو. هو گاڏيءَ مان ٽپو ڏيئي سڌو پنهنجي گهر ڌوڪي ويو، يڪدم سوال ڪيائين، ”بينا جيئري آهي نه...“
بينا مرڻ کان بچي ويئي هئي، الائي دوائن جو اثر هو، الائي ڪنهن جي دعائن جو. يا شايد اهو اثر هجيس جو جڏهن هن کي ماءُ چيو ته سرگم ناناڻي گهر ويو آهي ۽ جڏهن تون چاڪ ٿي اوڏانهن ويندينءَ تڏهن ئي سرگم هتي ايندو. تڏهن هن چيو هو: ڀاڀي مان ضرور چاڪ ٿينديس. ڀاڀي مان ڪا نه مرنديس. ڀاڀي مان سرگم لاءِ جيئري رهنديس. يا شايد دوائن، دعائن ۽ سندس پختي ارادي تنهن جو اثر ٿيو هجي.
هوءَ اڃا ڪجهه بيمار هئي، هن چيو، ”ناناڻي گهر مان اچي وئين سرگم.“
سرگم کلي چيو، ”ناناڻي گهر مان ويو ئي ڪٿي هئس.“
سرگم ماءُ ۽ پيءُ، جي ٻئي اُٻاڻڪا ويٺا هئا، تن پٽ کي ڏسي اچي هنج ۾ کنيو. ماڻهس روئي چوڻ لڳي ”ڏسو ته، ٻن ڏينهن ۾ ڪيترو نه ڳري ويو آهي“.
پاڙي جا ماڻهو جمع ٿيندا رهيا. سرگم پيءُ سمترا ديويءَ ۽ هن جي گهوٽ کي دروازي تي ڏسي کين اندر اچڻ لاءِ چيو.
سرگم چي، ”دادا توهان هُنن کي سڃاڻو. هو ساٿي آهن.“
سرگم پيءُ کلي چيو، ”ڀلا ماڻهو هميشه سڄي دنيا جا ساٿي ٿيندا آهن پٽ“.
۽ سرگم جڏهن پنهنجي آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي تڏهن هن جي ماءُ، هن کي هنج ۾ کڻي چيو، ”صدقي وڃان پنهنجي لال تان. پٽ هاڻ مان توکي ڪڏهن به ڪا نه مارينديس. ڪڏهن به ڪجهه نه چونديس.“
سرگم سمترا ديويءَ ڏانهن منهن ڪري چيو، ”ديوي سرڳ ته اسان جي به گهر ۾ آهي. ڏس هتي رڳو پريم ئي پريم آهي.“
سمترا ديويءَ مشڪي ڪنڌ لوڏيو ۽ هوءَ اُٿي وڃي بينا جي پاسي ۾ ويٺي.