پنهنجي پاران
سٺ واري ڏهاڪي تائين شهر ۾ ويشالي ڀرسان هڪ تاڙي خانو هيو. ”تاڙي“ کجيءَ جي ٿڙ مان تراشيل آهي جيڪا ڇڊي کير جھڙي ٿئي ٿي. سکر جي پسگردائيءَ ۾ کجيءَ جا وڻ ڪنهن لشڪر جيان بيٺل آهن. ٿي سگهي ٿو انهن جو تعداد محمد بن قاسم جي ان فوج جيترو هجي. جنهن اروڙ تي حملو ڪيو. اهي وڻ ان وقت جا يادگار آهن، جڏهن عرب فوجين عراق کان آندل کارڪون کائي ککڙيون اڇلايون ۽ انهن مان وڻ ڦٽا.
”تاڙي“ جنهن تي بندش آهي، ڪنهن زماني ۾ عام هوندي هئي. ان جي پيئڻ سان نشو طاري ٿيندو هيو. تاثير جي لحاظ کان ٿڌي هئي. تاڙي سستي هجڻ ڪري هر ڪو پئسي، ٽڪي وٺي پيئندو هيو. سکر جي گرميءَ کي مات ڏيڻ لاءِ تاڙي ٽانڊن تي پاڻيءَ جو ڪم ڪندي هئي.
تاڙي خاني ڀرسان هڪ نجومي طوطو رکي ويٺل هوندو هيو ۽ سندس سامهون قسمت جا لفافا پيل هوندا هيا. ناول ۾ گهڻيون شيون حقيقت کي ويجھو آهن پر ياد رکڻ گهرجي ته اهو سڀ افسانوي آهي ڪنهن اخبار جو صفحو نه.
ڪراچي اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر موهن بسنتاڻيءَ سان دوستي ٿي. ڊاڪٽر موهن بسنتاڻي اکين جو ماهر آهي (اکين جي بيمارين جو نه). جڏهن ڪو مريض اسپتال ۾ اچي چوندو آهي ته ”اکين واري کي ڏيکارڻو آهي.“
اسان ان کي ڊاڪٽر موهن ڏي موڪليندا آهيون ڇو جو اسان مان ڪنهن کي به اکيون نه آهن. سچ به اهو آهي ڊاڪٽر موهن بسنتاڻيءَ اسان دوستن کي اکيون عطا ڪيون. ماڻهو وصيت ڪندا آهن ته مرڻ کان پوءِ سندن اکيون عطيي ۾ ڏنيون وڃن. ڊاڪٽر موهن جيئري اکيون عطيي ۾ ڏنيون.
هيءُ ناول انهن بحثن تي مشتمل آهي جيڪي ڊاڪٽر موهن ۽ مون وچ ۾ ٿيا. اسان ٻئي خدا ڳولهڻ نڪتاسين ۽ هڪ ٻئي کي ڳولهي لڌوسين. مان ننڍي هوندي مذهبي هيس. جوانيءَ ۾ دهريو ۽ هاڻي Agnostic آهيان. منجھيل آهيان. ”نه“ ۽ ”ها“ جي وچ ۾ ڪو لفظ هجي ها ته ان ۾ سمائجي پاڻ ڳولهي لهان ها.
سکر ۾ ڪڏهن ٿيوسافيڪل سوسائٽي کولڻ جو خيال آيو. دوستن سان گڏ ڪم شروع ڪيم پر ان ڪري نڀائي نه سگهيس جو من مطمئن نه هيو. منهنجو محبوب دوست دارا مرزا دنيا مان موڪلائي ويو. ان جا لکيل خط اڄ به مون وٽ محفوظ آهن. دارا مرزا جون ٿيوسافيڪل سوسائٽيءَ لاءِ ڪيل خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن. افسوس مان هن جي معيار تي پورو لهي نه سگهيس.
ماڻهو مسئلن جي ور چڙهيل آهن، پر ڪڏهن مسئلو طاقتور ٿي پوي ته ائين ڏسبو آهي جيئن ڪو پهلوان ۽ مان اکيون بند ڪري ان جي ڪلهن تي سوار آهيان. پهلوان پاڻ ئي پار پڄائيندو. انسان دائمي خوشي ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو؟ ـــ اهو سوال آهي جنهن تي ڊاڪٽر موهن ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿي ماري ڪئي. مون سوچيو. خوشيون ڳولهڻ آسمان ۾ مڇيون ڳولهڻ آهي. انسان مسئلن مان آجو ٿي پوي ته اها ئي وڏي ڳالهه آهي.
هن ناول جو هر ڪردار دکي آهي ۽ اهو دک مٽائڻ لاءِ تاڙي خاني اچي ٿو. ان وٽ مسئلن جا انبار آهن ۽ نجومي کين مسئلن جا حل ٻڌائي ٿو.
”نجومي“ نصيحت آميز ناول نه آهي، ڇو جو دنيا ۾ ٻه ڪم آسان آهن. نصيحت ڪرڻ ۽ صلاح ڏيڻ. نجومي اهڙو ڪردار آهي جيڪو پاڻ مسئلن جي ور چڙهيل آهي. فيصلو پڙهندڙن تي آهي ته پڙهي ڇا ٿا محسوس ڪن؟
رسول ميمڻ
ڪراچي